Ships; Prey to mighty waves موج نھ سھي مڪڙي
Ships; Prey to mighty waves موج نھ سھي مڪڙي
This book is authored by Marine Engineer Altaf Shaikh. He had given some account of few sinking ships that become famous after sinking in the Sea.
1. ليکڪ جا لفظ
سامونڊي زندگيءَ ۾ جتي گھمڻ ڦرڻ آھي، اتي مھم-جوئي ۽ ائڊوينچر پڻ آھي. منهنجا پڙھندڙ، ملڻ وقت، اڪثر اھو پڇندا آھن ته؛ سمنڊ تي پيش آيل ڪنهن به حادثي بابت ٻڌايو.
سامونڊي سفر، ھڪ ماڻھوءَ جي “زندگيءَ” مثل آھي، جنهن ۾ جيئن ڏک سک، سٺا ۽ خراب ڏينهن اچن ٿا، تيئن سامونڊي سفر ۾ پڻ جتي خوشيون، گھمڻ ڦرڻ ۽ رنگينيون آھن، اتي موسمن جون گرميون/ سرديون، پاڻيءَ جا لاھا/ چاڙھا، ھوائن جا طوفان ۽ خاموشيون، جھاز جا لوڏا ۽ انجڻ جا دوکا پڻ موجود آھن. ان کان علاوه رستي کان ڀٽڪي وڃڻ، عملي جا بلوا ۽ ھنگاما، ائنڪريج تي ھفتن جا ھفتا، اندر بندرگاھ ۾ گھڙڻ لاءِ انتظار، اگھايون/ سگھايون ۽ ٻيا ڪيترا ئي حادثا ۽ حالتون پيدا ٿين ٿيون.
منهنجي ھميشھ اھا ڪوشش رھي آھي ته سمنڊ جي زندگيءَ جو بهترين ۽ دلچسپ رخ ٻڌايو وڃي، ڇو جو اسان جي قوم ايڏي گھڻي Sea-faring Nation ناھي ۽ کين اٿندي ئي، جي اھڙن حادثن ۽ خوفن جون ڳالھيون ٻڌائبيون ته، ھرڪو ھن زندگيءَ کان ونءُ ويندو. اھو ائين آھي جيئن، ڪو سرجن رڳو انهن مريضن جو ويھي ذڪر ڪري، جيڪي آپريشن دوران کانئس مري ويا ھجن، نتيجي ۾ ان اسپتال يا ڊاڪٽر وٽ ڪير ايندو؟ اھڙيءَ طرح رڳو جھازن جي حادثن ۽ سامونڊي صعوبتن جون ڳالھيون ڪبيون ته، ڪھڙو مسافر يا ماڻھو جھاز تي چڙھندو؟ ۽ جي ايندو به ته سمورو وقت پاڻ به بي چين رھندو ۽ جھاز ھلائڻ وارن جو به سک ڦٽائيندو.
اسان جي مرچنٽ نيويءَ کي ھلائڻ ۽ پنهنجا ماڻھو پيدا ڪرڻ لاءِ چٽگانگ (تڏھن جو اوڀر پاڪستان) ۾ مئرين اڪيڊمي کلي ھئي. اڪيڊمي چٽگانگ شھر کان گھڻو پري خليج بنگال ۾ ھڪ ٻيٽ جلديا تي ھئي. اسان ان اڪيڊمي جا شروعاتي ڪئڊٽ ھئاسين. ھڪ دفعي اڪيڊميءَ جي لانچ ۾ اسان جو سڄو ڪلاس چٽگانگ شھر ڏي گھمڻ لاءِ وڃي رھيو ھو. رستي تي ڪرناڦلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ اوچتو موسم خراب ٿي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ھوا طوفان جو روپ ڌاري سخت Cyclone بڻجي وئي. مٿان آسمان مان به پاڻي وسڻ لڳو ته ھيٺ سمنڊ جي پاڻيءَ جون ڇوليون به جبلن جيڏيون ٿي ويون. خليج بنگال ۽ ڪرناڦلي نديءَ واري حصي ۾ ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي ھئي. ننڍڙيون ننڍڙيون ٻيڙيون ته اسان جي اڳيان ڀڄي ڀور ٿي رھيون ھيون ۽ انهن ۾ ويٺل ماڻھو ٻچن سميت اسان جي اکين اڳيان ٻڏي رھيا ھئا. اسان جي ھمراھن لانچ کي گھڻو ئي ڪنٽرول ۾ رکيو، پر ان جا پوڙھا بنگالي ملاح به دل ھاري ويٺا.
انهن ڏينهن ۾ مون کي لڳاتار مٿي ۾ سور رھندو ھو، جنهن جو چٽگانگ ۾ ڪوششن جي باوجود به Diagnosis (تشخيص) ئي نه پي ٿي سگھيو، ته ڇا کان آھي ۽ آئون ايڏو ته پريشان رھندو ھوس جو جيئڻ کان موت کي ترجيح ٿي ڏنم. منهنجي ڀر ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ اجتبيٰ زيدي ويٺل ھو. تنهن چيو: يار بچڻ جي ڪا واھ ئي ناھي. ڪو ڪرشمو ٿئي ته ڪا ٻي ڳالھ آھي. چيومانس: ھڪ ڏينهن مرڻو ئي آھي پوءِ ڇو نه اڄ ئي. آءٌ ته زندگيءَ مان چاھ ڪڏھن کان وڃائي ويٺو آھيان.
ياد اٿم ته ان واويلا جي حالت ۾ اجتبيٰ چيو: “پر يار! پاڻ کي ھيئن مرڻ نه کپي، جو ماڻھو سامونڊي زندگيءَ تي ان جو ڏوھ مڙھين ۽ پنهنجا پاڪستاني، جن اڃا ھاڻ ھن زندگيءَ طرف رخ رکيو آھي، دل شڪسته ٿي پون. اڪيڊميءَ جي ھيترن ڪئڊٽن جي موت جي خبر، باھ وانگر ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ اڪيڊمي ئي بند ٿي ويندي ۽ پوءِ اسان جا مال بردار جھاز گورن (انگريزن) جي ئي ھٿن ۾ رھندا.”
