پيڻ پکي به پرڙا سانباهيا- نواز ڪنڀر


 

 

اهي پکي، جن کي ڏيکاري مدارين کان ويندي قسمت جا حال ٻڌائيندڙن تائين ڪيترائي ماڻهو روزگار ڪندا آهن، انهن ۾ پيڻ پکي به هڪ آهي.  پيڻ جي خاص ڳالهه  هن جو  هتي ايندڙ  پکين ۾ وڌيڪ وزندار هجڻ کان علاوه هن جي قيمتي چرٻي يا وهه آهي. هتي هن کي جبل جو پکي سمجهيو ۽ چيو وڃي ٿو. پيڻ جا سنڌ ۾ عموماً ٻه قسم آهن. هڪ اڇو ڊاڀڻ White pelicans ۽ ٻيو ڳاڙهسرو سُونبDalmatian pelican/pelicans crisps  پيڻ ملن ٿا. ڳاڙهسرو سُونب پيڻ (ڪي ماڻهو هن کي سوڀ پيڻ به سڏين) اڇي ڊاڀڻ کان وزن ۾ گهڻو گهٽ پر چرٻي/وهه جي لحاظ کان اهم ۽  قيمتي آهي. جڏهن ته مدارين وٽ موجود اڇي پيڻ جي وهه کي ملاح ڪنهن به ڪم جو نٿا سمجهن. سونب هت اچي ته ٿو پر اڇي جي مقابلي ۾ بنهه گهٽ ۽ قسمتي. پيڻ جي ڪنڌ کان هيٺ ڳچي وارو ”گگرو“ ڪافي وڏو ٿئي ٿو، جيڪو جي مٿي ۾ پائجي ته جيڪر مٿي کان به وڌي وڃي. جڏهن ته چنهب نري کان مٿي ٿئيس. وڏي گگري سبب هي پنج ڪلو تائين جي مڇي، هڪڙي ڳيت ۾ ڳهيو وڃي. هي ننڍي مڇي به کائي پر اوليت هميشه ڪرڙي ۽  وڏي مڇي کي ڏئي. پيڻ ماڻهو جي ويجهو اچڻ تي تمام وڏو وات ڦاڙي، چنهب جي هيٺين  ۽ مٿين ٻنهي  حصن کي تاڙي وانگر ملائي، وڏو آواز ڪندو آهي. جنهن کي ٻيون پيڻ به ورنائينديون آهن. مڇي کائڻ ڪري هن  حلال پکي جي گوشت ۾ مڇي جي بوءِ ڀريل هوندي آهي، جنهن ڪري شڪاري هن ڏانهن گهڻو توجهه ڪونه ڏين. ٻيو ته هي اچي به گرمين ۾ ٿو. هن جو گوشت اٺ جي گوشت وانگر ڪارسرو ۽  ڪجهه سخت ٿئي. هن جي بوءِ واري گوشت جي ڪمي، هن جي وهه واري خاصيت پوري ڪريو ڇڏي. جيتوڻيڪ هن جي وهه ۾ مڇي جي بوءِ هجي ٿي، پر وائي، بادي، چيلهه يا جسم ۾ ڪنهن به هنڌ سور  يا هڏي ڀڄڻ سبب ٿيندڙ سور کي ختم ڪرڻ جي خاصيت سبب هن جي وهه کي سالن تائين سنڀالي ۽ سانڍي رکيو ويندو آهي. وهه مان آڱر ٻوڙي سور واري جاءِ تي آهستي آهستي مالش وانگر لڳائبي آهي، پر مالش ڪونه ڪبي آهي. هن جي وهه ٻن طريقن سان ڪڍبي آهي. هڪ طريقي ۾ پيڻ جي گوشت جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري، انهن کي ڪنهن ٿالهه يا وڏي ٿانو مٿان اس ۾، اهڙي نموني رکبو آهي، جيئن وهه ٽمي ان ٿانو ۾ ڪرندي رهي. اس تي رکڻ سان وهه پگهرجي ٿانو ۾ گڏ ٿيندي آهي ۽ ٻئي طريقي ۾ پيڻ کي باهه تي سيڪ ڏئي وهه ڪڍبي آهي. اس تي حاصل ڪيل وهه وڌيڪ اهم ۽ ڪارائتي سمجهبي آهي. بقار جي ملاحن جي بقول ته ٻيا پکي هتي اتران الهندي کان ايندا آهن، پر هي لاڙ مان، ڏاکڻان اڀرندي کان ايندو آهي. پيڻ جو هتي اچڻ گرمين جي شروعات ۽ هتان وڃڻ وارو وقت گرمي ۽ سانوڻ وڃڻ برابر سمجهبو آهي. جڏهن ته بدين ۽ سامونڊي علائقن واري پاسي هن جو ڏس سڄي سال ۾ ملي ٿو. ڪلراٺين، وڏين کارين ڍنڍن ۽ وڏن پاڻين تي وڌيڪ پنڌ ڪندڙ ۽ پلجندڙ پيڻ جا ناري واري پاسي منگلي کان الهندي سيري، جادوپور، باقر شاهه رستي وارا پوٺا ۽ ڍنڍون مسڪن آهن. ناري واري پاسي هڪ سال اچي ته ٻه سال اچڻ کان پاسو ڪري. شايد  هتان مليل ڦٽ ڇڏائڻ ۾ ۽ يادگيريون وسارڻ ۾ وقت لڳندو اٿس.

