Clever Sparrow ڏاهي جهرڪي


Clever Sparrow ڏاهي جهرڪي

This eBook is based on short stories translated by Altaf Shaikh, Marine Engineer, Travel writer who recently received life achievement award.

Altaf Shaikh (Sindhi/Urdu: الطاف شيخ) is a famous Sindhi scholar from Pakistan . Altaf Shaikh is a travel writer and well known traveler. He was born in the house of Gul Muhammad Shaikh on November 14, 1944 in New Hala District, Hyderabad (now Matiari District).

Altaf Shaikh got his early education from Hala, then from Cadet College Petaro. He studied marine engineering at Marine Academy Chittagong, East Pakistan (now Bangladesh ) and did post graduation from World Maritime University , Malmo , Sweden . He was qualified as a ship engineer and after sailing as Chief Engineer on various types of ships for some 12 years he served Malaysian Naval Academy and Pakistan Marine Academy as Head of Marine Engineering Dept. for 8 and 12 years respectively.

Altaf Shaikh started writing regularly at the age of 18, when he was in Chittagong . His first story book was Anamika (the Bengali word for “unknown”) was published in 1966.

He can speak Bengali, Japanese and Malay fluently.

His first book on travel was Munhnjo Saagar Munhnjo Sahil, which was published in 1971, and won the Pakistan Writers Guild Award. Mr. Shaikh has written over 67 books, mostly travelogues. Recently he is awarded ‘Shah Abdul Latif Bhittai’ award year 2008, for his recent book ‘From New Hala to New York’, by Pakistan Academy of Letters, Islamabad.

1. شيشي جو ٻوچ
2. اُستاد ڦڏو ۽ اُستاد چٻو
3. ڀاڳ واري ڪٽلي
4. واڱڻائي گدڙ
5. گنو ۽ ڪويو جو کوهه کوٽڻ
6. گنو، ڪويو ۽ چانديءَ جو خنجر
7. وتايو فقير، نصيرالدين هوجا ۽ سي- ڪبايا
8. ڪبايان ۽ چونئرا
9. حاجي سڳوري لاءِ دعوت
10. گهوڙي تي گهٽ بار
11. هرڻ جو شڪار
12. ڏاهو کيکڙو
13. ظالم جو موت
14. سانگ ڪنچل جون گهمتاريون
15. مينهن ۽ ڍڳيءَ جي ڳالهه
16. کيکڙو ۽ ڍڳي
17. شينهن ۽ چٽڪمري هرڻي
18. ٿلهي پڇ وارو لومڙ
19. ڪانگ ۽ جهرڪيءَ جو مقابلو
20. ڏيڏر ۽ ڪوئو
21. پوڙهي ڪڇونءَ جي سياڻپ
22. کيکڙو ۽ شهزادو
23. هاري ۽ نانگ
24. جادوئي ڌاڳا
25. ٽي جادوءَ جون سوغاتون
26. ڪڪڙ جي صلاح
27. چيتي کي ڊگهو پڇ ڇو آهي
28. ڏاهي جهرڪي
29. نيڪدل ديو
30. چنڊ جي ڌيءَ
31. آئون مرڻ چاهيان ٿو
32. گڏهه جي ڪنن وارو شهزادو
33. شينهن ۽ ٻڪري
34. سهو ۽ لومڙي
35. ٻارهن مهينا
36. ماڪ جي ڦڙن جو تاج
37. پکين جو بادشاهه
38. ڪوئو، کيکڙو ۽ ڀونئر
39. هيرن جو صوف
40. شهزادي سورج مکي
41. گاهه جي گڏي
42. ٽي ڪوڙا ۽ سڪو
43. مغرور بادشاهه
44. جادوءَ جي ديڳڙي
45. واڳون ۽ عورت
46. ڏنڀرو مڇي سمنڊ ۾ ڪيئن آئي