اڄ ان کي ويھ سال ٿي ويا آھن. گورا سڀ ھليا ويا. اسان جي بئچ جا ته سڀ ڪڏھوڪو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي ويا، پر ان کان پوءِ به ايترا ٿي چڪا آھن، جو پنهنجا جھاز ته پاڻ ٿا ھلايون، پر اسان جا ھمراھ ڪن ملڪن ۽ ڪمپنين جا جھاز دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ وڏي خير خوبيءَ سان ھلائي رھيا آھن ۽ اسان کي جھازي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بهترين مڃيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ گذريل ويھن سالن ۾، درپيش آيل انيڪ حادثا ھاڻ ٻڌائي سگھجن ٿا. انهن مان ڪجھ قلمبند ڪري رھيو آھيان. ھونءَ به ھيستائين پڙھندڙن سمنڊ بابت سٺيون سٺيون ڳالھيون ايتريون ته ٻڌيون آھن، جو ھي چند حادثا اٽي ۾ لوڻ برابر ثابت ٿيندا ۽ ڪو گھرو اثر نه ڇڏيندا.
بهرحال! ھن ڪتاب ۾ جھاز ۽ سمنڊ بابت پنهنجا نه، پر ٻين کي پيش آيل مختلف واقعا ڏيئي رھيو آھيان، جيڪي سمنڊ تي بلڪل عام آھن. ھر واقعي جي اڳيان ڪوشش ڪري سمجھاڻيون ڏنيون اٿم، جيئن سامونڊي زندگيءَ کان غير واقف ان کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھن.
ٻي ڳالھ ته لکڻ منهنجي وندر آھي، منهنجي زندگي آھي. لکڻ کي مون روزگار جو ذريعو نه بڻايو آھي ۽ نه ئي سمجھان ٿو ته ڪنهن سنڌي ليکڪ کي لکڻ مان ڪو مالي فائدو رسيو ھجي. جيل، دڙڪا، ڌمڪيون ضرور نصيب ٿيون ھوندس. منهنجي ڪتابن جي قيمت جي شڪايت پڙھندڙ اڪثر مون سان ڪن ٿا. سنڌي ڪتاب مھانگا ھجڻ جي شڪايت مون کي به آھي. منهنجي ھر وقت اھا ڪوشش رھي ٿي ته منهنجي ڪتابن جي قيمت اڃا به گھٽ رھي. سنڌي ڇپائي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ مھانگي ھجڻ ڪري ۽ ايجنٽن طرفان ججھي ڪميشن جي گھر ڪري (جيڪا ذري گھٽ ڪتاب جي اڌ قيمت جيتري وڃيو ٿئي) ڪيترا ئي دفعا پبلشرن کي به ماڳھين نقصان پيو ھوندو. ساڳئي وقت ايجنٽن سان به اھو مسئلو ٻڌجي ٿو ته ھو اھي ڪتاب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچائڻ لاءِ مختلف بڪ اسٽال وارن کي ڳاٽي ٽوڙ ڪميشن ڏين ٿا، ڪتابن موڪلڻ تي خرچ ڪن ٿا، پئسن جي وصوليءَ لاءِ ڪيترائي پنڌ ٿا ڪن ۽ ٽائيم سان گڏ ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙا ٿا ڀرن پوءِ به سندن ڪجھ پئسا ٻڏي ٿا وڃن، وغيره وغيره.
بهرحال! ان ھوندي به آئون ھر وقت پبلشرس کي قيمت گھٽ ڪرڻ لاءِ چوندو رھان ٿو. ان ھوندي به ڪو ڀاءُ/ڀيڻ سمجھي ٿو ته ھو منهنجا ڪتاب نيو فيلڊس يا روشني پبليڪيشن جي معيار جھڙا ڇپائي اڃا به گھٽ قيمت ۾ پڙھندڙن تائين پھچائي سگھي ٿو ته مون کي خوشي ٿيندي ۽ ھو مون سان لھ وچڙ ۾ اچي سگھي ٿو.
پڙھندڙن جي راءِ/تنقيد ۽ صلاح مشوري جو اوسيئڙو رھندو.
خلوص منجھان
2. مھاڳ
الطاف، جنهن آفريڪا جي نوجوان نينگريءَ جي ڪاري چھري تي باک ڦٽندي ڏٺي آھي. الطاف، جنهن شاھ بلوط جي ڇانوري ۾ ٻن ڀورن انسانن کي پيار ڪندي ڏٺو آھي. الطاف، جنهن سمنڊ جي شور ۽ جھاز جي الارم ۾ ٿري ماءُ جي لولي گونجندي ٻڌي آھي. الطاف، جنهن اولھ جي ميداني علائقن ۾ شام ويلي شفق جي ڳاڙھاڻ ۾ سنڌ جي پسين ۽ پيرن جا رنگ نکرندي ڏٺا آھن. الطاف، جنهن اوڀر ۾ ويجھي کان سج اڀرندي ڏٺو آھي. الطاف، جنهن بک وگھئي رَمُ (شراب) پي، خلاصين کي ڪپتان ۽ پنهنجي ھڪ ساٿي خلاصيءَ جو گوشت کائيندي ته نه ڏٺو آھي، پر رنگا مٽي جھاز تي چين ولايت ويندي، لڳاتار ست ڏينهن سامونڊي لھرن ۽ طوفان سان پاڻ ۽ پنهنجي ساٿين کي مقابلو ڪندي ضرور ڏٺو آھي، سو پنهنجي ڪتاب “موج نه سھي مڪڙي” جي ورقن مان پاڻ پسائي، اجھو مون سان ڪچھري پيو ڪري. ڄڻ ته اڇي ٽوپي پايو “رنگا مٽي” جھاز جو سکاڻ پڪڙي، شارڪ مڇي ڏيکاري، پيو مشھور غوطا خور روڊني فاڪس جي زخمي ٿيڻ جون ڳالھيون ٻڌائي.
