پکين جي ديس ۾ الطاف شيخ


پورو ڪتاب پي ڊي ايف ۾ ڊائون لوڊ ڪري پڙھڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪيو

پکين جي ديس ۾

الطاف شيخ

الطاف شيخ، فطرت پسندي ۽ پرڏيهي پکي

سنڌ جي نهايت مانواري ليکڪ، سوين ملڪن جا سئر ڪندڙ، سياح، جهاز ران، انجنيئر، سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي ثقافتن، سماجي ڄاڻ، سائنس، جانورن، پکين ۽ ٻوٽن ۽ ٻين انيڪ ڳالهين کان واقف ڪرائيندڙ، ڪيترا ئي سفرناما لکندڙ الطاف شيخ، تازو عبرت اخبار ۾ پکين بابت نهايت ڪارائتا مضمون لکي، نه فقط اسان کي جيئاريو آهي، پر هڪ ڀيرو ٻيهر ڄڻ ته سنڌ کي ويهي ڳايو آهي. ڏيهي پرڏيهي پکين بابت سندس انهن مضمون ۾ پکين سان پيار ۽ انس جا ڪيئي مثال ۽ داستان بيان ڪيل آهن.

الطاف شيخ اهو ليکڪ آهي، جنهن جي ڪتابن کي ٻاراڻي وهيءَ ۾ اسان پڙهي لکڻ ۽ پڙهڻ سکيو. ذاتي طور منهنجي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي پئي سگهيو، جو هڪ ڏينهن الطاف شيخ پاڻ “ٽوٻاڪر پکيءَ” تي عبرت اخبار ۾ منهنجي ڇپيل هڪ ڪالم جي فون ڪري نه فقط تعريف ڪئي، پر اهو به ٻڌايائين ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پکين بابت مضمونن جو هڪ طويل سلسلو شروع ڪرڻ وارو آهي، جن جي ڇپجڻ کانپوءِ پاڻ مون کان انهن بابت منهنجي راءِ لاءِ چيائين. سچي ڳالهه اها آهي ته مان ڪا راءِ ڏيان به سهي، ته ان راءِ جي اڳ ۾ ئي جبل جيڏي اوچي بيٺل انسان لاءِ ڪهڙي اهميت، سو مان اهو سمجهان ٿو ته الطاف شيخ پاران مون کان پنهنجن مضمونن تي راءِ گهرڻ حقيقت ۾ منهنجي پنهنجي همٿ افزائيءَ ڪرڻ آهي. الطاف شيخ جي ان وڏ ماڻهپي ۽ اسان جهڙن ننڍڙن پتڪڙن سيکڙاٽ ليکڪن جي ان انداز سان همٿ افزائي ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. ان کان اڳ مان سمجهندو هوس ته وڏن ليکڪن کي پنهنجي علم ۽ شهرت جي آڪڙ هوندي آهي، پر الطاف شيخ کي فون تي پاڻ سان ائين مخاطب ٿيندي ٻڌي منهنجي سنڌ جي گهڻن ليکڪن بابت راءِ تبديل ٿي ويئي آهي. ان کان اڳ فقط عبدالقادر جوڻيجو ئي اهڙو اڙٻنگ ليکڪ هو، جنهن سان اسان جهڙن فقيرن جي ياري هئي. هو واقفيت جي پهرئين ڏينهن کان ئي مون سان گهاٽن دوستن جيئن رهيو آهي. امر جليل سان به مان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڪهاڻي ڪانفرنس دوران مليو هئس ۽ اتي هن جي سامهون مون کي پنهنجن ٻين دوستن سان گڏ ڪهاڻي پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي، هن نه رڳو ويهي اسان کي ٻڌو پر برداشت به ڪيو، جنهنڪري مان جيئن ئي ڊائس تان لٿس ته سڌو وڃي ساڻس مليس. ٻنهي هٿن ۾ منهنجو منهن جهلي پيشانيءَ تي چمي ڏنائين. خوشيءَ ۾ منهنجي اکين ۾ پاڻي امنڊي آيو، ان جو ڪارڻ شايد ان ويڇي ۽ وٿيءَ جو دور ٿيڻ هو، جا گهڻن سينيئر ليکڪن هاسيڪار نالي جي شهرت ۽ طبيعتن بدمزاجيءَ ڪري نوجوان پڙهندڙن ۽ ليکڪن وچ ۾ پئدا ڪري رکي هئي. حليم بروهيءَ سان به منهنجي منوج ڪمار جي ٿرو نيٽ تي ملاقات ٿي. مون کي پنهنجي ڪتاب سيڊ، ڪبير، عمر خيام ۽ اسٽيفن ليڪاڪ مان ڪجهه چونڊ پڙهايائين. مون کي اهو چيائين ته “لغاري ڪڏهن حيدرآباد اچين ته مون سان ضرور ملجانءِ!” حليم خلاف جيتري زهريلي پروپئگنڊا آهي اوتري ئي بلڪ، ان کان به وڌيڪ هو حليم آهي.

