اچو ته پنهنجن پيارن جي نالي جا وڻ لڳائي، مقامي ڏهاڙا ملهايون- نواز ڪنڀر


 

 

علي قاضي پاران 14 فيبروري  تي، ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي، ٻوٽن پوکڻ جي ڏنل سڏ جي حوالي سان ڪافي ڪجهه لکجي رهيو آهي. مان به ان ڳالهه سان سهمت ٿيندي ۽ ان ڏينهن پنهنجي حصي جو ٻوٽو لڳائڻ جو واعدو ڪندي (انشاءَ الله وڌيڪ ٻوٽا به) ۽ ٻين سڀني سنڌين کي به ان مهم ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺڻ جي گذارش ڪندي عرض ڪندس ته هن وقت جڏهن نه صرف سڄي دنيا ۾ ماحولياتي مسئلو، اهم مسئلو بڻيل آهي پر سنڌ ۾ به وڻ لڳائڻ بجاءِ وڻن جي واڍي عروج تي پهتل آهي. روڊن رستن جا ڪنارا، دريائن، واهن، شاخن، واٽرن جا ڪپر، ٻنيون ٻارا، دريائي، سامونڊي، جابلو توڙي ريگستاني ٻيلا وڍجي چڪا آهن ۽ باقي جيڪي بچيا آهن، تن ۾ به ڪات ڪهاڙا پيل آهن. چوڌاري وڻ ائين وڍيا پيا وڃن، جيئن ڪو فاتح، دشمن کي فتح ڪرڻ بعد، انهن جي لشڪر ۾ ترار کڻي پيو هجي. وڻن جي قتلام جو اهو سڄو جنگي منظر سنڌ ۾ جتي ڪٿي نظر اچي رهيو آهي. ان وقت قاضي صاحب جي اها رٿ هڪ ته  ماحول دوست ڌرين لاءِ ڪنهن وڏي آٿت کان گهٽ ڪانهي، ٻيو ته اها رٿ ان وقت ڏني وئي آهي، جڏهن ويلنٽائن ڊي جي صفا ٻئي ڏينهن يعني 15 فيبروري تي بهار جي وڻڪاري مهم به شروع ٿيڻ واري آهي. جنهن ڏينهن ٻيلي کاتي جا ڪامورا گهڻو ڪري اجاين ۽ اهڙين جاين تي وڻ لڳائڻ جي مهم جو افتتاح ڪندا، جتي لڳايل نوي سيڪڙو ٻوٽا ڪڏهن به وڻ ٿي نه سگهندا ۽ پوکجڻ جي ڪجهه ئي ڏينهن اندر مال جي ڀيلڻ، پاڻي نه ملڻ يا ٻي گهربل سار سنڀال نه ٿيڻ سبب ڪومائجي، سڙي ختم ٿي ويندا. رڳو انهن  لاءِ کوٽيل کڏا ئي باقي وڃي بچندا، جيڪي ايندڙ ويندڙ کي ٿاٻڙائي ڪيرائڻ جو ڪم پيا ڏيندا. جي ائين نه هجي ها ته اڄ تائين ٻيلي کاتي جي ڪاغذن ۾ لڳل وڻ جي تعداد وانگر زمين تي به وڻ ايتري ته تعداد ۾ هجن ها، جو  ويلنٽائن ڊي تي ٻوٽا لڳائڻ جي رٿ ڏيڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها. پر افسوس جو سرڪاري ادارا رڳو وڻ لڳائڻ جو ٺيڪو ته کڻن ٿا، باقي وڻ بچائڻ ۽ وڻ وڏو ڪرڻ وارو ڪم به لڳي ٿو ته هاڻ صحافين کي ئي ڪرڻو پوندو. ٻيلي کاتي وارا وڻ لڳائڻ بجاءِ رڳو اڳوڻن لڳل وڻن يا قدرتي ڦُٽل وڻن کي وڍجڻ کان ئي بچائي وٺن ته به لک کٽيوسين. علي قاضي پاران ٻوٽا پوکڻ واري هلايل مهم کان پوءِ جيڪي ماڻهو ان مهم جو اثر وٺي يا ان مان متاثر ٿي وڻ وٺڻ لاءِ نرسرين جو رخ ڪندا، انهن مان نوي سيڪڙو ماڻهن کي ان وقت، انهيءَ ڪري سخت مايوسي جو منهن ڏسڻو پوندو، جو نرسرين ۾ ماڻهن کي گهربل وڻن جو تعداد نه ملندو، ڇو جو نرسرين ۾ هينئر مشڪل سان گهربل وڻن جو ڏهه سيڪڙو ٻوٽا موجود آهن. وقت گذرڻ، آبادي وڌڻ ۽ ماڻهن ۾ ماحولياتي شعور پيدا ٿيڻ بعد ٿيڻ ته ايئن گهربو هو جو نرسرين جو تعداد وڌايو وڃي ها. اڳوڻين نرسرين ۾ ٻوٽن جي گنجائش کي وڌائي ان حساب سان اسٽاف به وڌايو وڃي ها پر اسان وٽ ابتو دستور آهي. جنهن ۾ نه ته آمريڪا جو هٿ آهي، نه ئي ان سازش ۾ ايسٽيبلشمينٽ ساٿاري آهي ۽ نه ئي ان سازش ۾ پنجاب جي ڪا پلاننگ شامل آهي. اهو سراسر اسان جو پنهنجو ڏوهه ۽ قصور آهي، جو اسان وٽ گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ نرسرين ۾ رٽائر ٿيل، فوت ٿيل يا ٻئي ڪنهن سبب ڪري نوڪري ڇڏي ويلن جون خالي پيل جايون ڀرجي نه سگهيون آهن. ان ڪري وقت گذرڻ سان گڏ ٻوٽن جي گهرج ۾ جيترو اضافو ٿيو آهي، موجوده سرڪاري نرسريون انهن گهرجن کي پورو ڪرڻ کان قاصر آهن. تماشي جهڙي ڳالهه ته اها به آهي ته جو هڪ طرف سرڪار جا واسطيدار عملدار نالي ماتر ئي سهي پر وڻ پوکڻ جي اهميت بيان ڪندا آهن پر ٻئي پاسي جڏهن ڪو ماڻهو ٻوٽا وٺڻ لاءِ وڃي ٿو ته ان کي وزيرن کان وٺي ايم پي ايز، ايم اين ايز، ڊي سي اوز، اي ڊي اوز سطح جون سفارشون ڪرائڻ باوجود کين گهربل تعداد ۾ ٻوٽا مقرر وقت تي  نٿا ملن.  ڪجهه ٻوٽا ته نرسري وارا موجود هوندي به رڳو ان ڪري نه ڏيندا آهن، جو انهن کي ڪنهن اوچتي وزٽ جي موقعي تي ڪارڪردگي به ته ڏيکارڻي هوندي آهي! اها ڳالهه به  دلچسپي کان خالي ڪونهي ته سنڌي ماڻهن جي وڻن ۽ ٻوٽن جي حوالي سان سوچ ڏاڍي عجيب غريب ۽ دلچسپ آهي.تجربي جي آڌار تي چوان ٿو ته جي سنڌي ماڻهن کي چئبو ته وڻ لڳايو، ته هو پهرين پاڻي نه هجڻ جو عذر پيش ڪندا، پوءِ جي راضي ٿيا ته ٻوٽن جو مطالبو ڪندا (اهي ٻوٽا جيڪي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ پيدا ٿيل هجن ٿا). جي اهي ٻوٽا مليا ته لڳائيندا، جي نه ته پوءِ بس. پر بدران پاڻ گهر ۾ چَلهو ٺاهي، ان ۾ گهربل مٽي ۽ ڀاڻ وجهي، چيچڪا، وڻن جا ٻج ۽ قلم لڳائڻ  يا ڀر پاسي مان ڪٿان ڪا چڪي ڪڍي هڻڻ تي گهٽ ئي آماده ٿيندا. اهڙي