مشهور ٻيلي ۽ چراگاهه کي ڪير بچائيندو؟-نواز ڪنڀر


 

هونئن ته گهڻي عرصي کان سنڌ جي ٻين علائقن وانگر ضلعي سانگهڙ جي مختلف هنڌن تي بيٺل وڻن ۽ ٻيلن ۾ ڪات ڪهاڙا پيل آهن، وڻ ۽ ٻيلا نڌڻڪي ۽ بغير اڳواڻ جي فوج وانگر ڪنڌ ڪپائي، جتي ڪٿي ڪريا پيا آهن، پر جهڙو حشر چوٽيارين ڀرسان مشهور چراگاهه ۽ ٻيلي ميووا جو ٿيو آهي، اهڙو ويجهي ماضيءَ ۾ شايد ئي ڪنهن ٻئي هنڌ جو ٿيو هجي. جيتوڻيڪ 2011ع کي ٻيلن جو سال قرار ڏنو ويو آهي، پر مختلف واهن، ڪئنالن، شاخن ۽ واٽرن جي ڪنارن سان بيٺل وڻن جي واڍي ۽ تباهيءَ بعد جنهن منظم انداز سان ۽ ”وڏن“ جي آشيرواد سان، مخصوص ماڻهو، جنهن نموني ميووا کي لڳا آهن، ان مان لڳي ٿو ته ميووا واري چراگاهه ۽ ٻيلو به هاڻ ڪو ماضيءَ جو قصو ٿيڻ وارو آهي.