الطاف صاحب سان منهنجي هيلو هاءِ کي به ڪي ٻه ٽي مهينا مس گذريا آهن، پر ان وچ ۾ پاڻ ڪيئي ڀيرا فون ڪري ڪچهري ڪيائين، جي مون ڪڏهن فون ڪيو به هوندو ته ڪٽي پاڻ فون ڪيائين، انهن ڳالهين کي مان ڪٿي فٽ ڪيان. مون کي اعتبار ئي نٿو اچي ته ايڏو وڏو ماڻهو پنهنجي پڙهندڙ سان ائين پنهنجي محبت جو اظهار ڪندو. الطاف شيخ جي انهن ئي ڳالهين منهنجي دل اندر ويٺل ڪيترين ئي غلط فهمين جو صفايو ڪيو آهي. اسان اڃا هڪ ٻئي کي روبرو ڏٺو به ناهي، پر پوءِ به هن ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ رشتو ليکڪ ۽ پاٺڪ وارو سدائين رهيو آهي ۽ اهو آخري دم تائين رهڻو آهي، ٻيو رشتو نيچر (فطرت) سان محبت وارو آهي. مان گذريل ڏهن سالن کان سنڌ جي جهنگلي جيوت ۽ ماحول بابت لکندو، پڙهندو ۽ ان ڄاڻ کي سنڌ جي ماڻهن سان ونڊيندو به پيو اچان، پر منهنجي ذهن ۾ اهو هو ته شايد مان اديباڻي ڪم کان پري ٿي وڻن، ٻوٽن، جانورن ۽ پکين جي بچاءَ ۽ واڌ ويجهه بابت ٺلهو مٿو هڻندو وتان! الطاف شيخ جي هاڻوڪن مضمونن کي پڙهڻ کانپوءِ خبر پئي ته ائين ناهي، رڳو مان نه، مون سان گڏ ٻيا به کوڙ فطرت جا عاشق آهن، جيڪي مون کان به وڌيڪ ان جي مظهرن جا مشتاق آهن. الطاف شيخ پنهنجين لکڻين ۾ سنڌ جي انهن فطرت پسندن جا نالا ڏيئي، انهن سڀني کي هڪڙي ئي لڙيءَ ۾ پوئي ڇڏيو آهي.

سنڌ جو شروعاتي ادب، جنهن کي لوڪ ادب چئجي ٿو، پکين، جانورن، نانگن، بلائن ۽ وڻن ٻوٽن جي ذڪر سان ڀريو پيو آهي. خود سنڌي ادب جي تواريخ ۾ سنڌيءَ جي پهرئين شعر ۾ به جهرڪ پکيءَ جو ذڪر ملي ٿو.

ٿئان مان جهرڪ، ويهان ساجَن جي ڇڄ تي،

مانِ ڪَرنِ ڊرڪ، ٻوليءَ ٻاجهاريءَ سين.

سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ڪلهوڙا دور جي شاعرن پکين کي علامتي اظهار جو وڏو ذريعو بڻايو، پر ان سان گڏوگڏ خود پکين کي جيوت جي حيثيت ۾ پڻ ڳايو، جنهن جو نون توڙي پراڻن شاعرن جي شاعريءَ جي صورت ۾ الطاف شيخ پنهنجي هنن مضمونن ۾ ڪيو آهي. ميين شاهه عنايت رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ خليفي نبي بخش لغاري  جي شاعري علامتي ۽ حقيقي اظهار سان ڀري پئي آهي. ڀٽائيءَ ڪونج، مور (ڪارايل)، تاڙي، هڪ اڌ جاءِ تي ڪوئل، ٻاٻيهي، ڪانگ، هنج، باز،ڪانئري، ڳجهه وغيره جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ تمام خوبصورتيءَ سان ڪيو آهي. الطاف شيخ، ڀٽائيءَ جي بيتن کي حوالي طور استعمال ۾ آڻي، ڪونج پکيءَ جي باري ۾ اسان کي تمام ڪارائتي ڄاڻ ڏني آهي. ڪيئن جاپاني، ڪورين ۽ ويٽنامي ماڻهو ڪونج جي پوڄا ٿا ڪن، ڪيئن جاپاني شاعر ڪونج کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنائين ٿا. ڪونج اسان وٽ سنڌ ۾ وڇوڙي يا جدائيءَ جي علامت آهي. هيءُ هت هجرتي پکي آهي، ان ڪري پريت ۽ ٻڌيءَ جي علامت طور به استعمال ٿئي ٿو. محبت، وفاداري ۽ خوبصورتي هن جا علامتي استعارا آهن، جيئن ڪونج جي جوڙيءَ ۾ جٽاءُ ٿئي ٿو، تيئن انساني جوڙيءَ ۾ به جٽاءُ ٿئي ٿو، ان ڪري به کيس سماجي انٿراپالاجيءَ ۾ هن جي اهميت وڌيڪ آهي. الطاف شيخ صاحب مختلف ملڪن ۾ ڪونج بابت ٿيندڙ شاعريءَ جا حوالا ڏئي، اهو ثابت ڪيو آهي ته سڌريل ملڪن ۾، خاص ڪري، جاپان، ڪوريا، ويٽنام ۽ چين ۾ هن پکيءَ جي وڏي اهميت آهي. چيني ادب ۾ شاعري توڙي پيٽنگ ۾ ڊريگن، ڪونج ۽ پٻڻ کي تمام گهڻو پينٽ ڪيو ويو آهي. خاص ڪري ڳاڙهيءَ چوٽيءَ واري ماڻهوءَ جي قد جيڏي ڪونج کي اڇي ڪونج ته هنن لاءِ خوشحاليءَ، محبت، وفاداريءَ، جوانيءَ، جٽاءُ ۽ نيڪ سوڻ طور ڏٺي وڃي ٿي، پر سنڌ ۾ آيل ڪونج سان ڀٽائي هنيئن مخاطب ٿئي ٿو:

وڳر ويا وهي، ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي،

ڪندينءَ ڪوهه رهي، سَرَ ۾ سپرين ري!

سخت بار….