انتساب
اسان جي ٽيچر ۽ الائيڊ بئنڪ جي اڳوڻي صدر
سائين محمد خان ميمڻ نالي

هالا ۾ چار سال پرائمري اسڪول ۾ پڙهيس. ان بعد پهرئين انگريزيءَ کان ٽئين درجي (يعني ستين ڪلاس) تائين مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ پڙهيس. هالا ۾ جن استادن مون کي پڙهايو، سائين محمد خان ميمڻ پڻ انهن مان هڪ آهي. بلڪ سائين محمد خان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو وڃڻ کان اڳ وارو هڪ سال منهنجو استاد ٿي رهيو. اسان سڀني ڪلاس ميٽن وٽ، تڏهن ۽ ان بعد به جناب محمد خان دلپسند شخصيت هو. ڇو هو؟ شايد ان وقت ان جو جواب ڏيڻ ڏکيو ڪم هجي ها، پر اڄ جڏهن مون کي پاڻ به پڙهائيندي ويهارو سال اچي ٿيا آهن، ان جو جواب ڏيڻ يا تجويز ڪرڻ آسان پيو لڳي. بلڪ سندن لاءِ اڃا به وڌيڪ عزت ۽ قدر ٿئي ٿو. پاڻ هڪ ته روايتي سنڌي ماستر وارو خوف پيدا نه ڪيائون. شاگردن تي علم ٿاڦڻ بدران، سوال جواب ڪرڻ جي همت افزائي ڪيائون. صاف ظاهر آهي ته کين پاڻ به ان سبجيڪٽ جو گهرو علم هو تڏهن ته هو شاگردن جي سوالن جا جواب ڏيئي سگهيو ٿي. نه ته انهن ڏينهن ۾ پُڇ پُڇ ڪندڙ شاگردن کي ماستر طرفان هميشه دڙڪو ملندو هو؛ ”ڇورا ماٺ ڪري ويهه، جيڪي آئون چوان پيو اهو لکندو وڃ. تون پاڻ کي وڏو اڪابر نه سمجهه“.
سائين محمد خان شڪل شبيهه ۾ ته ماشاءَ الله سهڻو هوئي، پر صفائي سان به لڳاءُ هوندو هوس. ڪپڙو لٽو کڻي سادو هوندو هوس پر هميشه صاف سٿرو فضيلت سان پهريل هوندو هيس. اسان کي به هر وقت نصيحت ڪندو هو ته؛ روزانو وهجندا ڪريو. مون کي ياد آهي ته هڪ ڪلاسي چيو: ”سائين صابڻ مهنگو آهي.“
پاڻ طنزيه مرڪ چپن تي آڻي چيائين؛ ”اڙي فلاڻا اٿي بيهه! روز رسيس ۾ گهڻو ٿو خرچين؟“
”سائين ٻه آنا.“ اسان جي ڪلاسيءَ جواب ڏنو.
”۽ شام جو؟“
”ٻه آنا.“
” چار آنا روز اجاين سجاين شين تي خرچ ڪرين ٿو. صابڻ جي قيمت چار آنا آهي. هڪ ڏينهن ڪِن سن کائڻ کان روزو رک ۽ پنهنجي جسم کي جراثيمن کان پاڪ رکڻ لاءِ صابڻ وٺ. ٻه هفتا ته ضرور هلي ويندو.“
1957ع ۾ جڏهن سائين محمد خان اسان کي پڙهائيندو هو، تڏهن صابڻ جي قيمت چار آنا هئي ۽ پاڻي اڻ ميو ۽ اڻ ملهه هو.
اڄ آءٌ به هڪ قسم جو ماستر آهيان. شاگردن (جهازن جي انجنيئرن) کي پڙهايان ٿو ۽ ماستر ٿيڻ لاءِ مون کي مختلف هنڌن تان Trainingوٺڻي پڻ پئي. ڪيترائي ڪورس Attend ڪري سکيس ته ڪيئن پڙهائجي. مثال طور:
استاد ۽ شاگرد جو Eye to Eye Contact هجڻ گهرجي. هڪ هنڌ ڪرسيءَ تي ويهي ليڪچر ڏيڻ بدران ڪلاس روم ۾ چرپر ڪجي. شاگردن کي خبردار رکڻ ۽ ڌيان ڇڪائڻ لاءِ رکي رکي دلچسپ سوال ڪجن. اهي سڀ ڳالهيون ۽ نقطا، سائين محمد خان کي بنا سکڻ جي آيا ٿي. هن کي پڙهائڻ جي قدرت طرفان ڏات مليل هئي.
