زميني ورهاست جي نالي ۾ ٿيندڙ ماحولياتي تباهي- نواز ڪنڀر


 

حڪومت جيڪي ڪم ڪري رهي آهي، انهن ۾ هڪ ڪم عورتن کي معاشي طرح پاڻ ڀرو ڪري پنهنجن پيرن تي بيهارڻ وارو به آهي، جنهن لاءِ حڪومت مختلف منصوبا جوڙيا آهن، جن ۾ هڪ منصوبو بي زمين هارياڻين ۽ غريب عورتن ۾ زمين جي ورهاست به آهي. جيڪا زمين ورهائڻي آهي، ان ۾ ڇهه لک، سترنهن هزار، پنج سؤ پنجيتاليهه ايڪڙ ڪچي يا دريائي ٻيلن جي زمين ۽ ٻه لک، پندرنهن هزار، يارنهن ايڪڙ پڪي جي زمين، ٽوٽل اٺ لک، ٻٽيهه هزار، پنج سؤ، ڇاونجاهه ايڪڙ زمين شامل آهي.

بي زمين ۽ غريب هارياڻين کي زمين ڏئي کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ واري نيڪ ڪم کان ته ڪنهن کي انڪار ڪونهي، پر ان ڪم سان ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا ۽ ڪيترائي خطرا ۽ خدشا سامهون اچن ٿا، انهيءَ حوالي سان ڏسجي ته انهيءَ اسڪيم مان نه ته هارياڻين کي ڪو خاص فائدو ٿيندي نظر اچي ٿو، نه ئي سندن ڪا ترقي ٿيندي نظر ٿي اچي. الٽو ان سان انيڪ سماجي ۽ ماحولياتي مسئلا پيدا ٿيڻ سان گڏ ڪيترن ئي بين الاقوامي معاهدن جي ڀڃڪڙي ٿيندي نظر پئي اچي. مثال طور: جيڪڏهن هارياڻين کي زمين ملي به وئي ته ڇا هو حقيقت ۾ “زميندار” ٿي سگهنديون! ۽ کين زمين جو معاشي فائدو ٿي سگهندو؟ زمين جو قبضو به انهن عورتن کي ملي سگهندو يا نه! گهڻو ڪري زمينون اڳ ۾ ئي بااثر ماڻهن جي قبضي يا مهاڳي ۾ آهن، اهي غريب عورتون، انهن بااثر ماڻهن يا مهاڳي وارن کان قبضو خالي ڪرائي سگهنديون!؟ انهيءَ زمين جون حقيقي مالڪ به اهي عورتون هونديون يا سندن نالن تي منتقل ٿيل زمين جا اصل مالڪ اڃان ڪي ٻيا هوندا! ان کان علاوه ڪي زمينون ته ڀِٽن ۽ دڙن جي شڪل يا غير آباد آهن، جن کي آباد ڪرڻ لاءِ جنهن خرچ پکي جي ضرورت پوندي، اهو خرچ اهي غريب عورتون ڪٿان آڻينديون! ان جهڙا ڪيترائي اهڙا سوال آهن، جيڪي زمين جي ورهاست جي تاريخ، اسان جي سماجي حالت ۽ هارياڻين جي سماجي ۽ معاشي حالت ڏسندي جواب طلب آهن.

