موسمون ۽ ماحول بدليا آهن يا اسان جي سوچ- نواز ڪنڀر


 

هلندڙ تاريخي ٻوڏ جتي پاڻي ماهرن جا اندازا غلط ثابت ڪيا آهن، اتي ماحولياتي ماهر به حيران ۽ پريشان آهن. حالانڪه ڳالهه ايتري به ڏکي ڪانهي، جو سمجهي نه سگهجي، پر الائي ڇو وزيرن، مشيرن سڀني جي سمجهه جواب ڏئي وئي آهي ۽ هو علي الاعلان بيوسي جو اظهار ڪري رهيا آهن. ڳالهه سڌي ۽ پٽ تي پئي آهي، جيڪڏهن ان کي سڌي نموني ڏسجي ته.

جڏهن انسان فطرت سان هٿ چراند ڪئي آهي، تڏهن نقصان ۾ ويو آهي. ان جو هڪڙو واضع ثبوت موجوده ٻوڏ به آهي. گذريل سال يا ڪجهه مهينن کان ملڪ، خصوصن سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخي، ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديليون ڏسي رهي آهي. ڪڏهن رڪارڊ گرمي، ڪڏهن طوفان، ڪڏهن رڪارڊ ٻوڏ، ڪڏهن رڪارڊ برسات! هر ڪو چوي به پيو ته ”رڪارڊ“ برسات، طوفان، ٻوڏ، گرمي ….. پر گڏو گڏ اهو به چيو پيو وڃي ته اهو سڀ ڪجهه موسمي ۽ ماحولياتي تبديلين جي ڪري ٿي رهيو آهي. جي اهي سڀ شيون آهن ئي ”رڪارڊ“، ته معنيٰ اڳ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي! پوءِ نئين ڳالهه ڪيئن ٿي! نئين ڳالهه ته رڳو انهن حالتن ۾ اضافو آهي. ڳالهه آهي سمجهه جي! ٿيندو اهو سوين سالن کان آيو آهي پر اسان کي شايد سمجهه ۾ اڃا نه آيو آهي. ڪجهه سالن کان ”ماحول ….. ماحول“ جو راڳ آلاپيندڙ ڌرين هن سڄي صورتحال کي تاريخي تسلسل ۾ جاچڻ بجاءِ رڳو مٿاڇري نظر سان ڏٺو آهي. ڪجهه مهينا اڳ ۾ گرمي وڌڻ لڳي ته جتان ڪٿان هاءِ گهوڙا شروع ٿي وئي ته ابا رڪارڊ گرمي پوي پئي! ڪڏهن ڇور ۾ پيو گرمي جو رڪارڊ ٽٽي ته ڪڏهن جيڪب آباد ۽ نوابشاهه ۾، ويندي ملتان تائين. ان جو مطلب ته سئو سال اڳ به ايتري گرمي پوندي هئي، جو هاڻ ان جو رڪارڊ ٽٽي رهيو آهي! پوءِ ڪيئن چئون ته هيءَ گرمي موجوده وقت ۾ ايندڙ ماحولياتي تبديلين سبب آئي آهي. حالانڪه ان جو ته سئو سالن جو رڪارڊ موجود آهي. ممڪن آهي ته رڪارڊ اڳ ۾ به ٺهندا ۽ ٽٽندا رهيا هجن پر پاڻ واري پاسي، ان رڪارڊ جو رڪارڊ ئي انگريز دور ۾ رکڻ جو رواج پيو آهي. ساڳي طرح هتي تمام گهڻي سردي به پوندي رهي آهي. ايتري قدر جو وهندڙ واٽر ۽ کڏون کوٻا به ڄمندا رهيا آهن. ڪن وقتن ۾ انهن جي مٿان پاڻي ڄمندو هو ۽ هيٺان پاڻي وهندو هو. ممڪن آهي ته هاڻ وري ڪنهن وقت اهڙي سردي پوي ته اسان پريشان ٿي وڃون ۽ ان کي به ماحولياتي ۽ موسمي تبديلين سان ڳنڍيون. اصل ۾ اهڙيون تبديليون وقتن فوقتن، ڪجهه سالن جي ساهيءَ ۽ وٿيءَ بعد اينديون رهيون آهن، جيڪي هاڻ به ڪنهن وقت اچي سگهن ٿيون. خصوصن گرمي، برسات، ٻوڏ ۽ زلزلي پوڻ بعد هاڻ وارو شايد سرديءَ جو آهي. اسان کي ان لاءِ به اڳواٽ تيار رهڻ گهرجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳي انهن تبديلين جي ڪري شايد ايتري تباهي ۽ بربادي نه ٿيندي هجي، جيتري هاڻ ٿي رهي آهي. ان جا به ڪيترائي سبب آهن. انهيءَ تباهي ۽ بربادي جا به ٿي سگهي ٿو ته اسان پاڻ ئي ذميوار هجون.

