Voice of Ethic-Proverbs آواز اخلاق پھاڪا


Voice of Ethic-Proverbs آواز اخلاق پھاڪا

Dewan Kauromal Chandan mal Khilnani (1844-1916) collected and compiled the book of Sindhi Proverbs and Sayings named “The voice of Ethic or Moral” in Sindhi.

ديوان ڪوڙومل جي لکيل ھن ڪتاب جي، گھڻي عرصي کان طلب ۽ تلاش ھئي پر ڇاپي صورت ۾ ملي نه پئي سگھيو. قوي توقع اھا پئي رھي ته شايد ڇاپي ڪتاب ھن وقت دنيا ۾ ناپيد ٿي چڪو آھي. ھاڻي بس ان بابت فقط ڪتابن ۾ تذڪرو پيو ملندو. شابس ھجي سچل ڪاليج نواب شاھ جي ھونھار ليڪچرار جناب محمود ڏاھري صاحب جن کي، جو ڪوڙومل تي ريسرچ جو ڪم ھٿ ھڻڻ سبب، پاڻ سندس ٻين ڪتابن سان گڏ ھيءُ ڪتاب به فوٽو ڪاپيءَ جي صورت ۾ ھٿ ڪيو اٿائون. نيٽ ذريعي ساڻن ڄاڻ سڃاڻ ٿي ھئي. فون تي رابطي بعد ٻڌايائون ۽ ڪتاب جي فوٽو ڪاپي پڻ ڏياري موڪليائون.

ان ڪتاب جي کين فوٽو ڪاپي. علامه داؤدپوٽو لائبرري حيدر آباد مان ھٿ آئي. اھو ڪتاب بنام آوازي اخلاق (پھاڪا) جي نالي سان جريان نمبر ۱۷۴ تي رکيل آھي.

ڪرائون سائيز جي ۴۹ صفحن واري ھن ڪتاب جو سرورق، جنھن ۾ ليکڪ، ڇپائيندڙ اداري، ڇپيندڙ پريس جو نالو ۽ سال ڄاڻايل ھوندو آھي، موجود ناھي. تنھن ھوندي به منڍ مان معلوم ٿئي ٿو ته اھو ڪتاب آوازِ اخلاق آھي ۽ ان جو ليکڪ يا گڏ ڪندڙ ديوان ڪوڙو مل کلناڻي(1844ع– 1916ع) آھي.

بھرحال ھن ڪتاب جي فوٽو ڪاپي مھيا ڪرڻ تي ھيءُ ادارو جناب محمود ڏاھري صاحب جن جو بيحد ٿورائتو آھي.

انجنيئر عبدالوھاب سھتو.

Self prescription – ھٿ جي وڍي


Self prescription – ھٿ جي وڍي

Short stories written by Engr. Abdul Wahab Sahito, published by Sindhi Sahat Ghar Hyderabad, are reproduced here.

پنهنجي پاران

اداري طرفان، الله جي مھربانيءَ سان، هيءُ پنجون ڪتاب ڇپجي اوهان جي هٿن ۾ پھتو آهي، اميد ته الله تعالى پنھنجي خاص نوازش سان هن اداري کي پاڻ-ڀرو ڪندو ۽ ٻيا به ڪتاب، هن اداري معرفت، ادب جي دنيا ۾ ايندا.

ڪتاب ڇپائڻ ڪو ايڏو وڏو مسئلو ناهي. مسئلو آهي؛ کپائڻ ۽ کپائي پئسا هٿ ڪرڻ. کپائڻ يا Marketing به الڳ دنيا آهي، جيڪا پنھنجي جاءِ تي تمام انوکي دنيا آهي. ان جي پيچيدگين ئي، سنڌي ڪتاب جي ڇپجڻ تي وڏا وار ڪيا آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي جو، هڪڙي ليکڪ چواڻي؛ “لکون به پاڻ، ڇپايون به پاڻ، کپايون به پاڻ ته پڙهون به پاڻ”.

اسان وٽ گهڻا پاڙهو ته اعزازي ڪاپي لاءِ پيا واجهه وجهندا آهن. پئسن تي نه وٺڻ جا دڙڪا ڏيندا آهن ۽ ڏٺو ويو آهي ته کين اعزازي ڪاپي وٺڻ جو خفت ۽ جنون هوندو آهي. جڏھن ته ڪتاب پڙهڻ سان ٽڪي جي به دلچسپي نه هوندي اٿن.

ان کان علاوه، ايجنٽ حضرات ته وڏا حضرت آهن. ڪتاب وٺڻ مھل، ٻئي هٿ وڌائيندا آهن ۽ پئسن وقت چٻري واريون اکيون ڦيري ويھندا آهن. اهڙين حالتن ۾ علم ادب جي جياپي لاءِ قرباني ڏجي ته ڪيتري ڏجي؟! ٻوليءَ جي بقاءَ جي جنگ وڙهجي ته ڪھڙيءَ آس ۽ اميد تي.

مٿيون ڳالھيون، ڪنھن نئينءَ دنيا جون ناهن. هر ذي شعور، سمجهي ٿو ۽ خبر اٿس. واويلا اجائي آهي.

هيءُ ڪتاب، انجنيئر عبدالوهاب سھتو جي لکيل ڪھاڻين جي ٽئين مجموعي تي مشتمل آهي. منجهس چوڏهن کن ڪھاڻيون شامل آهن. جيڪي سماجي ناسورن بابت ياد-دهانيءَ طور لکيون ويون آهن. ماڻھو هر معاملي کي، قصي ۽ ڪھاڻيءَ جي صورت ۾ چڱيءَ طرح سمجهي ۽ سمجهائي سگهندو آهي. ان ڪري قومن جي تواريخ مرتب ڪرڻ ۾، ڪھاڻيءَ کي وڏو عمل دخل آهي. جھڙيءَ طرح وڏن بنڊن کي باهه ڏيڻ لاءِ، پھرين چوچڙين کي باهه ڏيڻ ضروري هوندي آهي، تھڙيءَ طرح وڏين تواريخن ۽ تواريخي علمن کي قلمبند ڪرڻ لاءِ علم ادب جي ڄاڻ جي سخت ضرورت هوندي آهي.

جن قومن وٽ پنھنجو علم ادب ڪونھي، تن وٽ نه تواريخ محفوظ آهي نه ئي ثقافت ۽ تھذيب. مڙني اثاثن خاص ڪري ٻوليءَ جي بقاءَ لاءِ، علم ادب جو هئڻ ضروري آهي. علم ادب به محنت، لگن، قربانيءَ سان ئي قومن ۾ ايندو آهي. ان لاءِ ڪنھن نه ڪنھن کي قربانيءَ جو ٻڪرو ته ٿيڻو پوندو.

خالي هٿن تي ادارو هلائڻ، جگر-گردي جو ڪم آهي. خدا تعالى جي رحمت مان نا اميد نه ٿجي. اميد ته ڪڻي مان ڪيچ ٿي پوندا ۽ اداري جا ڇپايل هيءُ ننڍڙا ڪتاب، اداري جي نالي، واڌ-ويجهه لاءِ مؤثر ثابت ٿيندا ۽ ادارو، علم و ادب جي آبياريءَ ۾ پاڻ موکيندو.

ادارو