سوڪهڙو، آڳاٽي ڪڻڪ ۽ تترن جي نسل ڪشي- نواز ڪنڀر


 

تتر جيڪو ننڍي اڏام، لذيذ گوشت ۽ مخصوص ٻوليءَ جي ڪري پکين ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، ان لاءِ روز بروز جيئڻ جا ذريعا گهٽبا ۽ نسل ڪشي جا سبب وڌي رهيا آهن. تتر، جنهن جو گوشت پکين ۾ سڀ کان وڌيڪ لذيذ مڃيو وڃي ٿو، تنهن جي لذت جي شهرت هاڻ هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي. نام نهاد “وڏن” ماڻهن جون دعوتون تترن بنا اڻ پوريون ۽ اڌوريون ليکيون وڃن ٿيون. تترن جا تحفا، جتي بند ٿيل در منٽن ۾ کوليو ڇڏين، اتي وري انتظار ۾ پيل فائيلون منٽن ۾ صحيح ۽ ٽٽل رابطا به راتورات بحال ٿيو وڃن. ماڻهن کان علاوه باز به تتر جي گوشت تي مست هوندو آهي.

وڻن جي مسلسل واڍي ۽ جهنگن ۽ ٻيلن جي خاتمي بعد تتر جي پناهه جا ذريعا هاڻ گهٽجي رهيا آهن. شڪار جي وڌندڙ شوق ۽ روڊ رستن جي ڄار، فور ويل گاڏين ۽ بندوقن ۾ اضافي به تتر کي ختم ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. ساڳئي وقت وڌندڙ لا قانونيت، ٻچن جي سيزن ۾ وونئڻن ۾ ٿيندڙ زهريلي اسپري به تتر کي وڏو نقصان پهچايو آهي، پر تازو جنهن نئين ڳالهه تتر کي تباهي جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي، سا آهي پاڻي جي کوٽ، جنهن سبب ڪڻڪ جو فصل جلد ئي سڪي ويو ۽ لابارا پئجي ويا. جيڪو وقت تترن جي آنن ۽ ٻچن ڦوڙڻ جو هو. پر آڳاٽي ڪڻڪ لهڻ سبب تترن کي آنن ۽ ٻچن لاءِ گهربل وقت ۽ ماحول نه ملڻ سبب تترن جي نسل کي سخت نقصان رسيو آهي ۽ تترن جي لاٿل آنن جو گهڻو حصو ٻچا ڦٽڻ کان اڳ ضايع ٿي ويو آهي. ان کان علاوه تتر پالڻ لاءِ لائسنس واري سهولت تترن جي قاتلن ۽ واپارين لاءِ تمام وڏي سهولت، آساني ۽ آزادي بڻجي سامهون آئي آهي. تتر پالڻ لاءِ سئو روپيه سالانه فيس آهي، جيڪا ڀري ڪوبه ماڻهو آساني سان تتر کي ڪيڏانهن به کڻي وڃي سگهي ٿو، کائنس ڪير به نٿو پڇي سگهي. تتر پالڻ جي فيس مان نه ته سرڪار کي قابل ذڪر آمدني ٿي ٿئي، نه  ئي شڪار کاتي جو ڪو  ڀلو ٿو ٿئي. ان  حساب سان  ڏسجي ته هي فيس وارو سودو ڏاڍو مهانگو آهي. ان کان علاوه هڪ آزاد پکي کي پڃري ۾ پالڻ جي نالي تي قيد ڪرڻ جي فيس سالانه سئو روپيا نه صرف صفا گهٽ آهي، بلڪه وڏو ظلم به  آهي. قانون ۾ جڏهن ڪنهن بي گناهه ۽ بي ڏوهي کي قيد ڪرڻ جي گنجائش نه آهي، ته پوءِ تترن (طوطن سان به پر  ان جو ذڪر ٻئي ڀيري) سان ايترو ظلم ڇو؟! تتر پالڻ واري لائسنس جي آڙ ۾ ماڻهو تترن جا ٻچا جهلي وڪڻن ٿا. جنهن دوران اڪثر حالتن ۾، جهليل ٻچا مناسب ماحول ۽ نگهداشت نه هجڻ سبب مريو وڃن. ڇو جو مور وانگر تتر جو ٻچو به ڏاڍو حساس ٿئي ٿو. ائين تترن جي وڏي پئماني تي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، سا به صرف سئو روپين جي عيوض! پڃرن ۾ قيد تترن کي سيٽي تي ٻولڻ سيکاري، پڃرو جهنگ ۾ رکي، تتر کي سيٽي تي ٻولائي، ٻين تترن کي دوکي سان گهرائي، کين دام يا پڃري ۾ ڦاسائي قيد ڪيو وڃي ٿو. هي شڪار جو طريقو عام، تمام سولو ۽ تترن جي حوالي سان بيحد خطرناڪ ثابت ٿيو آهي. جيئن گذريل سال کان هرڻن ۽ مورن جي پالڻ واري نئين لائسنس جاري ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي آهي، ائين تترن کي پڃرن ۾ پالڻ تي پابندي ڇو نٿي هنئي وڃي؟

