Prefixes اڳياڙيون


Prefixes اڳياڙيون

This article is based on the meanings of Sindhi Prefixes ( اڳياڙيون) authored by late Abdur Rehman Channa and is edited, compiled and arranged by Engr. Abdul Wahab Sahito.

جولاءِ 2001ع ڌاري مرحوم سان، سندس پير ڳوٺ واري اوطاق/ ٽيپو لائبريريءَ ۾، زندگيءَ جي ٻي ۽ آخري ملاقات ٿي. پھرين ملاقات لاڙڪاڻي ۾، هڪ ڪلاڪ لاءِ ۽ ٻي ڇھن ڪلاڪن لاءِ، سندس اوطاق ۾. زندگيءَ ۾ ساڻس ستن ڪلاڪن جي ڏيٺ ويٺ هئي. اسي سالن جو ڪراڙو هيو پر علم ادب لاءِ ڄڻ جوان هيو. غربت سبب ڪتاب ڇپائي نه سگهيو. قلمي نسخن مان چار؛ پھاڪن/ چوڻين، اڳياڙين، اسلامي معلومات ۽ املاءَ جي مٽ سٽ سان بدلجندڙ لفظن وارا ڪتاب، رسيد ڏئي کانئس کنيا هيم.
پھاڪن/ چوڻين بابت، اڳواٽ ئي ڪينجهر جي قارئين کي آگاهي ڏئي چڪا آهيون. هتي اڳياڙين (Prefixes) بابت معلومات آڏو رکجي ٿي. اڳياڙيون ٻوليءَ/ لغت جو جز آهن. هر سڌريل ٻوليءَ ۾ ملن ٿيون. انھن کان سواءِ، ٻولي بي سوادي/ بي چسي، بور ڪندڙ ۽ ٿڪائيندڙ ٿئي ٿي.
ڪنھن به صفت، اسم يا ضمير جي اڳيان آيل لفظ، جيڪو ويجهي/ پري (مفاصلي)، نفي/ اثباب (وجود/ عدم)، بري/ ڀلي (صفت/ خاصيت)، تعداد (ڳاڻيٽي) ۽ مرتبي (شان/ درجي) وغيره کي ظاهر ڪري ته ان کي اڳياڙيprefix چئبو آهي.
سنڌيءَ ۾ هڪ اکر تي مشتمل به ڪيتريون ئي اڳياڙيون آهن.
اَ ؛ نفيءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جھڙوڪ؛ اهکو، الوڻو، اڪارت، اجايو، اڀاڳو، اڍنگو وغيره.
بِ ؛ ساڻ هئڻ جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، جھڙوڪ؛ بجنس، بخوشي، بدست، بذات وغيره.
ڏُ ؛ ابتي/ اگري معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، جھڙوڪ؛ ڏچر، ڏڪار، ڏرت، ڏهاڳ، ڏٻروغيره.
سُ ؛ سٺي/ ڀلي جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، جھڙوڪ؛ سُمت، سگهڙ، سلڇڻو، سڌريل، سپتيو وغيره.
ڪُ ؛ نفي/ برائيءَ واري معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، جھڙوڪ؛ ڪپتيو، ڪلڇڻو، ڪپوت، ڪُمھري وغيره.
مَ ؛ ناڪار واري معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، جھڙوڪ؛ مـَسھو، مَٺو، مڄاڻ، مڇڏ وغيره.
نِ ؛ نھڪر جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، جھڙوڪ؛ نٺر، نڀاڳو، ندورو، نماڻو، نڪمو، نکمڻو، نڊر وغيره.

پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ، هتي مرحوم عبدالرحمان چنا صاحب جي قلمي نسخي مان پورن لفظن تي مشتمل، چونڊ اڳياڙيون پيش ڪجن ٿيون.

