My Oceon My Shore منهنجو ساگر منھنجو ساحل

My Oceon My Shore منهنجو ساگر منھنجو ساحل
اظهار خيال

ٻاهر نڪرڻ کان اڳ سوچيو هوم ته جنهن ملڪ ۾ به ويندس، ان بابت مڪمل سفرنامو ۽ معلومات لکندس. پر پهريون سال ڏيڍ، لکڻ جي فرصت ئي نه ملي، سواءِ چند دوستن ۽ عزيزن کي خط لکڻ جي.
“منهنجو ساگر، منهنجو ساحل” ڪتاب اهڙن خطن جو مجموعو آهي ۽ بذات خود سفرنامو سمجهڻ کپي، جيڪي مون پنهنجن ٽن پهرين سفرن دوران پنهنجي عزيز دوست ڊاڪٽر سليمان کي لکيا هئا. ان بعد جنهن جنهن ملڪ ۾ ويو آهيان، يا جنهن جنهن سمنڊ تان لنگهيو آهيان ته اتي جا الڳ الڳ سفرناما، مضمونن جي روپ ۾ لکيا اٿم، جيڪي ٻئي ڪتاب ۾ اچي رهيا آهن.
هتي هڪ ڳالهه، هن ڪتاب جي پڙهندڙن لاءِ لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته هي سڀ خط صاف دليءَ سان ۽ صاف گوئيءَ کان ڪم وٺي، ايمانداريءَ سان لکيا ويا آهن، بنا ڪنهن ملمع ڪاريءَ جي. ڪنهن به ملڪ، قوم يا انسان کي رنجائڻ، ڏکوئڻ يا بلئڪ ميل ڪرڻ جي مقصد بنا.
ان ڪري جيڪڏهن ڪٿي لهجو ناگوار محسوس ٿئي ته به ڇاڪاڻ ته لکڻ واري جو جذبو نيڪ آهي، ان ڪري ان کي درگذر ڪرڻ بهتر رهندو.
ان کان علاوه هي خط سياست ۽ مذهب جي روايتي تنگ نظريءَ کان پري رهي، جتي جتي، جيڪي ڪجهه مون ڏٺو آهي يا محسوس ڪيو آهي ته بي اختيار، پنهنجا تاثرات ۽ جذبات لفظن جي صورت ۾ بيان ڪيا اٿم. هونءَ به “سفرناما” هڪ “مسافر” جا تاثرات ئي ٿيندا آهن. پوءِ اهي تاثرات زبردست “حقيقتون” به ٿي سگهن ٿيون ته محض “اتفاق”پڻ.
مونکي آشا آهي ته هيءُ ڪتاب نه صرف هڪ سياح، واپاري، شاگرد، ٻاهر پڙهڻ يا نوڪري ڪرڻ جي خواهشمند ۽ ٻاهر جون دلچسپ خبرون حاصل ڪندڙ لاءِ چڱو ثابت ٿيندو، پر هڪ عام پڙھندڙ پڻ هن مان لطف ۽ فائدو حاصل ڪري سگهندو.

18 مئي 1970
الطاف
آفتاب وِلا، هالا نوان، سنڌ

Advertisements

Shah Jo Risalo Kalyan Adwani شاھ جو رسالو- ڪلياڻ آڏواڻي

Shah Jo Risalo Kalyan Adwani شاھ جو رسالو- ڪلياڻ آڏواڻي

This Shah jo Risalo is compiled by Kalyan Adwani and rearranged by Majid Bhurgari. It is in text format on his own web site and can be downloaded free of cost.

شيخ اياز کي شڪارپور جو شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ به ڪي دليل گهرجن ڇا؟

شيخ اياز کي شڪارپور جو شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ به ڪي دليل گهرجن ڇا؟

This article is authored by late Professor Nazir Ahmed Soomro and was first published in Daily Kawish, a leading Sindhi Newspaper being published from Hyderabad Sindh.

اسڪندر مرزا، سوڀي گيانچنداڻيءَ کي جيل مان گهرايو هو؟

Urdu writers of Larkana لاڙڪاڻي جا اردو اهل قلم