خفتين مطابق تتر سال ۾ عموماً ٻه، پر ڪڏهن ڪڏهن ٽي تُور به ڪري ٿو، جيڪي ڪڻڪن جي لابارن، جون جولائي دوران وونئڻن ۾ ۽ ٽيون ڀيرو ڪڏهن ڪڏهن وونئڻن جي پڇاڙي ۾ هجن ٿا. وونئڻن تي زهريلين دوائن جي ڦوهاري سان متاثر ٿيل جيتن کي کائڻ سان به  تتر وڏي پئماني تي مري وڃي ٿو، اهو عمل به تتر جي نسل ڪشي  جو سبب ٿي رهيو آهي. اها حقيقت آهي ته گهٽجندڙ جهنگ ۽ تبديل ٿيندڙ قدرتي ماحول سبب پکي ۽ جانور هاڻ پرائيويٽ رُکن ۾ ئي پلجي ۽ بچي سگهن ٿا، پر جي انهن کي اتي گهربل ماحول به مهيا ڪيو وڃي ته، جيڪو پڃرن ۾ بهرحال ڪنهن به صورت ۾ ميسر نٿو ٿي سگهي. پوءِ اهي پڃرا تترن ۽ طوطن جا هجن يا چڙيا گهرن ۽ سرڪسن ۾ ٻين پکين  ۽ جانورن جا. ان کان علاوه سرڪاري طرح تترن جي شڪار لاءِ مقرر ٿيل پهرين نومبر کان 31 جنوري تائين واري پاليسي ۾ به بدليل وقت ۽ حالتن مطابق ترميم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن پاليسي تحت ٽن مهينن تائين، هفتي ۾ هڪ ڏينهن، (جيڪو گهڻو ڪري ڇنڇر يا آچر هجي ٿو) لائسنس واري کي، ڏهن تترن تائين شڪار جي اجازت هجي ٿي. سڀني کي خبر آهي ته شڪار کاتي جي ڇا حالت آهي. شڪار کاتي جي هٿين خالي ۽ پيادل هيٺين گريڊ جي ملازمن جو واسطو جديد هٿيارن، وڏين گاڏين ۽ تمام با اثر شڪارين سان  پئي ٿو. هڪ حال هيڻا، ٻيو پيادل، سو به هٿين خالي! اهي ڪيئن ٿا بااثر شڪارين جو مقابلو ڪري سگهن؟ شڪار کاتي جي ملازمن جي مجال آهي جو هو  لائسنس  واري همراهه توڙي ڪنهن  بغير لائسنس واري با اثر کان پڇي سگهن ۽ ڏسي سگهن ته هن ڏهه تتر ماريا آهن يا ڏهه ضرب ڏهه ماريا آهن. خبر ناهي اها ڳالهه وس وارن کي سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي. اهي ملڪي ڪاروهنوار کان ايترا اڻ ڄاڻ  به ته ڪونه آهن، پوءِ ڇو نٿا بدليل وقت ۽ حالتن مطابق پاليسيون جوڙين؟ يا شايد اهي وس وارا پاڻ چاهين ئي اهو ٿا جيڪو ٿي رهيو آهي. انهي صورتحال ۾ جي ڪو اڙيو ٿڙيو شڪاري، شڪار کاتي وارن هٿان، پکي بچائڻ جي نيت بجاءِ ڪنهن ٻي “نيت” سبب پڪڙجي به پئي ته ان جي سزا وڌ ۾ وڌ پندرنهن هزار روپيا يا ڇهه مهينا ٽيپ يا ٻئي سزائون هجن ٿيون، پر اڄ تائين ڪيترن تترن جي قاتلن سزائون کاڌيون آهن ۽ جيل ڪمايا آهن؟ رڪارڊ ڏسڻ سان سڄي ڳالهه سامهون اچي سگهي ٿي.