تري رهي آهي ڪونج

نيري آسمان ۾

(جاپاني شاعر ماتسو باشو جو هائيڪو)

الطاف شيخ اسان جي نئين ٽهيءَ جي شاعرن جا ڪيترائي شعر پنهنجن انهن مضمونن ۾ حوالي طور آڻي ٿو، جنهن مان هن جي نئين ٽهيءَ جي تخليق ڪيل ادب سان دلچسپي ۽ ان جي مطالعي جي پڻ خبر پوي ٿي. مثال، بشير سيتائيءَ جو هيءُ بيت ته:

منهنجي لڙڪن جي ڍنڍ تي سارس،

تون لٿو هئين، سا اڄ سڪي وئي آهي.

ابل اداس جو هيءُ شعر ته:

سارس جهڙا خواب لٿا هن،

نيڻن جي اڄ ڍنڍ ۾ ڪيڏا.

يا هيءُ لوڪ گيت ته:

ڪونج پکيءَ جا پار اٿئي،

سنهڙيءَ ڳچيءَ ۾ هار اٿئي.

اسان وٽ ڪونج انڊس فلاءِ وي ذريعي خرم نديءَ وٽان پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿي. اتر بلوچستان ۾ خرم ويليءَ جي ويران پٽن ۾ لهي، ساهي به پٽي ٿي ته ان کي عارضي طور گهر آباد به ڪري ٿي، پر ٽي. جي. رابرٽس موجب مقامي پٺاڻ سال ۾ هڪ هزار کان پندرهن سؤ ڪونجون شڪار لاءِ پاليل ڪونجن (Decoy Cranes) ذريعي ڄارين ۾ ڦاسائي وٺن ٿا، جيڪي بعد ۾ عرب امارات ۽ عرب ملڪن جي شيخن وٽ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. اها ڳالهه يقينن ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ڇو ته ڪونجون اڳي جي مقابلي ۾ تمام تيزيءَ سان گهٽجن پيون.

پرڏيهي پکين جي رسامي واري ڳالهه ڏاڍي درد سان ڪري ٿو، جنهن جا ڪارڻ انڌا ڌنڌ شڪار ۽ اسان جي روين کي ئي ڄاڻائي ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته “بي دريغ” شڪار ۽ ان جي نتيجي ۾ پکين جي چوڳي جي آزادي ختم ٿيڻ سبب، پکي اسان جي ڍنڍن ۾ هاڻ تمام گهٽ ٿا لهن، پر ان سان گڏوگڏ ڍنڍن جي پاڻيءَ جو زهريلو بنجڻ، تازو پاڻي نه پوڻ، پکين جي جوءِ جو زرعي زمينن ۾ تبديل ٿيڻ ۽ موسم جو گرم ٿيڻ پڻ ڪجهه ٻيا سبب آهن، جنهنڪري پکين پنهنجي چوڳي جا تر ئي تبديل ڪري ڇڏيا آهن.

اسان جي ملڪ ۾ تلور اڇڙي ٿر، چولستان، ڪاڇي ۽ بلوچستان جي ريگستاني پٽن ۾ اچي رهي ٿي. تلور تي عربن جي مار آهي. مقامي شڪاري به تلور مارين ٿا، پر عربن مقامي طور پنهنجا ملازم رکي ڇڏيا آهن، جيڪي هن لاءِ نه فقط تلورن جي رک ڪن ٿا، پر انهن جي موجودگيءَ جو اطلاع پڻ کين ڏين ٿا ۽ عرب سڳورا سرءُ کان ويندي بهار جي موسم تائين ڪيترائي چڪر ڪري تلورون ماريندا رهن ٿا، هر چڪر ۾ سوين جيئريون ۽ مئل تلورون پڻ کڻي وڃن ٿا. پاڪستان ۾ عربن تي ڪنهن به قسم جو قانون لاڳو ناهي، ڀلي هو قتل ڪري هليا وڃن، ته به هنن خلاف ايف آءِ آر به داخل نٿي ٿئي.

تلور اسان وٽ روس جي وچ وارن ريگستانن مان هجرت ڪري اچي ٿي. اها بلوچستان جي ڏاکڻين اوڀرندي پاسي کان سنڌ ۽ چولستان ۾ داخل ٿئي ٿي، اتان پوءِ راجستان ۽ گجرات تائين وڃي ٿي. بازن واري شاهاڻي توڙي ڏهڪاءُ وجهندڙ شڪار جي ڪري تلور کي نه لڳ ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ نه ئي اندر ۾ آني پچائي سگهي ٿي، نتيجي ۾ تمام گهٽ جوڙا ٻچا ڪري سگهڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا، جنهن سان هن جي نسل ۾ حيرت انگيز گهٽتائي اچي وئي آهي.