سانگهڙ- چوٽياري روڊ تي، ناري جي کاٻي ڪناري، چوٽيارين کان چار پنج ڪلوميٽر اتر الهندي ڪنڊ تي، آر ڊي نمبر 109  کان 224 تائين چار  پنج سئو ايڪڙن واري هن مشهور چراگاهه ۾ نه صرف چوٽياري پر ان جي ڀرپاسي جو هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال چري ٿو، پر برسات جي ڏينهن ۾ مڇرن ۽ گپ چڪ جو ماريل مال به پري پري کان هتي چرڻ لاءِ ايندو آهي. انهيءَ سڄي مال کي هي چراگاهه ڍوء ڪرايو بيٺي هوندي هئي، مال جي ڇيڻي واري ڀاڻ ملڻ ڪري هتي مختلف قسمن جي گاهه کانسواءِ ٻٻر، ٽالهي، کٻڙ، ڪرڙ، لئو، ڪنڊي ۽ گيدوڙي جي وڻن جو به هي مشهور ٻيلو هو/آهي. ٻٻر جي جهجهائيءَ سبب هي چراگاهه/ٻيلو پلڙي ۽ ٽاري جي ڪري سياري ۾ ٻاڪري مال جي بچاءُ جو وڏو ذريعو هو. جنهن سان نه صرف ڌنارن کي روزگار ملندو هو، پر ڪيترائي ڀاڳيا به هن چراگاهه جي آسري مال ڌاريو ويٺا هئا. اهي ڀاڳيا، جن جي گذر سفر جو وڏو وسيلو رڳو چوپايو مال هو. ان کان علاوه هي ٻيلو ٻارڻ توڙي گهر جي ڪاٺ، کونئر، لاک ۽ ماکي وغيره جون به ضرورتون پوريون ڪندو آهي. ڪيترائي ماڻهو مٿي ذڪر ڪيل شيون  لاهيو، وڪڻيو گذر ڪندا هئا/آهن. هن ٻيلي ۽ چراگاهه کي ڀيلڻ جو ڪم ڪو پهريون ڀيرو ڪو نه ٿي رهيو آهي، اهو ڪم اڳ ۾ به ٿيندو هو پر ڪنهن حد حساب ۾، هاڻوڪي ڪار اڳي نه ڪنهن ڪئي، نه ڪنهن ٻڌي. هتي جا ”خاص“ ملازم اڳ ۾ به چالان ٿيندا رهيا آهن ۽ ايف آءِ آرز به ڪٽبيون رهيون آهن پر هن ڀيري ڪم گهڻو آهي. اڳي ٻٻرن جي ڇانگ جي خرچي ٿيندي هئي، مال جي چارائي وٺبي هئي، سنگت ساٿ کي ٽرالي ڪاٺين جي مدد ۾ ڏبي هئي، وڻ ڇانگبا به هئا ته وڍبا به هئا، پر هاڻ وڻن کي پاڙ سميت وڍيو وڃي ٿو ۽ وڻن جا لاهه به ڪڍيا پيا وڃن. جنهن سبب انهن وڍيل وڻن جو وري ٿيڻ مشڪل ٿو لڳي. وڻن جي واڍيءَ خلاف ڪجهه مٿي ڦريل ماڻهن پاران هاءِ گهوڙا ڪرڻ سبب ۽ ڪڏهن ڪنهن غريب غربي ۽ خدا ترس آفيسر جي انڪوائري ڪرڻ سبب هاڻ ان جو حل اهو ڪڍيو ويو آهي، جو پهرين ٻيلي جي گهربل حصي کي باهه ڏئي ساڙيو وڃي ٿو. باهه جي انڪوائريءَ ۾ ڪنهن راهگير، هاري يا ڌنار پاران ٻيڙي، سگريٽ ڇڪڻ کي سبب ڄاڻائي معاملو لئي مٽي ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ساڙيل جهنگ وڍيو وڃي ٿو. هتي جي ڪاٺ جي بيدردي ۽ ملي ڀڳت سان واڍي جو اندازو ان مان ڪري سگهجي ٿو ته چوٽياري جي بظاهر ننڍڙي شهر ۾ سرعام ڪاٺ جا اڌ ڊزن کان مٿي ڪانٽا لڳل آهن، ۽ اهي ڪانٽا هلائيندڙن کان ڪو به اهو پڇڻ وارو ڪونهي ته اهو ڪهڙو ڪاٺ آهي ۽ ڪٿان آيو؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شڪايت تي ٻاهران آيل پوليس کي، ان ڪاٺ بابت ديوين جو ڪاٺ چئي، مُٺ گرم ڪري، واپس ڪيو وڃي ٿو. مزي جي ڳالهه ته ٻه ڪانٽا ته اريگيشن  جي زمين ۾ ۽ هن ٻيلي اندر لڳل آهي. کاتي جا آفيسر وڌيڪ هاءِ گهوڙا ڪرڻ تي هڪڙن ننڍن ملازمن کي هٽائي، انهن جي ئي مرضيءَ سان ٻيا ملازم رکن ٿا، پر ٿئي اهو ئي ٿو، جيڪو اڳ ۾ ئي سوچيل هجي ٿو. مزي جي ڳالهه ته اها به آهي ته هڪ انڪوائري تي ويل آفيسر اهڙي ئي هڪ ڪانٽي تي ڪاٺ جي وچ ۾ ويهي، برياني کائي موٽي آيو پر ان کي، رپورٽ موجب، وڍيل ڪاٺ ڪٿي به نظر نه آيو.