ست اٺ ڪلو تائين وزن رکندڙ پيڻ، ٽولي ۾ اچي به ته اڏامي به ٽولي ۾. اڪيلي سر نه کائي نه اڏامي، نه ئي ڪنهن ٻئي پکي جو نالو وٺي. پر جبل جي ڀولڙي لاءِ پيڻ پويون پساهه سمجھبي آهي، ان ڪري چوڻي آهي ته ”جهڙو ڀولڙي کي پيڻ جو ڪنڌو ڏيکاريئي“. هيٺ ۽ آهستي اڏامندڙ هن پکي جا پر ٽي فوٽ کن ٿين، جنهن ڪري اڏامڻ مهل ڇانوَ ڪريو ڇڏين. اڏامڻ مهل هي پر ڪونه هڻي، بلڪه سڌن پرن سان اڏامي.کارين ڍنڍن تي هي ڇٻر، ڏِير، ۽ ڪوڙي پن جو پاسو وڌيڪ وٺي. ان کان علاوه هي ريٽ، ڪوڏ ۽ سپيون وغيره به شوق سان واپرائي. پاڻي ڪناري لئي جي لاهن ۽ کُتن تي به خيما کوڙي.  رات جو ڍنڍن جي وچ ۾ دڙن تي گذارو ڪري. هن جي چهنب جا ڪنارا تيز چاقو جهڙا ۽ چهنب جي اندرين پاسي ڏند هوندا اٿس، جنهن سان شڪار تي ته الائي ڇا ٿو گذري، پر هن کي کائڻ ۾ ڏاڍي سولائي ٿيندي آهي. هي صبح جو چُڳي، ڏينهن تپڻ تي ٻي ڍنڍ جو رخ رکي.  آهستي اڏامندڙ هي پکي اچي به ڏينهن جو ته وڃي به ڏينهن جو، ڀلي دنيا پئي ڏسي، اصل ڪنهن کي ليکي ۾ ئي نه آڻيندو آهي. هن کي بک اجهائڻ لاءِ جتي مڇي وڌيڪ گهرجي، اتي اڃ اجهائڻ توڙي پيئڻ لاءِ پاڻي به وڌيڪ کپي. هي مڇي جي شڪار ڪرڻ مهل،  شڪارين وانگر گڏجي پَرو ڪري هلندا آهن ۽ مڇي کي گهيرو ڪري قابو ڪندا آهن.

