ماحولياتي سال کي وڻن جو قتلِ عام مبارڪ هجي!-نواز ڪنڀر


ڪنهن، چريي کي چيو ته، “متان باهه ڏئين، گهر سڙي ويندا.” چريي چيو: “چڱو جو اها ڳالهه ياد ڏياريئي.” ان ڳالهه وانگر جيئن جيئن پاڻ وٽ ماحولياتي تعليم جي ڳالهه ڪجهه اڳتي وڌي رهي آهي، يا ماحولياتي شعور پيدا ٿي رهيو آهي، تيئن تيئن ماحولياتي تباهيءَ ۾ به تيزي اچي رهي آهي، سم ۽ ڪلر هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي، ڪيترن ئي جيت جڻن، پکي پکڻ ۽ جانورن جا ٻر ۽ گاهه ٻوٽا ختم ٿي وڃڻ ڪري هڪ ته انهن جي رهڻ جا هنڌ ختم ٿي ويا ۽ ٻيو ته اهي ٻاهر نڪري اچڻ ڪري شڪار ٿي ويا آهن. انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ تتر، ۽ سهو وغيره آهن، جيڪي ناياب ٿيڻ جي ويجهو اچي پهتا آهن. ساڳئي نموني سنڌوءَ ۾ وري پاڻيءَ جي کوٽ، ڊيلٽا ۽ تمر جي ٻيلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ڪيترين ئي آبي جنسن جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. پيداوار وڌائڻ جي لالچ ۾ زرعي دوائن به ماحول دشمنيءَ ۾ پنهنجو پورو پورو ڪردار ادا ڪيو آهي. وڌندڙ انساني آباديءَ جي ڪري وڌيل گاڏين جي تعداد ۽ ان  حساب سان وڌيل دونهين به ساهه منجهايو آهي. انساني آبادين وچ ۾ آيل مختلف قسم جي فيڪٽرين به “پاڻ ملهايو” آهي. هر ماڻهو جهڙوڪر ماحول دشمنيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهي. جي ڪو ٻيو ڪجهه نٿو ڪري سگهي ته پريشر وارا هارن گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن ۾ لڳائي ۽ وڄائي هروڀرو وڏي آواز ۾ لائوڊ اسپيڪر تي ڳالهائي ۽ گانا ٻڌي، پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. روڊ رستن جي حالت اها آهي ته اتي سچ پچ ڌوڙ پئي اڏامي. اها ڌوڙ ڪا عام رواجي مٽي ناهي، پر اها گٽرن مان ٻاهر روڊن تي ڪڍيل اهو گند آهي، جيڪو سڪڻ کانپوءِ ايندڙن ويندڙن جي منهن ۾ ٿو پوي. ان مان ٿيندڙ  نقصان ۽ موت مار بيمارين جو اندازو ميونسپل ڪاميٽين وارن، ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ناظمن کي ان ڪري ناهي، جو هو بند گاڏين مان اتان زون ڪري گذري وڃن ٿا، باقي ووٽرن ۽ سڌي اڻ سڌي طرح ٽئڪس ڏيندڙن جي منهن مٿي ۾ ڌوڙ پوي ٿي ته انهن ۾ ناظمن ۽ ڪامورن جو ڇا؟ ان جهڙيون ڪيتريون ماحول دشمن ڳالهيون ۽ عمل هر گهڙيءَ جتي ڪٿي، خصوصن سنڌ ۾ هر جاءِ تي بار بار ورجائجي رهيا آهن.

 