سنڌ جي تواريخ گواهه آهي ته وقفي وقفي سان سنڌ ۾ اهڙا مانجهي مرد پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن سنڌ جي جهنگلي جيوت کي وحشي شڪارين کان نجات ڏياري آهي، جن جو ذڪر پڻ الطاف شيخ پنهنجن مضمونن ۾ سنڌ جي مختلف ليکڪن جا حوالا ڏيئي ڪيو آهي. هنن ۾ ڪريم داد جوڻيجو، محمد حيات رند، ڀٽائيءَ جا سدا حيات ڪردار لاکو ڦلاڻي ۽ بڊاماڻي پنرو شامل آهن، پر سانگهڙ جو هڪڙو ٻيو ڪردار ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته جيستائين هن جا مکي ٻيلي ۾ ٿاڪ هئا، تيستائين ڪوبه شڪاري بندوق کڻي اندر لهي نه سگهندو هو. مون جڏهن ڪريم جوڻيجي تي ڊان اخبار ۾ ڏوگريون ۽ ڪهڪارو ڍنڍن جي حوالي سان پروفائل ڪيو ته ڪراچيءَ جي هڪ جهوني سائنٽسٽ ۽ ان زماني فارسيٽ آفيسر محترم اي. اي. قريشي صاحب خط لکي مون کي ان جو يادگيرو ڏياريو. هن ٻڌايو ته حر تحريڪ جي 1943ع کان 1952ع واري دور ۾ مکيءَ جي ڍنڍن جي پکين، ناري جي جهنگلي جيوت ۽ اڇڙي ٿر جي سنڌي هرڻ جو هيرو رحيم هنگورو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ماضيءَ تي نظر گهمائبي ته ڪيترائي جهنگلي جيوت دوست ۽ ان جي بچاءَ جو اونو رکندڙ ماڻهو ملي پوندا، انهن مان آزاد خيرپور رياست جو والي مرحوم مير علي مراد خان ٽالپور، ڪنگريءَ جي راشدي پيرن مان پير صاحب پاڳارو، موجوده ضلعي ڄامشوري جي ضلعي ناظم ملڪ اسد سڪندر جو والد محترم مرحوم ملڪ سڪندر، مٽياريءَ مان ذوالفقار شاهه ڄاموٽ صاحب، هاڻوڪي خيرپور ميرن مان مهدي رضا ٽالپور ۽ هن جو والد محترم مير علي مراد ٽالپور ۽ نوشهرو فيروز مان مرحوم رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي صاحب قابل ذڪر آهن. اهڙا ٻيا به ڪئين ڪردار هوندا، جن کي ماڻهن تائين آڻڻ لاءِ ڀٽائي جهڙي شاعر ۽ بشير سيتائيءَ جهڙي ڪويءَ جي مشاهدي واري اک ۽ درد رکڻ واري دل جي ضرورت آهي. فطرت پسند صحابي اسحاق مڱرئي جهڙي جاکوڙي ماڻهو ۽ فطرت پسند ليکڪ نواز ڪنڀر جهڙي قلمڪار جي ضرورت آهي، جيڪي اهڙن ڪردارن جي ڳولا ۾ چوويهه ڪلاڪ سرگردان رهندا آهن. منهنجي دوست جان خاصخيليءَ جو به ان ڏس ۾ ايڏو ئي وڏو ڪردار آهي، جنهن جي انگريزي اخبار ۾ لکڻ سبب سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن وٽ فطرت پسند صحافي طور ان جو تعارف اڃا ٿي نه سگهيو آهي. پر انگريزي صحافتي حلقي توڙي سنڌي صحافتي حقلي ۾ هن جو نالو فطرت پسند جهنگلي جيوت دوست صحافيءَ طور تمام گهڻو مشهور آهي. جان اهو ماڻهو آهي، جنهن جي گهڻو ڪري هر رپورٽ ماحوليات يا جهنگلي جيوت تي هوندي آهي. ان ڏس ۾ سانگهڙ سان ئي تعلق رکندڙ اسان جي هڪ ٻئي دوست ڊيلي ٽائيم جي صحافي امر گرڙي جون ڪاوشون به ڪنهن کان گهٽ ڪونه آهن.

الطاف شيخ، جيئن فطرت پسند ليکڪن شاهه سائين، شاهه عبدالڪريم بلڙي، ميون شاهه عنايت رضوي، شيخ اياز، بشير سيتائي، ابل اداس ۽ بلوچ صحبت عليءَ جي شاعري کي حوالي طور ڪتب آندو آهي، ائين اسان جي نثر جي ليکڪن جي لکڻين جا حوالا پڻ ڏنا آهن، جن مان نواز ڪنڀر، ماڪن شاهه رضوي، عزيز سولنگي، خورشيد حميد ڏهر، تاج صحرائي، پرهه سنڌو (حافظ مهراڻ) ۽ محمد ابراهيم لاشاري قابل ذڪر آهن. فطرت پسنديءَ  يا جهنگلي جيوت دوستيءَ جي ان تحريڪ ۾ ڪجهه ٻيا نالا به شامل ڪري سگهجن ٿا، جن جون لکڻيون يا اخباري رپورٽون اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجنديون رهنديون آهن، انهن ۾ اشتياق انصاري، الهه بچايو جمالي، ناز سهتو، عبدالقادر جوڻيجو، منظور ميراڻي، مجيد مڱريو، الياس ٿري، لالا غلام قادر سريوال ۽ ڪيترائي ٻيا شامل آهن.

ابر اڀري آيا، اُٺو ڪيڏو مينهن،

نيرڳ تنهنجو نينهن، ٿيو ڪينجهر ڪپ سان

 (بلوچ صحبت علي)

هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،

اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ،

لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي

(شاهه)

الطاف شيخ فطرت پسنديءَ ۾ ماضي ۽ حال جو سنگم ڪرايو آهي. هڪ طرف ڪينجهر سان سانوڻيءَ جي ماحول ۾ نيرڳ پکيءَ جي نيهن جي ڳالهه ڪيل آهي (حالانڪه سانوڻيءَ ۾ نيرڳ ڍنڍن تي نه هوندا آهن، پر هتي نيرڳ تشبيهه طور استعمال ڪيل آهي) ۽ ٻئي طرف ڪينجهر جي (آڪٽوبر مهيني يا نومبر جي پهرين ڏهاڙن جي) منظر نگاري جي پس منظر ۾ ڪلاسيڪل ڪردار ڄام تماچيءَ جو ذڪر آهي، ڇو ته هن موسم ۾ ڪنڊي، مڃر ۽ ٻٻر گلن ڪرڻ ڪري ساوڪ يا بهاريءَ ۾ هوندا آهن، مٿان اتر جو واءُ اچي انهن جي بهاري ختم ڪندو آهي.