سچ پچ الطاف ڦيٿ ھٿ ۾ کڻي ڌرتيءَ جي گولي کي ماپي ورتو آھي. سندس مشاھدي جي ڪئنواس تي ڇا ڇا نه آيو ھوندو؟ سوچيان پيو، ڪو اھڙو منظر يا ڪو اھڙو عڪس به ھوندو، جنهن الطاف جي شعور ۽ ذھن تي ڪو چٽ نه چٽيو ھجي؟ الطاف جنهن به ڪاريگر جو ڪو چڱو چٽ ۽ نقش ڏٺو آھي ته، اسان سان ان جو ذڪر دل کولي ڪيو اٿائين. ھن بنگال ڏٺو آھي، جنهن لاءِ جوش مليح آبادي چيو ھو ته، ھڪ ڏينهن ھن ھڪ بنگالڻ دوشيزه کي وھنجڻ کان پوءِ، ڪلھن تي لٽڪايل زلفن مان پاڻيءَ جا ڦڙا ڳڙندي ڏٺا ھئا ۽ ان ڏينهن کان پوءِ مرحوم جوش وھنجڻ شروع ڪيو ھو. الطاف جپان به ڏٺو آھي، جتي مون خود به ڪيوٽو ۾ شام ويلي، ڇاتيءَ ويڪرين ۽ برفاني جسمن وارين حسينائن کي سوني مندر Golden Temple وٽ، گھاٽن وڻن جي ڇانو ۾، کيکڙن جا پڪوڙا کائيندي ڏٺو ھو.
“ھڪڙي خوفناڪ سفر” ۾ مڇريل ۽ بکايل خلاصين جو جھاز جي ڪپتان ۽ ھڪ پنهنجي ساٿيءَ جو گوشت، ڳجھن جيان ڳڙڪائي ڇڏڻ وارو، ھڪ اھڙو عمل آھي، جنهن کي پڙھڻ سان لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو وڃي. اھا بک ئي آھي جيڪا انسان کي وحشي بڻائي، انسان جو رت ٿي پياري. بک جي شدت جو اھو وڏي ۾ وڏو مثال آھي. انسان کي زندھ رھڻو آھي، پوءِ ڇو نه کيس پاڻ کان ڪمزور، ٻئي انسان جو گوشت کائڻو پوي.
اسان آفريڪا جي ڏڪاريل انسانن جون انساني ڍانچي جھڙيون تصويرون ڏٺيون آھن ۽ احوال پڙھيا آھن. بکن جي اھڙي عالم ۾ جيڪڏھن بکيو پيءُ پنهنجي پٽ يا ڌيءَ جو پاڻ گوشت نه کائيندو ھوندو ته، گھٽ ۾ گھٽ پيءُ پنهنجي جسم مان گوشت جا ٽڪرا ڪوري پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ کي ضرور آڇيندو ھوندو ته، “بابا! ھيءُ کائو.” الطاف زندگيءَ جي ھن جھڙن حقيقي واقعن ۽ حادثن جا ترجما ڪري، پيٽ جي عالمي مسئلي جي چٽي ۽ صاف تصوير ويھي چِٽي آھي. اسان جي ٿري ۽ جابلو علائقن ۾ اڄ به انسان کي ويلن جا ويلا ماني ڀور نٿو ملي. جس ھجي انهن ٿري ۽ جابلو انسانن کي، جن اڃا سوڌو پنهنجي ڀاءُ يا پاڙيسريءَ جو گوشت نه چکيو آھي.
ھتي مون کي ننڍڙائپ جو ھڪ واقعو ياد اچي ويو آھي. مان وڌ ۾ وڌ يارنهن-ٻارنهن سالن جو ھيس. ٻيا شڪاري ۽ خفتي ڪراڙا ۽ جوان جماڻ ھئا. ڪچي ۾ سڄي رات باھيون ٻاري، اوسر جو شڪار ڪيو ھئوسين ۽ ڏينهن جو جھانگيلي ۽ باھڻيءَ ۾ تڙ جو شڪار ڪيو ھئوسين. بک ايڏو ته بي وس ڪيو ھو جو ٻوڏ کان پوءِ ڪچي ۾ تازن چڻن جي تازي پوکيل فصل جا ڀتر ۽ کڙا پاسي ڪري، چڻن جا انگور داڻا چونڊي کاڌا ھئاسين.
ساڳئي مضمون ۾ “ھوا جي بيھي وڃڻ”، “پاڻيءَ مان چرپر ختم ٿي وڃڻ”، “جھاز جو ڏينهن جا ڏينهن ھڪ ھنڌ ٽڪ ٻڌي بيھڻ” وارا عمل اسان جي معلومات ۾ حيرت وجھيو ڇڏين ٿا.
“جنهن جا ڊگھا وار تري رھيا ھئا. مون ھن کي وارن کان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيو. ھوءَ ھڪ عورت ھئي، جنهن پنهنجي کير پياڪ ٻار کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي رکيو ھو.”
ھي اھي جملا آھن، جيڪي “موت جي سفر” مان ورتا ويا آھن. ٻڏڻ کان پوءِ به ٻارڙي کي ڇاتيءَ سان لائي رکڻ وارو فطري عمل، “مامتا” جو ھڪ لاجواب مثال آھي، جيڪو خوش قسمتيءَ سان اسان کي الطاف ئي ٻڌايو آھي.
“ٽونيءَ جي آواز تي سجاڳ ٿيس ته صبح ٿي چڪو ھو. مون کي ٽونيءَ جو ان ريت جاڳائڻ بنھ نه وڻيو. ھن مون کي اھڙي ننڊ مان کڻي سجاڳ ڪيو، جنهن ۾ نه بک جو احساس ھو ۽ نه اڃ جي پيڙا.”
بک جي احساس ۽ اڃ جي پيڙا جي خوبصورت تصوير چٽيل آھي. ڏڪارين ۽ ڦرلٽ ھٺيلن جي منهن تي ھڪ زوردار چماٽ آھي– الطاف جا مٿيان جملا ساھ ۾ سانڍڻ جھڙا آھن، وري وري پڙھڻ جوڳا آھن.
“سانباھو سمونڊ جو” جي مھاڳ ۾ اسان جي سڄاڻ ڌرتيءَ ڄائيءَ ڀيڻ نور الھديٰ شاھ لکيو آھي: “الطاف پنهنجي اندر جي ڪيفيتن کي ضرور ظاھر ڪري ٿو، پر ھڪ پرچارڪ جي انداز ۾ ۽ ذاتي تجربن جي اظھار کان ڄڻ لنوائي وڃي ٿو. نتيجي ۾ الطاف جا سفرناما ھاڻي ھن اسٽيج تي ورجاءِ جو شڪار ٿيڻ لڳا آھن.”