جيئن جيئن گرمي شروع ٿيندي آهي ته هي به ڇڊا پاڇا اپريل کان ئي  اچڻ شروع ٿي ويندا آهن. هن جي اچڻ کان پندرهن ويهه ڏينهن اڳ سڀ کان پهرين لاکو ڄاڃي ايندو آهي ۽ ان بعد ڪونج ڪلرن ۽ پوٺن ۾ لهندي آهي. ساڳي نموني وڃڻ مهل به هي لاکي ڄاڃي جي وڃڻ  بعد، ٿوري ٿڌ پوڻ تي هتان هليو وڃي ٿو. نائين ۾ ته هي نظر ئي نه ايندو آهي. بدين واري پاسي سيارو توڙي سانوڻ سڄو سال  موجود ٻڌجي ٿو. مقامي ماڻهو جتي وڏي وات ڦاٽل کي پيڻ سان  تشبيهه ڏين ٿا، اتي انهن وٽ پيڻ جي حوالي سان پنهنجا پنهنجا ويچار، وهم ۽ وسوسا  به آهن. چون ٿا ته بگهڙ وانگر پيڻ کان به جن ڊڄن ٿا. جن، پيڻ  جو ڪنڌ ڏٺو ته پاسو ڪري ڀڄندو. ساڳئي نموني ماڻهو اهو به چون ٿا ته بگهڙ، جن کي ڏٺو ته کيس مارڻ لاءِ اڳتي وڌندو آهي. شايد ان ڪري ئي جڏهن ننڍو ٻار ڇرڪ ڀريندو يا ڊڄندو آهي ته ان جي ڪنڌ ۾ بگهڙ جي کل، تعويذ طور ٻڌبي آهي. (ڪو ڀلي انهي ڳالهه کي ڇا به سمجهي، پر ڇا ڪجي ماڻهو ايئن ئي ڪن ٿا.)

پاڻي گهٽجڻ ۽ ڍنڍون سڪڻ ڪري هاڻ پيڻ جو به  پلجڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ساڳئي وقت ملاحن  پاران ننڍي وڏي مڇي، حد کان وڌيڪ شڪار ڪرڻ ڪري جتي ٻين ڪيترن ئي ساهه وارن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي، اتي پيڻ جي کاڌ خوراڪ ۾ به  گهڻي گهٽتائي آئي آهي. ان ڪري لڳي ٿو ته هاڻ پيڻ به هت بس مهمان ئي آهي. پاڻي جي اڻاٺ ۽ ڍنڍن جي سڪڻ سبب اڄڪلهه پيڻ نون ٺڪاڻن جي تلاش ۾ سرگردان آهي. هو نوان دڳ ۽ دٻا تلاش ڪندي جتي پاڻي ٿو ڏسي، اتي لهيو پوي. پاڻي جي تلاش ۾ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪيڏانهن وڃيو نڪري. ماڻهو رونشو سمجهي هن جي پويان پئجي مذاق مذاق ۾ هن کي ماري، نسل ڪشي ڪري رهيا آهن. وڌيڪ وزن هجڻ سبب آهستي آهستي اڏامڻ ڪري، ماڻهو هن کي ڊوڙايو ڊوڙايو جهليو وٺن. جيئن تازو ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ پيڻ پهريون ڀيرو لٿي ته ڪن جهلي ٻوڙ ڪيو ته ڪن وهه ڪڍي سنڀالي رکي، باقي جيڪي بچيون سي مشڪل سان جان بچائي ڪن نون شڪارين جي ور چڙهڻ لاءِ، ڪنهن اڻ ڏٺي مقام ڏانهن اڏامي ويون.

ناميارو شاعر، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڪهاڻين جي مجموعي ”روين جو چهرو“ جي خالق راجن مڱرئي جي بقول ته گذريل سال به هن ڳوٺ مٿان پيڻ لنگهي ضرور هئي، پر ڪٿي لهڻ ۽ رهڻ جو ڏس نه مليو هو، جڏهن ته هن سال هو پاڻي جو دٻو ڏسي لهي پئي. ان مان لڳي ٿو ته پيڻ جي رهڻ جا روايتي هنڌ سڪي وڃڻ ڪري هاڻ هي نون ٺڪاڻن جي تلاش ۾، نوان دڳ ڏسي ۽ وٺي رهي آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته اسان هن هيڏي وڏي ۽ وزن واري پهلوان پکي جي مصيبتن ۾ ٿيل اضافي جو احساس ڪندي، کيس ممڪن حد تائين گهربل ماحول مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، پر جي اهو نٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ کيس رونشي خاطر، اجايو ماريون ته نه!

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s