Mediccal Proverbs طبي پھاڪا ۽ چوڻيون
This document is compilation of Sindhi Proverbs related with the field of Tibb, Aleopathy, Medicine, Homeopathy, Health and Hygine. It is authored/ collected/ compiled by Engr. Abdul Wahab Sahito and was first published in Sindhi Magazine Keenjhar of Sindhi Sahat Ghar Hyderabad.
دنيا جي تختي تي زندگي گهارڻ لاءِ، هر انسان قدرت طرفان سھڻي صورت، سگهو سرير ۽ عمر جون چار گهڙيون کڻي آيو آهي. اهي چار گهڙيون به کيس تياريءَ واسطي مليل آهن ته جيئن زندگيءَ جي امتحان ۾ پاس ٿي سگهي. پاس ٿيڻ جي تياري اهو ڪري سگهندو، جنھن جو ڌيان ٻين معاملن کان هٽيل ۽ امتحان واري معاملي ڏانھن يڪسوئيءَ سان مرڪوز هوندو. ڌيان تڏهن مرڪوز رهندو، جڏهن طبيعت بحال هوندي ۽ جيءُ ڪم ۾ لڳندو. اهو سڀ ڪجهه وري تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ماڻھو طبعي طور سنئين لڱين، تندرست ۽ سگهو آهي.
تندرست، سگهو، جانٺو جوان ئي ڪم جي لائق رهي ٿو. اهو به تڏهن، جڏهن کيس ڪا ٻي لنجهڻ نه هجي. روڳي ماڻھو پاڻ ته بيڪار رهندو پر ٻين کي به کاري بيڪار ڪري ويھاري ڇڏيندو.
سگهائيءَ ۽ جوانيءَ جي هر شيءِ مزو ڏيندي آهي. سگهه ۽ جواني آهي ته جنگل ۾ به منگل پيا معلوم ٿيندا. سرير سگهو ۽ ترشنا جوان هجي ته گونھن ۾ به سونھن آ. ان جي برعڪس سرير ٻڍو ته ترشنا به مئل. پيريءَ ۽ پوڙهپ، اگهائيءَ ۽ ڪمزوريءَ واري کي، اوچن محلن جي ڪيمخواب بسترن تي به بيقراري ۽ بيزاري پئي محسوس ٿيندي. پيريءَ ۾ ماڻھو فقط جوانيءَ کي ياد ڪري پيو ڪُرڪندو آهي.
عزت ۽ خوبصورتي به سگهه/ جوانيءَ کي آهي. جوانيءَ ۾ گونھن به ڦولارجيو پوي. جواني، پنھنجو قدر پاڻ ڪرائيندي آهي. فوهه جوانيءَ ۾، سادي رنگ وارو ماڻھو به پيو وڻندو. ان جي برعڪس پوڙهپ/ ڪمزوريءَ ۾ بدصورتي آهي. ڪراڙپ خود وڏو مرض آهي. منجهس ظاهري سونھن ختم ٿيو وڃي. منجهانئس هر ڪو بيزار ٿيو وڃي. اوڙو پاڙو، دوست يار، مِٽَ عزيز ته بيزار ٿي ڀڄي وڃن پر پيريءَ، ڪمزوريءَ، بيماريءَ وارو به خود پاڻ مان بيزار ٿيو وڃي ۽ وتي هر آئي وئي کي منٿون ڪندو ته؛ هاڻي دعا ڪريو ته سوير ساجهرو ڌڻي پنھنجو ڪري!
هتي انھن پھاڪن، چوڻين بابت ڄاڻ ڏجي ٿي، جيڪي تندرستيءَ جي تعريف، مرض جي مذمت، بيماريءَ کان بچڻ جي تدبيرن، ڪِريءَ جي تاڪيد، علاج جي ڪوشش ۽ غلط ڊاڪٽرن جي وَرِ چڙهڻ کان بچڻ بابت چيل آهن.