الطاف جي سفرنامي “جاني ته جھاز ۾” جو مھاڳ لڳندي، زبيده ميتلو لکيو آھي: “ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھن کي چوندو ٻڌم ته، الطاف شيخ جي لکت ۾ تخليق جو عمل بلڪل ڪونهي – رڳو ملڪن جي رپورٽ جون جھلڪيون آھن.”
زبيده، الطاف جو دفاع ڪندي لکيو آھي ته تخليق کي ٻيا ڪھڙا سونا سڱ ھوندا آھن؟ ڇا ٻوليءَ جي پختگي، لکت ۾ ڏانءَ ۽ ڏاھپ جو لاڙو، جنون جو جمال تخليق ناھي ٿيندي؟
مون به سوچيو ھو ته ٻولي، گرامر، اصطلاحن ۽ جملن جي غلط استعمال جا مثال ڏيئي الطاف کي “رنگ” ۾ ڦاسائي، ٻه چار جڊو – ڪراٽي جا داءَ ڪيان، پر ائين نه ڪري سگھيس. ان ڪري نه ته ھو مون کان وڌيڪ طاقتور ۽ چوبڪو پھلوان آھي، پر ھيٺين حقيقتن ڪري:
“وايون وڻجارن جون” جي منڍ ۾ الطاف پنهنجين اھڙين اوڻاين جو ذڪر به ڪيو آھي ته اعتراف به – ان ڏس ۾ مان چوندس ته الطاف جون اھي نالي ماتر خاميون ۽ اوڻايون سندس لکڻين جي تخليقي عمل تي ڪڏھن به اثر انداز نٿيون ٿي سگھن. سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح، الطاف جي ڏات ۽ ڏانو واريءَ سھاڳڻ جي چنيءَ تي تخليقي عمل جا ٿورا گھڻا چٽ ضرور آھن.
اسان جي سڄاڻ محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عاشق سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا “ڳالھيون تنهن جپان جون” جي مھاڳ ۾ الطاف کي ڏنل ادبي حيثيت ۽ اھميت پڙھي وڌيڪ ٿڌو ٿي ويس.
“بندر بازاريون” جو مھاڳ لکندي سدا حيات جانيئڙي امر جليل لکيو آھي: الطاف شيخ جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آھي، تنهن ڪري ھو دنيا جي جنهن به حصي ۾ ويندو آھي، اتي سنڌي سٻاجھڙن جي ڳولا ڪندو آھي.”
وري لکي ٿو: الطاف شيخ ڪولمبس ناھي، پر ھن ڪولمبس کان وڌيڪ سفر ڪيو آھي.”
سندس ڪتاب “ارائونڊ دي ورلڊ” بابت پيارو ليکڪ حميد سنڌي لکي ٿو: جيتوڻيڪ سندس پھريان سفرناما حياتيءَ جي ڪن رخن کان خالي ٿا ڏسجن، پر ھن سفرنامي ۾ سندس نظر چوڌاري ۽ گھري آھي. مون کي ته ھن سفرنامي ۾ الطاف اڳي کان وڌيڪ گنڀير ۽ سندس لکڻي فڪر انگيز ٿي لڳي.”
بس، الطاف ۽ الطاف جي لکڻين بابت اسان جي سڄاڻ مٿين ليکڪن جي مھاڳ پڙھڻ کان پوءِ الطاف تان منهنجي ڪاوڙ به ختم ٿي وئي. الطاف پاڻ به ته ايڏو مٺو ۽ محبتي يار آھي، جو مٿس ڪاوڙ ڪرڻ به ته اخلاقي گناھ آھي.
“ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالھ” ۾ جھونپڙي “سرناس” ۽ سندس ساٿارين جو خوفناڪ سمنڊ جھاڳي تختن مان جوڙيل ٻيڙيءَ وسيلي، پولاپ ٻيٽ کان ترڪ ٻيٽ ڏانهن وڃڻ، جستجوءَ جي علامت جو پيارو مثال آھي – جھاز کي ويجھو ڏسي، ھمراھن نه دانهن ڪئي نه وري ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ پڪاريو. ھو جھاز تي سوار ٿيڻ لاءِ تيار ئي تڏھن ٿيا، جڏھن جھاز جي ڪپتان سندن ٻيڙيءَ سوڌو جھاز تي سوار ٿيڻ وارو شرط مڃيو. ڦٽن جي پيڙا ۽ بک لاءِ سوچڻ جي بجاءِ ناکئي سرناس سميت، سڀني ملاحن جو پنهنجيءَ ڀڳل ٽٽل ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ، سڙھ سڪائڻ، ڦاٽل سڙھ سبي ساڄا ڪرڻ، ناريل مان ٺھيل رسا ڇڪي ٻڌڻ واري جدوجھد ثابت ٿي ڪري ته، سندن ھٿن سان جوڙيل سندن ٻيڙي، کين ڪيڏي نه پياري ھئي. جيئڻ لاءِ جھيڙڻ واري عمل ۾، ھنن لاءِ اھا ننڍڙي ٻيڙي ڪنهن به وڏي جھاز کان گھٽ نه ھئي.
الطاف سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اسان کي ڇا ڇا نه پيو آڇي؟ الطاف اھو وڻجارو آھي، جنهن وٽ وکر ڍيرئون ڍير آھن. جيڪو ولايت مان ھر وڻج ۽ وڙ جون ٻوريون ۽ خرزينون ڀري اچي ٿو. بنا اگھ-پار ڳالھائڻ جي اسان اڳيان کوڙ ڪري، ڀل ته ھو ڪيترو به محصول ۽ قيمت ادا ڪري اسان وٽ پھچي، پر اسان کي وڙ وڙ جو وکر بنا ملھ پيو آڇي.
الطاف جي لکڻين مان تخليقي عمل مينهن جي گوھن وانگر وھندو نظر اچي ھا، جيڪڏھن ھو واسطو رکندڙ ملڪ جي سماجي تاريخ، ثقافتي، اقتصادي حالتن، مسئلن ۽ ادبي لاڙن ۽ رخن جو ڳوڙھو ۽ ڀرپور مطالعو ۽ مشق ڪري پوءِ ويھي ڪتاب لکي ھا. پوءِ ڇو نه ھو ٽن ڪتابن جي جاءِ تي ھڪ ڪتاب ڏئي ھا. تنهن ھوندي به مان ائين چوندس ته، ھن جو به وکر وھايو آھي، سو پئي پراڻو نه ٿيندو.
