Peculiarities of New Mumbai نئين ممبئي جون خوبيون


نئين ممبئي جون خوبيون

 

الطاف شيخ

 

ممبئي جي بزنيس مئن جئه موتياڻيءَ سان گڏ سندس ڪار ۾ آئون پوني وڃي رهيو هوس. اسان کان علاوه پوئين سيٽ تي جئه جي ڌيءَ خوشبوءِ ۽ ممبئي جي گرانٽ اسپتال جي گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر مونا (صحيح نالو موهنا) جوتواڻي به هئي. اسان اڃان ممبئي جي چيمبور واري علائقي ۾ هئاسين، جتان پوءِ واشي پل ٽپي نئين ممبئي مان لنگهي ايڪسپريس هاءِ وي ذريعي پوني وڃڻو هو.

 

”الطاف دل ۾ نه ڪرين ته 15 منٽ کن رستي تي نئين ممبئي ساڌو واسواڻي اسڪول مان ٿيندا هلون؟“ جئه موتياڻيءَ پڇيو.

 

”سائين منهنجا ڀلي. مون کي ڪهڙو پوني پهچي جهاز هلائڻو آهي. آئون ته اهوئي چاهيندس ته اهڙيون شيون ڏسي سگهان جيئن انهن تي لکي سگهان.“ مون جئه کي چيو.

 

”توهان جو دهلي جي ساڌو واسواڻي گرلس اسڪول بابت لکيل احوال به مون توهان جي ڪتاب، دهلي جو درشن ۾ پڙهيو هو.“ جئه چيو؛ ”هي هڪ نئون اسڪول نيو ممبئي جي هڪ غريب بستي سانپاڙا (SANPADA) ۾ اسان سنڌين چندا جمع ڪرائي ٺهرايو آهي، جنهن ۾ ايندڙ سال کان پڙهائي شروع ڪرڻ جو پروگرام آهي.“

 

ممبئي جي آدمشماري وڌڻ ۽ وڌيڪ زمين نه هجڻ ڪري ٿاني ڪريڪ جي ٻئي پاسي مين لينڊ تي ممبئي نالي نئون شهر اڏايو ويو، جيڪو ”نوِي/ نئين ممبئي“ (NAVI Mumbai) سڏجي ٿو. ٿاني ڪريڪ (Thane Creek) سمنڊ جو حصو آهي، جنهن ۾ الهاس ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري ۽ ٿاني ڪريڪ بائڪلا، فورٽ ۽ ڪولابا وٽ وڃيو عربي سمنڊ سان ملي، جنهن جون ڇوليون ڪراچي جي ڪنارن کي به ڇهن ٿيون.

 

ممبئي واري پاسي بسنت پارڪ، ڪرشنا ريسٽورنٽ، نيپچون هوٽل، سينٽ ائنٿوني چرچ جهڙيون عمارتون لتاڙي ديونار بس اسٽاپ کان پوءِ V.N پورن روڊ ۽ سيان پان ويل هاءِ وي وٽان ٿيندا ٿاني ڪريڪ ٽپڻ لاءِ واسي پل تي چڙهياسين. انهن شين کان علاوه SION يعني ممبئي واري پاسي لوڪمانيا تلڪ اسپتال نالي عمارت وٽان پڻ لنگهياسين، جنهن جي مٿان L.T.M.G. Hospital به لکيل نظر آيو.

 

جئه موتياڻيءَ ٻڌايوته ممبئي جي ٽن ميڊيڪل ڪاليجن مان هي هڪ آهي، جتي جي پڙهائي دنيا ۾ مڃي وڃي ٿي. ”ورهاڱي وقت هيءَ پنجاه بسترن جي انڊين مليٽري اسپتال هئي. اڄ هيءَ اسپتال ڏيڍ هزار بسترن جي بيحد ماڊرن اسپتال آهي، جنهن جو موٽو Service through Excellence آهي ۽ ان تي عمل به ڪيو وڃي ٿو.“

 

جئه اهو پڻ ٻڌايو ته هيءَ اسپتال اهم هاءِ ويز (ايسٽرن ۽ ويسٽرن ايڪسپريس هاءِ وي) جي ڀرسان هجڻ ڪري هتي رستي تي ٿيل حادثن وارا مريض گهڻا اچن ٿا ۽ هتي جو Trauma Ward هر سال ٽن هزارن کان مٿي سيريس قسم جي زخمين جو علاج ڪري ٿو.

