ڇو نه سنڌي ثقافتي انقلاب کي سياسي ۽ معاشي انقلاب ۾ بدلائجي- نواز ڪنڀر


 

ثقافت ئي ڪنهن قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي، دنيا جون مختلف قومون پنهنجي ثقافت مان ئي سڃاتيون وينديون آهن، ان ڪري اهي پنهنجي ثقافت کي، پنهنجي ثقافتي اهڃاڻن کي هر ممڪن طريقي سان ”پروموٽ“ ڪنديون آهن، انهن تي فخر ڪنديون آهن ۽ ان کي نه صرف دنيا آڏو پيش ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪنديون آهن، بلڪه پنهنجو ثقافتي ورثو، پنهنجن ايندڙ نسلن ڏانهن به منتقل ڪنديون آهن، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ائين ناهي رهيو. ڪو وقت هو جڏهن اسان جا وڏڙا پنهنجي ثقافتي ورثي کي بچائڻ لاءِ ان کي ريتن، رسمن ۽ وڏن جي نشاني چئي بچائيندا پئي آيا پر اهو وقت اهڙو هو، جنهن ۾ اڃا انهن تي ٻين ثقافتن جي اثر جي ايتري يلغار نه ٿي هئي، نه ئي انهن کي ٻين ثقافتن کي اهڙي نموني منهن ڏيڻو ٿي پيو، جيئن اڄ جي نوجوانن کي، دنيا جي گلوبل وليج ٿيڻ بعد ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سڄي دنيا جي ٽي وي چئنلن ۽ انٽرنيٽ هاڻ دنيا کي هڪ ڪمري ۾ آڻي بند ڪيو آهي، جنهن جي ٻين ڪيترن ئي اثرن مان هڪ اثر پنهنجي ثقافت کان نه صرف پري ٿيڻ جي نتيجي طور ظاهر ٿئي ٿو، بلڪه نوجوان شعوري يا لاشعوري طرح پنهنجي ثقافتي اهڃاڻن جي گهربل تشهير ۽ پذيرائي نه ڏسي سگهڻ سبب، ان کي ٻين کان گهٽ به سمجهڻ لڳا آهن. ان ثقافتي احساس ڪمتريءَ جا پيرا کڻبا ته اهي هتي انگريزن جي اچڻ بعد ۽ خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ ٻاهران ايندڙن جي يلغارن تي وڃي کٽندا. اهي ڌاريا، جيڪي نه صرف هتي آيا، بلڪه جيڪي هتي جي اقتدار ۽ سڀني معاشي ذريعن تي به قابض ٿي ويا، يا ڪيا ويا، انهن نه صرف فطري طور پنهنجي ثقافت کي به هتي پروان چاڙهيو، بلڪه مقامي ماڻهن ۽ انهن جي ثقافت تي علي الاعلان چٿرون به ڪيون. عام خلق خدا هونئن ئي بااثر ۽ طاقتور ماڻهن کان مرعوب ٿي، انهن جهڙي رهڻي ڪهڻي ۽ ٻولي اختيار ڪندي آهي، جنهن جو مقابلو صرف ۽ صرف خود اعتماديءَ ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته اهڙي خود اعتماديءَ لاءِ وري معاشي ۽ اقتداري سگهه گهربل هوندي آهي.

هتي مختلف حڪمرانن جي دور ۾ ڪڏهن عربيءَ کي اهميت ملي، ڪڏهن فارسيءَ کي ته وري بادشاهه بدلجڻ بعد انگريزيءَ کي يا پوءِ ويجهي ماضيءَ ۾ اردوءَ کي. ائين ئي مختلف حڪمرانن جي حڪومت، طاقت کان مرعوب ٿي ماڻهن اڳوڻا لباس لاهي، حڪمرانن وارا هيلمٽ پائڻ شروع ڪيا. ڇا انگريزن کان اڳ ڪو ماڻهو هتي انگريزن وارو لباس پائڻ ۽ اهو لباس پائي گهران ٻاهر نڪرڻ جو تصور ڪري سگهيو ٿي؟! پر حڪمرانيءَ جي اثر ۽ داٻي لاشعوري طور ماڻهن کان نه صرف اهو لباس اختيار ڪرايو، بلڪه اهو لباس مهذب پڻي ۽ سماجي رتبي جو اهڃاڻ به بڻجي ويو. ساڳئي نموني انگريزن جي وڃڻ بعد، نون آيلن جي ڪري اسان جون وڏيون شلوارون ننڍيون ٿينديون ويون ۽ زالن مردن، پجامي جهڙيون شلوارون پائڻ شروع ڪيون. اهو ااثر پوندو آهي، پر نون آيلن اسان جي ثقافت سان حقارت آميز رويو رکيو.