جيئن سنڌ ۾ ٿيندڙ ٻين ظلمن ۽ زيادتين کي روڪڻ وارو ڪير ڪونهي، ائين انهن ماحولياتي تباهين ۽ بربادين کي روڪڻ  وارو به ڪوئي ڪونهي. اهڙين ڳالهين يا زيادتين کي روڪڻ لاءِ ماڻهن ۾ انهن بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ، ماڻهن کي اهي ڳالهيون هر گهڙي ياد ڏيارڻ لاءِ، ڪي ڏينهن مقرر ڪبا آهن، يا هفتا ۽ سال ملهائبا آهن. سنجيده قومون ۽ ملڪ اهڙا عمل ڪري سچ پچ جاڳرتا پيدا ڪندا آهن، پر اسان پارا ماڻهو ۽ ملڪ اهڙا ڪم ڪري، دنيا کي ڏيکاري وڌيڪ قرض ۽ امدادون وٺڻ جا جتن ڪندا آهن. ڪجهه به هجي، پر موجوده حڪومت ماحول جي اهميت کي محسوس ڪندي موجوده سال کي “ماحول جو سال” قرار ڏنو آهي، اهو ليکو چوکو ته سال گذرڻ کانپوءِ ٿيندو ته ماحولياتي سال قرار ڏنل هن سال کان اڳ ۾ ماحول ڪيئن هو ۽ سال گذرڻ بعد ماحول ڪٿي بيٺو آهي، پر سال جي ابتدا ۾ جنهن نموني سال کي ملهائڻ لاءِ وڻن ۾ ڪات ڪهاڙا وجهي، ماحولياتي سال قرار ڏنل هن سال کي سلامي ڏني پئي وڃي، اهو هر طريقي سان مثالي آهي. بيوروڪريسي جا دادلا ڪارندا جنهن نموني وڻن جي ٺيڪي ٿي وڃڻ ۽ ٺيڪي جا ڪاغذ  جلد  پهچڻ واري پڪ ڏئي، وڻن جون ٽراليون ۽ ٽرالر وڍائي کڻي وڃي رهيا آهن، اهو ڏندين آڱريون ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته رڳو ٺيڪي ٿي وڃڻ واري ڳالهه تي اعتبار ڪري وڻن کي وڍڻ جي اجازت ڏيڻ وارا اهو ڇو نٿا سوچين ته انهن وڻن کي وڍڻ سان ڪيترو نه نقصان ٿيندو. هو اهو ڪيئن ٿا مڃي ويهن ته بس ٺيڪو ٿي ويو آهي، ان ڪري وڻ ڀلي وڍجن!هو اهو ڇو نٿا چون ته وڻ ٺيڪي ۾ يا بغير ٺيڪي جي ڪنهن به صورت ۾ نه وڍجڻ گهرجن ۽ اهو قانوني ڏوهه آهي.

 

ماحولياتي سال قرار ڏنل هن سال جي شروعات جنهن نموني وڻن جي واڍيءَ سان ٿي آهي، ان جو دنگ خبر ناهي ڪٿي ٿيندو! وڻ، جيڪي رڳو سونهن ۽ ڇانوَ نٿا ڏين، انهن سان هوا به صاف ٿئي ٿي، جن بندن تان اهي ڪپيا پيا  وڃن، اهي مضبوط رهن ٿا، سم ۽ ڪلر ختم ٿئي ٿو ۽ گهٽجي ٿو، ٻارڻ، عمارتن توڙي ٻين ڪمن لاءِ انهن کي استعمال ڪجي ٿو. کونئر ۽ ماکي جو ملڻ ممڪن بڻجي ٿو. ڪيترن  ئي پکين ۽ جانورن جي سڌي اڻ سڌي طرح خوراڪ بڻجڻ ٿا. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته اهي وڻ ڪيترن ئي پکين، جيتن ۽ جانورن جي زندگيءَ جي سلسلي کي اڳتي وڌائين ٿا. جيئن انسانن لاءِ ڌرتي اهم آهي،  ائين اهي وڻ انهن جانورن لاءِ اهم آهن. جي انسان جي پيرن هيٺان زمين نڪري وڃي ته ڪجهه نه بچندو، ائين جي پکين کان وڻ کسجي ويندا، ته انهن لاءِ ڪجهه به بچندو. جي وڻ ائين ختم ٿيندا ويا ته خود انسانن لاءِ جيترا مسئلا پيدا ٿيندا، ان جو حرص ۽ لالچ ۾ ورتل انسانن کي اندازو ئي ناهي.