الطاف شيخ جي مضمونن جو هڪ وڏو حصو پکين جي هجرت (Migration) ۽ انهن جي جبلي محرڪن جي تفصيل تي ڦهليل آهي. هجرت بابت مختلف ماهرن جي راين ۽ نظرين جو اپٽار ڪندي ڪٿي ڪٿي هو پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪري وٺي ٿو. مان هت انهن ڳالهين کي ورجائڻ نٿو چاهيان، ڇو ته اهي ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ موجود آهن، مان هت رڳو ايترو چوندس ته الطاف شيخ هنن مضمونن ۾ اها راءِ پڻ رکي آهي ته پکي جڏهن هجرت ڪن ٿا ته اهي قدرت طرفان هنن جي دماغ ۾ موجود اڳ ۾ ئي فيڊ ٿيل پروگرام تحت هلن ٿا، جنهنڪري هو منزل مقصود تي بنا ڪنهن غلطيءَ جي پهچي وڃن ٿا. الطاف شيخ ڪيترن ئي مضمونن ۽ نظرين جي مطالعي کانپوءِ ئي اها راءِ ڏئي ٿو. پکين جي هجرت بابت جيڪي به سائنسي رايا سامهون آيا آهن، تن جي آڌار تي اهو اڃا چئي نٿو سگهجي ته پکين جي هجرت جا ڪي مخصوص محرڪ لڀي پيا آهن، ان ڪري الطاف سائين جي ان راءِ کي پاڻ کي به هڪ راءِ طور ڏسڻ کپي ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ تحرير ڪندو رهڻ کپي.

جڏهن دنيا جو ماحول يا آبهوا اڃا ايتري گرم نه ٿي هئي، تڏهن پکي هر سال هڪڙي ئي وقت ٿڌن ملڪن مان نڪرندا هئا ۽ طئي ٿيل وقتن تي گرم پاڻيءَ ۽ آبهوا وارن ملڪن ۾ پهچي ويندا هئا، پر موسم جي تبديليءَ جي ڪري هنن جو هجرتي ٽائيم ٽيبل ۾ فرق آيو آهي. سائنسدان پکين جي هجرتي بهيويئر (ورتاءَ)، ان مطابق چوڳي جي ميدانن جي چونڊ ۽ جنسي سڌن ۾ ايندڙ تبديلين تي تحقيق ۾ رڌل آهن، پر هيل تائين پکين جي بهيورل سائنس جي مد ۾ ٿيل تحقيق ٻڌائي ٿي ته پکين جون جبلتون موسمي تبديلين سان تبديل ٿين ٿيون، ائين جيئن ڏڪار ۾ جانور، وڻ ۽ ماڻهوءَ مشڪل سان پنهنجي نسل جي افزائش ڪري سگهن ٿا، ڇو ته کاڌي جي کوٽ ۽ آبهوا جي تبديلين سبب حياتياتي نوع کوڙ سارين ذهني (نفسياتي) ۽ جسماني تبديلين منجهان گذري ٿي، جنهنڪري جبلتون زندهه جسمن اندر خاموش ٿي يا زنگجي وڃن ٿيون، ان ڪري ضرورت (Need) نئون نفسياتي ضابطو بنجي، ذهنن اندر تحريڪ آڻي ٿي. هجرت به ماحولياتي تبديليءَ ۽ ضرورت، ٻنهيءَ جي ميلاپ سبب عمل ۾ اچي ٿي.

پکين جي هجرت بابت الطاف شيخ پنهنجن مضمونن ۾ سائنسي فطري، رومانوي ۽ مذهبي نظرين جو تت پڻ پيش ڪيو آهي. ڪافي جاين تي هن پڙهندڙن لاءِ ڇڏي ڏنو آهي ته هو انهن مان ڪهڙي نظرئي کي وڌيڪ صحيح ٿا محسوس ڪن. زميني دنيا اڃا تائين هڪ آهي. پکي هجن، انسان هجن، جانور هجن، ڪيڙا ماڪوڙا هجن، سڀ ماحول ۽ کاڌي جا محتاج آهن، جي زمين تي پاڻي نه هجي، آسمان تي سج نه هجي، وايو منڊل ۾ هوائون نه هجن، سردي ۽ گرمي نه هجي ته ڪائنات ۾ زندگيءَ جو تصور جي ناممڪن ناهي ته پوءِ ڪنهن ڪم جو به ناهي.

