ڦاڙهي جي ڦٽندي ته ميوا ڏانهن منهن ڪندو – نواز ڪنڀر


ڦاڙهي جي ڦٽندي ته ميوا ڏانهن منهن ڪندو!

نواز ڪنڀر

ماضيءَ جي مشهور درسگاهه، اڳڪٿين جي حوالي سان شهرت رکندڙ شهيد عبدالرحيم گرهوڙي جي استاد ميان مبين جي آخري آرمگاهه جي حوالي سان سڃاتو ويندڙ چوٽياري شهر، کان اتر الهندي ۽ ڊيم کان ڏکڻ ۽ ناري جي اڀرندي پاسي وارو ”ميوا“ ٻيلو ۽ شڪار گاهه ته اڳئي ڪاٺ ڪٽڻ واري مافيائن جي ور چڙهيل آهي پر اڄ ڪلهه هي شڪارين جو موضوع به بڻيل آهي. هونئن ته هي ٻيلو سهي ۽ تتر جي مسڪن هجڻ ڪري شڪارين جي نظرن ۾ ايندو رهيو آهي پر تازو هتي ڪنهن رک مان آيل ڦاڙهي جي بندوق جي بک ٿيڻ بعد هر ڪنهن جي اک ۾ اچي ويو آهي، ڇو جو مارجي ويل ڦاڙهي سان گڏ هڪ مادي هجڻ جا به شڪارين وٽ پڪا پختا ثبوت آهن. جيتوڻيڪ هي علائقو هن وقت ڦاڙهي جي جُوءِ ناهي رهيو پر پوءِ به وقتن فوقتن مختلف رکن مان ڦاڙهي جو نڪري، هتي اچڻ ۽ مارجڻ، اها ڳالهه ضرور واضح ڪري ٿو ته ميوا وارو ٻيلو ڦاڙهي جو مسڪن ٿي سگهي ٿو، مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق، ميوا ۾ گذريل سال به هڪ ڦاڙهو آيو هو ۽ مارجي ويو هو. ٻه چار مهينا اڳ ۾ آيل ڦاڙهي کي واپس رک ڏانهن روانو ڪيو ويو ۽ هاڻ وري ميوا ۾ بهار جي مند ۾ آيل ڦاڙهو، فيبروريءَ جي آخري تاريخن ۾ مارجي ويو.
سال کن اڳ آيل ڦاڙهي جي حوالي سان سرڪاري طرح وڏي وٺ وٺان ٿي هئي. ڇو جو سرڪاري طرح ڦاڙهي مارڻ جي سزا 6-مهينا ٽيپ يا ڏيڍ لک رپيه ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري ان ڦاڙهي تي وٺي ڏي وٺ بعد معاملو مٺ گرم ٿيڻ ۽ بااثر ڌرين جي وچ ۾ اچڻ بعد بند ٿيو هو. تڏهن شايد آفيسر به ڪجهه نوان نوان هئا پر هاڻ هو به گسن پنڌن جا واقف ٿي چڪا آهن ته شڪاري به انهن جو پاڻي ماپيو ويٺا آهن. ان ڪري قتل ٿيل ڦاڙهي جو ڪيس ته ڇا داخل ٿئي ها، ڪنهن کي ڪيس جو دڙ ڪو به نه مليو ۽ ائين ٻٽيهه ڪلو وارو نر ڦاڙهو ڏينهن ڏٺي جو بندوق جو بک بڻجي ويو. پندرنهن ڏينهن کن ميوا جي علائقي ۾ ٻڪرين جي مختلف ڌڻن سان گڏ چرندڙ اهيءَ ڦاڙهي لاءِ مقامي طور مختلف رايا رکندا وڃن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي ته هي ڦاڙهو کپري واري پاسي کان محروم قاضي فيض محمد راڄڙ واري رک مان آيو هو. جڏهن ته ڪن خفتين جو چوڻ آهي ته هي مکي واري پاسي کان نڙ بيت واري مشهور ڪردار صابل ۽ بهرام جمالي وٽان آيو هو. قاضي صاحب واري رک مان ڦاڙهي جي اچڻ واري ڳالهه ڪندڙ جو چوڻ آهي ته انهيءَ پاسي کان نسبتن جهنگ ۽ ڀٽون وڌيڪ هجڻ ۽ ماڻهن جي آبادي گهٽ هجڻ ڪري، ڦاڙهو اتان ئي آيو هو. هو وڌيڪ دليل ڏيندي چون ٿا ته ڪجهه مهينا اڳ ساريجي وٽان تڙ ڪري واپس ڪيل ڦاڙهو به قاضي صاحبان جي رک مان آيو هو. جڏهن ته جمالين واري پاسي هڪ ته ٻنيون آباد آهن ۽ ٻيو ته ماڻهن جي آبادي به وڌيڪ آهي، ان ڪري اتان ڦاڙهي جو نڪري هتي پهچڻ ڪجهه مشڪل آهي. ڪجهه به هجي، ڦاڙهو ڪٿان به آيو هجي پر هڪ ڳالهه ته طئه آهي ته جڏهن به ڦاڙهي جي ڦٽندي آهي ته هو ميوا ڏانهن منهن ڪندو آهي.