 

ڌرتيءَ جي هن گولي تي هر ساهه واري شئيِ جو جيئاپو ٻئي ساهه واري سان منسلڪ آهي، جي اسان پکين کان وڻ کسيندا رهياسين ته خود اسان جي پيرن هيٺان به زمين نه رهندي. خبر ناهي ڇو هر روڊ رستي جي وڻن جي “لاشن” جون ڀريل ٽراليون ۽ ٽريڪٽر وس وارن کي نظر نٿا اچن؟ جڏهن ته کٻڙ، ڪنڊي وغيره جي واڍي خلاف سنڌ حڪومت پاران نوٽيفڪيشن به نڪتل آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ مثالي ڪوشش سانگهڙ بار جي ملڪ انور محمود نظاماڻي پاران ڏنل درخواست تي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سانگهڙ پاران وڻن جي واڍي خلاف ڏنل فيصلي جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن تي سانگهڙ ۾ جيستائين ڊي پي او ولي الله دل هو، اوستائين ڪجهه نه ڪجهه عمل به ٿيندو رهيو، پر اهي سڀ انفرادي ڪوششون هيون.

 

جنهن نموني ۽ جيتري سطح تي گڊو ۽ ڪنڌڪوٽ جي ٻيلن کان وٺي سنڌوءَ جي ٻنهي پاسن جي ٻيلن کي ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ناس ڪيو ويو آهي ۽ وڻن کي وڍيو ويو آهي، ان جي انڪوائري ڪرائجي ته ملوث ماڻهو ڌاڙيلن کان وڏا ڏوهاري ثابت ٿي سگهن ٿا. دريا جي يا ڪچي جي ٻيلن جي ڀينگ ڪرڻ بعد هاڻ واهن ۽ شاخن جي ڪنارن تان وڻ وڍجي رهيا آهن. اهڙن ئي متاثر ٿيل علائقن مان  ميوا فاريسٽ واري علائقي RD215 وٽ پراڻي نارا ڪئنال کان بڪار ڳوٺ تائين ۽ بڪار کان چوٽياري ڊيم جي آئوٽ ليٽ تائين ۽ ان کان مٿي تائين شامل آهي. هتي بيٺل ٻٻر تمام پراڻو آهي، جيڪو هڪڙو هڪڙو اٺ کان ڏهه هزارن جو وڪامي ٿو. هتي، ٻير ۽ ڪنڊي به تمام گهڻي هئي. فاريسٽ ۾ سڄي علائقي جو مال چرندو  آهي ۽ سياري ۾ ٻڪرين لاءِ هتان ئي ٻٻر ملندو آهي. اڳي جنهن علائقي مان سڄو تر فائدو حاصل ڪندو هو، هاڻ ان کي چند بااثر ماڻهن کي خوش رکڻ لاءِ اريگيشن عملدارن جي ڳٺ جوڙ سان تباهه پيو ڪيو وڃي. ساڳئي نموني نارا تي پير بخش بهڻ ڳوٺ کان امام الدين ڪارڙي بفر شوٽ پل تائين انگريز دور  جا پوکيل ٻٻر ۽ ٽالهي جا وڻ به بد نظر جي ور چڙهي ويا آهن. ساڳئي ناري تي رانٽو پل ۽ پاور هائوس ڀرسان ڪيترن ئي قسمن جي تمام پراڻن وڻن، جن ۾ باهڻ، لئي، ٻٻر، ٽالهي، سرنهه ۽ ٻٻر شامل آهن، اتان به وڻن جا لاشا کنيا ويا آهن. چوٽياري ڊيم ۾ آيل علائقي ۾ به ڪيترائي اهم وڻ ۽ ٻوٽا تباهه ٿي ويا آهن ۽ ٿي رهيا آهن. ان ۾ ڪنڊي جو ٻيلو جيڪو چار هزار ايڪڙن کان مٿي ايراضيءَ تي مشتمل هو، اهو ٻيلو پمپنگ اسٽيشن کان اوڀر اتر ديهه هرڻ ٿري ۽ اڪن واري ۾ ڳوٺ پير بخش بهڻ، محمد صديق بهڻ، لال بخش چاڪراڻي ۽ بيگن جوڻيجو وغيره تائين پکڙيل هو، اتان به ڪيتري ئي عرصي کان ڪنڊي جون ٽريڪٽر ٽراليون ڀرجي رهيون آهن، جڏهن ته مياڻ لانڊر ڳوٺ، ۽ بڪرا کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي   هنڌن تي  سڄو ڏينهن علائقي جا بک ۽ غربت کان ستايل ماڻهو گڏهه گاڏا ڀري هتي ڪاٺ وڪڻي رهيا آهن، ۽ اتي ئي سڄو ڏينهن اهو ڪاٺ ٽريڪٽر ٽرالين ۽ ٽرڪن ۾ ڀرجي  ٻاهر وڃي رهيو آهي.