آئرلينڊ جي ڪناري ڀرسان آمريڪي جھاز “لوسيتانيا” جي ٻڏڻ واري ڀيانڪ منظر جو اھڙو ته سريلو ۽ سيبائيندڙ ترجمو ٿيل آھي، جو ان لکڻيءَ کان متاثر ٿي چوڻو ٿو پويم ته الطاف فقط اسان جو آھي ۽ نه ڪنهن ٻئي جو.
ھن حادثي کي پڙھڻ کان پوءِ مان سوچيان ٿو ته ھزارين ماڻھن کي سمنڊ ۾ ٻڏندو ڏسي، جرمن ڪپتان “سويگر” کي جا خوشي ٿي ھوندي، ان جو به جواب ناھي.
“مرندي مرندي بچڻ” ۾ الطاف لکيو آھي: “…… انهيءَ علائقي ۾ مان اڪيلو ٿي پيس ۽ قاعدا قانون ٺاھڻ واري شارڪ ھئي.” شارڪ جي سمنڊ تي حڪمراني، سندس دٻدٻو ۽ انسان جي مجبوري ۽ بي وسيءَ جا ڪھڙا نه عمدا ۽ سچا عڪس آھن.
“لکين سج لھي ويا، کيڙيندي کارو” جي تعارفي حصي ۾ الطاف اسان کي ظلم ۽ استحصالي قوتن جي ڪردار واريون اھڙيون ته ڳالھيون ٻڌايون آھن، جيڪي جيتوڻيڪ اسان جون ٻڌل ۽ پڙھيل به آھن، تڏھن به ڇرڪائي ٿيون ڇڏين. ظلم ۽ ظالم، پيڙڻ ۽ پيڙيندڙن جي غير انساني عمل خلاف آواز اٿارڻ لاءِ الطاف جون اھي ڳالھيون اسان جي قلم ۾ قوت ۽ آواز ۾ سگھ ٿيون پيدا ڪن.
آفريڪا جي ڏڪاريل ۽ پٺتي پيل ملڪن مان غلامن جا ٽولن جا ٽولا خريد ڪري اچڻ، غلامن ۽ قيدين جا چپن ھلائڻ، سندن اگھاڙين پٺين تي چھبڪ وسائڻ، بکيا ھجن توڙي ڏکيا، پر جھاز ضرور ھلائين. مالڪن، جھازرانن ۽ ڇاڙتن جي ظلمن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ، ھوڏانهن وري انهن ستايل غلامن ۽ قيدين جا بلوا ڪري جھاز جي مالڪن ۽ سندن ڇاڙتن کي ماري سندن گوشت کائي ڇڏڻ وارا اوائلي واقعا، الطاف جي ڪتاب ۽ سندس لکڻين کي امر بڻائڻ وارا واقعا ۽ حادثا آھن. اسان کي خبر ٿي پوي ته جھازن کي جڏھن انجڻين سان نه پر چپن ۽ سڙھن وسيلي ھلايو ويندو ھو، تڏھن ھڪ طاقتور انسان، ٻئي مجبور انسان سان ڪھڙو ورتاءُ ڪندو ھو؟
ڪنهن به تخليقڪار جي تخليقن جو تنقيدي جائزو وٺندي، ڏسڻو اھو آھي ته ليکڪ ادب ۽ زندگيءَ جي جديد تقاضائن ۽ لاڙن سان ٺھڪندڙ، اسان کي ڪھڙيون شيون ڏنيون آھن؟ وقت ۽ ماحول جي ڪھڙي ڳالھ ڪھڙي انداز سان ڪئي اٿائين؟ ڪھڙو نئون گس ۽ ڪھڙي نئين لاٽ ٻاري اٿائين؟ ھن ڪنهن مخصوص ٽولي يا گروھ لاءِ ڪو پرچارڪ مواد ته نه ڏنو آھي؟ سندس لکڻين ۾ ڪيڏي وسعت ۽ نواڻ آھي؟ پراڻين ڳالھين جي ورجاءِ کان ئي سندس ادبي کيت ۾ ڪھڙا تخليقي عمل جا گل کڙيل آھن؟ ھن ڊپلوميسيءَ کان ڪم ورتو آھي يا ڪنهن سان جاندار رھيو آھي؟
الطاف جي شروعاتي سفرنامن ۾ تخليقي عمل بيشڪ گھٽ ٿو ملي، مگر وقت گذرڻ سان ھو ان غير تخليقي ڌٻڻ مان ٻاھر نڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين سوڀارو ٿيو آھي. مون ٺري ويل خاڪ ھٽائي، چڱيءَ طرح ڏٺو آھي ته، الطاف جي تخليقي آويءَ مان تازا تيار ٿيل گھڙا اڳ وارن گھڙن کان نه رڳو سٺا پڪل آھن، پر مٿن اڪريل چٽ به موھيندڙ آھي. ڀٽائي ويندي ويندي اھڙن سامونڊي وڻجارن لاءِ تڏھن ته چيو ھو:
“ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏئي،
تن سپون سوجھي ڪڍيون پاتاران پيھي،
پسندا سي ئي، املھ اکڙين سين.”
(شاه)
تاجل بيوس
3. انسان ۽ سمنڊ
سمونڊ جو منهنجي زندگيءَ تي تمام گھڻو اثر رھيو آھي، ان جو تصور ئي منهنجي لاءِ اتساھ پيدا ڪندڙ آھي. مون ڪيترو ئي وقت سمنڊ ڪناري ويھي، مست ڇولين کي ڏسندي من پرڀايو آھي. سياري جي سرد راتين ۾ سمنڊ جي ڪناري، عابده پروين جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل “گھڙولي” ٻڌي آھي. مان انسان جي سيني ۽ وشال سمنڊ جي ڀيٽ ڪندو آھيان، جن جي اندر سوين طوفان لڪل ھوندا آھن ۽ جڏھن اھي طوفان اٿندا آھن ته ھر شيءِ کي لوڙھي ويندا آھن.