انسان جي رهڻي ڪهڻي، حرڪتون ۽ حواس، جيوَ جي ماحولياتي فطري قبوليت (Natural Adaptation) مطابق تبديل ٿيندا رهيا آهن، ان ڪري انسان سان گڏ اهي ڳالهيون پکين، جانورن ۽ جيت جڻن سان به لاڳو ٿين ٿيون. انسان جو دماغ وڏو، جانورن جو ننڍو، پکيءَ جي اک وڏي، ماڻهوءَ جي ننڍي، ماڪوڙيءَ، مک، پوپٽ ۽ ڀنڀوريءَ جون اکيون ٻن کان وڌيڪ ٿين. فطري طور پکيءَ کي پنهنجي حرڪت لاءِ پر مليل آهن، ان جي اک وڏي ان ڪري آهي، جو ان کي وايو منڊل مان پنهنجو رستو به ڳولي لهڻو آهي ته ان کي پنهنجي ماحول مان ننڍا ننڍا ڪيڙا ماڪوڙا، ٻج ۽ ٻيا کاڌا به ڳولي لهڻا آهن. پنهنجي دشمن کان بچاءَ لاءِ هر هر چوطرف ڏسي چوڪس به رهڻو آهي. پکيءَ جي اک ٽيلي ڪيميرا جي بلور جهڙي اک آهي، جنهن کي ننڍي ۾ ننڍو جسم  به چٽو نظر اچي ٿو، جتي قدرتي آفتن وقت ماڻهوءَ کي عقل ڪم اچي ٿو، اتي پکيءَ کي پنهنجي اک ۽ حواس ڪم اچن ٿا، جو هو اڳواٽ ان کي محسوس ڪري وٺي ٿو. نانگن بلائن ۾ سنگهڻ جي حس مضبوط هوندي آهي، فطرت جا پنهنجا دستور آهن. وڻن کي پاڙون آهن، جيڪي کين زمين سان طاقتور نموني ڳنڍي رکن ٿيون. ان ڪري الطاف شيخ جي انهن ڳالهين ۾ وزن آهي ته قدرت انهن اندر اهي گوشا مضبوط ڪيا آهن، جن ذريعي هو زمين تي اهي رستا ۽ مقام ڳولي لهن ٿا، جن جي هجڻ تي هنن جي حياتيءَ جي ان “سالياني ڦيري” جو دارومدار آهي. ڪڇونءَ جي ٻچن جي پاڻيءَ ڏي ڀڄڻ جي ڳالهه هجي يا ڪوئل جي ٻچن جو ڪانون کان الڳ  ٿي، پنهنجي فطرت اختيار ڪرڻ ٻئي پنهنجي اندرئين ۽ ٻاهرئين فطرت جي ڳانڍاپي کانسواءِ ائين ڪري نٿا سگهن. ڪڇونءَ جي ٻچي کي جي ٿر جي ڪنهن ڀٽ تي ڇڏي مشاهدو ڪبو ته ان صورت ۾ اهو ممڪن آهي ته هو ناري واري طرف نه اچي ۽ جيسلمير ڏانهن رخ رکي يا اڃا نه ته هو اولهه ڏکڻ سامونڊي هوائن واري طرف هلڻ شروع ڪري جي سامونڊي هوائن جي ان مقام تائين پهچ نه هجي، ته پوءِ اتي جو ماحول هن کي پاڻيءَ ۽ سمنڊ جي آبهوا جو ڪو گس ڏيئي نه سگهندو. اتي هن جا حواس توڙي اکيون ان باري ۾ هن جي ڪا به مدد ڪري نه سگهنديون. انهن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته جبلتن کي به ماحول تحرڪ ۾ آڻي ٿو. اهو سڀ ائين آهي، جيئن بجليءَ جو ڪرنٽ فقط پسرائيندڙ مان گذري سگهي ٿو، پسرائيندڙ هن جو ميڊيم (ذريعو) آهن، باقي ڪاٺ ۽ رٻڙ مان ته بجلي به گذري نٿي سگهي، جو انهن ۾ اهڙو ماحول يا جزا ئي ناهن.

فطرت کي فقط فطري قوتن سان ڳنڍي بيان ڪري سگهجي ٿو، ان کي جي شعوري قوتن ۽ مقصد جي تابع ڪبو ته معاملو گڙ ٻڙ ٿي ويندو. شاعر ۽ مذهبي مبلغ پکين ۽ جانورن کي تبليغي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آيا آهن، اهو ان ڪري جو ماڻهو جو سڌو سنئون واسطو فطرت سان آهي، هو اهڙن مثالن جو اثر جلدي وٺي ٿو، پر فطرت پنهنجي ذات ۾ نه مذهبي آهي، نه لادينيت. فطرت فقط فطرت آهي. پکين، جانورن ۽ ٻوٽن ۾ روحانيت جو ڪو به تصور ڪونهي، نه ئي انهن کي ان حوالي سان ڏسي سگهجي ٿو. بزرگي فقط ماڻهوءَ جي ميراث آهي، باقي شيون پنهنجي ويجهي ماحول جون محتاج آهن. دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي ڪري پکين ۽ جانورن اهڙن ماحولن کي پنهنجو ڪيو آهي، جيڪي اڳ ۾ هنن جي جبلتن سان هم آهنگ نه هئا. مثال: ڪڪڙ جا اصل ابا ڏاڏا هماليا ۽ لنڪا جي جهنگن جا اهي مرغا هئا، جيڪي باقاعدي اڏامندا هئا، پر ڪڪڙ انسان سان رهندي پنهنجون ڪيتريون ئي فطري جبلتون وساري ويٺو آهي، يا انهن کي استعال ڪرڻ جي قابل نه رهيو آهي. ڍڳو هن وقت پنهنجي سِڱ کان ڪابه مدد وٺي نٿو سگهي، جو پالتو ٿيڻ کانپوءِ اهي هن جي ڪم جا نه رهيا آهن. ائين جانورن کان ويندي پکين جي زندگي توڙي جسماني ساخت ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن.

ڪتي جو به مثال وٺنداسين ته اهو به ائين ئي بيهندو. ڪتو جهنگلي دور ۾ بگهڙ وانگر “روڙ” ڪندو هو، پر انسان سان گڏ رهندي نئين “ايڊاپٽيشن” هيٺ هن کي پنهنجي نئين دشمن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڀونڪڻو پيو، جو اهو هن جي اوائلي قدرتي اسڪيم ۾ موجود نه هو. اڳي ان کي خطري توڙي اڪيلائي وقت “روڙ” ڪري پنهنجي ڪٽنب جي رڪنن کي سڏڻو پوندو هو، پاڻ اها جهنگلي جيوت واري نشاني فقط اڪيلائيءَ مهل اڃا به استعمال ڪري ٿو، جنهن جو مقصد دشمن خلاف صفبندي ڪرڻ قطعي نه هوندو آهي.