 

جيتوڻيڪ غربت ۽ ماحول جو پاڻ ۾ تمام گهرو تعلق آهي، پر هنن غريب گڏهه گاڏي تي ڪاٺيون ڀري چلهه ٻاريندڙ ماڻهن جي روزگار جو ڪو ٻيو بندوبست به ڪري سگهجي ٿو ۽ هزارين وڻ، جيڪي هاڻ ته صديءَ کان به مٿي جا ٿي چڪا آهن، انهن کي بچائي سگهجي ٿو، پر اصل مسئلو  ڪو انهن غريبن پيدا نه ڪيو آهي، اهي وڻ ته اڳي هتي هئا ۽ هي غريب به هتي ئي هئا، پر وڻن ۾ ائين ڪات ڪهاڙا ڀوتارن جي وچ ۾ پوڻ تي پيا آهن، ان ڪري اهو بلڪل ئي نٿو چئي سگهجي ته ڪو حڪومت غريبن جي بکئي پيٽ کي ڏسي خاموش آهي، پر اصل معاملو اهو آهي ته خود حڪومتي عملدار ئي هن ڪم ۾ ملوث آهن. جيتوڻيڪ انهن کي  نه غربت ستايو آهي ۽ نه ئي اهي پيٽ جي بک کان ائين ڪري رهيا آهن، انهن جي بک ته ڪڏهن به ختم ٿيڻي ناهي، ڀلي کين دنيا جا سڀ وڻ وڍڻ جو ٺيڪو ئي کڻي ڇو نه ڏيارجي، اهي ماڻهو بس رڳو ان وقت ئي ڪري ويهندا، جڏهن وڻ وڍڻ جي سزا مقرر ٿيندي.

 

هن سلسلي ۾ هڪ اميد افزا ڳالهه رڳو ديهه اڪن واري ۾ ابو پوٽن جي ڳوٺن ولي محمد، اسحاق، مرگهه، فضل،  چنيسر، الهه بچايو، احمد ۽ عثمان ابو پوٽو ڳوٺ وارن جنهن نموني انهن وڻن دشمن بااثر ماڻهن کي همت ڪري اتان ڀڄائي ڪڍيو ۽ هڪ به وڻ وڍڻ نه ڏنو، نه ئي داٻي ۾ آيا ۽ نه ئي لالچ ۾، انهن ڳوٺاڻن هاڻ هڪ سماجي تنظيم جي سهڪار سان جنهن نموني ڳوٺاڻي تنظيم ٺاهي انهيءَ ڪم کي اڃا به اڳتي وڌايو آهي، اهو ٻين ڳوٺن ۽ مقامي ماڻهن لاءِ هڪ مثال ٿي سگهي ٿو. جي ٻين ڳوٺن ۾ به اهڙا ٻه چار ماڻهو پيدا ٿي وڃن ته وڻ بچائي ۽ ماحول بچائي سگهجي ٿو، باقي انهن ڪرپٽ حڪومتي عملدارن، سياستدانن ۽ ڪامورن جي آسري ۾ ماحول ته ڇا بچندو، ٻيو به گهڻو ڪجهه ختم ٿي ويندو. ان ڪري حڪومت ڀلي ڪنهن شئي ڏانهن چريي وارو ڌيان ڇڪرائي ان جي ڀينگ ڪرائي، اچو ته پاڻ خود پنهنجين شين جا مالڪ ٿيون ۽ انهن کي بچايون، ڇو جو انهن جو بچڻ ۽ هجڻ ئي اسان جي آسوده زندگي جي ضمانت آهي، جيڪا ڳالهه وڏن ماڻهن جي مفادن جي بلڪل برخلاف پر اسان عوام لاءِ ساهه وانگر لازمي ۽ ضروري آهي. ان ڪري اچو ته پنهنجي فائدي لاءِ اٿي کڙا ٿيون.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s