Media for Water filter پَنِ: پاڻي صاف ڪرڻ جو ذريعو


موجوده ٻوڏ کانپوءِ ماڻهو ڪيترن ئي خواهشن جي باوجود وڏن شهرن ۾ شايد نه رهي سگهن ۽ انهن کي موٽي پنهنجن پنهنجن ماڳن تي وڃي زندگي کي نئين سر شروع ڪرڻو پوي. نئين سر نئين زندگي شروع ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي جن شين جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت پوندي، انهن ۾ هڪڙي شئي شايد پَنِ به هجي. پَنِ، جنهن کي اسان عام زندگي ۾ شايد ايتري اهميت نه ڏني هجي ۽ نه ئي ان جي اهميت کي تسليم ڪيو هجي پر اهو قدرت پاران اسان لاءِ شايد هڪ تمام اهم تحفو آهي.

قدرت ڪا به شئي بغير ڪنهن مقصد جي ناهي خلقي. بظاهر ننڍي کان ننڍڙي نظر ايندڙ شئي به ڪنهن نه ڪنهن وڏي ڪم جي پورائي جو ذريعو يا  قدرت جو ڪو نه ڪو پيغام کنيو ايندي آهي. ڪجهه شيون اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي  انسانن ، حيوانن ٻنهي لاءِ ڪيترين ئي خصوصيتن جون حامل هونديون آهن. اهڙين ئي شين ۾ هڪ تمام اهم شئي، کڏن کوٻن، ڍنڍن ڍورن، واهن، شاخن ۽ واٽرن جي ڪناري عام جام ٿيندڙ ” پَنِ“ به آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Typha چئبو آهي. روايتي طور تي پَنِ انسانن لاءِ تمام اهميت جي حامل آهي.  پَنِ ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ سچي  ۽ ٻي ڪوڙي. سچي پَنِ جو پن يا تيلو ٻن  آڱرين جي ويڪر جيترو، ويڪرو ۽ ڪوڙي پن جو تيلو آڱر کان ڪجهه سنهون ٿيندو آهي. مزي جي ڳالهه ته ڪوڙي پَنِ وڌيڪ ڪار آمد ٿئي ٿي ۽ ان مان ٺهيل تونئريون، ۽ تڏا وڌيڪ خوبصورت هجن ٿا.  پَنِ مان روزمرهه جون ڪيتريون ئي شيون ٺهن ٿيون. پَنِ نه صرف گهريلو استعمال جي شين ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿي، بلڪ هن مان گهر به ٺهن ٿا. اوطاقن جي اڱڻ ۾ پن مان قالين جو ڪم  وٺڻ کان علاوه سياري ۾ پاڻي گهٽ هجڻ ڪري، ڇڻڪار نه ٿيڻ سبب، پَنِ مان روڊن رستن، واهن ۽ شاخن جي پٽڙين تي ڪارپيٽ جو ڪم به وٺبو هو. ڪنهن دل گهرئي جي اچڻ، پير، مير، امير، امراءَ جي اچڻ وقت، توڙي شادي مرادي ۾ به پن روڊن رستن تي وڇائي، جتي رستي جي کڏن کوٻن کي گهٽائبو ۽ ڀربو هو/آهي، اتي اڏامندڙ مٽي، ددڙ  ۽ ڌوڙ کان به بچبو ۽ بچائبو هو.  ڪٿي ڪٿي پَنِ کي سرون پچائڻ دوران بٺن ۾ ٻارڻ طور به استعمال ڪبو آهي. پوسل ۽ سم وا رين جاين تي رلين کي پسڻ ۽ آلو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ به هيٺ پن وڇائبي هئي. اهڙي طرح پن مان تڏا، تونئريون ۽ نماز پڙهڻ لاءِ مصلن،  کان علاوه  مسجد جون نکون به ٺهنديون هيون/ آهن. ان کان علاوه ڇٻيون يا دٻڪيون، گهر جي  ڀتين جي  جاءِ تي ٽوها، ڇت جي جاءِ تي تڏا  به ٺاهيا ويندا آهن. پن وارين انهن ڇتين جي هڪ خاصيت اها به هوندي آهي جو انهن ۾ برسات جو پاڻي اندر نه اچڻ برابر ايندو آهي. اهڙيون ڇتيون ڪرڻ جي صورت ۾ به گهٽ وزندار