ڪڻڪ جي فصل سان وابسته لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ-نواز ڪنڀر


 

لوڪ ڏاهپ اهو علم آهي، جيڪو علم انسان پنهنجي صدين ۽ سالن جي تجربن ۽ مشاهدن سان سکيو. ان کي سينه به سينه اڳتي وڌائيندو ۽ هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين منتقل ڪندو رهيو آهي. لوڪ ڏاهپ زندگي جي هر شعبي سان وابسطه رهي آهي. پکي پکڻ، جيت جڻا، جانور، وڻ، گاهه ٻوٽا، سج، چنڊ، تارا، هوا، ڪڪر، کنوڻ، گوڙ، سمنڊ، دريا ۽ مڇيون، ڏينهن رات انسان کي پنهنجي پنهنجي ٻولي ۾ فطرت طرفان اماڻيل مختلف پيغام اماڻيندا رهن ٿا، پر انهن کليل نياپن تي  انسان ڪو ڌيان نٿو ڏئي. جيستائين هن ان طرف ڌيان ڏنو پئي فائدي ئي فائدي ۾ هو پر جڏهن کان ڌيان مٽايو آهي، سراسر نقصان ئي نقصان ۾ آهي. لوڪ ڏاهپ جا اهڙا کليل ميسيجز يا اهڃاڻ قدم قدم تي هر مند ۽ موسم ۾ انسان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موجود رهيا آهن. اهڙن ئي اهڃاڻن ۾ ڪجهه اهڃاڻ، لوڪ ڏاهپ جي ماهرن فصل جي پوکي وقت ڳولهي لڌا يا سمجهي ورتا.

 

اسان وٽ جيئن ته عام طور تي پوکي جون ٻه مکيه مندون يا موسمون ٿين ٿيون ۽ انهن جا وري پنهنجا پنهنجا فصل ٿين ٿا. انهن مندن ۾ هڪ آهي، چيٽ ۽ ٻئي ڪَتي (خريف ۽ ربيع). چيٽ، جنهن ۾ ڪڻڪ، سرنهن، توريو، ڌاڻا، پالڪ، گوگڙو، موري، گوبي، وغيره پوکيا وڃن ٿا. چيٽ جنهن جي لاءِ چئبو آهي ته “چيٽ معنيٰ پيٽ”، ڇو ته ان ۾ اَن (ڪڻڪ) پيدا ٿيندي آهي. ڪڻڪ، جنهن لاءِ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن ته،

 

. “جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا، ان جا چريا به سياڻا.” . “ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي ماني.” . “اَن آهي ته ايمان آهي.”  ڪڻڪ سنڌ ۾ دريا، ڍنڍون ۽ ڍورا چڙهي لهڻ بعد پوکبي هئي، پوءِ جڏهن اريگيشن سسٽم شروع ٿيو ته ڪڻڪ به عام جام ٿي. نه ته اڳ ۾ ڪڻڪ ناياب شيءِ سمجهي ويندي هئي. اها ٻورين جي بجاءِ دلن ۽ مٽن ۾ محفوظ ڪري رکبي هئي.

 

لوڪ ڏاهپ جا ماهر ڪڻڪ جي پوکي کان وٺي لاباري تائين جي مرحلن بابت ڪيتريون ئي قدرتي نشانيون ٻڌائين ٿا. لوڪ ڏاهپ مطابق، جڏهن موسم ۾ گهم هجي ۽ ماڪ گهڻي پوي، گرمي بعد سر نسرن بلڪ پچن، انهن جي مٿان ڪٻر ويهي، سر جا سنگ تهه بڻجي هوا ۾ اڏامن، پن مان پچيل ٻوراني به ڇڻي اڏامي، جهولو ختم ٿئي ۽ گرمي گهٽجي. نوريئڙو وڻن تي گهر ٺاهي، بيٺل وونئڻن ۾ ڦٽي جو وزن گهٽجي وڃي، بڊي جو مهينو ختم ٿئي ته معنيٰ ڪڻڪ جي پوکائي جي مند شروع ٿي وئي. ڇا جو نومبر، ڇا جو ڊسمبر، قدرت جي گهڙيال ۾ لڳل ڪانٽا جت ڪٿ موجود!  گهمندي ڦرندي موسم جو اندازو لڳائي سگهبو هو. ڊيل آنا لاهي پڪ ڏياريندي هئي ته ڪڻڪ پوکائي جي مند شروع اٿوَ، جلدي ڪريو. ڊڀ به نڪري پنهنجي وس آهر پوکائي جا پار ڏيندا هئا. صفا آخر ۾ آسمان تي ڪَتي ستل ماڻهوءَ جي دُن برابر ايندي هئي ته چئبو هو، “ڪتي دُني، مند پُني.”