 

اسان جي ڪار واشي (VASHI) پل ٽپي نوي ممبئي يعني نيو ممبئي جي علائقي ۾ پهتي. نوي ممبئي ائين آهي جيئن اسان وٽ نيو ڪراچي آهي. ڪراچي شهر جي آدم شماري وڌي ته ناظم آباد ۽ نارٿ ناظم آباد ٿيو ۽ ان بعد اڳتي جي زمين تي نيو ڪراچي اڏيو ويو. ممبئي جي شهر جي آدم شماري وڌڻ بعد ڪٿي نئون شهر اڏيو وڃي؟  ممبئي ته هڪ ٻيٽ وانگر آهي، جنهن جي چوڌاري عربي سمنڊ آهي يا الهاس نديءَ جهڙيون نديون ڊيلٽا ۽ ڪريڪ ٺاهي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيون ڪن. سمنڊ ڀري زمين ٺاهڻ يعني Reclaim ڪرڻ ڪو سستو ۽ سولو ڪم ناهي. اها بنايل زمين ته ڪولابا ۽ فورٽ واري علائقي کان به مهانگي پوي ٿي ۽ هتي انهن لکين بيروزگار ۽ غريب ماڻهن جي رهائش جو سوال هو جيڪي ممبئي شهر ۾ پورهئي لاءِ اچن ٿا. توهان سرجاني ٽائون ۽ نيو ڪراچي جي ماڻهن کي منهوڙي کان پري سمنڊ ڀري ته نه رهائي سگهندائو، ڇو جو اهڙي طرح سمنڊ ڀري زمين ٺاهڻ تي ايڏو خرچ ٿو اچي جو ان زمين جو اگهه صدر ۽ آءِ آءِ چندريگر جي دڪانن کان به مهانگو ٿي وڃي. بهرحال ڪراچي، مدراس، ڪولمبو، جدي جهڙا بندرگاهه خوش نصيب آهن، جيڪي باقي ملڪ جي سرزمين سان ڳنڍيا پيا آهن، پر ممبئي نيويارڪ جي مئن هٽن، برانڪس، ڪئينس ۽ بروڪلن جي ٻيٽن جيان آهي، جيڪي آمريڪا جي باقي سرزمين سان پلين ذريعي ڳنڍيا ويا آهن. سو ممبئي به هن واشي پل ذريعي  انڊيا جي باقي سرزمين سان ڳنڍي، اتي جيڪا ويران زمين هئي اتي نئين (NAVI) ممبئي اڏرائي وئي. اهو آهي ته انڊيا جي حڪومت هن نئين شهر کي وڏي رٿا ۽ سوچ ويچار سان ٺهرايو، جنهن جو ڪم 1972ع کان شروع ٿيو هو. اڄ نوي ممبئي، جنهن جي پکيڙ 180 کن چورس ڪلوميٽر آهي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو رٿابنديءَ وارو شهر (Planned City) آهي.

 