هجڻ ڪري گھٽ نقصانڪار هونديون آهن. انهن  ڇتين کي ٻڌڻ لاءِ پن کي وٽي رسن وارو ڪم  به ورتو ويندو آهي. اهي رسا گڏا ٻڌڻ جي به ڪم اچن ٿا. پن جي پڪل  سٽي، جنهن کي دونهارو سڏجي، ان مان وهاڻا به ڀربا آهن. اهو سٽو، جيستائين سٽي دونهاري ۾ قابو هوندو آهي، اوستائين بظاهر ٻاجهري جي سنگ جهڙو نظر ايندو آهي پر سنگ کان الڳ ٿيڻ يا کلڻ  بعد اهو تمام گهڻو کلي ۽ وڌي ويندو آهي، جيڪو ڏاڍو نرم به هوندو آهي. ان ڪري پن جي سٽي مان ڀريل وهاڻا ڏاڍا نرم ٿيندا آهن. غريب غربي لاءِ اهي سٽا ڏاڍا ڪم جا هوندا آهن. اڳي جڏهن اڃان ڪپهه ايتري عام نه هئي، تڏهن اهي سٽا اڃان به وڌيڪ اهميت جا حامل هئا. ڇتين لاءِ پکا عموماً سرن جي ڪانن مان ٺاهبا آهن پر جي ڇت وڌيڪ خوبصورت ٺاهبي آهي ته سر جي ڪانن بجاءِ پن جا ڪانا استعمال ڪبا آهن. اهي سر جي ڪانن کان وڌيڪ سنها هجڻ ڪري وڌيڪ خوبصورتي پيدا ڪندڙ هوندا آهن. ساڳي طرح گهر جي دروازي  تي پردي لاءِ استعمال ٿيندڙ چڪون به سرن جي ڪانن مان ٺاهبيون آهن، پر وڌيڪ خوبصورت چِڪون پن جي ڪانن واريون هونديون آهن، جيڪي وڌيڪ مهانگيون به هونديون آهن. پن جا اهي نرم نازڪ ڪانا ڪلفين ۽ جنهور جي ڏنڊين طور به استعمال ٿيندا آهن. ڪيتريون ئي فقير فقراءَ ذاتيون انهن پن جي ڏنڊين کي ٻارن جي ڪيترن ئي رانديڪن ۾ ڳن طور استعمال ڪنديون آهن. پن مان گتو ٺاهڻ جو ڪم ته انسانن تمام گهڻو پوءِ شروع ڪيو پر ان کان گهڻو اڳ پن جي پاڙ  واري اڇي رنگ  جي گونچ کي لڙي يا دريائي پاڻي ۾ ڪجهه  دير ملائي، پاڻي کي پندرهن ويهه منٽ کان اڌ ڪلاڪ اندر ڦٽڪي وارو ڪم به ورتو ويندو هو، جيڪو اڄ به  ڪٿي ڪٿي ورتو  وڃي ٿو.  پن جي تازي ڪچي ڦٽل پاڙ، جنهن کي چوپڻي سڏجي ٿو، ان کي ماڻهو کائيندا به آهن. پن جي پاڙ کي ملاح ببڙ سڏين. جتي پن مينهن، ڍڳين جو، بک ۾ پيٽ ڀري ٿي، اتي انهن ۾ ريج جي بيماري به پکيڙي ٿي، جنهن جو سبب پن کي چنبڙيل سنها جيت هجن  ٿا، جن کي مهلو چئبو آهي. ان کان علاوه ڪچي پن کي ڦاڙها به کائين ٿا. پن جي پاڙ مرونءَ جي من پسند غذا به آهي. گاهه کائيندڙ مڇيون جهڙوڪ ڪرڙا، موراکا وغيره به اڪثر پن جي پاڙ ۾ رهڻ کي ئي ترجيح ڏيندا آهن. مجبوري ۾ هو اڇڙ ۾ به رهن ۽ هلن پر اوليت پن کي ئي ڏين. پن وڏي پاڻي ۾ به ٿئي ته ننڍي پاڻي ۾ به. وڏي پاڻي جو مڇيون ته پاڻي جي اونهائي سبب گرمي سردي ۾ گذارو ڪريو وڃن، پر ننڍي پاڻي ۾ پن، مڇين ۽ ٻي آبي مخلوق جو سهارو هجي ٿي. ننڍي پاڻي ۾ مڇيون ۽ ٻي آبي مخلوق گهڻو ڪري پن هيٺان ئي پناهه وٺنديون آهن. ڍنڍن ڍورن کان علاوه خشڪ، پوسل ۽ سم واري زمين ۾ به  پن ٿئي ٿي، جتي ڪاري نانگ ۽ ڪجهه ٻين نانگن جي رهڻ جي پسنديده جاءِ هجي ٿي. پن ۾ ننڍڙو پکي ”روڏو“ يا ”پن ڪٽو“  اهڙا ته خوبصورت آکيرا ٺاهيندو آهي، جو ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي. روڏو اهي آکيرا گهڻو ڪري  پن جي ٻاهرين تندن مان ٺاهيندو آهي.