الطاف سائين پکين ۾ جبلت کي وحيءَ سان ڀيٽيو آهي، پر مان Instinct کي وحيءَ سان نه  ڳنڍيندس، جو پکين ۽ جانورن جي حوالي سان وحي وغيره بابت منهنجي ڄاڻ محدود آهي، پر ايترو سو ضرور چوندس ته ڪيتريون ئي جبلتون جانورن ۽ پکين لاءِ نهايت نقصانڪار به آهن. مثال خطري وقت هرڻ جو ڀڄي ڀڄي وري ڪجهه فاصلي تي بيهي پوئتي ڏسڻ واري جبلت، هن جي سڀ کان وڏي دشمن بنجي ٿي، جيئن ته اها هن جي جين ۾ شامل آهي، ان ڪري هو ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نٿو سگهي، جنهنڪري شڪاريءَ جي گوليءَ جو نشانو بنجي وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح پاڻيءَ وارن پکين جي اها جبلت ته جڏهن هنن کي هن جاءِ تان اڏاربو ته اهي ڍنڍن مٿان ٻه ٽي گهمرا کائي وري لهي پوندا. انهن گهمرن ۾ ئي اهي ڀٽن جي چوٽين يا ڪنهن ٻئي لڪ ۾ لڪيل شڪارين هٿان بندوقن جو کاڄ بنجي وڃن ٿا.

اسان جڏهن پيڻ پکي ۽ کنڀي جو مثال وٺنداسين ته معلوم ٿيندو انهن جي پيرن جون چاريئي آڱريون ڳنڍيل هونديون آهن. اهو ان ڪري جو هيءُ غوطا کائي پاڻيءَ مان تري به مڇيون پڪڙي کائين ٿا. پيڻ ۽ کنڀن جي خوراڪ فقط مڇي آهي، ان ڪري انهن کي پڪڙڻ لاءِ هنن کي گهري پاڻيءَ اندر لهڻو پوي ٿو. پاڻيءَ اندر اهي پنهنجا پر جسم ٻاهريان ڇٽيءَ جيئن فولڊ ڪري، پنهنجي ٻنهي پيرن جي پتوار سان هڪڙي وقت پاڻيءَ کي پوئتي ڌڪيندي شڪار تائين پهچن ٿا. انهن جيئن پينگوئن ۽ ٻين ٽٻڻن پکين جي پيرن جون چاريئي آڱريون پڻ ڳنڍيل هونديون آهن. انهن جي مقابلي ۾ بدڪن يا ان خاندان جي پاڻيءَ جي پکين جي پيرن جون فقط ٽي آڱريون ڳنڍيل هونديون آهن، ڇو ته انهن کي کاڌي لاءِ پاڻيءَ اندر گهڻو هيٺ نٿو وڃڻو پوي. چيڪلا، نيرڳ، رتنبا، هنجر، ڳيڻا، ڊڳوش ۽ ٻيا پکي پاڻيءَ جي گاهه يا مٽيءَ تي گڏ ٿيندڙ ڪوڏن، ننڍين مڇين، يا ان گاهه جي ٻجن تي گذران ڪن ٿا، ان ڪري اهي هلڻ چلڻ يا حرڪت ڪرڻ ۾ پاڻ کي ايترو مشڪل ۾ محسوس نٿا ڪن، جيترو پورو پير ڳنڍيل.

جيوت جي جسامت هن جي کاڏي پيتي جي طور طريقن ۽ قسمن مطابق هوندي آهي. ايمس (Emus) نالي پکي بنا اڏامڻ ۽ تيز ڊوڙڻ وارو پکي آهي، ان ڪري هن جي پيرن جون آڱريون سڌيون جُتي جي تري جيئن هونديون آهن. مزي جي ڳالهه ته هن جي پير جو آڱوٺو نه هوندو آهي، ڇو ته اهو وقت سان گڏ (استعمال ۾ نه ايندي) ناڪارا ٿي ڇڻي چڪو آهي. يعني، ارتقائي طور آڱوٺي واري فيڊ ٿيل پروگرام وارو جين ناڪارا ٿي، اڳتي منتقل ئي نه ٿي سگهيو آهي، جيئن موروثي گهٽتايون ماڻهوءَ جي نسل ۾ اڳتي منتقل ٿينديون رهنديون آهن، تيئن پکين ۾ به ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح اٺ پکيءَ جي پير ۾ فقط ٻه آڱريون آهن، ڇو ته وڌيڪ جي هن کي ضرورت ئي ڪانهي. ڪڪڙيون ۽ ٻيا فيزينٽ، جهڙوڪ مور، چڪور وغيره ڇو ته مٽيءَ وغيره ۾ کٽوليون يا کاٽوڙا ڪري پنهنجو داڻو حاصل ڪن، ان ڪري انهن جو چنبو ٽڙيل ۽ آڱريون ڪوڪن جيئن سڌيون ٿين. وڻن تي ويهڻ وارن پکين جو آڱوٺو ٻين ٽن آڱرين جي مقابلي ۾ ٿورو وڏو هوندو آهي، جيئن هو چڱي نموني ٽار کي مضبوط جهلي ويهي سگهن. شڪاري پکين جو چنبو وڏو، ننهن تيز، آڱريون آڱوٺو هڪ جيڏو هوندو آهي. ڪاٺڪٽن ۽ چتن جي پيرن جون ٻه آڱريون اڳتي طرف ۽ آڱوٺي سان گڏ ٿين آڱر پوئتي هونديون آهن، جنهنڪري اهي آسانيءَ سان وڻن جي ٿڙن تي اڀو گرفت سان هلي سگهن ٿا. ابابيلن، ننڍن چٻرن ۽ ڇاپاڪن جون چهنبيون ويڪريون ۽ ننڍيون هونديون آهن، ڇاڪاڻ جو اهي اڏامندڙ ڀئونرا، پتنگ، جيت ۽ ٻيون شيون هوا ۾ هلندي ڳِهي ويندا آهن.