 

اهي ته ٿيون صحيح موسم ۽ وقت تي پوکائي جون نشانيون، پر جي ڪو اڀرو سڀرو بيمار سيمار پوکائي کان رهجي ويندو هو ته ان لاءِ ليٽ في ۾ امتحاني فارم ڀرڻ يا بل پيارڻ جهڙا موقعا به موجود هوندا هئا، جنهن جون هي نشانيون هونديون هيون: “ڊڀن جون چوٽيون سڙي سڪي وڃن، سر به نسري نروار ٿين. هلڪو هلڪو سيءُ پئجي وڃي، نم جا پن پڪا ٿيڻ شروع ڪن، پر ڇڻن نه. ٻيرن ۾ سنهو ٻور اچڻ شروع ٿئي، معنيٰ ڪڻڪ پوکائي جي مند وئي پر اڃا به جي ڪچا ٻير ٿي پون، انبن جا ٻوڪ نڪرڻ شروع ٿين ته معنيٰ ڪڻڪ پاڇاٽي ٿي وئي آهي ۽ ان گهٽ ڪندي. صبح جو سردي محسوس ٿئي، پيل ماڪ به ڄمي وڃي ته اهي پڪي پاڇاٽي ڪڻڪ جون نشانيون آهن. ڪڻڪ ۽ برسينگ جي پوکائي جو ساڳيو وقت ۽ مند هجي ٿي، پر ڪڻڪ جي پوکائي برسينگ کان اڳ ختم ڪري ڇڏبي آهي. ڪڻڪ جي پوکائي سيءَ پوڻ ۽ اتر لڳڻ کان اڳ هر حالت ۾ ختم ڪرڻي هوندي آهي. اتر لڳو ته پوءِ ٻج وارو داڻو خشڪ ٿي ويندو ۽ سلو ڄمندو ڪو نه، ان ڪري ئي اڄڪلهه ماڻهو ٻج چار پهر پسائي پوکين ٿا، ته ڪجهه ڄم ٿئي ٿو نه ته نه. ڪڻڪ جي پوکي بلڪل ختم ٿئي ته ان کي چئبو “ٻنو ٿي ويو”، معنيٰ فارم ڀرڻ جو آخري وقت ۽ آخري تاريخ ختم.

 