ڪن خفتين جو اهو به چوڻ آهي ته ڦاڙهو توريئي جو اصل عاشق آهي. جيئن ته ميوا جي آس پاس ڪافي ٻنين ۾ توريو ۽ سرنهن پوکيل آهي، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڦاڙهو توريئي جي خوشبو تي هيڏانهن نڪري ايندو هجي. ڦاڙهي جي محبوب غذا جيئن ته ٻٻر ۽ ٻير آهن. ۽ اهي ٻئي شيون ميوا ۾ عام جام آهن، ان ڪري به ٿي سگهي ٿو ڦاڙهي جي دل ايڏانهن ڇڪجي آئي هجي.اهڙا به خفتي موجود آهن، جيڪي هر جانور جو پير به سڃاڻي وٺن ته ان جو آواز به ڪڍي وٺن. هاڻي ڦاڙهو به شڪارين پيرين پاران ڦاڙهي جي پير کڻڻ سبب ئي ٿيو آهي. شڪارين ڦاڙهي جا پير کڻي ان جي ويجهو پهچي، کيس هڻي ماري وڌو.
جيئن هر ڪم ڌنڌي جي پنهنجي پنهنجي اخلاقيات هوندي آهي. پنهنجا پنهنجا اصول هوندا آهن، ائين شڪارين جا به اڳ ۾ ڪي اصول هوندا هئا، انهن تي به ڪي اخلاقي بندشون هونديون هيون. پر هاڻ جديد دور اچڻ بعد، شڪارين به اصولن ۽ اخلاقيات کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. اصولن ۽ اخلاقيات کي پوئتي ڌڪي ڇڏڻ ۾شايد سنڌ جا بي گُرا شڪاري سڀ کان اڳڀرا آهن. دنيا جي شڪارين جو مڃيل اصول آهي ته ماديءَ تي هٿ ڪونه کڻبو، ڌڪ ڪونه هڻبو پر سنڌ جا اڪثر شڪاري هاڻ ان اصول تي به ڌيان نٿا ڌرين. رات جو رڳو ڪا اک ٽمڪي، بندوق بس ئي نه ڪندي پوءِ ڀلي ڪو ٻلو ۽ گدڙ ئي ڇو نه هجي!! سو جهنگلي جيوت سان محبت ۽ همدردي رکندڙ ماڻهن کي ڊپ آهي ته هاڻ شڪاري، ميوا ۾ نر سان گڏ آيل ماديءَ کي به ڪونه بخشيندا ۽ اها به جلد مارجي ويندي. ان ڪري اڃان به وقت آهي وائلڊ لائيف کاتي جا عملدار اک پٽين ۽ بچي ويل مادي کي، ڳولي، ڪنهن به نموني، جلد کان جلد ڪنهن رک ڀيڙو ڪن. ان کان اڳ جو ڪي اخلاقيات کان انڪاري شڪاري، انهيءَ ماديءَ کي به ماري ڇڏين. ان ڪم ۾ جي جهنگلي جيوت جي بچاءَ جي حوالي سان ڪم ڪندڙ تنظيمون ۽ ادارا به ڪو تحرڪ وٺن ته شايد اها مادي بچي وڃي. سنڌي ۾ مشڪل ڪم ٿيڻ جي حوالي سان پهاڪي ۽ چوڻي جو درجو رکندڙ ڦاڙهي جو شڪار فور وهيل گاڏين، سرچ لائيٽ ۽ لاقانونيت جي وڌڻ بعد ڪيترو ته سولو ٿي پيو آهي! شايد انهن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هجي جن ”تو ڪهڙا ڦاڙا ماريا آهن“ جهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون جوڙيون هيون.
اسان اريگيشن کاتي کي گذارش ٿا ڪريون ته هو ميوا ۾ سندن آفيسرن جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ وڻن جي واڍي هڪدم بند ڪرائين. ٻيلي کاتي وارا به ڪجهه ميوا ڏانهن ڌيان ڏين. وائلڊ لائيف کاتي وارا بجاءِ شڪار ڪرائڻ جي ۽ شڪارين کي سهولتون مهيا ڪرڻ جي، قتل ٿيل ڦاڙهي جي خون جو ڪيس ڦاڙهي جي قاتلن تي داخل ڪري انهن کي سخت کان سخت سيکت ڏين ۽ بچي ويل ماديءَ کي رک ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ وٺن. جيئن ته ٻين جانورن وانگر ڦاڙهي جي جُو به ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي. ۽ ڦاڙهو ناياب ٿيڻ تي اچي پهتو آهي. ان ڪري جيڪڏهن ميوا واري ٻيلي کي ڦاڙهي جي رک قرار ڏنو وڃي ته هڪ ته ڀلجي ۽ ڀٽڪي ايندڙ ڦاڙهن جو ڀلو ٿي پوندو ۽ ٻيو ته ڦاڙهي جي رک هجڻ ڪري، ٻين به ڪيترن ئي ننڍن وڏن، حلال حرام جانورن ۽ پکين کي به محفوظ ٺڪاڻو ملي پوندو. پوءِ اها رک ڀلي کڻي پير فقير جي نالي تي ئي کڻي ڇو نه ڪئي وڃي.

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s