تترن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين ۾ هونئن ته ٻيا به ڪيترا ئي فيڪٽر شامل آهن، پر وڏن ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ تترن جي ٻچن واري سيزن ۾ ٿيندڙ غير اخلاقي ۽ غير قانوني شڪار، وڏي ظلم  برابر آهي. ان ظلم ۾ اضافو ان وقت اڃان به وڌيو وڃي، جڏهن ڪنهن ڏڏ ۽ اناڙي شڪاري کي خوش ڪرڻ خاطر، چاپلوس قسم جا ميزبان، تترن کي شڪار واري ڏينهن کان اڳ جهلي، انهن جون اکيون سئي سان سبي، قيد ڪري ڇڏيندا آهن. ڏڏ شڪاري يا شڪارين پاران شڪار شروع ڪرڻ ۽ ڏند ٽيڙي بندوق هلائڻ وقت ميزبان پنهنجن ماڻهن کي لڪائي ويهاريندا آهن. جيڪي وقفي وقفي سان انتهائي بي رحمي سان اکيون سبيل ۽ اڳواٽ پڪڙيل تترن کي اڏاريندا رهندا آهن. جن کي نام نهاد “توبچي” بندوق سان ڌڪي خوش پيا ٿيندا آهن. ان صورت ۾ بندوق نه به لڳي، تڏهن به اکيون سبيل هجڻ ڪري انڌو ٿيل ۽ اذيت ۾ ورتل تتر وڌيڪ نه اڏامڻ سبب پري نه وڃي سگهندو آهي ۽ “شڪارين” جي اک ۾ ئي هوندو آهي. اهي ۽ انهن جهڙا خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا قهري طريقا استعمال ڪري پکين تي ظلم ڪرڻ سان گڏ انهن جي نسل ڪشي جو سلسلو جاري آهي.

قدرت هي ڪائنات سڀني ساهه وارن لاءِ خلقي هئي. جنهن ۾ سڀني کي ساهه کڻڻ ۽ جيئڻ جو حق حاصل هو، پر ان تي انسان قبضو ڪري، اهو حق رڳو پنهنجي لاءِ ئي مخصوص ڪري ڇڏيو آهي. شايد هاڻ گهڻو ٿي چڪو آهي ۽ ڳالهه برداشت کان به چڙهي وئي آهي، ان ڪري ئي ڏينهون ڏينهن انسان مختلف مصبتن ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي، پر سمجهي پوءِ به ڪونه ٿو. ڪٿي ائين نه ٿئي جو انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل انسان ايترو اڳتي وڌي وڃي جو واپسي جو رستو ئي نه ملي. ان کان اڳ بهتر آ ته انسان اکيون  پٽي ۽ ٻين ساهه وارن کي به جيئڻ جو حق ڏئي.

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s