ممباسا شيدي باشا هم-باشا!- الطاف شيخ


پورو ڪتاب پي ڊي ايف ۾ ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو

انتساب

پنهنجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي دوست

عبدالجبار عباسي نالي

عبدالجبار عباسي سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستي کي هن وقت اڌ صدي کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن آءٌ مئٽرڪ ڪلاس ۾ پهتس ته عبدالجبار عباسيءَ اٺين ڪلاس ۾ اچي داخلا ورتي هئي. هيءُ سال 1960ع جي ڳالهه آهي. دراصل عبدالجبار عباسي جي والد، چاچي حاجي محمد عيسيٰ سان منهنجي اڃان به ٻه ٽي سال اڳ جي سڃاڻپ ٿي هئي، جڏهن هو صاحب اسان جي ڳوٺ جو مختيارڪار ٿي آيو هو. منهنجو والد گل محمد شيخ به ساڳي نوڪري ۾ رهي چڪو هو ۽ نه فقط عبدالجبار عباسي جي والد جو همعصر هو (ٻنهي جي ڄم جو سال 1920ع آهي) پر ننڍپڻ کان دوستي پڻ هئي. ظاهر آهي ان وقت سنڌ جا مسلمان تعليم ۾ گهٽ هئا ۽ جيڪي هئا انهن هڪ ٻئي کي سڃاتو ٿي.

عبدالجبار عباسي جي ڏاڏي محمد ڇتل کي ٽي پٽ هئا: حاجي محمد اسماعيل، حاجي محمد موسيٰ ۽ سڀ ۾ ننڍو عبدالجبار عباسي جو والد محمد عيسيٰ هو، جنهن پرائمري تعليم مَلڪن جي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ 1938ع ۾، مٺياڻي هاءِ اسڪول مان ڪئي. مئٽرڪ کان پوءِ پاڻ ڪراچيءَ ۾ اچي ڪامرس ۾ داخلا ورتي. ان دوران کين انسپيڪٽر فار راشننگ جي نوڪري ملي وئي، جيڪا ڪليڪٽر جي هٿ هيٺ هئي. 1947ع ۾ ريوينيو ۾ آيا ۽ 1950ع ۾ هائير پاس ڪيائون، جنهن بعد هو مختيارڪار ٿيا ۽ مختلف شهرن: رتوديرو، شهدادپور، هالا، ٽنڊوالهيار ۾ مختياڪار جي حيثيت سان نوڪري ڪيائون. 1973ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڊئريڪٽر سيٽلمينٽ، سرويز ۽ انسپيڪٽر جنرل رجسٽريشن ٿيا، ان بعد 1977ع ۾ ميمبر بورڊ آف ريوينيو مقرر ٿيا، جنهن بعد 1980ع ۾ رٽائرڊ ٿيا. سندن پيشورانه ڄاڻ ۽ قابليت ڪري، رٽائرمينٽ بعد به هو ڏهه سال کن سنڌ چئمبر آف ائگريڪلچر جا سيڪريٽري جنرل ٿي رهيا ۽ 1991ع کان 1993ع تائين اسلام آباد ۾ فيڊرل لئنڊ ڪميشن جا چيئرمن پڻ ٿيا. سندن وفات ڪجهه سال اڳ 87 ورهن جي ڄمار ۾ 2007ع ۾ ٿي.

چاچي محمد عيسيٰ عباسي کي ٽي پٽ آهن: وڏو عبدالخالق، ننڍو محمد اسحاق، اسان وارو پيٽارين دوست عبدالجبار عباسي وچين نمبر تي آهي. سندن ڄم جي تاريخ 15- ڊسمبر 1948ع آهي. عبدالجبار وارن جو موري تعلقي سان واسطو آهي. هو ٻڌائيندو آهي ته سندن اصل ڳوٺ جتي سندن وڏا رهندا هئا اهو درياهه ڪناري ڪلهوڙن جو ڳوٺ سڏبو هو. پوءِ 1928ع واري وڏي ٻوڏ ۾ سندن والد جو ڏاڏو محمد رمضان ڪلهوڙو اتان لڏي مَلڪن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جتي ٻين ذاتين جا ماڻهو پڻ رهيا ٿي، خاص ڪري کيڙا جن جي هڪ مشهور شخصيت خانصاحب گل محمد کيڙو ميمبر صوبائي اسيمبلي پڻ آهي. ان لڏپلاڻ وقت عبدالجبار جي والد جي عمر 8 سال هئي. بهرحال 1988ع واري ٻوڏ ۾ کين اتان به لڏڻو پيو ۽ ڏيپارجا ۾ اچي رهيا، جتي هنن جا اڄڪلهه گهرگهاٽ آهن. چاچي حاجي محمد عيسيٰ جن جو هتي ٺهرايل مدرسو ۽ ڇوڪرين جو اسڪول سنڌ جي بهترين درسگاهن مان آهن.