ڪڻڪ پوکائي  جا مختلف طريقا ٿين ٿا. ڪي هاري ڪاهه ڪندا آهن. هن طريقي ۾ ريج ڪري، وٽ اچڻ تي ٻج ڇٽي، هر  ڏئي مٿان سينهور ڏبو آهي. انهيءَ طريقي سان پوکيل ڪڻڪ ان گهٽ ڪندي آهي. ٻيو طريقو آهي ڪرڙ(گڙٻي)، جنهن ۾ کيڙي ۾ پاڻي ڏيڻ بعد گپ ۾ ٻج ڇٽبو آهي. هي طريقو هلڪين، ڪلراٺين، کهرين ۽ پڪين زمينن لاءِ جتي ڪِٿو ۽ ڪن (ڪچرو گندگاهه) هجي انهن لاءِ بهتر آهي، پر ڪُرڙ بٺين ۾ چيهو پکي هزارن جي ولرن ۾ اچي لهندو آهي، هي پکي ڳيري کان ننڍو، اڇي رنگ جو هجي ٿو، تمام تيز اڏامندو ۽ رات ڏينهن سفر ڪندو آهي. هي رات جو چانڊوڪيءَ ۾ ٻني ۾ پاڻي ڏسي يا ڏينهن جي روشني ۾ پاڻي ڏسي ٻني ۾ لهي پوندو آهي. جتي لهندو آهي، اتي پنهنجي پيرن سان ٻج جي حالت اهڙي ته ڪري ڇڏيندو آهي، جو هو ڄمڻ لائق ئي نه رهندو آهي. هي ٻج کائيندو به شوق سان آهي، هن کي اڏامڻ لاءِ هاري ناري بندوق، ڦٽاڪن ۽ کانڀاڻين جا ٺڪاءَ ڪندا آهن. چيهو هتي ويهه پنجويهه ڏينهن رهندو آهي. جنهن دوران هي پنهنجي پورت ۽ هارين زميندارن جي ڀينگ ڪري پوءِ اڏامي ويندو آهي. اڏامڻ مهل گڏ اڏامندو آهي ۽ وڏو آواز ڪندو آهي.

 

جهڙي طرح چيهو ڪرڙ پوکي جو انتظار ڪندو آهي، اهڙي نموني   نانگ ۽ نور گدڙ وري هن جو انتظار ڪندا آهن. گدڙ جي هي محبوب ڊش آهي. چيهو پاڻ وري ٻج سان گڏ جيت جڻا، ڪيتريون ماڪوڙيون تڏ ۽ پوئنرا شوق سان کائيندو آهي. (هاري چوندا آهن ته هن جي پيرن ۾ زهر آهي) ڏسو قدرت جو عجيب ڪارخانو! هڪ شيءِ ٻئي جي غذا ڪيئن ٿي بڻجي ۽ نظام ڪيئن ٿو اڳتي هلي. جي هڪ شيءِ جو وجود ختم ٿي ويو ته ان جو ڪيترين ٻين شين تي اثر پوندو.

 

ٿورو غور ڪري ڏسو! ڪڻڪ جي پچي تيار ٿيڻ دوران به قدرت ڪيترائي رنگ ڏيکاريندي آهي. ڪڪڙيون، آنا به انهيءَ دوران وڌيڪ ڪنديون آهن، آري تي ويهنديون آهن، پوءِ سيارو اچي ڪڙڪندو آهي، جنهن جون وري ڪيتريون ئي دلچسپ نشانيون ۽ نظارا آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي نشست ۾. ڪڻڪون پچڻ کان اڳ مانگهه مهيني ۾ برسات لازمي پوندي آهي ۽ مانگهه ۾ ئي مشهور مچ وارو منفرد بهرم بري وارو ميلو لڳندو آهي. ڀلي ڪير قدرتي اهڃاڻن تي اعتبار ڪري يا نه، پر ان ميلي ۾ اچي ڏسي ته برسات پوي ٿي يا نه! زوردار نه سهي ڪڻا ڪڻا ئي سهي، پر پوندي لازمي. اها برسات ڪڻڪن لاءِ به ڪيترن ئي حوالن سان اهم هجي ٿي. هي اهو وقت هوندو آهي، جڏهن عمومن پاڻي جي بندي هوندي آهي، ان ڪري تازي پيتل ڪڻڪن کي نقصان ۽ سوڪهڙي جي شڪار ٻين کي فائدو رسندو آهي. انهيءَ برسات کي روهيون سڏبو آهي، جيڪا پنج کان ست ڏينهن رهي سگهي ٿي، پر گهڻو ڪري ٽي ڏينهن ٿيندي آهي ۽ چوٿين ڏينهن کڄي ويندي آهي. چوندا آهن ته جي روهي ۾ برسات نه به پئي تڏهن به جهڙالي موسم ته ضرور ٿيندي ۽ سج کي لڪڻو پوندو آهي. روهي دوران جي ڏکڻ لڳو ته ڪڻڪ اَن ماريندي ۽ رتي به ڪندي. رتي جي بيماري ۾ ان سوڪهڙي ڪندو آهي. پر جي اتر لڳو ته داڻو وڏو ٿيندو ۽ ڪڻڪ وزن ڪندي پر ان ۾ وري مال کي سيءُ لڳندو ۽ نقصان ٿيندو.