اهو رويو گذريل 63 سالن کان رهندو آيو آهي. گذريل سال هڪ مخصوص ٽولو سنڌي ثقافت جو مذاق اڏائي، سنڌي ثقافت کي گهٽ ڪري ڏيکارڻ جا جتن ڪرڻ لڳو، پر هاڻ سنڌ بدلجي چڪي آهي، اڳوڻو اٻوجهائيءَ وارو دور نه رهيو آهي، هاڻ ميڊيا جو زمانو آهي ۽ ميڊيا جي ان زماني ۾ ڪي ٽي اين ۽ ڪشش جهڙا دنيا ۾ ڏٺا ويندڙ چئنل به هئا ته پرنٽ ميڊيا ۾ ملڪ جي ڪيترين ئي وڏين ملڪي اخبارن کان وڌيڪ سرڪيوليشن واري اخبار ڪاوش به هئي، جنهن سان ساڳئي ميڊيا گروپ جون اخبارون شام ۽ ڪوشش به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺيون. پر سڀ کان اهم ته انهيءَ اداري جو سرواڻ علي قاضي، سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪندڙ هو، جنهن سنڌي ثقافت تي ٿيندڙ ٺٺولين جو نه صرف وقت سر جواب ڏئي هڪ ته سنڌي ثقافت دشمن ڌرين کي ماٺ ڪرائي ڇڏيو. بلڪه سنڌين ۾ پنهنجي ثقافت جي حوالي سان، احساس ڪمتري ڪڍي، ان جي حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ گذريل سال 6 ڊسمبر تي سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي جو سڏ ڏنو، جيڪو سڏ ورنائي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو روڊن رستن تي اچي ويا. هاڻ سنڌ ۾ ڪو ٻيو نه سهي، ثقافتي انقلاب ضرور اچي چڪو آهي، پنهنجين شين کي گهٽ سمجهڻ وارا ۽ ٻين جي ثقافتن کان مرعوب اٻوجهه سنڌي ماڻهو هاڻ جتي ڪٿي ٽوپي اجرڪ پايو، فخريه لوڏ سان هلي رهيا آهن.

قومن ۾ ثقافتي انقلاب جهڙا موقعا  صدين بعد پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن انقلابن جي سرواڻي ڪندڙ به صدين بعد ايندا آهن. هاڻ جڏهن علي قاضيءَ جي سڏ تي پهرين ثقافتي ڏهاڙي بعد سنڌ ۾ ثقافتي انقلاب اچي چڪو آهي، ثقافتي احساس ڪمتريءَ جا ماريل ماڻهو پنهنجي ثقافت تي فخر ڪندي، ثقافتي شيون پايو ۽ اوڍيو ڳاٽ اوچو ڪري هلي رهيا آهن. انهيءَ ثقافتي انقلاب لاءِ سرواڻ به آهي ته ميڊيا جا ذريعا به، ته پوءِ اچو ته هن ٻئي ايڪتا جي ڏهاڙي تي، پنهنجي ثقافت تي فخر ڪندي، پنهنجي ثقافت جي مالڪي ڪندي، ڇو نه پنهنجي سياسي ۽ معاشي وسيلن جي مالڪي ڪريون، انهن کي پروان چاڙهيون، انهن کي سنڌ دشمن سياسي ۽ معاشي هٿن مان ڪڍي، سنڌ دوست ڌرين جي هٿن ۾ ڏئي، سنڌ جي سياسي ۽ معاشي انقلاب ڏانهن وک وڌايون!

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s