جيڪڏهن حڪومت کي عورتن ۽ غريب هارياڻين جي مدد ئي ڪرڻي آهي يا کين معاشي طرح پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ته ڇا ان لاءِ ڪي ٻيا قابل عمل منصوبا نٿا جوڙي سگهجن؟ مثال طور اسان جي معاشري جي غريب ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو رهڻ لاءِ پنهنجي ڌرتي، پلاٽ ۽ زمين نه هئڻ آهي. اڄ به غريبن لاءِ وڏي ۾ وڏو دڙڪو ۽ ڊپ لڏڻ جو ئي هجي ٿو. وڏيري ۽ رئيس پاران ڪنهن به وقت لڏائڻ جي خطري سبب غريب ماڻهو جيئن جو تيئن رهڻ ۽ پنهنجي معاشي توڙي سماجي حالت ۽ حيثيت بدلائڻ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ کان قاصر آهن. سماجي تبديلي جو وڏي ۾ وڏو هٿيار ووٽ يا اميدوارن کان سنئون سڌو ڪجهه گهرڻ يا پنهنجا ڏک سور کين ٻڌائي، سندن پٺيان وعدا پورا نه ٿيڻ بابت کين نه ٻڌائي سگهڻ جو به وڏي ۾ وڏو سبب، پرائي زمين تي رهڻ ئي آهي، ان ڪري جيڪڏهن حڪومت انهن غريب عورتن جي سماجي ۽ معاشي حالت بدلائڻ چاهي ٿي ته هو سڀ کان پهرين انهن غريب عورتن کي رهڻ لاءِ مفت يا سستا پلاٽ ڏئي، ته اهي عورتون نه صرف وڏيري ۽ رئيس دڙڪن ڊاٻن کان بچي خود انحصاري واري آزاد زندگي گذاري سگهن ٿيون. مڃيون ٿا ته حڪومت غريبن کي گهر ٺاهي ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪري رکيو آهي، پر اهو تمام ٿورن ماڻهن لاءِ ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن ته ضرورت ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ جي آهي. ان ڪري غريبن کي گهر ٺاهي ڏيڻ بجاءِ ننڍن وڏن شهرن ٻاهران ڪالونيون ٺاهي پلاٽ ڏنا وڃن ته جيئن اهي آزادي سان رهي به سگهن ته شهرن ۾ محنت مزدوري به ڪري سگهن، جنهن سان شهرن ۾ سنڌي ماڻهن جي انگ ۾ به اضافو ٿيندو ته سنڌين جا ووٽ به وڌندا.

اصل اعتراض، جيڪو زمين ورهائڻ جي حوالي سان آهي، اُهو اِهو ته اسان وٽ ماحولياتي تبديليون ته اڳ ۾ ئي ڏاڍو تيزي سان اچي چڪيون آهن ۽ اچي رهيون آهن، انهن ماحولياتي تبديلين کي روڪڻ جو سڀ کان سولو ۽ سستو طريقو وڻ ۽ ٻيلا آهن، جيڪي اسان وٽ اڳ ۾ ئي هڪ ته گهٽ آهن ۽ ٻيو ته جيڪي آهن، اهي به مختلف سببن ڪري ڏاڍو تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. عورتن واري انهيءَ اسڪيم جي ڳالهه شروع ٿيڻ سان ئي انهيءَ ورهائجندڙ زمين تي انڪروچمينٽ جي ڪيسن ۾ اضافو رپورٽ ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن عورتن ۾ زمين ورهائڻ واري اسڪيم به شروع ٿي وئي ته هن سان به اٺ لک، ٻٽيهه هزار، پنج سؤ ڇاونجاهه ايڪڙ ٻيلن يا وڻن واري زمين متاثر ٿيندي، جنهن جو ماحول تي تمام گهڻو خراب اثر پوندو. نه صرف ماحول تي پر ان جا سڄي معاشري تي معاشي ۽ سماجي اثر پوندا. هينئر ان زمين کي هرڪو مال چارڻ، ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ڪرڻ، عمارتي ڪاٺ، ماکي، لاک ۽ کنئور لاهڻ توڙي ٻين ننڍن وڏن معاشي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه ٻيلا هوا صاف ڪرڻ ۽ ٽيمپريچر کي مناسب حدن ۾ رکڻ جو به سڀ کان وڏو ذريعو آهن، پر زمين الاٽ ٿيڻ بعد ان تي رڳو هڪ ڌر جو حق هوندو. اهو به جي حقيقي معنيٰ ۾ زمين ڪنهن غريب عورت کي ملي ته، پر زمين جي ورهاست جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اها زمين عورتن کي رڳو نالي ماتر ئي ملي سگهندي. جڏهن ته هن جا اصل مالڪ وري به بااثر مرد ئي هوندا، پوءِ اهي ڪير به هجن.