1. تندرستيءَ جي اهميت بابت چيل پھاڪا ۽ چوڻيون
تندرستي، خدا تعالى جي نعمت آهي. ان جو قدر، وڃڻ کانپوءِ ئي ٿيندو آهي. قدر ڪرڻ جو وقت اهو آهي، جنھن وقت ماڻھوءَ کي تندرستي آهي. وئيءَ وَٿُ لاءِ، فقط پڇتائي ئي سگهجي ٿو ۽ بس. هٿان نڪتل شيءِ لاءِ هٿ هڻڻ مان ڪي ڪين ٿو وري.
1.1 اگهو کائي ڌنُ، سگهو کائي انُ. (هندي، چوڻي)
تندرست کي سڪي ماني به پئي مزو ڏيندي. ڪمزور ۽ بيمار کي قيمتي جواهرن مان جڙيل دوا کائڻ کانپوءِ به نه ساڳي طاقت ملندي، نه اهڙو طبيعت ۾ مزو هوندس.
مطلب:
بيمار جو زنده رهڻ آهي ئي گهڻن، پئسن خرچ ڪرڻ سان.
تندرست ماڻھو، سڪي ڳڀي تي به پيو پلبو.
1.2 تندرستي، هزار نعمت آهي. (فارسي، چوڻي)
دنيا جي تختي تي، ٻيون هزار نعمتون هجن ۽ هڪ تندرستي نه هجي ته ڪا به نعمت خوشي نه ڏيندي. ٻيو ڪجهه به نه هجي ۽ فقط تندرستي هجي ته به سڪون، سرور ۽ جُثو جاءِ هوندو. تندرست ماڻھوءَ کي، مٽيءَ مان به هڳاءُ ۽ تراوت پئي ايندي.
مطلب:
يڪ تندرستي هزار نعمت است. (فارسي)
1.3 جيءُ آهي ته جھان آهي، نه ته جيئري ئي مڙهه مُقام آهي. (ساهتي، چوڻي).
جھان به ان کي وڻي ٿو، جنھن جي جان ۾ مزو ۽ قرار آهي. جنھن کي جان ۾ مزو ۽ قرار ناهي، سو ته چوندو؛ جيڪر قبر ۾ هجان! اتي شايد هي تڪليفون نه هونديون.
مطلب:
ھيءُ جھان به ھتي ھجڻ سان آھي. مئي پڄاڻان، مري وئي سڄي دنيا.
1.4 جيءُ خوش، جھان خوش. (سنڌ، چوڻي)
جھان جي خوشي به ان کي محسوس ٿيندي، جيڪو پنھنجي پاڻ مان خوش هوندو. پنھنجي پاڻ مان اهو خوش هوندو، جيڪو جسماني طرح خوش، چڱو ڀلو هوندو. ان جي برعڪس بيمار کي سڄو جھان، بيمار پيو محسوس ٿيندو.
مطلب:
ڀيٽيو؛ ۱۱.۱۱ سائيءَ واري کي، سڀ ساوا نظر ايندا آهن.
1.5 ڇاتيءَ جھڙو ناهي ٻـَرُ، اکين جھڙي ناهي جوت. (ساهتي، چوڻي)
ٻين تي نه ڀاڙجي پر پاڻ تي ڀاڙ جي. بيمار ماڻھو ٻين تي ڀاڙيندو آهي. سگهو يا تندرست پنھنجي سيني/ ڇاتيءَ جي زور تي تمام گهڻا ڪم ڪري وٺندو آهي. جڏهن ته بيمار/ روڳي، آسپاس جي ماحول کي روئي ڪري رُسائي ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح اکين جي جوت به محتاجيءَ کان بچائي ٿي. جنھن کي اکين جي روشنائي ناهي، سو ٻين ٻن کي سيڙائڻ کان پوءِ به سڌو/ سنئون ڪم نه ڪري سگهندو آهي.
مطلب:
ھرڪو سيني جي ٻر تي ٽڏي ٿو. ھر ڪنھنکي پنھنجيون اکيون ئي ڪم اچن ٿيون.
