Sindh College Board in Mumbai ممبئيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج بورڊ


ممبئيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج بورڊ

 

الطاف شيخ

 

ممبئي کان پوني هلڻ لاءِ مون پنهنجي بئگ جئه موتياڻي جي ڪار ۾ رکي، ساڌو واسواڻي مشن طرفان، پوني ۾ بندوبست ڪيل ٽن ڏينهن جي فنڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ، ممبئي جون سنڌي فئمليون هڪ ڏينهن پوءِ نڪرڻ واريون هيون، پر جئه موتياڻي منهنجي ڪري اڄ ئي پوني هلي رهيو هو. ساڻس گڏ سندس ڌيءَ، اي ليول جي شاگردياڻي ”خوشبو“ پڻ هئي ۽ هن سان گڏ پٺين سيٽ تي ويٺل، مونا نالي وڏي ڄمار جي ليڊي ڊاڪٽر پڻ هئي، جنهن ٻڌايو ته هن کي اڄ به ياد آهي ته؛ ”هوءَ جڏهن 1938ع ۾ حيدرآباد جي ميران ٻائي اسڪول ۾ پرائمري ڪلاسن ۾ هئي ته ساڌو واسواڻي پاڻ اچي ڪلاس ۾ هلندڙ پڙهائي چيڪ ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ اسان کي نصيحت ڀريون ڳالهيون ٻڌائيندو هو.“ جئه ٻڌايو ته؛ ”سندس زال جي طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري، هن ڀيري هوءَ دادا جشن جو هي فنڪشن اٽينڊ نه پئي ڪري نه ته هن قسم جا فنڪشن جتي ڪنڊڪڙڇ کان آيل سنڌي فئمليون اچيو ٿيون گڏ ٿين، هوءَ هرگز مس نه ڪندي آهي.“

 

جئه گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ ڪجهه دير سيان واري علائقي جي روڊن تي ئي هلندي رهي، جنهن سان گڏ جيڪو علائقو مليل آهي، اهو چيمبور سڏجي ٿو. آئون دريءَ مان SION ۽ چيمبور علائقي جون عمارتون، پارڪ، روڊ ۽ انهن جي سڃاڻپ لاءِ لڳل سائن بورڊ پڙهندو رهان ٿو.

 

سيان ٽرومبي روڊ، آيورويديڪ هاسپيٽل، اشوڪ نگر، حاجي ملنگ نگر، راهل نگر، وشواگوتم نگر، شانتي نگر…. وغيره وغيره…. جيئن اسان وٽ پنجاب ڪالوني، دهلي ڪالوني، نيلم ڪالوني، شيرين جناح ڪالوني ۽ ٻيون ڪيتريون ڪالونيون آهن، جيڪي فقط ڪلفٽن جي علائقي ۾ اچن ٿيون.

 

هڪ چونڪ جو نالو آڏواڻي چونڪ لکيل ڏسي حيرت ٿي. پڪ ڪنهن سنڌي هندو جي نالي هوندو. آڏواڻي فئملي جا ڪيترائي ميمبر ممبئي، بلڪ انڊيا ۾ مشهور آهن، جن جون ڪيترن ئي ڪمن ۾ پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون ڏنل آهن. سڀ کان وڏي اهم شخصيت لال ڪرشنا آڏواڻي آهي، جيڪو 2002ع کان 2004ع تائين انڊيا جو ڊپٽي پرائيم منسٽر به ٿي رهيو ۽ اڄ ڪلهه لوڪ سڀا جي مخالف ڌر جو ليڊر آهي. پاڻ انڊيا جي BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) جو سينئر ليڊر آهي، بلڪ سندس پارٽيءَ، ايندڙ (2009ع وارين) چونڊن لاءِ هن جو نالو وزيراعظم لاءِ ڏنو آهي. هتي هڪ همراهه کي چيم ته آڏواڻي هيڏي وڏي عمر جو آهي، حڪومت جو ڪاروبار ڪئين هلائي سگهندو؟ ٺهه پهه وراڻيائين؛ ”ايڏو ته پوڙهو ڪونهي. قائم علي شاهه جيڏو ٿيندو، اهو به ته سنڌ جي وزارت اعليٰ هلائي رهيو آهي.“ مون ان ڏينهن محسوس ڪيو ته سياستدانن لاءِ شايد ڪا رٽائرمينٽ ايج (عمر) ناهي. بهرحال مون کي قائم علي شاهه جي صحيح عمر جي خبر ناهي، پر لال ڪرشنا آڏواڻي 1927ع ڌاري ڪراچي ۾ ڪشنچند آڏواڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. هن نئشنل ڪاليج حيدرآباد مان پڙهڻ بعد ايل ايل بي (وڪالت) جي ڊگري بمبئي يونيورسٽي مان ڪئي.