ممبئي ۽ نوي ممبئي کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ هڪ واشي برج آهي، جنهن ذريعي اسان نوي ممبئي پهتاسين ۽ ٻي ايرولي (Airoli) برج آهي. نوي ممبئي جيڪا ڪراچي کان به وڏي آهي، اها مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جيئن ته واشي، نيرول، بيلاپور، خارگهر، اگراول وغيره جيئن ممبئي جا سانتا ڪروز، ورلي، دادر، باندره، ڪولابا مختلف حصا آهن يا ڪراچي جا ڪلفٽن، صدر، کارادر، گلشن اقبال وغيره. نيو ممبئي جا سڀ کان سهڻا، اوچا ۽ ماڊرن علائقا واشي ۽ نيرول آهن. واشي King of Navi Mumbai سڏجي ٿو ۽ نيرول Queen of New Mumbai سڏجي. هونءَ نوي ممبئي ان ضلعي ۾ نٿو اچي، جنهن ۾ ممبئي آهي، پر نوي ممبئي ٿاني ڪريڪ (سامونڊي درياه) جي ٻي پار ٿاني Thane ۽ رائگاد Raigad ضلعن جو حصو آهي جيئن ڪوٽڙي برج جي ٻي پاسي، توڙي کڻي حيدرآباد جا ماڻهو ۽ انهن جا گهر آهن، پر اهي گهر ڄام شوري ضلعي ۾ اچن ٿا. تيئن ٿاني ڪريڪ جي هڪ پاسي ممبئي ضلعو آهي ۽ ٻئي پاسي ٿاني ضلعو. بهرحال جيڪا پيهه پيهان ممبئي ۾ آهي، اها نوي ممبئي ۾ نه آهي، تنهن هوندي به جئه موتيانيءَ ٻڌايو ته نوي ممبئي جي آدم شماري ويهه لکن کان مٿي آهي. نوي ممبئي ائين آهي جيئن نيو ڪراچي، جنهن ۾ ظاهر آهي ٻين علائقن کان غريب ماڻهو روزگار لاءِ اچي رهن ٿا، پر ڪجهه ڳالهيون آهن جيڪي نوي ممبئي جون دنيا مڃي ٿي. بلڪ اهي سٺيون ڳالهيون انڊيا جي حڪومت جي ئي ڳنڍ ۾ ٻڌڻ کپن، جنهن جي سٺي رٿا ۽ انتظاميه جو سبب آهن ۽ جن کي سکڻ ۽ فالو ڪرڻ لاءِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن جون حڪومتون به انڊيا جي نقش قدم تي هلن ٿيون ۽ پنهنجن شهرن جي ڊيولپمينٽ انڊيا جي رٿا جي Study ڪري ان موجب  جوڙين ٿيون. انهن سٺين ڳالهين ۾ هڪ ته تعليم آهي، ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهي چڪو آهيان ته نوي ممبئي جا 96 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. اها هڪ قابل داد ڳالهه آهي جو نوي ممبئي ۾ اڌ کان وڌيڪ مزور طبقو رهي ٿو، جيڪو آڻيون ۽ چاڙهيون جي پريشانين ۾ ڪٿي ٿو تعليم جو سوچي پر نه. هتي توهان کي غريب کان غريب جا ٻار به پڙهيل ملندا، بلڪ ٺيڪ ٺاڪ تعليم يافته! شڪل جا سادا هوندا، ڪپڙا سادا هوندن. کاڌو خوراڪ سادو هوندن (جيڪو هتي جي اڪثر اميرن جو به سادو آهي) پر کين علم جام هوندو. غريب کان غريب گهر جون ڇوڪريون به گرئجوئيٽ هونديون ۽ هتي جو ڪو گرئجوئيٽ معنيٰ صحيح قسم جو تعليم يافته. اهوئي سبب آهي جو يورپ، آمريڪا، ويندي عرب ۽ مسلم ملڪن ۾ به نرس ۽ ڪلارڪ جي ڪم کان ٽيچر، ڪمپيوٽر ورڪر ۽ بيبي سٽنگ لاءِ انڊيا جي پورهيتن ۽ ٽيڪنيشن جي گهڻي ڊمانڊ آهي.

 

انڊيا جي ٻين شهرن وانگر نوي ممبئي ۾ به ڪيترائي اسڪول آهن، جيڪي نه فقط سرڪاري آهن، پر ان کان وڌيڪ خيراتي آهن. هتي جي پارسي، عيسائي يا هندو وٽ پئسو ٿيندو ته هو غريبن جي علائقي ۾ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون کوليندو. نه فقط کوليندو پر انهن کي هلائڻ لاءِ صحيح قسم جا ماڻهو رکندو، جيڪي ايمانداريءَ سان ڪم ڪن. صحيح طرح ٻارن کي پڙهائين. نوي ممبئي جي هڪ اهڙي ئي غريب علائقي سان پارا (SANPADA) ۾ ساڌو واسواڻي مشن وارن سنڌي سخي مردن کان چندا وٺي چاليهه کن ڪلاس رومن جو هڪ ٽماڙ اسڪول ٺهرايو آهي، جيڪو عمارت سازي جي خيال توڙي سونهن ۽ هاءِ ڪلاس مٽيريل جي لحاظ کان، ڪراچي جو ڪلفٽن وارو گرامر اسڪول ٿو لڳي، جنهن کي ڏسڻ ۽ ڪجهه سامان ڏيڻ لاءِ جئه موتياڻي، اسان کي هتي وٺي آيو هو. جيتري ايراضي ۾ اسڪول جي بلڊنگ هئي، اوتري ئي ۾ ٻارن جي راندين جو گرائونڊ ۽ ٻارن جي چهل قدمي لاءِ ڇٻر هئي. چوڌاري نظر ڦيرايم ته ڏهه ڏهه ماڙ غريباڻي قسمن جي فلئٽن جون ڪيتريون ئي عمارتون هيون. جئه ٻڌايو ته هي سڄو علائقو دلدل ۽ گند وارو Slum هو، جنهن کي سرڪار صاف ڪرائي هي هڪ ڪمري يا ٻن ڪمرن جا سستا فلئٽ ٺهرايا آهن، جيئن ممبئي شهر ۾ پورهيو ڪندڙ غريب هي فلئٽ مسواڙ تي يا قسطن تي خريد ڪري هتي نوي ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪن ۽ ٽرين ۽ بسين جو سٺو سلسلو هجڻ ڪري هنن کي ممبئي شهر پنهنجي Job تي پهچڻ ۾ تڪليف يا وقت جو زيان نٿو ٿئي. دل ۾ مون سوچيو ته هو غريب ضرور آهن، پر هڪ طرف سرڪار هنن لاءِ اجهو ۽ سستي ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي آهي ته ٻئي طرف ممبئي ۾ رهندڙ هنن سنڌي هندن ۽ ٻين قومن ۽ مذهبن جي سخي مردن هن قسم جا اعليٰ اسڪول کولي، غريبن لاءِ گهر جي در تي تعليم مهيا ڪئي آهي. ۽ نه فقط ملڪ جا امير پر غريب به هن قسم جي انگريزي ميڊيم وارن اسڪولن ۾ پڙهي پنهنجو مستقبل بهتر بنائي سگهن ٿا. هن اسڪول جو نالو ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل اسڪول آهي ۽ بلڪل دهلي واري اسڪول جي پئٽرن تي آهي، جنهن اسڪول “ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل گرلس اسڪول” جو تفصيلي احوال “دهلي جو درشن” نالي انڊيا جي سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان. دهلي وارو فقط ڇوڪرين لاءِ آهي، پر هي ٻنهي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ آهي. هي اسڪول به ڪي جي ۽ نرسري کان ٻارهين ڪلاس تائين رکيو ويو آهي، پر جيئن ته هي اڃان هاڻ هن سال ٺهيو آهي، ان ڪري هن ۾ شروعات ڪرڻ لاءِ فقط نرسري کان ڪلاس ڇهين جي ٻارن کي داخلا ڏني وئي آهي. جئه ٻڌايو ته “هر سال هڪ هڪ ڪلاس وڌائيندا وينداسين. ايندڙ سال ستون ڪلاس، پوءِ اٺون ۽ آخر ۾ ٻارهين تائين دنگ ڪنداسين. هن وقت پهريون سال شروع ڪرڻ تي 400 ٻارن داخلا ورتي آهي، جيڪي ڪلاس ون کان ڪلاس سڪس جا شاگرد آهن.”

