گڏهه جي خبر ڏيو!- نواز ڪنڀر


دنيا جي مهذب ۽ امير ملڪن ۾ غربت ماپڻ جا ڀلي کڻي ڪهڙا به ماڻ  ۽ ماپا هجن، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ غربت جو هڪ  سنئون سڌو اهڃاڻ “گڏهه” به  آهي. جنهن گهر اڳيان  گڏهه ٻڌل هجي، پڪ سمجهو اهو گهراڻو غربت جي لڪير تي گذارو ڪري رهيو آهي. انڪم ٽيڪس جا گوشوارا ڀرڻ وارو همراهه هجي يا ڪو “چور ڀائو”، گڏهه واري گهر کان ائين وئون ويندو آهي، جيئن  ووٽ وٺڻ بعد اميدوار ووٽرن جي گهرن کان! جيئن سائيڪل، موٽر سائيڪل، ڪوري، ٽوڊي ۽ پيجارو وغيره ڪنهن گهر اڳيان بيٺل ڏسي، ان گهر جي مالي پوزيشن جو اندازو ڪبو آهي، اهڙي طرح جنهن گهر اڳيان گڏهه ٻڌل هجي ته سمجهي وڃجي ته ڪل خير آهي. انهن ڳالهين کي ڏسندي گڏهه کي غربت جو انڊيڪيٽر چئي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ ڪنهن جي مالي پوزيشن جو اندازو ڪرڻ لاءِ گڏهه به نيچرل ڪميونيڪيشن يا ٽريڊيشنل ڪميونيڪيشن جو تمام اهم ۽ ڪارائتو ذريعو آهي.

اڳي گڏهه چند ذاتين ۽ فردن وٽ هوندا هئا، پر هاڻ غربت وڌڻ سبب گڏهه وارين ذاتين ۽ گهرن ۾ خاطرخواهه اضافو ٿي رهيو آهي. جي ڪا غير جانبدارانه ڪميشن ويهاري فيصلو ڪرايو وڃي ته گڏهه ئي سڀ کان وڌيڪ محنت ۽ ڪم ڪري ٿو ته مار به سڀ کان وڌيڪ گڏهه ئي کائي ٿو، پوءِ اهو گڏهه پتڻ جو هجي يا پنڌ جو، سپر هاءِ وي جو هجي يا ڪنهن مارڪيٽ جو، مار برداشت ڪرڻ گڏهه جي مقدر ۾  ايئن لکيل آهي، جيئن عام خلق جي نصيب ۾ ٽيڪسن جو بار برداشت ڪرڻ! پنجابي چوڻي مطابق ته، “ڀلي سڄو ڳوٺ مري وڃي، پر ڇورا تون چوڌري ڪو نه ٿيندين”، ايئن انسانن جو گڏهه کان تعصباڻو رويو ڏسي لڳي ٿو ته نم کي صوبائي وڻ قرار ڏيڻ بعد جي قومي يا صوبائي جانور مقرر ڪرڻ جو وارو آيو ته ان لسٽ ۾ گڏهه کي مشڪل سان ئي شامل ڪيو وڃي. جيئن “ووٽر” جو “اميدوار” ۽ ميمبر ٿيڻ مشڪل آهي، تيئن شايد گڏهه جو به صوبائي يا قومي جانور ٿيڻ مشڪل آهي.

