Late Professor Nazeer Ahmed Soomro مرحوم پروفيسر نذير احمد سومرو


Late Professor Nazeer Ahmed Soomro مرحوم پروفيسر نذير احمد سومرو

This article is authored by Ashiq Hussain Mangi, presently working as High School Teacher at Govt Boys High School village Mahotta, Taluka and District Larkana. He belongs to Naudero and was a close friend to late Professor Nazeer Ahmed Soomro. The birth place of late Professor is village Pir jo Goth, situated in front Naudero Sugar Mill. Hence both, Ashiq Mangi and Professor Nazir are co-villagers.

حـــــال امـــــــداد جـــــــو پـــــڇــــو ڇــــا ٿا؟
اڄ مـــڙئي ســـور ڪجهه ســوايو آ

لاڙڪاڻي کان ايندڙ نئون ديري واري بس تي ڪيهرن کان، گهر ڏانهن موٽي رهيو هوس. ويٺل ماڻهن تي نظر ڦيرايم. پروفيسر صاحب جي فيمليءَ جو هڪ فرد به ويٺل هيو. کانئس سندس صحت بابت پڇا ڪيم.
”طبيعت بهتر ڪو نه اٿس، اڳي کان تڪليف وڌي وئي اٿس.“ هن جواب ڏنو. ٻئي خاموش ٿي وياسين. هو پيرڳوٺ اسٽاپ تي لهي ويو ۽ مان سوچيندو گهر پهتس.
شام جو اڪيلو، قدرت الله سان ملڻ لاءِ نڪتس. رستي تي مولوي عبدالرحيم صاحب مليو. ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻڌايائين؛ ”سومري صاحب جي خبر پئي آهي، اوڏانهن پيو وڃان.“ ٻئي گڏجي قدرت الله سان ملياسين. پروفيسر صاحب جي در تي ٿورو انتظار ڪري، پردي ٿيڻ کان پوءِ گهر جي هڪ ڪمري ۾ پهتاسين. بيڊ تي ڪمبل پايون، پروفيسر صاحب سمهيو پيو هو. پٽس، ٻانهن ۽ هٿن کي هلڪا زور ڏئي رهيو هئس. اسان صوفي تي ويهي رهياسين. هن اسان جي وجود جو ڪو نوٽيس ئي نه ورتو. سندس حالت ”جعفر“ ڌامراهن واري شاعر جي هيٺين شعر جهڙي هئي:
”ڪجهه وقت لڙي، ڪا خبر ته لهو،
هــــــيءَ جـــــان جــــنــــجـــــل ۾ ٿي وئي آ،
بـــس هـــــڏن جـــو پڃــرو ڏسندين اچي،
ســـڄــــو خــــون ئــــي ڳڻتي پي وئي آ.
قدرت الله، پروفيسر صاحب جي ويجهو ٿيندي، اسان جا نالا وٺي کانئس پڇيو: ”انهن کي سڃاڻو ٿا؟“ ڪنڌ سان بلڪل هلڪي هائو ڪيائين ۽ وري لاتعلق ٿي ويو. مطلب ته غشيءَ جي حالت ۾ لڳو. قدرت الله ٻڌايو: ”ڪالهه کان اها حالت اٿس! ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه بهتر به ٿي وڃي ٿو ۽ ڪجهه لفظ به ڳالهائي ٿو.“
مولوي صاحب آيت الڪرسي پڙهائي، پاڻيءَ تي دم ڪرائي، پروفيسر صاحب کي ٻه چمچا پاڻيءَ جا پياري. چانهن پي، موڪلائي واپس آياسين. اها پهرين ڊسمبر جي تاريخ هئي. جيڪو دوست گڏيو، اُن کي سومري صاحب جي لاءِ دعا ڪرڻ لاءِ چيم.
اسان جي ملڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، رٽائرمينٽ جي درخواست تي صحيح ڪري، ڪاليج پهچائي چڪو هيو. علاج لاءِ وري مائٽ ڪراچيءَ کڻائي ويس ۽ واپس موٽائي آيس.
اٺين ڊسمبر 2005ع تي هن جي وفات جو اطلاع مليو. اوڙي پاڙي وارا، دوست احباب ۽ شهري گڏ ٿياسين. مرحوم جون ڳالهيون، جنازي نماز ۽ ڪفن دفن کانپوءِ دعا گهري، موڪلائي، هر ڪو پنهنجي ماڳ موٽي ويو.
دنيا هل چل جو جهان آهي. هر ڪو هلندو. پر جنهن جهڳيءَ مان ڪو اڪيلو ڪمائيندڙ لاڏاڻو ڪري ٿو وڃي ته ان گهر ۾ قيامت کان اڳ قيامت اچي وڃي ٿي. وڃڻ وارو ته هليو وڃي ٿو پر جيئڻ وارا ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ٿا ڏسن. هر ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو. ڪير ڪنهن جي سار لهي؟! بس اُٺ پکيءَ واري اسان جي زندگي آهي.
