صابل ۽ بهرام جمالي-نواز ڪنڀر


 

ڪيترا ئي لوڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ته هنڌين ماڳين مشهور آهن پر ساز ۽ سُر جي حوالي سان جيترو جهنگ سيال (پنجاب) هير رانجهي جو قصو ۽ بانسري مشهور ٿيا، اوترو شايد ئي ڪو ٻيو قصو مشهور ٿيو هجي. ان قصي وانگر سُر ۽ ساز جو هڪ ٻيو قصو، مشهور ٿيڻ جا سڀئي سبب هوندي به رڳو نڙ بيتاين وٽ رهي، گمنامي جي گهٽين ۾ گهُٽجي گُهٽجي مري رهيو آهي. ڇو جو ان کي ڪوبه وارث شاهه ناهي ملي سگهيو. اهو آهي نڙ بيتن جي حوالي سان  مشهور بهرام جمالي ۽ صابل  جو قصو.

خبر ناهي ته هير رانجهي کي ته ايڏي مقبوليت ملي ٿي پر  سنڌ (سانگهڙ) جي  بهرام جمالي ۽ صابل جي قصي جي شهرت رڳو نڙاين وٽ ئي ڇو رهي ۽ عام خلق جي زبان تي ايتري ڇو نه آئي! چوٽياري ڊيم ڀرسان، سانگهڙ  ۾، مکي ٻيلي جي علائقي گهوڙيءَ واري دڙي  وارن جمالين جي ڳوٺ لائق جمالي/ علي خان جمالي ۾ رهندڙ جمالي خاندان جي فرد بهرام جمالي جيڪا شاعري صابل لاءِ ڪئي، جيڪي نينهن نياپا، ايلاز ۽ التجائون، دانهون ۽ ڪوڪون، نڙ جي ڦُوڪ مان ڪڍي هوائن جي دوش تي صابل تائين پهچايون، اهي اڄ به نڙاين وٽ “صابل جي ڦُوڪن” طور مشهور آهن. پر پيار جي انهن پانڌيئڙن جي قصي جون خبرون رڳو سگهڙن وٽ ئي رهجي ويون آهن. جيڪي سيني به سيني هلندي، وقت جي رستي تي، آهستي آهستي رڙهي رهيون آهن. ڪوبه اهڙو ناهي جيڪو وقت جي وهڪري ۾ لڙهندڙ انهي قصي کي، ميڊيا تائين پهچائي. جنهن سان نه رڳو صابل ۽ بهرام جي قصي کي سنڌ جي لوڪ داستانن  ۾ جائز مقام ملي پوي، پر موسيقي، عشق ۽ نڙ  تي به احسان ٿي پئي.

بهرام ۽ صابل جا وڏا جيئن ته مَکي جا ڀاڳيا ۽ پاڙيسري هئا، ان ڪري اک اڙڻ ڪا اهڙي اڻ ٿيڻي به ڪو نه هئي. بهرام جا مائٽ آجي جي دڙي جا رهواسي هئا، جڏهن ته صابل وارا آجي جي دڙي کان اوڀر طرف ڪلوميٽر کن  فاصلي تي سيري ڍنڍ تعلقي سانگهڙ جا رهواسي هئا. مليل ڄاڻ مطابق بهرام کي هڪ ڀاءُ شيرو ۽  هڪ ڀيڻ هئي، هو سڀني کان وڏو هو، بهرام جو قد پورو پنو، جسم سنهو، وار وڏا، شهپر سهڻا، چاپئين ڏاڙهي ۽  ڳالهائڻ جو مٺو هو. هو اٺ جي سواري کي پسند ڪندو هو ۽ اڪثر ڪري اٺ تي ئي سواري ڪندو هو. جڏهن ته صدوري ۽ محراب جي ڌيءَ صابل  جو قد پورو پنو، جسم سنهو، نڪ وڏو ۽ بنهه سهڻي هئي، هن کي ٻه ڀينرون ۽ ٽي ڀائر هئا. هو سڀني کان وڏي هئي.

بهرام ۽ صابل جي شادي به شايد ٿي وڃي ها پر جمالي جيئن ته ٻروچن کان علاوه ٻين (سماٽن) مان سڱ وٺڻ عيب سمجهندا هئا، ان ڪري اها ٿيڻي به اڻ ٿيڻي ٿي وئي. ان ڪري بهرام کي بهرحال پنهنجي ڳوٺ ۾ مائٽ بخشو (محمد بخش) جي گهران شادي ڪرڻي پئي.

مولا بخش جمالي مطابق، برسات بعد مڇرن جي ڪري بهرام ۽ صابل جي مائٽن پاران مکي مان  مال ڪاهي، سنڌڙي لڳ يو سي هنڱورنو ۾ ديهه ۽ ڳوٺ چاڙهي منگلان طرف ويا. ان وقت بهرام جي عمر چوڏهن پندرهن سال ٻڌائي وڃي ٿي، جيئن ته هي ٻئي خاندان مکي ۾ ويجهو رهندر هئا، ان ڪري منگلان واري پاسي به گڏ رهيا. بهرام جيڪو  پنهنجون مينهون چاريندو هو، ان جو ڌڻ  ته الئه وڌيو يا نه، پر عشق وڌي وڻ ضرور  ٿيو. بهرام کي پنهنجا نينهن نياپا پرين تائين پهچائڻ لاءِ ڪنهن به ڪبوتر ۽ چنڊ جي ضرورت نه هئي.ان وٽ پنهنجي محنت  ۽ پورهئي جو ثمر نڙ ،هر وقت هڪيو تڪيو موجود هوندو هو. جنهن جي ذريعي هو پنهنجي دل جي هر ڳالهه، ڦُوڪ ذريعي صابل  تائين پهچائندو هو. چوندا آهن ته عشق  ۽ مشڪ لڪندا ناهن، سو بهرام وارو عشق  به پڌرو ٿي پيو ۽ ان جي ڪري نڙ کي به اهو اوج نصيب ٿيو، جو اڄ سوڌو پيو ڳائجي.