ان ڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته حڪومت عورتن ۾ ٻيلي کاتي جي زمين ورهائڻ واري اسڪيم تي ٻيهر غور ڪري، نه صرف عورتن ۾ زمين جي ورهاست جو جائزو وٺي، بلڪه مستقبل ۾ به ڪنهن کي ٻيلي جي زمين الاٽ ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ موثر قانون سازي ڪري. عورتن لاءِ اهڙا منصوبا جوڙي، جن سان صحيح معنيٰ ۾ عورتن کي ئي فائدو ٿي سگهي. مثال طور ننڍي ڪاروبار، چوپايو مال پالڻ وغيره لاءِ قرض. باقي جيڪڏهن حڪومت عورتن کي “زميندار” ٺاهڻ تي ئي بضد آهي ته پوءِ نوان زرعي سڌارا آڻي، هڪ حد کان مٿي واريون زمينون رد ڪري، اها زمين فقط ۽ فقط عورتن ۾ ئي ورهائڻ جو قانون جوڙيو وڃي ته به ڪافي ڪم ٿي سگهي ٿو. عورتن کي ان طريقي نسبتن آباد، آبادي جي ويجهو ۽ گهربل سهولتن واري زمين ملڻ جا امڪان به وڌي ويندا. باقي نااهل ڪامورا شاهي، جيڪا حڪومتي پگهارن ۽ ٻين فائدن ۾ ته اکيون وجھي ويٺي آهي پر حڪومتي شين جي سار سنڀال ڪرڻ بجاءِ ماڳهين انهن شين مان ئي حڪومت کي پنهنجا قيمتي “مشورا” ڏئي، هٿ ڪڍرائڻ جي پئي ڪري. باقي رهي زمين جي ورهاست ته حڪومت ٻيو نه ته رڳو انهن عالمي فورمن جو ئي فڪر ڪري، جن جي هو ميمبر آهي. انهن عالمي معاهدن کي ئي نظر ۾ رکي، جن تي حڪومت صحيحون ڪيون آهن ۽ جن جي شرطن مطابق حڪومت کي 2015ع تائين ٻيلن واري زمين ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست سيڪڙو اضافو ڪرڻو آهي، انهيءَ زمين ورهائڻ واري اسڪيم بعد حڪومت ٻيلن ۾ ست سيڪڙو اضافو ته ڇا ڪري سگهندي، ماڳهين موجوده تعداد ۾ به گهٽتائي آڻيندي.

پاڪستان ۾ ٻيلا 42 لک هيڪٽرن تي، يعني ڪل ملڪي ايراضي جو 4.8 سيڪڙو آهن. جڏهن ته اها ايراضي گهٽ ۾ گهٽ10%  سيڪڙو هجڻ گهرجي. اڳي ئي ٻيلن جي ايراضي ۾ هر سال 4 کان 6 سيڪڙو گهٽتائي اچي رهي آهي، انهيءَ رفتار سان ٻيلن ۾ گهٽتائي ايندي رهي ته ايندڙ ڏهن ويهن سالن ۾ ڇا حالت ٿيندي! ۽ ان جا ڪهڙا خطرناڪ نتيجا نڪرندا؟ اهو سوچي ماحول سان واقفيت رکندڙ، انسان ۽ ماحول دوست ڌرين جا ته وار ڪانڊارجيو وڃن، پر نا اهل ڪامورن کي خبر ناهي ڇو احساس نٿو ٿئي! حالانڪه هو به هن ئي ڌرتي تي ساهه کڻن ٿا.

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s