مرحوم جو گهر به مالي مشڪلاتن ۾ هوندو. جيستائين وڃي هن جي رٽائرمينٽ جا ڪاغذ مرحلن مان گذرن.
69-1968ع ڌاري صبح جو سوير ڪراچي ايڪسپريس ذريعي لاڙڪاڻي ڪاليج پڙهڻ ويندا هياسين ۽ شام جو روهڙي پئسنجر تي موٽبو هيو. سڄو ڏينهن غرق ٿي ويندو هو. ڪو روڊ ۽ بس نه هوندي هئي. سانوڻ جي موسم، تڪليف ۾ گذرندي هئي. جناح باغ ۽ اسٽيشن، اسان شاگردن جو ٺڪاڻو هوندو هو. غربت جو زمانو هيو. پئسا ڪو نه هوندا هئا پر مرڪ، ٽهڪ ۽ محبت اسان سڀني جو خزانو هيو. تنهنڪري فڪر ڪو نه هوندو هيو. سڀ خوش هوندا هياسين.
محمد شريف ملڪ، قاضي راهب علي، قمرالدين قادري ۽ ٻيا پير ڳوٺ جا شاگرد 71-1970ع ۾ اچي مليا. محمد شريف ۽ قادريءَ جي عزت ۽ خلوص جي ڪري هنن سان منهنجي ويجهڙائي وڌندي رهي. پروفيسر صاحب جا تمام ويجها ۽ گهاٽا يار هئا. هو اسان سان گڏ نه هوندو هو، ڇو جو سينيئر هو. موڪل وارن ڏينهن ۾ نئون ديري، انهن سان گڏ هوندو هو ۽ اتي ئي پروفيسر صاحب سان پهرين واقفيت ٿي. تعارف ۽ ٻه ٽي دفعا ملڻ کانپوءِ، مون محسوس ڪيو ته، سومرو صاحب مون مان خفا آهي. مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. آخر تنگ ٿي شريف ۽ قادريءَ سان اهڙي ڳالهه ڪيم ۽ هنن سان نئون ديري ۾ ويهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ کان لنوائڻ لڳس. هنن گهڻو سمجهايو پر مون ۾ ڪا تبديلي نه آئي. باقي لاڙڪاڻي گڏ هوندا هياسين. يار جو ياريءَ سان ڪم….
ان دور جا دوست، ڪي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ليڪچرار ٿيا پر اسان فيليوئر جي گهڻائي ”ماستر“ ٿي وياسين. جيئڻ جي ضرورتن ۽ نوڪرين سڀني کي ڪک پن ڪري ڇڏيو.
بعد ۾ ڀٽي صاحب جو دور آيو، اسان ماسترن مان ڪافي آفيسر ٿي ويا. نوڪرين جا اصل واهڙ وهڻ لڳا.
محمد شريف ميرٽ تي انگلش جو ليڪچرار ٿي ويو. قمرالدين قادري فيملي پلاننگ ۾ آفيسر ٿي ويو. ڪي ڪسٽم، ڪي فوڊ، ڪي پوليس، ڪو بئنڪ، ڪو ڪٿي ته ڪو ڪٿي. اسان نئون ديري وارن جي ڪنهن تي فلڪ ئي ڪو نه پوندي هئي. اسلام آباد اسان جو ٿي ويو هو. نوجوان راتو رات، نوڪرين جي ڪري اهميت وٺي ويا هئا ۽ پراڻا پڙهيل ۽ نئون ديري جا چوٿان پاوا، هنن سان هلڪو حسد رکڻ لڳا. جيڪا فطري ڳالهه هئي.
قمرالدين قادري ۽ پروفيسر نذير احمد کي، ڀٽو صاحب ذاتي طور سڃاڻندو هيو. ڇو ته اليڪشن کان اڳ ۾ هو ٻئي ڄڻا ڏينهن جو ووٽر لسٽن ۽ پولنگن جو پيپر ورڪ بنگلي تي ڪندا هئا. پروفيسر نذير احمد، ٽيچر مان ليڪچرار ٿي ويو. محمد شريف خوشحال گهر جو نوجوان، سهڻو، مهذب ۽ ذهين هيو. ان وقت ڪوٽ سبائي پائيندو هو. قمرالدين وري گاريل، تجربيڪار ۽ قلندر ماڻهو. ٻنهي جي مان ويجهو هيس. ڇو ته وفادار ۽ مخلص هيا. هڪ دفعي محمد شريف چيو؛ ”يار! سومري صاحب جو روپ اهڙو آهي پر دل ۾ ڪا نه اٿس. هن کي ڏسي ڀڄي نه ويندو ڪر. هو چڱو ماڻهو آهي. مون تي اعتبار ڪر.“ قمرالدين به ميار واري انداز ۾ چيو ته هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ته ملون ٿا سو اسان جي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو ڪر. اهڙي نموني آهستي آهستي، اسان هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ شروع ڪيو.