پن گهڻو ڪري وارياسي سم واري  زمين ۾  ٿيندي آهي. آبادگارن لاءِ پن جو ٿيڻ زمين جي خراب ٿيڻ برابر هوندو آهي. پن واري زمين مان  پن جي پاڙ ڪڍڻ ۽ پن ختم ڪرڻ آبادگارن لاءِ ڄڻ ته مٿي جو سور هوندو آهي.  سال ۾ هڪ دفعو جڏهن پن پچي ويندي آهي ته ڌنار ان کي باهه ڏئي ساڙيندا آهن، جنهن کان پوءِ ان مان نئين پن ڦٽندي آهي، جيڪا مال جي چاري طور استعمال ٿيندي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پن کي گندي پاڻي جي تلائن ۾ پوکي، پاڻي صاف ڪرڻ جو ڪم ورتو ويندو آهي. اهو سلسلو افسوس جو پاڪستان ۾ شعوري طور گھٽ ئي رائج رهيو آهي. تازو ماحول  جي بچاءُ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ بين الاقوامي تنظيم سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريو، سانگهڙ جي ڳوٺ فتح محمد آرائين ۽ گورنمنٽ بوائز ڪاليج سانگهڙ ۾ گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ جا هود Constructed Wetland ٺاهي، انهن ۾ پن، نڙ پوکي، گندي پاڻي کي پن وسيلي صاف ڪرڻ جو پهريون ڀيرو تجربو ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي واٽر سپلاءِ جي تلائن توڙي پاڻي پيئڻ جي ڍنڍن ڍورن ۽ واٽرن ۽ شاخن جي ڪپن تي هونئن ئي خيرن سان پن پاڻهي پاڻهي، ادارن جي نااهلي ڪري ٿيو پوي، جيڪا قدرتي طرح پاڻي صاف ڪرڻ جو پوءِ ذريعو ٿيو پوي.

پن مان  مٺائي جو هڪ خاص قسم ٻوراني به ٺهندو آهي. ڪچي ۽ نئين ڄاول پن جو ڪچو سائو سٽو جڏهن سائي مان ڦري ڦڪو ٿيندو آهي ته اهو ٻوراني سڏبو آهي. اها ٻوراني ٻار ۽ ٻڍا ڪچي به کائين ته ان کي گڏ ڪري پچائي وڪڻي پئسا به ڪمائجن، ته تحفي طور به ڏين. ٻوراني  ٿيڻ  ۽ ان جي هيٺيان وارو سٽو پچڻ بعد دونهارو سڏبو آهي. دونهاري جي تيار ٿيڻ  وارو وقت  ملاحن لاءِ ڪنڊي ۾ ڦاسجندڙ   ۽ گوشت خور مڇين جهڙوڪر مڪر، چٽي، شاڪر، گوج، ڄرڪي، کڳي، سينگاري، ڍينگهڻي، ٿاٻڻي، منڊي/ڊولو يا گوڊو جي ڪنڊي ۾ ڦاسائڻ وارو وقت به هجي ٿو. اهو وقت هن مڇي جي آني مان ڦٽل ٻچن جي وڏي ٿيڻ تي الڳ ٿيڻ وارو هوندو آهي. مڇي آني ۽ ٻچن سبب ٿڪل هجڻ ڪري دونهاري وقت وڌيڪ کائڻ جي موڊ ۾ هجي ٿي، جنهن جو فائدو ملاح ڪنڊي ۾ ننڍيون سنهيون مڇيون، ۽ ٻيا جيت جانور ڦاسائي هنن مڇين کي پڪڙي حاصل ڪندا آهن.

پن مٺي ۽ سم واري زمين ۾ ٿيندي آهي پر هن ۾ ايتري خاصيت به آهي جو جيڪڏهن ڪلر وارين، کارين ڍنڍن ۾ هن جو ٻج ڇٽجي ته اتي به نه صرف ٿي ويندي آهي، بلڪ انهن کارين کڏن کي مٺو به ڪري، آبادي لائق بڻائي ڇڏيندي آهي.  پن ٻج کان علاوه پاڙ پٽي، ٻئي هنڌ قلم وانگر لڳائي سگهبي آهي.  اهڙيون کڏون  وڏيون ۽ گهريون هجڻ ڪري جيڪڏهن پوکي آبادي لائق کڻي نه به بڻجن، تڏهن به هڪ ته اهي پن جي ڪري سايون ۽ سهڻيون بڻجي ڏسڻ جهڙيون ۽ پکي پکڻ جي رهڻ جهڙيون ٿي پونديون آهن. جيڪڏهن انهن ۾ ڪجهه قدر تازي پاڻي جو بندوبست ڪجي ته اتي مڇيون، ڪميون، ڏيڏر ۽ ٻي اهڙي مخلوق به ٿي سگهي ٿي ته اتي بدڪون به پالي سگهجن ٿيون. جهنگلي جيوت لاءِ ڏينهون ڏينهن تنگ ٿيندڙ هن ڌرتي تي اهي کڏون پن پوکي، قدرتي پناهه گاهون بڻائي، انهن  کڏن مان اضافي فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، بلڪ ان مان ٻيا به ڪيترائي فائدا حاصل ٿين ٿا. ٿوري توجهه سان پن مان اڃان به وڌيڪ فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

نواز ڪنڀر

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s