اڳياڙيون Pre-fixes

1. آشفته (فارسي): پريشن، حيران، عاشق، چريو، ديوانو.
1.1 آشفته احوال: پريشان حال، خراب حال، بدحال، چريو، عاشق.
1.2 آشفته خاطر: آشفته حال، دلي طرح پريشان.
1.3 آشفته دماغ: دماغ ڦريل، مٿي ڦريل، سر ڦريو.
1.4 آشفته روز: بدحال، ڪمبخت.
1.5 آشفته سر: مٿي ڦريل، چريو، عاشق، پريشان.
1.6 آشفته سري: بدحالي، پريشاني، چريائي.
1.7 آشفته عقل: مَتِ کريل، مت کٿل.
1.8 آشفته ڪاڪل: زلف ڇڙيل، ڇتن ڇڙيل.
1.9 آشفته موُ: وارن ڇڙيل، ڇڙيل ڇتن وارو.

2. ابن (عربي): پُٽ، ولد، پسر، پتر، پٽر.
2.1 ابن آدم: آدم جو پٽ، آدم زاد، انسان ذات، ماڻھو، آدمي.
2.2 ابن السبيل: واٽھڙو، مسافر.
2.3 ابن العِنَبُ: انگور جو پٽ، شراب.
2.4 ابن الغرض: مطلب جو پٽ، خود غرض، خود مطلبي.
2.5 ابن الغيب: مجهول النسب، پوءِ ڍائو.
2.6 ابن الوقت: وقت جو پٽ، خود غرض، وقت موافق هلندڙ، وقتي دوست.

3. ارباب (عربي): رب جو جمع، ڏيھه ڌڻي، صاحب، مالڪ، وڏو ماڻھو، وڏيرو.
3.1 اربابِ بصيرت: اندرينءَ نظر وارو، باطن جا ڄاڻو، باريڪ بين، دورانديش، فھم فراست وارو.
3.2 اربابِ تمڪين: دٻدٻي جا مالڪ.
3.3 اربابِ تميز: امتياز جا صاحب، چڱو مٺو سمجهندڙ، دانشمند.
3.4 اربابِ تيمار: پينشن بردار.
3.5 اربابِ جاه: وڏي جاه/ مرتبي جا صاحب.
3.6 اربابِ خرد: ارباب دانش، دانائيءَ جو صاحب، ڏاهو، سياڻو.
3.7 اربابِ دولت: حڪومت جا صاحب، امير، حاڪم، والي، دولتمند، دولت وارا، شاهوڪار.
3.8 اربابِ ده: ديھ جو مالڪ.
3.9 اربابِ ديوان: ديوان جو صاحب، ڪورٽ جو صاحب، مشير.
3.10 اربابِ سخن: سخن جو صاحب، شاعر، فصاحت ۽ بلاغت جو مالڪ.
3.11 اربابِ سلوڪ: تصوف/ طريقت جو مالڪ.
3.12 ارباب سيف: ترار جو مالڪ، لشڪري عملدار.
3.13 اربابِ شرع: قانون جو صاحب، قانون دان، مقنن.
3.14 اربابِ صنعت: صنعت جو صاحب، ڪاريگر، هنرمند.
3.15 اربابِ عشرت: عيش و عشرت ۾ شريڪ ٿيندڙ، ناچ وغيره جي محفلن وارا.
3.16 اربابِ علم و يقين: علم ۽ يقين رکڻ وارو.
3.17 اربابِ فضل و ڪرم: فضليت، ڪماليت جو ڌڻي.
3.18 اربابِ قلم: اهل قلم، اديب.
3.19 اربابِ مال: مال ۽ خزاني جو ڌڻي.
3.20 اربابِ معاني: باطني رازن ۽ معنائن کي سمجهندڙ.
3.21 اربابِ مڪرمت: رحم يا ڪرم جو ڌڻي.
3.22 اربابِ نشاط: خوشيءَ جو ڌڻي، ڳائڻو ۽ ناچو.
3.23 اربابِ همت: وڏيءَ همت وارو.