عجيب و غريب نفسيات رکندڙ قوم کي وڻن لڳائڻ تي آماده صرف نرسرين تان آندل وڻن ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته پرائويٽ نرسرين وارا ٻوٽا گهڻا مهانگا هئڻ ڪري، ماڻهن وٽ اهي نه لڳائڻ جي حوالي سان ڪيترائي عذر موجود آهن. ان ڪري ماڻهو ته خير ٻوٽا لڳائين به سهي، اهي ٻوٽا لڳائڻ لاءِ آماده به کڻي ٿين پر ايترا ٻوٽا ايندا ڪٿان!! ان ڪري مهرباني ڪري اچو ته گڏجي سرڪار کي گذارش ڪريون ته نيون نرسريون لڳايون وڃن. اڳوڻين نرسرين جي گنجائش وڌائي وڃي ۽ کٽل اسٽاف کي پورو ڪرڻ سان گڏ نئون اسٽاف  به ڀرتي ڪيو وڃي. ساڳئي وقت وڻ لڳائڻ سان گڏ اڳوڻن لڳل ۽ قدرتي پيدا ٿيل وڻن کي  به بچايو وڃي. جي سرڪار واقعي ماحول بچائڻ ۽ سڌارڻ ڏانهن سنجيده آهي ته،  نه ته ڳالهيون ۽ تقريرون ڪرڻ لاءِ هي موضوع به سٺو آهي. ان کان علاوه سنڌ ۾ هڪ رسم جي حوالي سان به ٻڌجي ٿو ته اڳي آرائين برادريءَ جا ماڻهو يا ڪي ٻيا ماڻهو، ڪنهن مخصوص ڏينهن تي، ماڻهن کي گل پيش ڪندا هئا. چون ٿا ته شيخ اياز جو شعر ”عشق اسان وٽ آرائين جيئن، آيو جهول ڀري“  به ان ڏانهن اشارو ڪري ٿو. اهو ڏينهن ڪهڙو هو؟ ان کي ڇو نه جيئارجي ۽  اهو ڏينهن وري ملهائي، دنيا کي ٻڌائجي ته اسان سنڌ وارن وٽ اهڙا ڏينهن، صدين کان ملهائبا رهيا آهن، جيئن اسان وٽ بسنت جو ڏهاڙو يا نئين  مقامي سال جي موقعي تي چيٽي چنڊ جو ڏهاڙو وغيره. اسان جا اهي ڏهاڙا هر موقعي جي مناسبت سان ۽ موسم جي مناسبت سان مقرر ٿيل آهن. اچو ته نه صرف ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي ٻوٽا پوکي انهن کي وڌائي وڻ ڪري، انهن تي پنهنجي پيارن جا نالا لکون، بلڪِ اسان پنهنجن پيارن توڙي محبوب ليڊرن  سورهيه بادشاهه، ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، مير مرتضى ڀٽو، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، شهيد نظير عباسي ۽ ٻين اهڙن ئي هيروز جي نالي تي انهن جي سالگرهه ۽ شهادت جي ڏهاڙن تي  ٻوٽا لڳائي  انهن کي وڌائي وڻ ڪريون ۽ انهن تي، سندن  نالا لکي نئون مثال  به قائم ڪريون ته گڏوگڏ ماحول کي به بهتر بڻائي، قدرت  کي راضي ڪريون ۽ ڪيترن ئي ٻين مخلوقن کي خوش ڪري ۽ انهن کي جيئڻ ۽ رهڻ جو اجهو فراهم ڪري پالڻهار کي ريجهايون.

نواز ڪنڀر/ سانگهڙ

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s