پڙهائڻ کان علاوه راندين ۾ به هوشيار هو. خاص ڪري والي بال ۽ ڪرڪيٽ ۾. پڙهڻ سان گڏ اسان کي رانديون کيڏڻ جي به نصيحت ڪندو هو. تن ڏينهن ۾ پڙهڻ ۽ راند کيڏڻ ٻه مختلف شيون سمجهيون وينديون هيون. سٺي شاگرد جي اهائي وصف سمجهي ويندي هئي ته هو رڳو پڙهي، پر سائين محمد خان اها پراڻي روايت Taboo ختم ڪرڻ چاهي ٿي. هو شام جو اسڪول جي ميدان تي اچي ڏسندو هو ته اسين سڀ حاضر آهيون ۽ رانديون کيڏون پيا يا نه. اسان کي ڪرڪيٽ ۽ والي بال راند کيڏڻ، سائين محمد خان سيکاري. راندين کان علاوه اسڪول ۾ اسڪائوٽنگ ۾ بهرو وٺڻ لاءِ پڻ سائين محمد خان ڪوششون ورتيون. تن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سندس ڳالهين تي حيرت کاڌي ويندي هئي، پر اڄ آئون محسوس ڪريان ٿو ته هن جو انگريزي پهاڪي All Work and No play, makes jack a Dull boy ۾ پورو پورو وشواس هو.
انهن ڏينهن ۾ لاهور جي ڪن ڪتاب گهرن جي مون کي خبر پئي هئي، جن تان ڪهاڻين جا ڪتاب وي. پي. پيءَ ذريعي گهرائي پڙهندو هوس. ڪلاس ۾ به کڻي ايندو هوس ۽ ٻين ڪلاسين کي به ڏيندو هوس. هڪ ڏينهن سائين محمد خان ڏسي ورتو. اسان سمجهو دڙڪا ڏيندو پر ان بدران هن تمام گهڻي همت افزائي ڪئي ته اسڪول جا ڪتاب ته پڙهڻ کپن ئي کپن، پر انهن کان علاوه آکاڻين جا ۽ معلومات جا ڪتاب به پڙهڻ کپن. اخبار به پڙهڻ کپي ۽ شام جي وقت رانديون پڻ کيڏڻ کپن.
”سائين ليوڊو راند کيڏون؟“ ڪنهن ڪلاسيءَ هڪ دفعي سوال ڪيو.
”ڀلي کيڏو پر اها راند فقط وقت کي Kill ڪرڻ لاءِ آهي. توهان ننڍي عمر جا آهيو. توهان کي گهڻيون آئوٽ ڊور رانديون کيڏڻ کپن. انڊور راندين ۾ Scrabble، شطرنج يا ڊرافٽ جهڙيون کيڏڻ کپن، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ذهن جي سٺي ورزش ٿئي ٿي.
اسان جي استاد محمد خان جي پڙهائي ۽ سٺيون ڳالهيون ۽ اعلى شخصيت اسان کي هميشه ياد رهي آهي. ان وقت ته اهو به هوش نه هو پر هاڻ ويجهڙائي ۾ ملاقات ٿيڻ تي کانئن خبرون چارون ڪندي معلوم ٿيو ته جن ڏينهن ۾ هو اسان کي پڙهائيندا هئا- يعني پاڻ هالا جي اسڪول ۾ ٽيچر هئا، ته سندن عمر فقط ويهه سال هئي. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته منجهن ڪيتريون ئي قابليتون خدا طرفان کين مليل ڏات هئي، نه ته اڄڪلهه جا ڪيترا استاد ايم اي، ايم ايڊ ڪرڻ بعد پڙهائڻ جا ڪيترا ڪورس ڪن ٿا، ته به هو اهڙا اُتم ۽ Devoted ٽيچر ثابت نٿا ٿين.
هالا جو اسڪول ڇڏڻ بعد منهنجي سائين محمد خان سان وري ملاقات نه ٿي. جيتوڻيڪ پاڻ اسان جي ئي ڳوٺ هالا جا هئا، جتي آئون به ايندو رهندو هوس. گهڻن سالن بعد- تقريبا پنجٽيهن سالن بعد منهنجي سائينءَ سان اوچتي ملاقات ٿي، ڪراچيءَ جي ڊفينس سوسائٽيءَ جي مسجد ۾. ساڻن گڏ سندن وڏو پٽ عبدالقادربه هو. سندس پٽ کي چيم ته توهان جو والد صاحب، جڏهن توهان جيڏو هو ته اسان کي پڙهايو هئائين ۽ شڪل شبيهه بلڪل تو جهڙي هيس. ان ئي ڏينهن سندن گهر دعوت هئي، جنهن ۾ آيل مهمانن سان جڏهن اها ڳالهه ڪيم ته سائينءَ اسان کي پڙهايو آهي، بلڪ اسان جو فيورٽ ٽيچر ٿي رهيو آهي ته سڀني کي تعجب لڳو جو سائينءَ کي سڀ بئنڪ جي حوالي سان سڃاڻن ٿا ۽ مون کي به ان وقت خبر پئي ته محمد خان صاحب تمام ٿورو عرصو يعني ٻه اڍائي سال کن مس پڙهايو ۽ منهنجي هالا ڇڏڻ بعد پاڻ به سگهوئي هالا ڇڏي ويا.