“منهنجو ساگر منهنجو ساحل” کان وٺي الطاف شيخ جا سفرناما پڙھيا اٿم. سندن سفرنامن سان منهنجي چاھ جو بنيادي ڪارڻ اھو ئي سمنڊ آھي. سندس سفرنامن ۾ سمنڊ جون ڳالھيون پڙھي مون کي آسيس ملندي رھي آھي. سڀ ڪم ڇڏي، سندس ڪتاب پڙھندو آھيان، جن ۾ ديس ديس جون دلچسپ ڳالھيون، معلومات، مزي وارا جملا، تشبيھون ۽ حسن جو ذڪر ھوندو آھي.
الطاف جڏھن ڪجھ لکڻ لاءِ ڪتاب جو مسودو مون کي ڏنو، تڏھن اتفاق سان مون کي ھڪ ٽي وي پروگرام لاءِ، ماھيگيرن جي زندگيءَ بابت فلم ٺاھينڊڙ ٽيم سان گڏ سمنڊ ۾ وڃڻو پيو. رات جو ئي مون مسودي جو جائزو ورتو، جنهن ۾ سامونڊي حادثن جون ڪھاڻيون ڏنل آھن. ٻئي ڏينهن اسان ھڪ ننڍڙي موٽر بوٽ ۾ سوار ٿي، ٽي چار ميل ٻاھر سمنڊ ۾ نڪري وياسين. اڄڪلھ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سمنڊ ماٺو آھي، پر اسان جي بوٽ جيئن جيئن ڪناري کان پري ٿيندي وئي، ڇولين جو ڇوھ وڌندو ويو. اسان ڇولين جي رخ طرف وڃي رھيا ھئاسين ۽ جيئن ئي ھڪ ڇولي گذرڻ سان ٻي ڇولي پھتي ٿي، بوٽ “ڇپاڪ” جي آواز سان پاڻيءَ سان ٽڪرائي ٿي. جيڪڏھن ڇوليون بوٽ جي پاسي ۾ ٽڪرائجن ھا ته، اھا ضرور اونڌي ٿي پوي ھا. ان وقت مون کي ذھن ۾ الطاف جي ھن ڪتاب “موج نه سھي مڪڙي” جا ڪجھ واقعا ذھن تي تري آيا ۽ مون پاڻ کي به ھڪ اھڙو ئي ڪردار تصور ڪيو. ان وقت مون کي عجيب سڪون محسوس ٿيو. مست ڇولين کي مون پاٻوھ مان ڇھڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. پورا ٽي ڪلاڪ اسان ان سمنڊ ۾ شوٽنگ ڪندي گذاريا. (گھٽ ۾ گھٽ منهنجي لاءِ ھڪ بوٽ ۾ ٽي ڪلاڪ گذارڻ پھريون تجربو ھو)
مٿي ٻڌايو اٿم ته ھن ڪتاب ۾ سمنڊ جي طوفانن ۽ حادثن جون ڪھاڻيون ڏنل آھن. الطاف شيخ جي پڙھندڙن کيس خط لکيا ھئا ته، ھو سندس سامونڊي زندگيءَ ۾ ساڻس پيش آيل حادثن ۽ تڪليفن تي به ڪجھ لکي، پر جيئن ته سامونڊي زندگيءَ ۾ اسان اڃا قدم رکي رھيا ھئاسين ۽ اسان جو ملڪ ۽ ماڻھو جپاڻين ۽ انگريزن وانگر Seafaring ناھي، تنهن ڪري کين سامونڊي زندگيءَ جي خوفائتن واقعن ٻڌائڻ سان بددل ڪرڻ بجاءِ ھن ھميشھ سامونڊي زندگيءَ جو بهتر ۽ دلچسپ رخ پئي ڏنو آھي. اھا حقيقت آھي ته پنهنجي دلچسپ تحريرن سان ھن سامونڊي زندگيءَ لاءِ ماڻھن جو چاھ وڌايو آھي، پر خوفائتن واقعن نه ٻڌائڻ وارو نظريو ايترو مناسب ناھي. اھڙا واقعا ٻڌائڻ گھرجن، جيئن ماڻھن ۾ ڏکاين کي منهن ڏيڻ جو جذبو پيدا ٿئي ۽ ھو ذھني طرح ھر ڳالھ لاءِ تيار رھن. اھا زندگي ڪھڙي جنهن ۾ خطرا نه ھجن؟ خطرن کي منهن ڏيڻ ئي زندگيءَ جو رومان آھي. مون کي ياد آھي ته ننڍي ھوندي مان اردو ڊائجيسٽ ۾ اھڙا واقعا دلچسپيءَ سان پڙھندو ھوس، جن ۾ سامونڊي جھاز ڪنهن طوفان يا ٽارپيڊو جو شڪار ٿي تباھ ٿي ويندا ھئا ۽ ان جا مسافر ٻيڙين ۾ بُک ۽ اڃ جو مقابلو يا ته منزل تي پھچندا ھئا، يا ڪنهن شارڪ مڇيءَ جو کاڄ ٿي ويندا ھئا. تڏھن مان سوچيندو ھئس ته، سنڌيءَ ۾ اھڙيون ڪھاڻيون ڇو نه آھن؟ سچي ڳالھ ھيءَ آھي ته سنڌي لٽريچر ۽ ائڊوينچر بابت نه ھئڻ جي برابر لکيو ويو آھي. مان ان لاءِ اديبن کي ڏوھ نٿو ڏيان، ڇو ته ھن سماج ۾ زندھ رھڻ ۽ پنهنجي ۽ قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ ئي وڏو “ائنڊوينچر” آھي.
بهرحال! ھيءُ ڪتاب، جنهن ۾ الطاف ٻين کي پيش آيل سامونڊي حادثن جون ڪھاڻيون ڏنيون آھن، ھڪ سٺو قدم آھي ۽ اھو سلسلو جاري رھڻ گھرجي.