 

انڊيا ۾ هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته اتي ڳوٺن ۾ رهندڙن جو پگهار، ڪمائي (Income) شهر ۾ رهندڙن جيترو آهي، بلڪ ڪن ڳوٺن ۾ شهرن کان به وڌيڪ آهي، جيئن نوي ممبئي ۾ هر فئملي جو ماهانو Average انڪم 9500 رپيا آهي ۽ نوي ممبئي جي واشي علائقي جو 12300 رپيا آهي، جيڪو اسان جي 19000 رپين برابر ٿيو. ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو India ۾ لا ۽ آرڊر (قانون ۽ امن امان) جي حالت بهتر آهي ۽ ڳوٺن ۾ به ڪارخانا ۽ فئڪٽريون آهن، جتي ڳوٺاڻن کي سٺو پگهار ملي ٿو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته سٺي بچت ٿيو وڃي. مثال طور هالا يا سيکاٽ ڳوٺ جو ڪو مزور ڪراچي جي فئڪٽري ۾ ڪم ڪندو ته هن جي ايتري بچت نه ٿيندي جيتري جيڪڏهن اها ساڳي فئڪٽري، سندس ڳوٺ هالا يا سيکاٽ ۾ هجي ها. هڪ اهو به سبب آهي جو اسان جي ڳوٺن جا ماڻهو غريب آهن. خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن جا، پنجاب ۾ ته وري به ڪيترائي ڪارخانا ۽ روزگار مهيا ڪرڻ جا ذريعا آهن. سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته اونداه انڌوڪار آهي، چاهي ڪنهن ڳوٺ مان ٻه ٻه ٽي ٽي وزير ٿيا هجن، وزيراعليٰ ٿيا هجن. ڳوٺن ۾ اسڪول وڏيرن ۽ ڀوتارن جون اوطاقون ٿي وڃڻ ڪري ڳوٺ جي غريب ٻارن لاءِ صحيح تعليم به ناهي، جنهن کي حاصل ڪري هو ڪٿي نوڪري لاءِ مقابلو ڪري سگهي. انڊيا جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به ڪراچي جي ڪانوينٽ ۽ ماما پارسي اسڪولن جهڙا تعليمي درسگاهه آهن، جيڪي عيسائي، پارسين ۽ هندو مخيرن کوليا آهن، يا علائقي جي چونڊيل نمائندن، ڳوٺن جي وڏيرن ۽ ٻين اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي ڪوششن سان کليا آهن ۽ اسان جي وڏيرن، ڀوتارن، وزيرن جا شوق ڇا آهن، اهي ڪنهن کان به لڪل نه آهن.

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s