عبدالجبار عباسيءَ بنيادي تعليم نوابشاهه مان خوجا صاحب هيڊماستر جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو. کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ فقط پري انجنيئرنگ جا ڪلاس هئا، ان ڪري عبدالجبار کي مئٽرڪ بعد ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏڻو پيو ۽ پري ميڊيڪل جا ٻه سال حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي مان پڙهيو. ان بعد هن جي چونڊ ڍاڪا (مشرقي پاڪستان) جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي جتي وڃڻ کان هن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ کي بهتر سمجهيو. 1972ع ۾ انٽرنيشنل رليشن ۾ M.A ڪرڻ بعد ايڪانامڪس ۾ ايم.اي ڪئي ۽ ان دوران هن سول سروس جي چونڊ جو امتحان ڏنو جنهن ۾ ڪامياب ٿيڻ تي هن جي ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي ٽريننگ ٿي، ان بعد هو حيدرآباد ۾ علائقه ۽ ميونسپل ماجسٽريٽ ٿيو. 1980ع ۾ هو ڪوٽڙي جو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو ۽ ان بعد ڏهه سال کن سندس ان پوسٽ تي سيوهڻ، تعلقو حيدرآباد، عمرڪوٽ، ڪراچي هاربر ۽ ملير ۾ نوڪري رهي. 1991ع ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هيلٿ ۽ 1992ع ۾ حيدرآباد جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان بعد 1994ع ۾ ميرپورخاص جو ۽ 1996ع ۾ سکر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ بعد ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جو ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو. پاڻ 15- ڊسمبر 2008ع تي سرڪاري نوڪري مان ميمبر بورڊ آف ريوينيو کان اڳ واري پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ وارا ڏهاڪو سال پاڻ جن مختلف نوڪرين تي رهيو، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: سکر بئراج جو ڪالونائيزيشن آفيسر، بورڊ آف ريوينيو جو ايڊيشنل سيڪريٽري، WASA (واٽر سيوريج اٿارٽي) جو M.D، سنڌ ڳوٺ آباد جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، سيٽلمينٽ، سروي ۽ لئنڊ رڪارڊس جو ڊائريڪٽر وغيره.

وقت ۽ حالتن سان گڏ انسان بدلجيو وڃي ٿو پر عبدالجبار عباسي جي اها حيرت انگيز ڳالهه آهي ته هو اڄ به اهڙوئي معصوم طبعيت، ٻئي جو خيرخواهه، هرهڪ جو ڀلو گهرندڙ ۽ دوستي ۾ بيحد سچار رهيو آهي. جهڙو هو اسڪول جي ڏينهن ۾ هو. هيڏين نوڪرين تي رهڻ دوران به هو هرهڪ سان نياز نوڙت سان هلندو رهيو ۽ بنا لالچ جي انسانذات جي مدد ڪندو رهيو، مون جهڙي سست ۽ موڊي ماڻهوءَ جي جڏهن عبدالجبار عباسي جي عادتن سان ڀيٽ ڪريان ٿو ته پاڻ ڏي خبر ناهي ڪيتريون ڪوتاهيون محسوس ڪريان ٿو، پر شاباس هجي عبدالجبار کي جنهن ڪڏهن به ناراضگي جو اظهار نه ڪيو. بقول شاهه لطيف جي “ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا ڏوراپا ڏيئي…” اڄ ڏينهن تائين هو پنهنجو پير پنڌ قائم رکندو اچي. ڳوٺ ۾ دعوت ڪندو يا حيدرآباد ۾ ته به منهنجي اهائي غيرحاضري! سندس سامهون اچڻ تي پنهنجي سستي ۽ غلطي جي اظهار لاءِ اڃان ٻه لفظ معافيءَ جا ڪڍندو آهيان ته يڪدم ڀاڪر پائي چوندو آهي ته ادا مڙيئي خير آهي توهان منهنجا وڏا آهيو.

هن دفعي پيٽارين ائسوسيشن جي گڏجاڻيءَ تي چيومانس ته “سڄي عمر تنهنجي ڳوٺ نه آيس، پر هاڻ پوڙهائپ ۾ ڏيپارجا وڃي توهان جي والد صاحب جو ٺهرايل مدرسو ۽ گرلس اسڪول ڏسڻ جو شوق ٿيو آهي.”

عبدالجبار عباسيءَ وارا اهي تعليم يافته وڏيرا ۽ ڪامورا آهن، جيڪي نه فقط پنهنجي فئملي جي ماڻهن کي، بلڪ سڄي ڳوٺ ۽ اوسي پاسي جي علائقي کي تعليم جي زيور سان آراسته ڏسڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ هو پنهنجي وس آهر ڪم ڪندا رهن ٿا.

عبدالجبار عباسي جي 1972ع ۾ شادي ٿي ۽ کيس ٽي پٽ آهن. وڏو ڊاڪٽر جاويد لياقت يونيورسٽي مان MBBS ڪرڻ بعد نيفرولاجي ۾ MRCP ڪئي ۽ ڪجهه وقت برمنگهام جي “ڪُئين ايلزبيٿ” اسپتال ۾ رجسٽرار جي عهدي تي رهڻ بعد وڌيڪ پڙهائي ڪئي ۽ اڄ هو ڊربي شائر ۾ GP (جنرل پرئڪٽيشنر) آهي. ٻيو نمبر پٽ جنيد عباسي جيڪو اڄڪلهه زمينون سنڀالي ٿو، مهراڻ يونيورسٽي مان MBA فائننس ۾ ڪرڻ بعد اڄڪلهه سنڌ گورنمينٽ ۾ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪري ٿو. دعا آهي ته هو پنهنجن وڏن جي نقش قدم، نيڪ ريتن ۽ روايتن تي عمر ڀر قائم رهي ماڻهن جون دعائون حاصل ڪندا رهن.

                                                                                          الطاف شيخ

۲۵ اپريل ۲۰۱۱ع

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s