الطاف پاڻ چوي ٿو: “سامونڊي سفر ھڪ ماڻھوءَ جي زندگيءَ وانگر آھي، جنهن ۾ کل خوشي به آھي ته، ڏک ڏاکڙا به.” تنهن ڪري اسان لاءِ ڏک ڏاکڙا پار ڪرڻ لاءِ زھني سکيا حاصل ڪرڻ به ضروري آھي ۽ اھو ڪم الطاف پنهنجي فنڪارانه قلم سان ڪري سگھي ٿو. جيئن ھن ڪتاب “موج نه سھي مڪڙي” ۾ واقعن کي اھڙيءَ طرح پيش ڪيو آھي، جو پڙھندڙ کي محسوس ٿيندو، ڄڻ ھو به ان واقعي جو ھڪ ڪردار آھي. ان سان ھو خطرن کي منهن ڏيڻ جي سکيا حاصل ڪري سگھي ٿو. اھا ئي ڪتاب جي خصوصيت آھي. پڙھندڙن جي سولائيءَ لاءِ الطاف ھر ڪھاڻيءَ جي منڍ ۾ سمجھاڻي ڏئي، کين اصل ماحول ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ڪھاڻين جي عنوان لاءِ شعرن جي چونڊ، ڪتاب کي اڃا به دلچسپ بڻائي ڇڏيو آھي.
ڪتاب ۾ ڏنل ڪھاڻين ۾ فنڪارانه Touches ڏئي جنگ جي تباھڪاري، بيٺڪيت ۽ غلاميءَ کي نندڻ سان گڏ، الطاف خوبصورت نموني تاريخ جا ڪجھ حوالا به ڏنا آھن. مون کي يقين آھي ته ھن ڪتاب جا پڙھندڙ الطاف جي ٻين ڪتابن جيترو ئي مزو ماڻيندا ۽ ڪجھ پرائيندا.
نصير اعجاز
4. ڪجھ مون پاران
يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ڪراچي سينٽر جي طرفان اندرون سنڌ جي لئبريرين جو ھڪ ڏھ ڏينهن جو سيمينار ترتيب ڏنو ويو ھو ۽ 21 ڊسمبر 1082ع تي ان جو افتتاح ھو. ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حيدرآباد کان ڪراچيءَ وئي ھيس. انتظام لياقت نيشنل لئبرري جي عمارت ۾ ڪيل ھو. افتتاحي تقريب کان پوءِ مھمانن لاءِ رسيپشن به ھئي. مھمان چانھ بسڪيٽ کائڻ کان پوءِ تقريبا ھليا ويا ھئا. مان اتي ئي ھئس، جو پھرئين سيشن جي صدارت به ڪرڻي ھئي. اتي ڳالھين ۾ مشغول ھئس ته، دروازي کان ھڪ ڄاتل سڃاتل صورت پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم. ھٿ ۾ ڪجھ ڪتاب ۽ منهن تي مرڪ، قدم ٿورا تڪڙا، ويجھو آيو ته ڏٺم، الطاف ھو. سلام دعا ٿي. پڇيومانس: ھتي ڪيئن؟ چيائين: “نوان ڪتاب ڇپيا آھن. انهن جون ڪاپيون ڪاپي رائيٽ لاءِ لئبرري ۾ ڏيڻ آيو ھوس.” ڏاڍي خوشي ٿي. چيومانس ڪتابن تي ڪجھ لکي ته ڏيو. بهرحال! ڪتاب ڏيندي چيائين: ھڪ ڪتاب پريس ۾ اٿم، مواد توھان کي موڪلي ٿو ڏيان. پيش لفظ ته لکي ڏجو.
“حاضر” کيس اھو نه ٻڌايم ته، سندس ڪتاب لاءِ پيش لفظ پاڻ لاءِ اعزاز پئي ڀانيم.
الطاف سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ھڪ لحاظ کان ته بلڪل واجبي آھي، جو ان کان اڳ صرف ھڪ دفعو سنڌي عورت ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي ھئي، سا به بلڪل مختصر. پاڻ ئي اچي تعارف ڪرايو ھئائين ۽ مسطوارا (سندس گھر واريءَ) سان گڏ تصويرون ورتيون ھئائين. پنهنجي اٿڻيءَ ويھڻيءَ ۽ ھلت چلت ۾ بلڪل سنئون سڌو ۽ طور طريقن ۾ Matter of Fact وارو طريقه ڪار. اھا شايد سندس طبيعت جي بنيادي خصوصيت ھجي يا سندس پيشي جي تقاضا. پر مون ان فنڪشن ۾ به کيس ائين وقت وڃائيندو محسوس ڪو نه ڪيو. ڏٺم پئي ته ھن بڪ اسٽالن تي چڪر پئي ھنيا ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن ۽ مون جھڙن اڻ ڄاتن سان به واقفيت پئي ڪيائين ۽ فنڪشن جا فوٽو به پئي ورتائين.
ھونئن ليکڪ ۽ پڙھندڙ جي حيثيت سان الطاف ۽ منهنجو ناتو پراڻو آھي. الطاف جڏھن کان لکڻ شروع ڪيو آھي، تڏھن کان پڙھيو اٿمانس. ھن کان اڳ سندس تحرير کي ڪڏھن تنقيدي نظر سان نه ڏٺم، جو سندس تحريرون عام پڙھندڙ لاءِ معلومات ۽ دنيا جي ڏورانهين ملڪن جي دلچسپ قصن جا خزانا کنيو اچن. سندس لکت تمام شگفته ۽ اتساھ ڏياريندڙ آھي.
اھا ڳالھ نه رڳو مان، پر ھر پڙھندڙ محسوس ڪندو ھوندو. ڪنهن به واقعي کي بيان ڪرڻ مھل الطاف ان جو پس منظر، پيش منظر، تاريخ جاگرافي ۽ تمام جزئيات اھڙي ته پيرائتي ۽ اثرائتي نموني سان پيش ڪري ٿو، جو پڙھندڙ جو تحرير کان علاوه، سندس ذھانت ۽ معلومات کان اثر نه وٺڻ ممڪن نه آھي. انهن سڀني ڳالھين کي بيان ڪندي، ھن ۾ ڪو تصنع نه ٿو محسوس ٿئي. لڳندو آھي ته ليکڪ پاڻ ان ماحول جو ھڪ جز آھي.