هن چراگاهه ۾ مال چارڻ، ٻٻر ڇانگڻ، گڏهه گاڏو ڀرڻ ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ڀرڻ جا الڳ الڳ ريٽ مقرر ٿيل آهن. شايد ان جو حصو پتي مٿي تائين وڃي ٿو! نه ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هن ٻيلي اندر ڪيترائي ڏينهن، ٽريڪٽر هلائي، غير قانوني نموني وڍيل ڪاٺ ٽرڪن ۽ ٽريڪٽر ٽرالين تي کڻڻ لاءِ روڊ ٺاهيو ويو (جيڪو اڄ به موجود آهي) پر ڪو به پڇا ڪرڻ وارو ناهي. هن ڪاٺ جي منٿلي ۽ وڪري جي رقم  نه رڳو ٻين کاتن جي ”ننڍي وڏي“ ڏانهن حصي پتيءَ موجب وڃي ٿي، بلڪه ان مان پوليس به پنهنجو حصو وٺي ٿي. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، عوامي شڪايتن تي پوليس انتظاميا پاران چوٽيارون ٿاڻي جو منٿليون وٺڻ جي حوالي سان شهرت رکندڙ پوليس اهلڪار هٽائڻ بعد ان جي جاءِ، ان جو پٽي ڀائي وٺي چڪو آهي ۽ ڪم به ”صاحبن“ جي سختيءَ سبب ڪجهه وڌيڪ ريٽ تي جاري آهي. ساڳيو حساب ڪتاب ڪاٺ جي ڪانٽي وارا ڏيو، مزي سان ويٺا آهن. روزانو صبح سوير، چوٽياريون- سانگهڙ روڊ تي سوين گڏهه گاڏا ۽ ٽريڪٽر ٽراليون، ڪاٺ سان سٿيل گذرن ٿا، پر هرڪو حصو پتي وٺيو، ماٺ ڪريو ويٺو آهي. جيڪڏهن ڪو کڻي پڇي به وٺي ٿو ته حصي پتيءَ ۾ سڌي اڻ سڌي طرح ملوث بااثر ماڻهو پڇندڙ کي ماڻهن جي بک، بيروزگاريءَ جو جواز ڄاڻائي ماٺ ڪرايو ڇڏين. اهو ڪو به نٿو ڏسي ته وڻن جي واڍيءَ سان جيڪڏهن ڪجهه سئو ماڻهن کي روزگار ملي رهيو آهي ته چراگاهه ۽ ٻيلي مان ته انهن ماڻهن جي مقابلي ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ وڌيڪ ماڻهو، مال ۽ پکي پکڻ فائدو حاصل ڪري رهيا آهن! ڌنار ميووي  ڀيل پاران هتي مال چارڻ، شڪارڻ ميوان پاران هتي کوهه ۾ خودڪشي ڪرڻ ۽ ڪن روايتن مطابق، پنهنجي اپاهج چاهيندڙ کي مارڻ سبب هن چراگاهه/ٻيلي تي ميووا نالي پوڻ واريون روايتون ته عام آهن ئي آهن، پر هن علائقي کي اريگيشن وارا ”ڪامل بئنڪ“ جي نالي سان سڃاڻندا آهن.

سانگهڙ ۽ ڀرپاسي جي شهرين ۽ هوٽلن کي ڪاٺ مهيا ڪندڙ هن مشهور ٻيلي ۽ چراگاهه ڏانهن جي ترت توجهه نه ڏني وئي ته ڪجهه عرصي ۾ اڻ سڌي ۽ غير محسوس طريقي سان بک ۽ بيروزگاريءَ ۾ اضافي سان گڏ چوپائي مال، پکي پکڻ، جهنگلي جيوت ۽ ماحول کي تمام وڏو نقصان رسندو، جنهن جو تدارڪ ڪرڻ شايد ڪنهن لاءِ اهڙو سولو ممڪن نه هجي. سڀني واسطيدار سرڪاري ادارن، ملوث ماڻهن ۽ پوليس اهلڪارن کي گذارش ٿي ڪجي ته خدا جي واسطي، ڪجهه نه ڪجهه ته خيال ڪريو! ڪجهه ته رحم ڪريو! ڪجهه ته ٻين جو به سوچيو! ذاتي لالچ ۽ حرص ۾ ايتريون ته اکيون بند نه ڪريو! نه ته ياد رکو ميووا کي چوٽياري ڊيم ٺهڻ کانپوءِ، خاص ڪري ان ڪري آفيسر بچايو پئي هليا ته ڊيم جي ٽٽڻ تي گهٽ ۾ گهٽ ڊيم ٻڌڻ لاءِ ڪاٺ ته اتان ملندو، ۽ ڊيم ٽٽڻ جو خطرو ته اڄ به موجود آهي، پر ڪاٺ نه رهيو آهي.

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s