”پوءِ ڀلا توهان ٽيچنگ ۾ ڇو آيائو؟“ مون کانئن سوال ڪيو.
”غربت ڪري. آئون غريب هوس پر مون محنت ڪري اڳتي وڌڻ چاهيو ٿي. وڌيڪ پڙهڻ لاءِ پئسن جي ضرورت هئي، ان ڪري مون مئٽرڪ ڪري، ٽيچر ٿي، نوڪري ڪئي. ساڳئي وقت هالا جي سروري ڪاليج مان انٽر ۽ بي اي ڪيم.“ پاڻ ٻڌايائون.
مزي جي ڳالهه اها ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ ڪجهه پاڪستاني مون کي ABL بئنڪ جي حوالي سان جڏهن ٻڌائيندا هئا ته ان جو سينيئر Executive ۽ ان بعد پريزيڊنٽ محمد خان صاحب هالا جو آهي ته مون کي اهو خواب خيال ۾ به نه ايندو هو ته پاڻ ٽيچنگ ڇڏي ويا آهن. سو هينئر پڇيومان ته هو بئنڪنگ ۾ڪيئن ويا.
”اسڪول ڇڏڻ بعد آئون سڌو بئنڪنگ ۾ نه آيس. 1959ع ۾ مون وليج ايڊ ۽ بئسڪ ڊيموڪريسي کاتو Join ڪيو ۽ بدين، ڊگري، هالا، ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد ۾ 1966ع تائين نوڪري ڪندو رهيس. پوءِ آئون حبيب بئنڪ ۾ ڊيولپمينٽ آفيسر ٿي آيس ۽ لوئر سنڌ جو انچارج هوس.“
”توهان کي بئنڪنگ لاءِ ڪنهن اتهاس ڏياريو؟“ مون پڇيو مانس.
”ان جو ڪريڊٽ عباسي صاحب کي آهي جنهن منهنجي همت افزائي ڪئي، عبدالغفار عباسي صاحب، جيڪو هن وقت حبيب آمريڪن بئنڪ نيويارڪ آفيس جو صدر آهي.“
اسان جو سائين محمد خان صاحب بئنڪ جي نوڪري ۾ 1969ع ۾ ٽنڊوالهيار واري حبيب بئنڪ جو مئنيجر ٿيو. ان بعد آسٽريليشيا بئنڪ حيدرآباد زون جو زونل هيڊ ٿيو. بعد ۾ اها بئنڪ قومي ملڪيت ۾ ورتي وئي ۽ الائيڊ بئنڪ ٿي وئي، جنهن ۾مختلف پوسٽن تي رهندي ۽ مختلف شهرن مان ٿيندا 1980ع ۾ اسلام آباد ۾ سرڪل ايگزيڪيوٽو ٿي رهيا. اسلام آباد ۾ پاڻ ڪافي عرصو رهيا. جنوري 1985ع ڌاري چيف آف پرسنل ڊويزن ايگزيڪيوٽو ٿيا ۽ پوءِ 1986ع ۾ ميمبر بورڊ ۽ پروونشل چيف NWPF ۽ آزاد ڪشمير ٿي رهيا. سندن هيڊ ڪواٽر پشاور رهيو. 1988ع ۾ ڪراچي بدلي ٿيا ۽ سنڌ جا پروونشل چيف ٿي رهيا. 1989ع ۾ الائيڊ بئنڪ جا صدر ٿيا.
سيپٽمبر 1990ع ۾ سائين محمد خان صاحب جن پاڪستان بورڊ ائنڊ فائننشل سروسز ڪميشن جا ميمبر مقرر ڪيا ويا ۽ 1993ع ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر انڊسٽريل ڊولپمينٽ بئنڪ آف پاڪستان ٿي رهيا.
پاڻ 19 فيبروري 1934ع ۾ هالا ۾ ڄاوا ۽ سٺ سالن بعد 1994ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيا. پاڻ هن وقتIDBP جا ايڪس آفيشو ڊائريڪٽر آهن.