 

جئه موتياڻي چيو ته اهو ننڍڙو چوراهو (چوڪ) لال ڪرشنا آڏواڻي نالي نه ٿي سگهندو. بلڪل صحيح هوندو. هن جي نالي ڪو روڊ يا چونڪ ممبئي جي ڪٿي وچ شهر ۾ هجڻ گهرجي. هي اسان ممبئي جي پوڇڙ وٽ هئاسين- سمجهو ته ڪراچي وارو ملير يا لانڍي هجي يا ماريپور يا ماچ ڳوٺ هجي. منهنجي ڌيان ۾ هڪ ٻه ٻيون آڏواڻي شخصيتون به هيون جيئن ته ڊاڪٽر پورنيما آڏواڻي جيڪا فزيوٿيراپسٽ به آهي ته قانون جي مضمون ۾ ڊاڪٽوريٽ به آهي. هوءَ انڊيا جي نئشنل ڪميشن جي چيئرپرسن به رهي چڪي آهي ۽ ڪيترن ڪتابن جي ليکڪا به آهي.

 

خود لال ڪرشنا آڏواڻي جي ڌيءَ پراتيڀا آڏواڻي به اهم شخصيت آهي. هوءَ يونين هوم منسٽر به رهي چڪي آهي. پاڻ ٽي وي جرنلزم کان به مشهور آهي. پاڻ جين چئنل تي کوج پروگرام جي ائنڪر ٿي ڪم ڪيو ۽ شتروگن سنها سان ڪنهن سيريل ۾ 22 اپيسوڊ ڪيائين.

 

ائين هتي جو هڪ رهاڪو پنکج اڏواڻي به آهي جيڪو سنوڪر راند جو ورلڊ چئمپين آهي، پر اسان واري ميزبان چيو ته انهن مان ڪوبه ٿي نٿو سگهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو چوراهو اشوڪ ۽ هيرو جي پيءُ مشهور بئريسٽر هوتچند آڏواڻي نالي هجي جو ان چونڪ جو سڄو نالو ”ايڇ آڏواڻي چونڪ“ آهي.

 

اشوڪ ۽ هيرو ٻه ڀائر ممبئي ۾ رهن ٿا. اشوڪ بزنيس مئن آهي ۽ هيرو پنهنجي پيءُ وانگر ممبئي جو مشهور بئريسٽر آهي. سندن پيءُ هوتچند آڏواڻي ڏهاڪو کن سال اڳ گذاري ويو. منهنجي سندس زال (هيرو ۽ اشوڪ جي ماءُ) دادي ساوتري سان ملاقات، پوني ۾ دادا جشن جي فنڪشن تي اوچتي ٿي. هوءَ انهي گيسٽ هائوس جي بلڊنگ ۾ ٻي فلور تي ٽڪيل هئي، جنهن جي چوٿين تي آئون رهيل هوس. نيرن تي وڃڻ لاءِ هوءَ پنهنجين ٻن مرهٺي خدمتگار ڇوڪرين سان گڏ آهستي آهستي ٿي لفٽ اندر گهڙي ته مون کي سندس وڏي عمر ڏسي سندس همت ۽ جذبي کي داد ڏيڻو پيو. جنهن ٽيبل تي هن کي سندس خدمت چاڪري ڪرڻ وارين ڇوڪرين وهاريو، آئون به نيرن کڻي اتي اچي ويٺس ۽ کانئس اهو ٻڌي خوشي ٿي ته هوءَ مشهور بئريسٽر هوتچند آڏواڻيءَ جي پتني آهي. مون سمجهيو ته هن نوي ورهين جي ڄمار واري عورت سان سوال جواب ڪندي مون کي ڪافي دقت محسوس ٿيندي. هوءَ ضرور آهستي ڳالهائيندي ۽ ٽيبل جي ٻئي پاسي ويٺل آئون، چڱي طرح ٻڌي نه سگهندس يا وڏي عمر جي ڪري شايد هوءَ ڪنن کان ڳري هجي ۽ منهنجي ڳالهه ٻڌي يا سمجهي نه سگهي. پر جسماني طرح ڪمزور نظر اچڻ جي باوجود هوءَ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ٻڌڻ ۾ بلڪل چست هئي. پاڻ ٻڌايائين ته هوءَ 1914ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي (يعني جيڪو مون سندس عمر جو نوي سال اندازو لڳايو ان کان به پنج سال وڏي نڪتي ۽ لال ڪرشن آڏواڻيءَ کان به تيرهن سال وڏي ٿي.) پاڻ 19 سالن جي هئي ته سندس شادي حيدرآباد جي مشهور وڪيل گوپالداس آڏواڻي جي پٽ هوتچند سان ٿي. پاڻ ٻڌايائين ته هن مئٽرڪ ڪراچي جي هر ديوي ٻائي ۽ وشن ديوي اسڪول مان ڪئي ۽ گريجوئيشن هندستان لڏي اچڻ کان اڳ بمبئي مان ڪئي. کين ٽي پٽ ٿيا پر راجڪمار ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. باقي ٻه پٽ اشوڪ ۽ هيرو ممبئي جا مشهور وڪيل ۽ بزنيس مين آهن. ساوتري جنهن کي سڀ عزت مان دادي سڏي رهيا هئا، جو مڙس بئريسٽر هوتچند آڏواڻي (جنهن جي نالي شايد هي چيمبور علائقي وارو چوراهو ”ايڇ آڏواڻي چوڪ“ سڏجي ٿو)، هڪ وڏو مخير (Philanthropist) ٿي گذريو آهي، جنهن نه فقط حيدرآباد سنڌ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، پر هندستان جي ورهاڱي بعد ممبئي اچي اتي به HSNCB (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيٽ بورڊ) قائم ڪيو، جنهن اداري هيٺ هڪ هڪ ڪري ڪيترائي ڪاليج ممبئي ۽ ان جي اوس پاس ۾ کوليا ويا. اڄ انهن ڪاليجن جو تعداد ٽيهن کان به مٿي آهي ۽ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو انگ ته ان کان به وڏو آهي. سنڌين جا هي تعليمي درسگاهه نه فقط مختلف مضمون پڙهائڻ کان، پر سندن بلند معيار کان پڻ، سڄي هندستان ۾ مشهور آهن ۽ سڀ ممبئي يونيورسٽي سان Affiliated آهن.