4. اُم (عربي): ماءُ، پاڙ، ٿـڙ، مھڙ، منڍ.
4.1 اُم الامراض: مرضن جي جڙ، قبضي، زڪام.
4.2 اُم الجيش: لشڪر جي ماءُ، جهنڊو، عَلَم.
4.3 اُم الخبائث: خرابين جي ماءُ، شراب، نشه آور شيءِ.
4.4 اُم الخير: چڱائين جي پاڙ، چڱائين واري. بيبي رابعه بصري جو لقب.
4.5 اُم الصبيان: ٻارن جي ماءُ، ڊيڄڙو، ٻاراڻو.
4.6 اُم الطعام: طعامن جي ماءُ، ثريد (ٻوڙ جي رھي ۾ ماني ڀوري ڪُٽي ٺاھڻ).
4.7 اُم الفضائل: فضيلتن جي ماءُ، علم.
4.8 اُم القرى: مڪو، مڪي جو شھر، ڳوٺن جي ماءُ.
4.9 اُم الڪتاب: ڪتابن جي ماءُ، سورة فاتحه، قرآن شريف جو منڍ.
4.10 اُم المؤمنين: مؤمنن جي ماءُ، ازواج مطھرات(جمع)، نبيؐ جي گهر واري.
4.11 ام النجوم: تارن جي ماءُ، ڪھڪشان، کير ڌارا.

