چوٽياريون ڊيم جون تباهه ڪاريون- نواز ڪنڀر


 

تعلقي سنجهورو جي يو سي شاهه سڪندر آباد جهڙي طرح سنڌ جي وڏين يو سين ۾ شمار ٿئي ٿي، تيئن يو سي شاهه سڪندر آباد ۾ وري ديهه اڪن واري تمام وڏي ديهه مڃي وڃي ٿي. هونئن ته تواريخي مکي ڍنڍ واري ماحول جي حساب سان تمام اهم هن ديهه ۽ يو سي جي حوالي سان سياسي ۽ سماجي طرح ڪافي ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر اڄلڪهه ان کي جهڙي نموني ماحولياتي تباهي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان تي ماحول، انسانن ۽ ڌرتي سان محبت رکندڙ ساڃانهه وند ڌريون تمام ڏاڍيون پريشان آهن، پر پنهنجي سر ڪجهه ڪرڻ کان قاصر آهن. جن کي هٿ وس آهي، انهن جو ڌيان رڳو مال ميڙڻ تي آهي. چوٽياريون ڊيم سان لڳو لڳ هن ديهه جي ماڻهن، چوپائي مال، پکي پکڻ توڙي ٻئي جهنگلي جيوت سان جيڪي ڪلور ڊيم جو سم وارو پاڻي ڪري رهيو آهي، وس وارا اهو ڏسي به خبر ناهي ڇو ڪجهه نٿا ڪن! ڊيم ڀرسان ديهه اڪن واري جو لڳ ڀڳ ساڍا ٽي هزار ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل سم سبب تباهه ٿي ويو آهي ۽ ونئوڻ پوکڻ جو نه ڪو امڪان آهي، نه ئي آسرو. هڪ پاسي ڪڻڪ جي تيار ٿيل فصل جي سم جي نظر ٿي وڃڻ سبب جتي هاري ناري تباهه ٿي، قرضي ٿي ويا آهن، اتي ٻئي پاسي ڀاڳين جو مال به جُو نه هجڻ سبب بک مري رهيو آهي. ڪيترن ئي ڀاڳين، مال کي چرڻ جي سهولت نه هجڻ سبب اڌ کان وڌيڪ مال کپائي ڇڏيو آهي. واضع رهي ته هي ديهه ۽ يو سي مال جي چراگاهه طور پڻ سڃاتي وڃي ٿي. هڪ اندازي مطابق هتي جي ڪيترن ئي وڏن ڳوٺن فضل لغاري، ولي محمد ابو پوٽو، ٻيڙو بهڻ، خليفو الهه بخش جوڻيجو، الهه ڏنو بهڻ، بلاول ابو پوٽو، جان محمد راڄپر ۽ مينهل فقير خاصخصيلي، ۽ ڀرپاسي جو هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال متاٿر ٿي رهيو آهي. جن ۾ لڳ ڀڳ ٻارهن، تيرهن سئو مينهون، ٻه هزار کن رڍون، ٻڪريون ۽ ٽي هزار کن ڍڳيون شامل آهن. هن علائقي ۾ جتي ٻيا روزگار جا ذريعا اڳ ئي نالي ماتر هئا ۽ اڪثر آبادي جو انحصار پوکي ۽ مال تي هو، اتي اهڙي صورتحال بعد غربت تمام تيزي سان وڌي آهي، جنهن جا سماجي طرح جتي ٻيا نتيجا نڪتا آهن، اتي هن يوسي واري روڊ تي امن امان جي صورتحال به ڏاڍي خراب ٿي ويئي آهي. مال جي پڙين تي چڙهڻ بعد سڄي ضلعي ۾ جتي چوپائي مال جا اگهه چڙهي ويا آهن کير جا اگهه به چڙهي ويا آهن.