1.6 قدر صحت جو سو ڪري، بيماريءَ ۾ جو ڳري. (هندي، چوڻي)
نعمت يا صحت جو قدر هميشه، وڃڻ کانپوءِ ئي پوندو آهي. تندرست ماڻھو دڙيون پيو ٽپيندو آهي ۽ احتياط نه ڪندو آهي. جڏهن ته ڪنھن غلط ڪم سبب صحت/ سگهه وڃائجي به سگهي ٿي. پوءِ پڇتائڻ کان، اڳي قدر ڪندي، ان جي حفاظت ڪجي.
مطلب:
اب پڇتائي ڪيا هووت، جب چڙيا چگ گئي کيت. (هندي، پھاڪو)
1.7 نور آهي ته جھان آهي، ان آهي ته ايمان آهي. (لاڙ، چوڻي)
ماڻھو دنيا جي رنگينيءَ جا مزا، اک سان ماڻي ٿو. کائڻ جا مزا، وات سان وٺي ٿو. جڏهن ته گهڻي کائڻ سان بيماريون وچڙي سگهن ٿيون پر گهڻي ڏسڻ سان نه.
گهڻو تڏهن ڏسي سگهبو، جڏهن اکين ۾ نور ۽ ڏسڻ جي جوت هوندي. نور هوندو ته جھان به ڏسي سگهبو ۽ ان جي هجڻ جي هام به هڻي سگهبي.
مطلب:
اکين/ ديد کانسواءِ، دنيا جي رنگيني نظر نه ايندي.
1.8 نور ته مُور، نه ته جيئري کڻي پور. (ساهتي، چوڻي)
دنيا جي مُوڙي يا مُور آهي مشاهدو، جيڪو اک سان ٿئي ٿو. اک به اها جنھن ۾ بينائي، بصيرت، نور، جوت هجي. ٻيءَ صورت ۾، اکيون اکين جھڙيون، ديد لڀ ئي نه. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻھو ڄڻ جيئري ئي قبر ۾ دفن آهي ۽ ٻين جو محتاج هئڻ ڪري قبر واري کان به پري آهي. ڇو جو قبر وارو هاڻي ٻين جي محتاجيءَ کان ڇٽل آهي.
مطلب:
بنا اکين واري کي، رستو اکين آڏو ھوندو آھي.
1.9 نور کان سواءِ، سڀ ڪوڙ. (ساهتي، چوڻي)
ٻئي جي ٻڌايل ڳالهه تيستائين ڪوڙ آهي، جيستائين ظاهري اک سان يا باطني نور سان، ان جو مشاهدو نه ماڻجي. مشاهدي سان يقين ايندو آهي، بنا مشاهدي جي شڪ ئي رهندا آهن. انڌو ماڻھو شڪي مزاج هوندو آهي. شڪي ماڻھوءَ کي هر شيءِ ڪوڙ پئي معلوم ٿيندي. اک/ نور، خدا تعالى جي نعمت آهي. ان نعمت کان وانجهيل لاءِ، سڄي دنيا ڪوڙ مثل آهي.
مطلب:
ھن رنگين دنيا جو مزو آھي ئي کيس ڏسڻ سان.
June 27, 2009 Posted by wahabsahito | Aphorism, Cliches, Health & Hygine, Maxim, Proverbs, Proverbs and Sayings | aleopathy, aphorisms, Cliches, Health, homeopathy, hygine, literature, Maxims, Medicine, Pakistan, pithy saying, Proverbs, quotation, sahito, Sayings, Sindh, Sindhi, tibb, tradition, چوڻي، پھاڪو، پھاڪا, wahab, طب، طبي، طبيب، حبيب، علاج، ڪري، رک، دوا، دعا، ڏک، ڏکندو، ڊاڪٽر، معالج، ٻڪي، حاذق، حڪيم، حڪمت، جراحت، جراحي، ھ | No Comments Yet
About
This WebLog is designed for keeping the Folk Lore literature of Sindh over it and spread same for knowledge of people all over the World.