هونئن ته صدين کان گڏهه سان ڪيتريون ئي روايتي ۽ غير روايتي زيادتيون ۽ نا انصافيون ٿينديون رهنديون آهن، (جي ڪڏهن ٿو انصاف جو بول بالا ٿئي ۽ گڏهن کي  ٿو وارو ملي ته گهڻن کي خبر پئجي ويندي.) پر تازو  گڏهن سان جيڪا زيادتي ٿيندي محسوس ٿي آهي، سا آهي صحافي برادري پاران ٿيندڙ زيادتي. آبادي، گاڏيون، ايڪسيڊنٽ، صحافي، اخبارون، فون ۽ فيڪس وڌڻ ڪري هاڻ هر خبر رپورٽ ٿي رهي آهي، پر خبرن جي انهيءَ گهڻائي ۾ به گڏهه مار کايو وڃن. صحافي ڀائر، جيڪي پاڻ به تمام گهڻي محنت ۽ ڪم ڪن ٿا يا جن کان ڊيسڪ وارا “صاحب” تمام گهڻو جائز ناجائز ڪم وٺن ٿا، اهي اڪثر گڏهه جو نالو ۽ تفصيلي خبر مان گول ڪريو ڇڏين. توهان شايد ئي ڪنهن ايڪسيڊنٽ واري خبر جي تفصيل ۾ “گڏهه سان ڇا وهيو واپريو” بابت پڙهيو هجي. خبر هوندي ته تيز رفتار ٽرڪ، ڪار يا  جيپ وغيره جو گڏهه گاڏي سان ٽڪر، هڪ مئو ٻه ڦٽيا، ٽن جي حالت نازڪ، اسپتال منتقل، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. حالانڪ اها خبر ڏيڻ ايتري لازمي ڪانهي ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو گهران نڪتو هجي ۽ اوچتو ان جو لاش گهر پهچي ته ڪهرام نه مچندو، ته ڇا دهل ۽ شرنايون وڄنديون؟! ان ايڪسيڊنٽ ۾ گڏهه تي ڇا گذري؟ گڏهه مئو يا بچيو؟ ڦٽيو، رهڙ آيس يا ٽنگ ڀڳس؟ اهڙي ڪابه خبر صحافي دوست ڪڏهن ڪونه ڏين. جنهن وٽ ڪمائي جو ذريعو هجي ئي گڏهه ۽ اهو به مري وڃي، ان جي ته هڙ ئي وئي، پر صحافين کي ڇا! انهن لاءِ ڪار ۽ پيجارو ۾ ڊينٽ پوڻ،گاڏي جو ڊرائيور زخمي ٿيڻ يا مرڻ ته معنيٰ رکي ٿو، پر ايڪسيڊنٽ ۾ يا هونئن  ئي بيماري ۾ صحيح علاج نه ٿيڻ ڪري گڏهه جو مري وڃڻ ڪا به معنيٰ نٿو رکي. انهن لاءِ گڏهه خبر لائق ئي نه هوندو آهي. حالانڪه ڪافي اهڙن ماڻهن جون به اهي دوست اڪثر خبرون ڏيندا رهندا آهن، جن سڄي زندگي گڏهه جي هڪ هفتي جيترو به ڪم ڪونه ڪيو هوندو آهي. ڪم جي حساب سان ان جي حيثيت گڏهه کان گهڻو گهٽ هوندي آهي، پر پوءِ به  خبر ناهي  ڇو اهڙا نام نهاد وڏا ماڻهو ته اخبار ۾ جاءِ والارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، پر گڏهه ويچارو رهجيو وڃي. انهن صحافين جي لاءِ گڏهه جي چوري به ڪا خبر ناهي هوندي. سندن يا انهن جي دل گهرين جي موٽر سائيڪل جي چوري تي ته هي واويلا ڪندا آهن، پر مجال آهي جو گڏهه جي ڦرجڻ يا گم ٿيڻ جي ڪڏهن ڪا خبر ڏين. ايڊيٽر ۽ ڊيسڪ وارا به يا ته گڏهه جي اهميت کان بي خبر آهن يا انهن جو واسطو ۽  ڪم گڏهه سان نه پيو آهي. انهن جو ڪم  ٻئي پاسي کان يا صحافين کان ٿيو وڃي، ان ڪري اهي گڏهه جي اهميت کان بي خبر، گڏهه جي خبر  کي ڪا اهميت نٿا ڏين، نه ئي صحافين کان پڇا ٿا ڪن ته ايڪسيڊنٽ ۾ گڏهه جو ڇا ٿيو؟