5. اڻ (سنڌي): نه، سواءِ، بغير، کان سواءِ، انڪار جي معنى ڏيکاريندڙ.
5.1 اڻ آريو: اڻ سڌريل، اُڌريل، اناڙي، جاهل.
5.2 اڻ بڻت: ناٺاهه، بي اتفاقي، رنج، تڪرار، ناساز، اختلاف، جهيڙو، دشمني، ڪلفت.
5.3 اڻ ڀومو: اڻ واقف، بي خبر، غير واقف.
5.4 اڻ ڀئي: بي ڊپو، بي خوف، نه ڊڄندڙ.
5.5 اڻ ڀئوڻو: اڻ وڻندڙ، چنڊو.
5.6 اڻ تارو: تري نه ڄاڻندڙ.
5.7 اڻ توريو: بنا تورڻ جي، نه تريل.
5.8 اڻ تيار: نامڪمل، ناقص، اڻ پورو، اڻ سنبريل، اوچتو.
5.9 اڻ ٿيڻو: نه ٿيڻ جھڙو، نه ٿي سگهڻ جھڙو.
5.10 اڻ ٽٽ: اٽوٽ، نه ٽٽڻ جھڙو، مضبوط، قائم پختو، پڪو، ڏاڍو.
5.11 اڻ ٽر: نه ٽرندڙ، اَٽل، ضرور، ٿيندڙ، يقيني.
5.12 اڻ ٺھيو: نه ٺھيل.
5.13 اڻ پاڻيو: بنا پاڻيءَ جي.
5.14 اڻ پُڇو: بنا پڇڻ جي، پڇڻ کانسواءِ، لاشڪ، پُڇ کان سواءِ، لنڊو.
5.15 اڻ پڙهيو: جاهل، بي علم، ڄٽ، ڳنوار.
5.16 اڻ پور: نا برابر، هڪجھڙو نه.
5.17 اڻ پورو: نا مڪمل، ناقص، اڌورو.
5.18 اڻ ڄاتل: اَڄاتل، اڻ سڃاتل، اڻ واقف، نا معلوم، غير واقف.
5.19 اڻ ڄاڻ: اَڄاڻ، نه ڄاڻندڙ، نا واقف، نادان، جاهل، اجنبي، ڌاريو، بي علم.
5.20 اڻ چوندو: بنا چوڻ جي.
5.21 اڻ ڇُٽُ: نه ڇٽندڙ، ڳنڍيل، نه کلڻ جھڙو، نه ڇُڙڻ جھڙو.
5.22 اڻ ڇڏ: مڇڏ، (ڳالهه جو) پڪو، ثابت قدم، محڪم.
5.23 اڻ ڏٺو: بنا ڏسڻ جي، ڏسڻ کان سواءِ، ناواقف، نه ڏٺل، غائبانا.
5.24 اڻ روائيندو: ناروا، نامناسب، غير شرعي، بي قاعدي.
5.25 اڻ سڌو: ور وارو، ڏنگو، ڦـڏو، ور وڪڙ، ٽيڏو.
5.26 اڻ سڌير: بي خبر، بي هوش، سُڌ کان سواءِ، ناچاق، بي مزي.
5.27 اڻ سڏيو: ڪوٺ، ڪانڍ، سڏ کان سواءِ، بي دعوتيو، ريءَ سڏيو، بي تڪلف.
5.28 اڻ سرت: بيخبر، بيھوش، غافل.
5.29 اڻ سرندي: بي پھچائي، لاچاري، مجبوري، بي وسي.
5.30 اڻ سوريتي: بي غم، خوش.
5.31 اڻ سونھون: اڻ واقف، ڀليل، بي خبر، اڀوميو.
5.32 اڻ سـَھو: نه سھڻ جھڙو، نه سھو، نه سھندڙ، حاسد، ٿورَ-دليو.
5.33 اڻ سھائيندو: نه جڳائيندو، اڻ وڻندڙ، نامناسب.
5.34 اڻ سينڌو: نا آشنا، اجنبي، اوپرو، غير واقف، اڻ سڃاتو.
5.35 اڻ ڪَٿُ: بي شمار، بي انداز، ڳاڻاٽي کان ٻاهر.
5.36 اڻ ڪوٺيو: بنا سڏ يا ڪوٺ جي آيل، اڻ سڏيو، بي دعوتيو.
5.37 اڻ کُٽ: اَکٽ، نه کٽندڙ، اڪيچار، بي شمار، بي انداز.
5.38 اڻ ڳاڃُ: نه سانڍيندڙ، بي خيالو، لاغرض.
5.39 اڻ ڳاڻو: ڳڻڳوت نه ڪندڙ، ناعاقبت انديش، لاغرض، بي خيالو.
5.40 اڻ گهڙيو: جو گهڙيل/ ٺھيل نه هجي، بي ڊولو، نا آزمودگار، بي تجربيڪار، اڻ سڌريل.
5.41 اڻ لڀ: نه لڀندڙ، عدم، عنقا، ناپيد، ناياب، بي بھا، نه ملڻ جھڙو.
5.42 اڻ لکو: جيڪو لَکائي نه، خيس، ٿورڙو ذرڙو، بي اثر.
5.43 اڻ لکيو: نه لکيل، لکجڻ کان سواءِ.
5.44 اڻ مِٽ: نه مِٽجڻ جھڙو، پڪو، پختو، مضبوط.
5.45 اڻ موٽ: نه موٽندڙ، اڻ ٽر، بھادر، پھلوان، ضدي، سورمو، وِيرُ، سرموڙ.
5.46 اڻ موڪلايو: بنا موڪل جي، ريءَ موڪل، بنا اجازت.
5.47 اڻ ميل: ميل يا ڀيچ نه کائيندڙ، ٺھڪي نه ايندڙ.
5.48 اڻ ميو: بنا ماپَ تور جي، بي انداز، بي شمار، ارزان، ججهو، بي حساب، تمام گهڻو.
5.49 اڻ واريل: اڻ لٿل، چُڪتو نه ٿيل، نه ڊاٺل.
5.50 اڻ واقف: اڻ سونھون، اڻڄاڻ، ڌاريو، ناواقف.
5.51 اڻ وُٺو: نه وسيل، برسات نه وسڻ سبب آباد نه ٿيل ڀاڱو.
5.52 اڻ ورٿو: ڌڻيءَ جي موڪل کان سواءِ، ريءَ اجازت، اجايو، بي فائدي .
5.53 اڻ ورچ: اَوِرچ، اڻ ٿڪ، ڪڪ نه ٿيندڙ، نه ٿڪجندڙ.
5.54 اڻ وسھو: بي ويساهه، اعتبار نه ڪندڙ، شڪي، ڀرمي.
5.55 اڻ وڻت: اڻ بڻت، ناسازي، نا اتفاقي، ڪلفت، ڪينو، بغض، ٻيائي.
5.56 اڻ وڻندڙ: نه وڻندڙ، نا پسند، خراب، ڪنو.
5.57 اڻ وهنتل: جو نه وهنتو هجي، بنا وهنجڻ جي، بنا غسل ڪرڻ جي.
5.58 اڻ ويڙهيل: اڻ ڍڪيل، کليل.
5.59 اڻ ويڪو: جو وڪري/ وڪڻڻ لاءِ نه هجي، نه وڪيل.
5.60 اڻ هوند: نه هئڻ جي حالت، ڀينگ، کٽلائي، مسڪيني، غربت، مفلسي، عدم.
5.61 اڻ هيريو: جنھن کي هير يا عادت نه هجي، اڻ هيريل، جيڪو هريل مريل نه هجي.