 

ڪڻڪ جي اَن ۾ داڻي جي حوالي سان لوڪ ڏاهپ جي هڪ ٻئي ڳالهه به مشهور آهي ته ڪڻڪ اهڙي طرح پوکجي جو اها ڏياري ڏسي سگهي، ڏياري وقت جيڪا ڪڻڪ ڦٽل هوندي اها داڻو وڌيڪ ڪندي، معنيٰ ته ڏياري کان اڳ ڪڻڪ لازمي پوکي ڇڏجي. جي روهي برسات کان علاوه به جي ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ لڳي تڏهن به ڪڻڪ کي رتي لڳندي ۽ ان گهٽ ڪندي. ڪڻڪ جي ان تي ورڻ مهل، سنگ ٿيڻ بعد جي زوردار هوا لڳي ۽ ڪڻڪ هڪ ٻئي مٿان ڪري پئي ته به اها ان گهٽ پر بُهه وڌيڪ ڪندي. اهڙا خالي سنگ جن ۾ داڻو نه هجي، انهن کي کس سڏبو آهي. پر جي ڪڻڪ ۾ ان توقع کان وڌيڪ لهي ته چئبو آهي ته ڪڻڪ ۾ سم آهي. جي سردي گهڻي دير تائين هلي، اتر ۾ وڌيڪ هلي ته ڪڻڪ سم ڪندي آهي. ڪڻڪن لاءِ ڳڙي واري برسات نقصان ڪار هجي ٿي. ڳڙي سان پچيل داڻو به ڇڻي ٿو ۽ سنگ به ڀڄي پوي ٿو. عام طور  تي روهي مان آڳاٽي ڪڻڪ جي نقصان ۽ پاڇاٽي کي فائدو رسندو آهي، پر آکاڙ جي بارش ۾ ٻنهي کي نقصان ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کري جي ڪڻڪ ۾ ڀتر وڌيڪ هوندا آهن، اهو هاري جي ناتجربيڪاري سبب ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن ڪڻڪ لاباري لاءِ تيار  هجي ۽ ان کي پاڻي ڏئي ڇڏجي. پوءِ لاباري مهل سنگ جي پاڙ يا ڪانگڙي پاڙ سميت مٺ ۾ اچي ويندي آهي ۽ اها هلر ۾ ڪڻڪ ۾ شامل ٿي ويندي آهي.

 

نئين لٿل ڪڻڪ کائڻ کي نئين وٽ ڪرڻ سڏبو آهي. ڪچي ڪڻڪ جنهن کي آنڀو سڏبو آهي، ان کي باهه تي سيڪي کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. اڳي وارياسين يا نرم زمينن ۾ ڪڻڪ جي پوکي بعد، برسات پوڻ جي صورت ۾ زمين تي ڊينگهر گهمائبو هو ته جيئن زمين ٽڪ نه ٻڌي ڇڏي ۽ ٻج ڦوٽهڙو سٺو ۽ سولو ڪري. ڪڻڪ ۾ هڪ ڪڻڪ جهڙو ئي گاهه ٿيندو آهي، اهو جنهن کي آڙڪ سڏبو آهي. هونئن ڪڻڪ جو جيڪو رهيل ٻج ٿئي، ان کي به آڙڪ سڏبو آهي، سو ان آڙڪ گاهه کي هاري ڪانبو ٻڌي هٿ سان پٽي ڪڍندا هئا، جنهن سان هڪ ته مال لاءِ گاهه ملي ويندو هو ۽ ٻيو ته اڄ وانگر گاهه ختم ڪرڻ واريون دوائون به ڪو نه ڇٽڻيون پونديون هيون، جن سان هڪ ته خرچ وڌي ٿو ۽ ٻيو ته  ڪيترائي گاهه ٻوٽا وجود وڃائي رهيا آهن. اهو ته ڀلو ٿئي دوائن وارين ڪمپنين جو، جو انهن وٽ اصلي دوائون مڙئي گهٽ هونديون آهن، نه ته جيڪر ماحول جو ڏاڍو نقصان ٿئي.