اهي ته  چند مثال هئا پيرن جا، ڪجهه مثال چهنبن جا به وٺي ٿا ڏسون. سنهي ۽ هيٺ تي مڙيل چهنب وارا ننڍڙا پکي ڪوريئڙن ۽ جيتن کي وڻن ۽ ڄارن مان ڪڍي کائين ٿا. باز جي چهنب جو ٽيون حصو هيٺ مڙيل ۽ هيٺيون سنئون هوندو آهي ته جيئن اهو شڪار يا گوشت کي چيري ڦاڙي سگهي. پوراڙي جي چهنب تمام ڊگهي، لوطي شڪل جي هيٺ تي مڙيل هوندي آهي ته جيئن اها ساموندي ڪنارن سان ريت يا گپ اندر لڪل ڪيڙن، ۽ سانپن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ ان جي ڪم اچي سگهي. ڪرينَ جي چهنب واري پکي ڄاڃي لاکي کي پنهنجي چهنب ڍنڍن يا دٻن جي پاڻيءَ مان گپ ڀري ڪري شيل مڇيءَ کي ٻاهر ڪڍي کائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اسان جي سامونڊي پٽيءَ وارين ڍنڍن ۾ چوڳو ڪندڙ ڏوئيرو نالي پکيءَ جي چهنب ڏوئي يا چمٽي جهڙي ٿئي ٿي، جيڪا مڇي پڪڙي کيس ڳهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڀالي جهڙي چهنب وارو ٻگهه جهڙو پکي ڪَڪَي اڪثر تلائن يا واٽرن جي ماڊولن تي ويهي انتظار ڪري، مڇيءَ کي ڀالي جيئن چهنب هڻي پڪڙي کائي ٿو. پيڻ پکيءَ جي چهنب هيٺان چمڙي جي ڳوٿري ان ڪري آهي، جو اها کيس وڏي ۾ وڏي مڇيءَ کي ڳهڻ ۾ سندس مدد ڪري ٿي، جهرڪين ۽ ٻين ان کائيندڙ پکين جي چهنب سخت ۽ نوڪدار ان ڪري آهي، جو اها کين زمين ۾ هڻڻي پوي ٿي.

اهڙيءَ طرح پکين جي پرن جو مثال آهي. پکين جي پرن جا کنڀ هيٺيان سڌا ۽ مٿان گولائيءَ ۾ وريل هوندا آهن. اهو ان ڪري جو هوا جي دٻاءُ لاءِ هيٺيان کان اهي هڪ پليٽ فارم ٺاهين ٿا، جنهن ڪري هوا دٻاءُ وجهي، کين مٿي کڻڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جڏهن ته ساڳي هوا انهن جي پرن جي مٿين کنڀن تان ترڪيو وڃي، انهيءَ ئي ٽيڪنڪ تحت جهاز مٿي کڄي ٿو. پولر رڇ جي جسم تي پشم جو گهاٽو تهه هوندو آهي ته جيئن ٿڌ ۾ هن کي گرم رکي سگهي. اٺ جي اک مٿان هڪ اضافي ڇپر پڻ هوندو آهي، جو طوفانن ۾ هن جي اک ۾ واري پوڻ کان هن جو بچاءُ ڪندو آهي. اٺ طوفانن ۾ به هلندو رهندو آهي.

انهن سڀني ڳالهين ڪرڻ جو هت منهنجو مقصد اهو هو ته فطرت جاندارن کي هنن جي ماحول مطابق سانچي ۾ وڌو آهي، اهو ئي سبب آهي ته جن پکين، جانورن ۽ خود انسانن، پاڻ کي قدرتي ماحول مطابق تبديل (Adapt) نه ڪيو، سي هن ڌرتيءَ جي گوليءَ تان پاڙئون ميسارجي ويا، ان ڪري پکين ۾ پير ۽ چهنبون اهي نشانيون آهن، جن مطابق اسان هنن جي ارتقائي تبديليءَ جي باري ۾ زمين تي موجود ايڪالاجيڪل فطري ماحولن پٽاندڙ اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا ۽ انهن جي ان حوالي سان درجيبندي پڻ ڪري سگهون ٿا. الطاف شيخ پکين جي فطري جبلتن کي جيڪو ماحول جي تبديليءَ سان ڳنڍي، هجرت جي ڳالهه ڪئي آهي، اها سچ پچ ته انسان لاءِ به هڪ وڏو پيغام رکي ٿي. پکين جي علم بابت اهڙن پرمغز مضمونن يا ڪالمن جو هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ جي ادب ۽ ان جي پاٺڪن لاءِ ڄاڻ جي نئين لهر ثابت ٿيندو.

امر لغاري

سانگهڙ، سنڌ

One response to “پکين جي ديس ۾ الطاف شيخ

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s