Categories
- A Life Sketch (16)
- Analytic Study (1)
- Animals (1)
- Aphorism (9)
- Maxim (6)
- Biography (3)
- Cliches (9)
- Column (30)
- Critics (26)
- Dictionary (2)
- Foundation Pillars of Islam (1)
- Health & Hygine (1)
- History (5)
- History of Proverbs (2)
- Humor (1)
- Idiom (2)
- Idiomatic Phrase (3)
- Life and Works (1)
- Life Sketch (17)
- Memoirs (9)
- Novel (1)
- Persian Poetry rendered into English (1)
- Personal Observations (16)
- Phrase (3)
- Poetry (2)
- Preface (3)
- Prefixes (1)
- Proverbs (12)
- Proverbs and Sayings (23)
- Research Report (1)
- Sachal jo Kalam (1)
- Seasons (1)
- Seraiki Proverbs (1)
- Shah Abdul Lateef Bhitai (1)
- Shah Lateef (1)
- Short Stories (7)
- Sindhi Colums (3)
- Sindhi Poetry (11)
- Sindhi Poetry rendered into English (1)
- Soofi Stories (1)
- Travelogue (8)
- Uncategorized (7)
- Voyage (1)
Category Cloud
A Life Sketch Aphorism Biography Cliches Column Critics Dictionary History History of Proverbs Humor Idiom Idiomatic Phrase Life and Works Life Sketch Maxim Memoirs Persian Poetry rendered into English Personal Observations Phrase Poetry Preface Proverbs Proverbs and Sayings Short Stories Sindhi Colums Sindhi Poetry Sindhi Poetry rendered into English Soofi Stories Travelogue UncategorizedFolk, Lore, Sindh, Poetry, Tales
Altaf Bhitai Biographic Cliche Cliches Critic History hyderabad Idiom Idiomatic Phrase IT Sachal Larkana Jacobabad karachi khairpur mirs kunbhar Larkana Life literature Maxim Maxims Naudero nawaz Nazeer Pakistan Phrase Poetry Professor Proverb Proverbs quotation sahito Saying Sayings Shah Shaikh shikarpur Short Stories Sindh Sindhi sketch Soomro Travel wahab سنڌي، سنڌي شاعري،Blogroll
-
تازيون داخلائون
- Ma -Indam: Brides second mother ما-انڊام: ڪنوارجي ٻي ماءُ
- Jumo Fakir جمعو فقير
- Where are you تون ڪٿي آھين
- The Mughal India مغلن جو هندستان
- Common Teal چيڪلو
- Breast Feeding ٿڃ پيئارڻ
- Singapore & art of lock opening سنگاپور ۽ قلف کولڻ جو ھنر
- Grave of Dog ڪتي جي قبر
- Proverbs for Places ماڳ مڪان وارا پھاڪا
- Motivation to Milking ڍور سڱوئڻ
- Danger of Fuel Flame تيل ٻرڻ جا نقصان
- Molana Abdul Khalique Kandiarwi مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي
- Money Changing in Malysia n Singapore ملائيشيا سنگاپور پاسي پئسي جو واپار
- Deer هرڻ
- Molana Abdul Khalique Kandiarwi مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي
-
تازا رايا
ڪئلينڊر
تاريخ
- December 2009 (17)
- November 2009 (23)
- October 2009 (4)
- September 2009 (15)
- August 2009 (4)
- July 2009 (6)
- June 2009 (7)
- May 2009 (6)
- April 2009 (31)
- March 2009 (34)
- February 2009 (8)
Email Subscription
-
Top Posts
- In memory of Ustad Bukhari استاد بخاريءَ جي ياد ۾
- Shah jo Risalo by Elsa Kazi
- Bali's Mir Ali Nawaz Naz باليءَ وارو مير علي نواز ناز
- جواب ڏيو تي تنقيدي نظر Critical study of "Answer Me"
- The voice of Ustad Bukhari ڇھ سٽا
- Jumo Fakir جمعو فقير
- Molana Abdul Khalique Kandiarwi مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي
- Motivation to Milking ڍور سڱوئڻ
- Proverbs on Couplets ڏوھيڙن وارا پھاڪا
- Ma -Indam: Brides second mother ما-انڊام: ڪنوارجي ٻي ماءُ
-
Blog Stats
- 3,852 hits
-
Top Clicks
Visitors (پڙھندڙ)