 

جڏهن ڪڻڪ لاباري لاءِ تيار ٿيندي آهي ۽ زمين ساوڪ جو جبو لاهي، سنهري ويس پائيندي آهي ته  لوڪ ڏاهپ جا ماهر نيون نشانيون ڏسندا ۽ ٻڌائيندا آهن. ڪڻڪون تيار ٿينديون ته ڪارڙو ۽ اڇڙو تتر ٻچا ڪندو، جهرڪي لاباري کان اڳ گهر ٺاهڻ شروع ڪندي. تترن جا ٻچا ننڍا ئي هوندا ته لابارا شروع ٿي ويندا. اَن کڻڻ مهل هلون، ڳيرو، جهرڪي ۽ هيڙو ٻچا ڪندا آهن. هاڻ ته خيرن جو ٿريشر اچي ويو آهي، نه ئي هلر رهي آهي، نه ئي بٽائي، نه ئي لاباري کانپوءِ ڪانگڙي ۽ ڪاگنڙين جا مال لاءِ ڀيلاڙا. ڀاڳيا چوندا آهن ته وونئڻن جي ڀيلاڙن ۾ مال وڌيڪ متارو به ٿيندو آهي. پر ڪجهه ٿرين جي بقول ته ڪانگڙين ۾ مال وڌيڪ سائو ٿئي ٿو. ڳالهه ڪانگڙين جي نڪتي آهي ته اهو به ياد ڏيارجي ته ماني رکڻ واريون دٻڪيون، وڃڻا ۽  ٻيا ڪيترائي  ڊيڪوريشن پيس انهن ڪانگڙين يا ڪڻڪ جي سلي  مان ٺاهبا آهن. سرحد صوبي ۾ ڪانگڙي مان ڏاڍي ڀلي بانسري ٺاهبي آهي. پوءِ جڏهن ٻير پچي راس ٿيندا آهن ته اها ڪڻڪ جي تيار ٿيڻ جي ڄڻ پڪي پختي گواهي هوندي آهي. ڪڻڪ جو تيار ٿيڻ ڪيتريون ئي ماڻهن جي محنت مزدوري ڪري (لابارن  جي صورت ۾) ٻي سال جو اَن گڏ  ڪري رکڻ جو وڏو موقعو هوندو آهي، ان ڪري هر ڪو ٻيو ايندي ويندي ٻيرن کي جاچيندو آهي. ٿري ماڻهو ٻير پچندي ڏسي، ميداني علائقي جو رخ ڪندا آهن، ڄڻ ڪه کين گهر ويٺي ٻيرن ذريعي لاباري جي مزدوري جو اطلاع ملي ويندو آهي.هاڻ ته  خير اهي اڳ واريون ڇهه ماهي ۽ بوسي ڪڻڪون به نه رهيون آهن، انهن جي جاءِ تي اڍائي مهينن ۾ تيار ٿيندڙ جنسون اچي ويون آهن، پر پوءِ به هڪ ڏاهپ جي اهميت اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. ڪيترن ئي حوالن سان اڄ به هاري ناري ان مان فائدو وٺي رهيا آهن، پر انهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي، ان کان اڳ جو اسان جو صدين جو سينن ۾ سانڍيل اهو علم وڏڙن سان گڏ هليو وڃي، اچو ته ان کي دنيا جي ٻين سڌريل ملڪن ۽ قومن وانگر سنڀالي وٺون، اهو اسان جي وڏڙن جو اثاثو آهي.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s