چوپائي مال جي نسل ڪشي، غربت، بيروزگاري ۽ امن امان جي تباهه ٿيڻ کان علاوه سم ۽ ڪلر سبب جهنگلي جيوت تي به تمام خراب اثر پيو آهي. واضع رهي ته هن ئي ديهه ۽ يو سي ۾ پير صاحبان جون ڪيتريون ئي تترن، ڦاڙهن ۽ هرڻن جون رکون آهن. سم وڌي وڄڻ سبب زمين سڄي پاڻي ئي پاڻي ٿيڻ بعد جتي ڦاڙهي ۽ سهي جو چارو ختم ٿيو آهي، اتي تترن ۽ ڳيرن ۽ ٻين پکين تي به وڏو اثر ٿيو آهي. جيئن ته هي مند تترن جي آني ۽ ٻچي جي هوندي آهي، سو ڪڻڪن جي سم سبب تباهه ٿيڻ بعد نه ته تترن ۽ ڳيرن لاءِ آني ۽ ٻچي ڪرڻ جي ڪا جاءِ بچي آهي نه ئي انهن جي ٻچن لاءِ کاڌ خوراڪ. ڦاڙهو اڳ ئي هن وقت شڪارين جي اکين ۾ هجڻ ڪري ذري گهٽ وجود وڃائڻ تي آهي. مٿان وري رهي سهي ڪثر سم ڪڍي ڇڏي آهي. اهڙي نموني ڊيم جي تباهي نه صرف ماڻهن ۽ چوپائي مال کي متاثر ڪري رهي آهي، بلڪه جهنگلي جيوت کي به تباهه ڪري رهي آهي. ان کان علاوه سم سبب گاهه ٻوٽا به سڙي رهيا آهن. جنهن سان اڳتي هلي هتي مختلف قسمن جي گاهن ۽ ٻوٽن ۾ واضع نموني گهٽائي ٿيندي. هتي ٽالهي ۽ ٻٻرن جا وڻ به ججها هئا، جن ۾ ڪجهه اڃان به آهن، جن ۾ به ڪات ڪهاڙا پئجي چڪا آهن. هتي بچيل ڪجهه سرڪاري زمين جا ٽڪرا به بااثر ماڻهن جي اک تي چڙهي، الاٽ ٿي چڪا آهن. زمين کيڙي ڪرڻ لاءِ وڻ ٽڻ به صبح شام وڍجي، ٽريڪٽن ٽرالين ۽ گڏهه گاڏين تي کڻجي رهيا آهن. وڻن جي واڍي ۽ انهن جو کڄڻ، سڀ ڪجهه ٻيلي کاتي ۽ پوليس جي موجودگي ۾ ٿي رهيو آهي. پوليس جي چوڪي تي ٽريڪٽر ٽرالي جا ٻن کان ٽي هزار ۽ گڏهه گاڏي جا پنجاهه کان ٻه سئو تائين ريٽ مقرر ٿيل آهن. جڏهن ته ٻيلي کاتي جي ماٺ سمجهه کان ٻاهر آهي. هنن سڀني مصيبتن هوندي ڳوٺاڻن لاءِ هڪ نئين مصيبت منهن اچي ڪڍيو آهي. اها مصيبت آهي سم وڌڻ بعد نانگ بلائن جو ٻرن مان ٻاهر نڪري، دڙن تي اچڻ، جنهن بعد هن علائقي ۾ ڪيترائي ڳوٺاڻا ڪکجي اسپتالن ڀيڙا ٿي، اسپتالن ۾ نانگ بلائن جي کاڌلن لاءِ گهربل دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سم واري هن سڄي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اريگيشن کاتي پاران هتي ڇهه پاڻي ڪڍڻ وارا پمپ لڳايا ويا آهن. لڳڻا ته هتي ٽيوب ويل هئا جن جو ڪيئي ڀيرا مختلف ڌرين پاران واعدو به ڪيو ويو، پر آخر ۾ لڳا رڳو ڇهه پمپ! هڪ ته هيتري ساري ايريا لاءِ صرف ڇهه پمپ ناڪافي آهن، جن جي پاڻي ڇڪڻ جي گنجائش 30 ڪيوسڪ مس آهي، جڏهن ته هتي ايراضي ۽ پاڻي جي لحاظ کان گهٽ ۾ گهٽ سئو ڪيوسڪ پاڻي ڇڪڻ جو بندوبست هجڻ گهرجي، پر افسوس جو اهي ڇهه پمپ به مسلسل نٿا هلايا وڃن. انهن پمپن مان هڪ ئي وقت رڳو هڪ يا ٻه پمپ هلايا وڃن ٿا. باقي بند رکي، ڪاغذن ۾ هلندڙ ڏيکاريا وڃن ٿا ۽ انهن جو ڊيزل سرِعام وڪيو وڃي ٿو. پڇڻ وارن کي حصو پتي مليو وڃي! باقي ڪير پڇي!؟ ڳالهه جو اڃان به پيرو کڻبو ته ڳوٺاڻن چواڻي هن ڀيري ڊيم ۾ پاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ، ۽ سم وڌيڪ آهي، جنهن جو سبب ڊيم جي ڪنارن هيٺان پاڻي جو وڌيڪ سمڻ، ڪنارن جو ڪمزور ٿيڻ ۽ زمين ۾ هاڻ سم کي روڪڻ جي وڌيڪ طاقت نه هجڻ آهي.

ڊيم ڀرجڻ جي اهميت کان ته انڪاري نٿو ٿي سگهجي پر ڊيم جي ڀرجڻ بعد ان جي سم ڏسي، سم مان ٿيندڙ نقصان ڏسي ۽ ڊيم جي فائدن کي ڏسي آساني سان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته چوٽياريون ڊيم ڪيترو فائديمند آهي ۽ ڪيترو نقصانڪار! اها سڄي صورتحال ته رڳو هڪ يو سي جي هڪ ديهه جي آهي. جڏهن ته ڊيم جي چوڌاري سخت متاثر ٿيندڙ ديهون ۽ يو سيز ته اڃان ٻيون به آهن. ان لاءِ حڪومت سنڌ، زراعت کاتي، آبپاشي کاتي، ٻيلي کاتي ۽ وائيلڊ لائيف کاتي جي عملدارن کي گهرجي ته ڪا گڏيل ٽيم جوڙي، گڏيل رٿابندي ڪري هتي جي ماڻهن، فصلن، چوپائي مال، جهنگلي جيوت، پکي پکڻ، گاهه، ٻوٽن ۽ وڻن جي بچاءُ لاءِ ترت ڪجهه ڪن. ماڻهن کي بک، بي روزگاري ۽ غربت کان بچائڻ لاءِ ڪي ته قدم کڻن، ان کان اڳ جو ماڻهو پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ لاءِ ميدان جو منهن ڪن ۽ ڪنهن کان روڪيا نه رڪجن.

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s