هالا تواريخ جي حساب سان ڪو گهڻو پراڻو شهر ناهي- خاص ڪري هالا نوان، جتي جا گهڻي ڀاڱي رهاڪو سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر جي علائقن کان هتي اچي رهيا. اسان جي سائين محمد خان صاحب جن جو والد صاحب ۽ ان جا ٻيا مائٽ درياه جي ٻي ڀر تي گهوٽاڻا ڳوٺ کان لڏي آيا ۽ اچي هالا جا وڻ وسايائون. سندن مائٽن جا چار پنج گهر، اسڪول ڏي ويندڙ گهٽيءَ ۾ هئا. جتي سندن وڏي ڀاءُ الهه رکئي جو سيڌي جو دڪان هوندو هو. سائينءَ جو وڏو ڀاءُ آگي ڏنو PCS آفيسر هو. سندن هڪ ڀيڻ سنڌ جي مشهور ڊاڪٽر محمد ابراهيم جي گهر ۾ آهي، جيڪو سندن مائٽيءَ ۾ ڪزن ئي آهي ۽ ٻي ڀيڻ ڊاڪٽر صاحب جي ڀاءُ محمد جمن جي گهر ۾ آهي، جنهن کي ڇهه پٽ بشير، مشتاق، اسرار، اشفاق، اشتياق ۽ آفتاب آهن ۽ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ بعد مختلف نوڪرين ۾ آهن. ڊاڪٽر ابراهيم جو ننڍو ڀاءُ نور محمد ميمڻ پڻ هالا جي هڪ اهم شخصيت آهي، جو هو ننڍپڻ کان سٺو شاگرد ٿي رهيو آهي ۽ جتي هالا جي ٻين شاگردن سول انجنيئرنگ يا ڊاڪٽري ڏي رُخ رکيو، اتي هن ٽائون پلاننگ جهڙي سبجيڪٽ ۾ U.SA مان پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. اڄڪلهه پاڻ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پڙهائين پيا سندس پٽ عتيق ويجهڙائي ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ M.Sc ڪرڻ بعد هاڻ سعودي عرب ۾ نوڪري ڪري پيو.)
سائين محمد خان صاحب جن جي شادي 1966ع ۾ ٿي. کين پنج ٻار آهن، بلڪ نانو ۽ ڏاڏو به ٿي چڪو آهي. سندن وڏي ڌيءَ فرازا جي شادي اسلام آباد جي نوجوان وڪيل طارق محمود جهانگيري سان 1990ع ۾ ٿي ۽ کين ٻه ٻار: فرزين ۽ ماهره آهن. سائينءَ جو ٻيو نمبر پٽ، ڪسٽمس ۾آهي ۽ سندن زال فريده پڻ سي ايس پي آفيسر آهي ۽ اڄڪلهه ڪراچي ويسٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي. ٻيو نمبر پٽ عبدالناصر پي آءِ اي ۾ آهي، سندن گذريل سال اسمه سان شادي ٿي ۽ شاهزيب نالي پٽ ڄائو اٿس. سندن ننڍا ٻه ٻار محمد ياسر ۽ امبرينا گريجوئيشن ڪري چڪا آهن.
هالا ۽ ٽنڊوالهيار کان اسلام آباد ۽ پشاور تائين نوڪريون ڪرڻ وارو اسان جو سائين پاڻ کي هر شهر ۽ ماحول ۾ ڪمفرٽبل محسوس ڪري ٿو. پر رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو في الحال ڪراچيءَ ۾ ڊفينس فيس فور ۾ رهي ٿو. پاڻ ننڍي هوندي کان سوشل رهيو آهي ۽ هينئر به سندن واندڪائيءَ جون گهڙيون دوستن يارن سان ملڻ، ايڪانامڪ ۽ فائنانس جا ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ ۾ گذرن ٿيون. پاڻ بئنڪنگ ۽ ڪامرس جا ڄاڻو مڃيا وڃن ٿا ۽ انهن سبجيڪٽن جو ڳوڙهو مطالعو ۽ ناليج اٿن. اسان وٽ ماڻهوءَ ۽ ان جي قابليت جو قدر نه آهي نه ته سائين محمد خان جهڙا ماڻهو اسان جهڙن ملڪن جي ڏتڙيل ۽ پٺتي پوندڙ ايڪاناميءَ ۾ انقلاب آڻي سگهن ٿا. بهرحال مون جهڙن انيڪ ڪلاسين کي خوشي آهي ته سائين محمد خان سان اسان جو ويجهو تعلق رهيو، گهڻو نه کڻي پر تڏهن به سال سوا وڏي ڳالهه آهي ۽ اسان کي فخر آهي ته پاڻ استاد جي حيثيت ۾ اسان کي تعليم سان گڏ تربيت پڻ ڏنائون ۽ اسان جي زندگي سنوارڻ ۾ سندن پڻ حصو آهي.
الطاف شيخ
10- جولاءِ 1998ع

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s