 

هي بورڊ  HSNCB (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ) پهرين 1921ع ۾ حيدرآباد ۾ جوڙيو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ، ”بمبئي پريزيڊنسي“ جي سنڌ ڊويزن سڏي وئي ٿي. ان وقت حيدرآباد ۾ هن بورڊ طرفان ”رشي ڏيانند گدومل ڪاليج“ کوليو ويو ۽ پوءِ ويهن سالن بعد هن بورڊ طرفان ڪامرس ڪاليج لاءِ سيڪشن ٺاهي وئي. ورهاڱي وقت ”ڪي ايم ڪندناني“ ڪاليج جو پرنسپال هو. ممبئي اچي هن پرنسپال ۽ دادي ساوتري جي مڙس هوتچند آڏواڻيءَ HSNCB بورڊ کي قائم رکڻ ۽ ڪاليج ٺاهڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي. هوتچند چندا گڏ ڪيا،Sponsors  ڳوليا ۽ 1948ع ۾ باندرا جي علائقي ۾ ساڳي نالي ”رشي ڏيانند نيشنل ڪاليج“ کوليو ويو. هن بورڊ (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ) جو ڪيتريون ئي ڏهايون هوتچند آڏواڻي صدر ۽ پرنسپال ڪندناني سيڪريٽري ٿي رهيو. هنن ڪاليجن ۽ بورڊ جا اهي ٻئي ڄڻا ٿنڀا ۽ سرواڻ سڏيا وڃن ٿا. اڄ ڪلهه هن بورڊ جي صدارت شري نرنجن هيراننداڻيءَ حوالي آهي، جيڪو بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جي حوالي کان دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ممبئي ۾ سندس اڏايل هيراننداڻي باغ، اسپتال ۽ فلئٽن جا انبار آهن.

 

باندرا ۾ بورڊ طرفان پهريون ڪاليج کلڻ بعد 1954ع ۾ ممبئي جي هڪ ٻئي خوبصورت علائقي ۾ ڪشنچند چيلارام ڪاليج کوليو ويو ۽ پوءِ ته نه فقط آرٽس جا ڪاليج پر قانون، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ سائنس جا پڻ، آهستي آهستي پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي حساب سان، کلندا ويا. جن لاءِ چندا توڙي خدمتون سنڌي هندن مهيا ٿي ڪيون، پر داخلا نه فقط سنڌي شاگردن کي پر هر زبان ۽ هر مذهب جي ٻارن کي ڏني وئي ٿي. ان ڪري هندستان ۾، خاص ڪري مهاراشترا صوبي ۾، عوام توڙي حڪومت، سنڌي ڪميونٽي کي پسند ڪرڻ لڳي ۽ کين عزت جي نگاه سان ڏٺو ٿي. هو جتي به رهيا ٿي ته حڪومت تي بار هجڻ بدران هنن حڪومت جي مدد ڪئي ٿي ۽ خير خيرات ڪيا ٿي- خاص ڪري تعليمي ۽ صحت جي ڪمن ۾ هو اڄ تائين دل کولي مدد ڪندا اچن.