6. اهل: ماڻھو، شخص، ڄڻو، گهر جو ڀاتي، پـَھرَ، مالڪ، صاحب، عيال، ڪٽنب، لائق، موزون.
6.1 اهل ادراڪ: ادراڪ جو صاحب، سمجهو، سياڻو.
6.2 اهل اختيار: اختيار وارو، اختيار جو مالڪ، با اختيار.
6.3 اهل ارض: زمين جو رهواسي.
6.4 اهل اسلام: اسلام وارو، مسلمان.
6.5 اهل الله: خدا وارو، الله وارو، عابد، ديندار، زاهد، بزرگ.
6.6 اهل ايمان: ايمان وارو، مؤمن.
6.7 اهل باطن: باطن جو صاحب، اسرار ڄاڻندڙ.
6.8 اهل بھشت: بھشت جو رهواسي.
6.9 اهل بيت: گهر جو ڀاتي، سادات، پاڻ سڳورن جي گهر/ خاندان جو فرد .
6.10 اهل تصوف: صوفي طريقي جا پيروڪار، صوفي.
6.11 اهل خانه: گهر وارو، گهر ڌڻي.
6.12 اهل خرد: ڏاهو، دانشور، خردمند، عقل وارو.
6.13 اهل دل: دل وارو، صاف دل، دل وارو، سخي، دلير.
6.14 اهل دنيا: دنيا وارو، دولتمند.
6.15 اهل دولت: حڪومت جو ڪارپرداز/ ماڻھو، دولت وارو، شاهوڪار.
6.16 اهل دين: دين وارو، ديندار، نيڪ.
6.17 اهل ذوق: ذوق جو صاحب.
6.18 اهل روزگار: زماني جو ماڻھو، تجربيڪار.
6.19 اهل زبان: ٻوليءَ جو ماهر، زبان دان، ٻولي رکندڙ.
6.20 اهل زمان: زماني وارو، زماني ساز، جھان ديد.
6.21 اهل سخن: سخن جو ڄاڻو، شاعر.
6.22 اهل شرع: شريعت جو صاحب، شريعت تي هلندڙ، قانوندان.
6.23 اهل شريعت: شريعت جا پيروڪار، شريعت وارا، شريعت جا صاحب.
6.24 اهل صفت: هنر وارا، ڪاريگر، فن جا صاحب.
6.25 اهل طريقت: طريقت جا صاحب، صوفي طريقي وارا.
6.26 اهل ظاهر: ظاهر تي هلندڙ، اکري معنى کي چنبڙندڙ، ماده پرست، ظاهر پرست.
6.27 اهل علم: عالم، علم وارو، وديادان.
6.28 اهل قبور: قبرن وارا، مـُئل.
6.29 اهل قلم: قلم وارو، لکندڙ، انشاپرداز، اديب، مصنف، منشي، محرر.
6.30 اهل ڪار: ڪم وارو، ڪاروبار هلائيندڙ، ڌنڌي وارو، ڪم ڪار جي لائق.
6.31 اهل ڪتاب: الاهي ڪتابن کي مڃيندڙ، ڪتاب جو مصنف.
6.32 اهل ڪرم: ڪرم جو صاحب، رحم وارو، سخي.
6.33 اهل ڪلام: ڪلام جو صاحب، فصيح، بليغ.
6.34 اهل ڪمال: ڪماليت جو صاحب، ڪامل، پھتل.
6.35 اهل مجلس: مجلس وارو، مجلس ۾ شريڪ.
6.36 اهل معرفت: علم/ معرفت جو صاحب، خدا شناس، آتم گياني.
6.37 اهل منصب: وزير، مشير، عھديدار.
6.38 اهل نظر: ڏسندڙ، نقاد، متڪلمين، فيلسوف، دورانديش، عاشق مزاج.
6.39 اهل هنر: هنرمند، هنر جو صاحب.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s