ٻيو نه ته ڀلا ايتري ئي خبر کڻي ڏجي ته ايڪسيڊنٽ ۾ فلاڻو ڊرائيور، فلاڻو مسافر، فلاڻو واٽهڙو ۽ فلاڻو گڏهه مارجي يا زخمي ٿي پيا، ڇو جو ماڻهن وانگر گڏهن جا به ماڻهن جهڙا ئي نر مادي جي حساب سان نالا هوندا آهن، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن خبر نه پئجي سگهندي آهي ته ذڪر ماڻهوءَ جو ٿئي پيو يا ماڻهو جي نالي واري گڏهه جو. ۽ اڃان به جي اها خبر ڏجي ته گڏهه جي مرڻ جي خبر گهر پهچڻ تي گهر وارن يا اوڙي پاڙي وارن يا گڏهن ۽ جانورن سان پيار ڪندڙن تي ڇا گذري ته خبر مڪمل ٿي سگهي ٿي. صحافي خواتين و حضرات اها خبر ته مزا وٺي ڏيندا آهن ته اسپتال ۾ ڊاڪٽر يا دوائون اڻلڀ، مريض اسپتال جي در تي تڙپي تڙپي دم ڏنو، پر هو ڪڏهن به گڏهن جي علاج نه ٿيڻ يا انهن جي روڊ تي تڙپي تڙپي مرڻ جي خبر ناهن ڏيندا. حالانڪه ڪافي ماڻهن کي ڀلي علاج جون سڀ سهولتون ميسر هجن ۽ هو ڀلي کٽ تي يا بيڊ تي هجن  پر مرندا پوءِ به تڙپي تڙپي  ئي آهن. ساهه، شيءِ ئي اهڙي آهي.

گڏهن جي خبر نه اچڻ جا جتي ايڊيٽر، ڊيسڪ وارا ۽ صحافي ذميوار آهن، اتي صحافين جا تربيتي ورڪشاپ ۽ ٽريننگون ڪرائيندڙ مختلف ادارا توڙي صحافت پڙهائيندڙ ۽ ڪورس ٺاهيندڙ به اوترا ئي ذميوار آهن. انهن  به شايد ئي ڪڏهن صحافين کي گڏهه، گڏهن جا ڪم ۽ خدمتون ٻڌائي گڏهه جي اهميت کان آگاهه ڪيو هجي. ان ڪري جي آئينده اهڙا ادارا پنهنجي ٽريننگس ۾ گڏهه جي اهميت اجاگر ڪرڻ جو بندوبست ڪندا ته ڪيترن ئي گڏهن جو ڀلو  ٿي پوندو.

ان ڪري صحافي دوستن کي گذارش آهي ته اڪثريتي  عوام جي سچي ساٿي، همدرد ۽ هڏ ڏوکي کي به خبرن ۾ جاءِ ڏين. هن جي موت، زخمي ۽ علاج نه ٿيڻ کي به اهميت ڏين ۽ اهي خبرون به اخبار ۾ اماڻي گهٽ ۾ گهٽ پاڻ تان ته ميار لاهين. عوامي سواري وارو هي هر دل عزيز ۽ ڪيترن جو هي من پسند جانور به توهان جي توجهه، شفقت ۽ نظر ڪرم جو گهرجائو ۽ منتظر آهي. اميد ته توهان آئينده گاڏين وارن سان گڏ گڏهن جي خبر ڏئي، پنهنجي غير جانبداري جو ۽ گڏهه دوست ۽ جانور دوست هجڻ جو ثبوت ڏيندا، نه ته گڏهه ته هونئن به گڏهه آهي. گڏهه کي ته وڌيڪ ڪجهه ڪونه ٿيندو، ها ڏسو متان توهان جو ضمير توهان کي ڪڏهن ملامت ڪري يا اڌوري خبر ڏيڻ تي ڪو توهان کي ڪنهن سان تشبيهه نه ڏئي وٺي. ان ڪري بهتر آهي ته گڏهه جي خبرن کي به اهميت ڏيو ۽ خبر ۾ گڏهه جي مرڻ  ۽ ڦٽجڻ جو تفصيل، گڏهه جي نالي ۽ فوٽو سان ڏيو. ڏسو ڪٿي سڀاڻي متان توهان پاڻ نه خبرن مان ائين نظر انداز ٿيو، جيئن اڄ توهان گڏهه کي نظرانداز ڪري رهيا آهيو.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s