بهرام پاران نڙ کي عشق جو رازدار ڪري چونڊڻ بس اتفاقي امر ئي چئي سگهجي ٿو. بهرام مال چارڻ دوران دل وندرائڻ لاءِ، ڌنارن جي عادت، روايت ۽ ضرورت موجب پنهنجي لاءِ نڙ ٺاهيو ۽ ان تي تجربا ڪرڻ  به شروع ڪيا. آخرڪار هو نڙ جو اهڙو ته ماهر ٿيو جو بهرام ۽ نڙ لازم و ملزوم ٿي ويا. مقامي جمالين جي بقول ته  ان کان اڳ جمالين ۾ ڪٿي به نڙ جو ذڪر نٿو ملي.جمالين ۾ نڙ بهرام ۽ سندس ڀاءُ شيرو جي ڪري آيو. شيرو به نڙ جو وڏو ماهر هو.اڳتي هلي بهرام نڙ ۾ محبوب ڏانهن نياپا اماڻڻ لاءِ شاعري شروع ڪئي، جيڪا اڄ بهرام بجاءِ صابل جي نالي پٺيان “صابل جون ڦُوڪون” طور مشهور آهي. عشق جي دنيا ۾ “جي ڌڪ لڳي مجنون کي ۽ نشان ظاهر ٿين ليلى تي” واري روايت ته مشهور آهي پر شاعري ڪري بهرام ۽ سڏجي صابل جي، ان طرف شايد ڪنهن به ڌيان نه ڏنو آهي.

هن قصي جو ڪو باقاعدي سن ته معلوم ناهي ٿي سگهيو  پر روايت مطابق بهرام پير صاحب  علي گوهر شاهه ثاني رحه جڏهن هن علائقي ۾ دعوتن تي ايندا هئا ته بهرام سندن ڪچهري ۾ ويندو هو ۽ نڙ وڄائيندو هو. هڪ ڀيري جڏهن  بهرام دعوت جي موقعي تي ڪچهري ۾ نه آيو، ته پير صاحب پاران سندس پڇا ڪرڻ تي  کين ٻڌايو ويو ته بهرام گذاري ويو آهي. اهو ٻڌي چون ٿا ته پير صاحب پاڻ وڃي بهرام جي قبر تي دعا گهريائون. ان مان هڪ ته بهرام جي شهرت، اهميت ۽ ٻيو ته هن قصي جي وقت  جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. پير علي گوهر شاهه ثاني جي گادي نشيني جو عرصو 1890 کان 1896 تائين هو. ان مان ظاهر آهي ته هي قصو ۽ بهرام جي حياتي 1896 کان ڪجهه اڳ پڄاڻي تي پهچي چڪي هئي. ان حساب سان بهرام جي عمر پنجهٺ ستر سال چئي سگهجي  ٿي. جيئن ته بهرام جي عشق وقت سندس عمر پندرهن سورنهن سال ٻڌائي وڃي ٿي، ان جو مطلب  ته هي قصو لڳ ڀڳ 1850 کان وٺي 1896ع  تائين واري عرصي جو آهي.

بهرام جي وفات جي حوالي سان چيو وڃي ٿو هو آجي جي دڙي ڀرسان  ميل کن تي واقع پٺاڻن واري دڙي تي گذاري ويو ۽ کيس جمالين جي آبائي قبرستان شبير شاهه لڳ ٻوٻي شهر (ٻوٻي اسٽيشن الڳ آهي) ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. روايت مطابق بهرام صابل کان چار پنج سال اڳ  گذاري ويو هو. جنهن بعد صابل بهرام جي مٽن مائٽن کي منٿون ميڙيون ڪري سندس نڙ  کڻي وئي.  جنهن کي ڏسي هو اڪثر روئندي رهندي هئي. جڏهن ته ڪجهه نڙ وري بهرام جي شاگردن  مرزي جمالي ۽ ٻين پاڻ وٽ رکي ڇڏيا. آخرڪار هو پنهنجي پرين کي ساريندي، اڇڙي ٿر ۾ رتڙائو ڀر سان ڳوٺ لال مڱريو کان اتر ۽ سنهڙي ڀٽ ڀرسان ارڙي سبب پندرهن ويهه ڏينهن بيمار رهڻ بعد گذاري وئي ۽ کيس لال مڱرئي واري قبرستان جي مٽي نصيب ٿي.

پر ان کان اڳ جو هي قصو سينن ۾ وڌيڪ سانڍجڻ  کان رهجي وڃي ۽ دلين تان ميسارجي وڃي،  ڪاش  صابل ۽ بهرام جمالي جي قصي کي ڪو وارث شاهه، ڪو ڀٽائي ملي پوي ته جيڪر هي قصو به سنڌ جي لوڪ داستانن ۾ جائز مقام ماڻي وٺي. (هن قصي جي حوالي سان جيڪڏهن محترم پڙهندڙن وٽ ڪا ڄاڻ هجي ۽ هو مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته سنڌ جي نظر انداز ٿيل منفرد قصي تي يقيناً وڌيڪ روشني پئجي سگهندي ۽ وڌيڪ ڄاڻ ملندي.)

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s