جيڪڏهن گرميءَ جي رڪارڊ جا انگ اکر نه ملڻ جي صورت ۾ به ڪو صورتحال جاچڻ چاهي ته ان کي لوڪ ڏاهپ جي ماهرن سان رجوع ڪرڻو پوندو. جي ڪمپيوٽر تي انگ اکر نه ملن ته هلو هلي ”گوگل“ جهڙا جهونا ”سرچ“ ڪريون. سڄيون خبرون سورنهه آنا صحيح ۽ سچيون ملي وينديون. اهڙي ئي هڪ ”سائيٽ“ جهڙو جهوني اڳوڻن وقتن ۽ زمانن ۾ گرمي جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو هو ته، ”ابا! هي ڪهڙي گرمي آهي؟ گرميون ته اهي هيون، جيڪي اسان ڏٺيون! ايتريون ته گرميون پونديون هيون جو اڏامندڙ پکي زٽ ڪري اچي پٽ پوندا هئا. ڪي شوقين خفتي ته وري گرميءَ ۾ ساڻن پکين کي جهٽ ۾، ڊوڙائي جهلي وٺندا هئا. ان گرمي ۾ خصوصن ڳيرو ۽ تتر وڌيڪ متاثر ٿيندا هئا، يا اهي نسبتن وڌيڪ سامهون هجڻ ڪري، گرمي کان وڌيڪ متاثر ٿيندي نظر ايندا هئا. اڄ به اسان وٽ چوڻي مشهور آهي ته، ”اهڙي گرمي هئي/ آهي جو ڪانوَ جي اک ٿي نڪري (ڪانءُ گرمي وڌيڪ برداشت نه ڪندو آهي). چوڻيون ۽ پهاڪا ته هڪ ڏينهن ۾ ڪونه ٺهندا آهن، نه ئي ٿوري وقت ۾ مشهور ٿي ضرب المثل ٿيندا آهن، انهيءَ لاءِ وقت گهربو آهي. ڪانوَ جي اک نڪرڻ واري چوڻي عام ٿيڻ ۾ به يقينن وقت لڳو هوندو. معنيٰ ته اهڙيون گرميون اڳ به پونديون رهيون آهن. جي اڃا پٺيان وکون کڻڻيون آهن ته ماڻهن جي لباس تي غور ڪري ڏسو! گرميءَ وارن علائقن جي ”ثقافتي“ لباس ته به غور ڪريو ته سردي وارن علائقن جي تي به. ساڳئي نموني وڌيڪ برسات ۽ گرمي پوڻ وارن علائقن ۾ گهرن جي بناوٽ تي غور ڪرڻ سان به ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون اچي وينديون. گهر ۽ لباس جيڪي ”ثقافت“ بڻجن ٿا، انهن کي سال نه پر صديون لڳنديون آهن. ان لحاظ کان جيڪڏهن اسان ڪارونجهر ۽ ٿر جو ئي ننڍڙو مثال وٺنداسين ته ڳالهه سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي. ڪارونجهر ۽ آس پاس گهرن تي مٽيءَ جي پچايل ٺڪرين جون مخصوص ڇتيون ظاهر ٿيون ڪن ته اتي تمام گهڻي برسات به پوندي رهي آهي ته گرمي به. اهي ڇتيون، جتي برسات جي هڪ هڪ ڦڙي کي ڇت مان هيٺ آڻي ڦٽو ڪنديون آهن، اتي ڪمري وغيره ۾ روشني ۽ هوا به آڻينديون آهن. ساڳي طرح ٿر جا چونرا به گرمي سردي کان بچاءُ جي لحاظ کان به بهترين آهن ته زلزلي جي حساب سان به. ان جو مطلب ته انهن علائقن ۾ برسات، گرميون ۽ سرديون ايتريون پونديون رهيون آهن، جو ماڻهن کي گهر به انهيءَ حساب سان ٺاهڻا پيا. جيڪي ظاهر آهي ته هڪ ٻن سالن جي تجربي بعد نه پر تمام وڏي ۽ ڊگهي عرصي جي تجربي ۽ مشاهدي بعد هر ڪنهن لاءِ قابل قبول بڻجي، ثقافت جو درجو اختيار ڪري ويا. ساڳئي نموني انهن علائقن ۾ لباس کي ڏسو! گوڏ، پڙا، پٽڪا، پولڪا ۽ پوتيون به جسم ڍڪڻ کان وڌيڪ جسم کي گرمي سردي کان بچاءُ جا ذريعا محسوس ٿين ٿا. جتي عورتن جا پولڪا علائقي ۾ گرمي جي شدت کي ظاهر ڪن ٿا، اتي مردن جا پٽڪا به، گرمي سردي کان مٿو ڍڪڻ جا بهترين ذريعا آهن. ساڳئي نموني مٿان اوڍجندڙ پوتيون، اجرڪون، کيس ۽ کٿا به موسمن جي شدت کي ظاهر ڪن ٿا. اهي لباس، جيڪي ڪنهن به علائقي جي ثقافت بڻجي ويا آهن، اهي اصل ۾ انهن علائقن جي موسمن جي لحاظ کان ضرورت هئا، جنهن ڪري مقبول عام ٿي سگهيا. اهڙي نموني مختلف علائقن جي گهرن، لباس، رهڻي ڪهڻي سان به ڪيترا اندازا آساني سان لڳائي سگهجن ٿا. ان ڪري اچو ته پنهنجي علائقن جو ماحول ۽ موسمن جو اندازو، پنهنجي ثقافت مان لڳايون، نه ڪي ٻين جي ٻڌل ڳالهين جي پوئيواري ڪندي، ويٺا راڳ ڳايون ته هاءِ گهوڙا، ماحول تبديل ٿي ويو آهي يا موسمون مٽجي ويون آهن. شايد تبديلي ايتري ڪونه آئي آهي، جيترو اسان چئي رهيا آهيون. باقي جي اسان جو حافظو ڪمزور آهي ۽ اسان کي ڳالهيون جلدي وسري ٿيون وڃن يا احساس ڪمتريءَ سبب اسان پنهنجي سادن سودن وڏن جي تجربي ۽ مشاهدي بجاءِ ٻين جي ڳالهين تي وڌيڪ ڌيان ٿا ڏيون ۽ انهن کي ئي قابل عمل ۽ قابِل فهم ٿا سمجهون ته ڀلي ويٺا سمجهون، پر پوءِ اهڙي حالت ٿيندي، جهڙي هاڻ ٿي رهي آهي. جي اسان پنهنجون اوليتون ۽ پلاننگ فطرت کي مد نظر رکي ڪريون ها ته اهڙا ڏکيا ڪونه ٿيون ها.

اڃان به وقت ويو ڪونهي. هي برساتون، ٻوڏون، گرميون ۽ طوفان ڄڻ ته اسان جون اکيون کولڻ لاءِ اچي رهيا آهن ته جيئن اسان سجاڳ ٿيون ۽ ڪيل غلطين جو ازالو ڪندي، علائقي آهر، جاگرافي جي حساب سان رهون. حقيقت ۾ ڪجهه به ناهي بدليو. موسمون به ساڳيون آهن ته طوفان به ساڳيا آهن، شايد اسان پاڻ ئي بدلجي ويا آهيون. اچو ته فطرت جي حساب سان رهڻ سکون ته جيئن مسئلا ۽ مصيبتون ختم نه، ته به گهٽ ضرور ڪري سگهون.

 

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s