پروفيسر نذير احمد صاحب، 1949ع ۾ پير ڳوٺ نئون ديري ۾ ڄائو. سندس والد عبدالحميد صاحب علائقي جو بزرگ استاد هيو. نذير صاحب هتي ئي پڙهيو. 70-1969ع ۾ وارهه ۾ (جي ايس ٽي) جو نئون سيڪنڊري ٽيچر ٿيو. اتان بنگل ديري بدلي ٿي آيو. فيبروري 1975ع ۾ دادو ڪاليج ۾ ليڪچرار پوليٽيڪل سائنس جو مقرر ٿيو. استاد بخاري اڳ ۾ ئي اتي استاد هيو، نئون ديري جو عبدالڪريم منڱريو صاحب ۽ لاڙڪاڻي جو مرحوم دين محمد تنيو صاحب به اتي ليڪچرار مقرر ٿيا. اسدالله شيخ صاحب، جيڪو سومري صاحب سان گڏ پڙهيو, اهو به دادو ڪاليج ۾ اڪنامڪس جو ليڪچرار مقرر ٿيو هيو.
نئون ديرو ۾ پير ڳوٺائين کانپوءِ هن جو ويجهو دوست، نذير احمد پيرزادو مرحوم هيو. مان اڪثر ڏسندو هيس ته ٻئي گڏجي ڪنهن ڪنڊائتي هوٽل تي ويهي چانهن به پيئندا هئا ۽ رهاڻيون به ڪندا هئا. پيرزادو صاحب ۽ مان، هاءِ اسڪول ۾ گڏ نوڪري ڪندا هياسين. بعد ۾ پيرزادو صاحب لاڙڪاڻي لڏي ويو ۽ سروس دوران فوت ٿي ويو. کيس نئون ديري ۾ والدين جي ڀرسان دفنايو ويو.
ڊاڪٽر سليمان شيخ، سگا واري سان هلال پاڪستان اخبار ذريعي تعارف ٿيو. سومرو صاحب، مان ۽ غلام حسين ڪٽپر، گڏجي سگا جو بنياد وڌو. ان وقت نئون ديري ۾ پنجويهه گريجوئيٽس اسان کي نه مليا هئا، جنهن ڪري بئنڪن جي مينيجر وغيره کي ميمبر ڪري عهديدار ۽ ورڪنگ ڪاميٽي چونڊيسون.
قمر الدين قادريءَ سان ملڻ جلڻ گهٽجي ويو. محمد شريف ليڪچرار شپ ڇڏي، اسٽيل مل ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو ۽ هميشه لاءِ ڪراچيءَ شفٽ ٿي ويو. ڪجهه وقت ٺيڪيداري به ڪيائين، پر نقصان ٿيس. هاڻي به ڪراچيءَ ۾ آهي. خبر پئي آهي ته پروفيسر صاحب جي عذر خواهيءَ تي به نه پهچي سگهيو آهي. لساني هنگامن ۾ قمرالدين قادريءَ ۽ سومري صاحب، ساڻس ڏاڍو نڀايو هيو.
هو هميشه ڀٽي صاحب جو شيدائي رهيو ۽ سندس سحر ۾ وڪوڙيل رهيو. ضياءَ دور ۾، خاص ڪري اليڪشن جي ڊيوٽين دوران، مخالفن جي درخواستن تي تڪليفون به آيس پر مالڪ بچائي ورتس. جنهن جو پنهنجو جهان، ڌرتي، ميرا ماڻهو ۽ پنهنجا منطق، جيڪي اڄ ڏينهن تائين سنڌين جي اڪثريت قبول ڪري نه سگهي آهي.
وقت ۽ عمر، اعتماد ۽ تجربن جي لاڳاپن کي مضبوط ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي ضرورت محسوس ڪرڻ لڳاسون.
مان رول ماڻهو، ڪلاڪ ٻن کان وڌيڪ هڪ هنڌ ويهي نه سگهندو آهيان. ڊيوٽي به عذابن سان ادا ڪندو آهيان. بس چانهن پي شهر جي ويران ويڪرن رستن تي ٽولا ٺاهي گهمندا رهندا هئاسون. خاص ڪري سانوڻ جي چنڊ جي روشن راتين ۾ ته ڦلپوٽن تائين دادوءَ جي پل تائين هليا ويندا هئاسون. ڏاڍو مزو ايندو هو. رات جي خاموشيءَ ۾، دادو جي پل جي دروازن منجهان زور سان گذرندڙ پاڻيءَ جو آواز، دل ۾ وڻندڙ خوف پيدا ڪندو هو. پل کان هيٺ، چانڊوڪيءَ ۾ پاڻيءَ جي گج ۽ وهڪري مان پيدا ٿيندڙ ڪُن، عجيب نظارو پيش ڪندا هئا. دل چوندي هئي ته گهر واپس ئي نه وڃجي. رات جي سانت کي به پنهنجي تات ٿيندي آهي. رات جو روشنائي ۾ رلڻ ۽ ڀٽڪڻ ۾ مون کي اڄ به سرور ملندو آهي. اهڙي رومانس مان اڄ به جند ڇڏائي نه سگهيو آهيان.

Late Professor Nazeer Ahmed Soomro مرحوم پروفيسر نذير احمد سومرو

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s