سندس لکت ۽ بيان ۾ انهن سڀني خصوصيات جو موجود ھئڻ ان ڳالھ کي ظاھر ڪري ٿو ته کيس پنهنجي ڪم سان عشق آھي ۽ ان کان وڌيڪ عشق ان ڳالھ سان ته ھو انهن سڀني تجربن ۾ اسان ۽ توھان کي به شامل ڪري.
ھن مھل تائين سنڌ جا الائي ڪيترا ماڻھو دنيا جي ڪھڙي ڪھڙي ڪنڊ ۾ نه ويا ھوندا، پر ڪنهن به سنڌي اديب سفرنامي واري صنف کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪابه اھڙي شعوري ڪوشش نه ڪئي ھوندي، جھڙي ڪوشش لاشعوري طور تي الطاف ڪري رھيو آھي.
شروع ۾ ته ھن محض ڪجھ تجربا ئي بيان ڪرڻ چاھيا ھوندا، پر پوءِ ھر سفر کان پوءِ ڪتاب (اھڙي طرح سفر ۽ ڪتاب… سفر ۽ ڪتاب… ۽ الله ڪري ته سلسلو جاري رھي) جنهن جو سلسلو اڃا جاري آھي. اھڙي ته تيزيءَ سان سفرنامن جي لسٽ ۾ اضافو ڪيو آھي، جو سند باد وارو رڪارڊ ته ڪڏھوڪو ٽٽي چڪو ھوندو، بلڪ ھن پنهنجا ڪيئي رڪارڊ قائم ڪرائي ڇڏيا ھوندا. البته سندباد جي مقابلي ۾ الطاف جا سفر ھيبتناڪ، دھشتناڪ ۽ خوفناڪ نه پر خوشگوار ۽ دلچسپ رھيا.
الطاف شيخ جا ايڪيھ ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آھن ۽ جيستائين ھي ڪتاب توھان تائين پھچي، ٿي سگھي ٿو ته پنج کن ٻيا ڪتاب به ڇپجي اچن، ڇو جو جنهن رفتار سان الطاف لکي ٿو، ۽ وري ڇپائڻ لاءِ ڪوشان ٿئي ٿو، تنهن مان ظاھر ٿو ٿئي ته رفتار روز بروز وڌندي، گھٽبي نه.
زير نظر ڪتاب “موج نه سھي مڪڙي” الطاف جي لکيل ٻين ڪتابن کان موضوع جي اعتبار کان ان لحاظ کان مختلف آھي، جو سفرناما ته ان ۾ به بيان ڪيل آھن، پر اھي سفر سندس عمدن سفرن جي ڀيٽ ۾ خوف ڏياريندڙ آھن.
ھن کان اڳ جيترا ڪتاب پڙھيا اٿئون، تن ۾ ته سامونڊي سفر اھڙو ته حسين، دلڪش ۽ خوشگوار بيان ڪيو ويو آھي، جو ڀانءَ ته اڄ ئي جھاز جي ٽڪيٽ کڻي وٺجي. پر ھن ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ شايد ھڪ لمحي لاءِ ڪو سوچڻ تي مجبور ٿي پوي ته، نه ٻيلي! سامونڊي سفر ڪو صفا سھنجو به ناھي. انهن خوفائتن سفرن بيان ڪرڻ جو الطاف وٽ ھڪ سبب آھي – جيئن پڙھندڙن کي ھن سامونڊي سفر جو خوشگوار پھلو ڏيکاريو آھي، تيئن کين اھو به ٻڌايو وڃي ته سفر کڻي ڪھڙو به ھجي، پر ان ۾ Risk بهرحال آھي ۽ سامونڊي سفر ان معاملي ۾ ڪجھ اڳڀرو ئي ڏسجي ٿو.
انهن سڀني واقعات کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ الطاف جيڪا ھڪ تمام سٺي ڪوشش ڪئي آھي، سا آھي ٽيڪنيڪل اصطلاحات جي وضاحت. ھونئن جي اھي اصطلاحات يا اکر جيئن جو تيئن رکجن ته شايد پڙھندڙ جي انهماڪ تي ڪوبه اثر نه پوي، پر انهن جي وضاحت ھر پڙھندڙ لاءِ لفظن ۽ Terms کي ايترو ته سولو ڪري ڇڏيو آھي، جو ھر واقعي ۽ واسطي سان واسطو رکندڙ اصطلاحات، پڙھندڙ مزو وٺي پڙھندو ۽ سمجھندو.
الطاف جي اھا شعوري ڪوشش ان ڪري به قابل تعريف آھي، جو اھو اضافو سندس تحرير ۽ بيان کي وڌيڪ مقصدي بنائي ٿو. محسوس ٿو ٿئي ته ليکڪ آڏو پڙھندڙن جو ھڪ تعداد آھي، جن کي ھو پنهنجي وس آھر ھر معلومات مھيا ڪرڻ چاھي ٿو. اھڙي نموني عام پڙھندڙ سان گڏوگڏ ھر اھو ماڻھو، جيڪو سامونڊي سفر ۾ خاص دلچسپي رکندو ھوندو، تنهن لاءِ به وڏي مدد ملي ٿي.
جيستائين انداز بيان آھي، الطاف اڳي کان اڳرو پيو ڀانئجي. ٻولي تي سندس عبور چڱي کان چڱي ليکڪ سان ڀيٽي سگھجي ٿو.
ڪتاب پڙھڻ مھل ذھن ۾ ھڪ خيال جيڪو اڀري ٿو، سو اھو ته جنهن به ڪتاب ھڪ دفعو ھٿ ۾ کنيو، سو ان کي پوري ڪرڻ کان سواءِ مشڪل ڇڏي، جو ڪتاب ۾ جيڪي قصا بيان ڪيا ويا آھن، سي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان دلچسپيءَ ۽ تجسس جو جز رکن ٿا ۽ پڙھندڙ لاءِ ان ۾ وڏي ڪشش آھي.
آخر ۾ مان چوڻ چاھيندس ته الله ڪري ته الطاف جي سفر ڪرڻ ۽ سفرناما لکڻ جي اسپيڊ ايتري ته وڌي جو ھلندڙ سال ۾ ئي ھو پنهنجن ڇپيل ڪتابن جي سينچري مڪمل ڪري.
سڪ مان
مھتاب اڪبر راشدي
21 جنوري 1983ع