 

ممبئي جي مٿين سنڌي بورڊ جي ڪاليجن مان ڪجهه ٻيا هن ريت آهن:

 

1.        هاسارام ريجهومل (H.R) ڪامرس ڪاليج، چرچ گيٽ، ممبئي.

2.        شريمتي مٺي ٻائي موتيرام ڪندناني (Smt. M.M.K) ڪامرس ڪاليج باندره، ممبئي.

3.        شريمتي چاندي ٻائي همٿ مل منسخاني (Smt. C.H.M) آرٽس ۽ سائنس ڪاليج، الهاس نگر.

4.        ڪندناني ڪاليج آف فارميسي، ورلي، ممبئي.

5.        گوپالداس جهمٽمل (G.J) آڏواڻي لا ڪاليج، باندره.

6.        واٽومل انسٽيٽوٽ آف اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي، ورلي، ممبئي.

7.        ٿڌومل شاهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج، باندره ويسٽ، ممبئي.

8.        هيراننداڻي ڪاليج آف فارميسي، الهاس نگر.

9.        ناري گرشاهاڻي لا ڪاليج، الهاس نگر…… وغيره

 

منهنجي ميزبان جئه موتياڻيءَ ڪجهه مشهور ماڻهن جا نالا ٻڌايا جيڪي هنن جي حيدرآباد سنڌ ڪاليجيئٽ بورڊ جي باندره چرچ گيٽ ۽ ورلي وارن ڪاليجن مان پڙهيا. ٻه چار نالا جيڪي هن وقت ياد اٿم هن ريت آهن.

 

o       مرحوم امجد خان- اسٽيج ۽ فلم ائڪٽر، جيڪو پنهنجي مزاحيه ۽ وِلين واري اداڪاري کان مشهور هو. خاص ڪري هندي فلم شعلي ۾ گبر سنگهه جي ڪردار ڪري نه فقط ننڍي کنڊ ۾ پر ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ سنگاپور پاسي به کيس سڀ سڃاڻن ٿا، جو اها فلم انهن ملڪن ۾ به ڏاڍي هلي. مون به بئنڪاڪ ۽ سنگاپور جي سئنيمائن ۾ ڏٺي.

o       ڊاڪٽر مسز اندرا هندوجا، مشهور سنڌي گائناڪالاجسٽ ۽ سڄي ڏکڻ ايشيا جي شروع جي ڊاڪٽرن مان هڪ آهي، جنهن In-Vitro Fertilization ۾ ڪامياب تجربا ڪيا.

o       ڪرمنل لا جو ماهر، بمبئي هاءِ ڪورٽ جو وڪيل مسٽر عبدالمجيد ميمڻ.

o       بمبئي جو مشهور دل جو سرجن پهلاجاني.

o       مشهور ائڪٽر ۽ پارليامينٽ جو ميمبر راجيش کنا.

o       دنيا جو پنڌرهون نمبر ۽ انڊيا جو ٽيون نمبر امير ترين ماڻهو انيل امباني.

o       مشهور فلم ائڪٽر ۽ ڪاميڊين جاويد جعفري جنهن جو اڄڪلهه SONY چئنل تي گانن ۽ ڊانس جو پروگرام ”بوگي ووگي“ ايندو آهي. پاڻ سيد جواهر علي جعفري (هن کي فلمي دنيا ۾ جگديپ سڏيو وڃي ٿو) جي گهر 4 ڊسمبر 1963ع ۾ ڄائو.

o       انڊين فلمن جو مشهور ڳائڻو سريش وادڪر جيڪو انڊين ٽي وي جي راڳ جي پروگرام “ساري گاماپا” جي مقابلي جو جج ٿيو. سندس پهريون گانو شايد لتا سان گڏ فلم “ڪروڌ” جو  duet آهي: چل چميلي باغ ۾…..

o       سريش وادڪر جا ڪجهه ٻيا مشهور گانا:

ü      اي زندگي گلي لگالي…… فلم صدمه

ü      رام تيري گنگا ميلي هوگئي…… فلم رام تيري گنگا

ü      سانجهه ڍلي گگن تلي …… فلم اتساه

ü      گورون ڪي نا ڪالون ڪي …… فلم ڊسڪو ڊانسر

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s