ناهيون: تاريخ جي آئيني ۾


ناھيون – تاريخ جي آئيني ۾

مٿي سنھن اکرن ۾ لکيل ڪتاب جي نالي تي ڪلڪ ڪرڻ سان ڪتاب جو پي ڊي ايف اندر محفوظ ٿيل مواد ڊائون لوڊ ٿيندو.

ناهيون: تاريخ جي آئيني ۾ ناهيون

 (تاريخ جي آئيني ۾)

غلام مصطفيٰ ناهيون

ڏاھپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو

ارپنا:

پنهنجي والدين جي نالي-

منهنجا والدين،

عظيم والدين،

جن مونکي،

علم جي ڏياٽي هٿ ۾ ڏئي،

لکڻ جي هن لمحي تائين پهچايو-

غلام مصطفيٰ ناھيون

موت امر آهي.

ڪائنات جي هر شيءِ فنا ٿيڻي آهي.

منهنجي مرڻ کان پوءِ،

جي مونسان ملڻ چاهيو ته

منهنجي قبر تي وڃڻ بجاء،

هتي ئي هنن پنن ۾ ڳولجو،

آئون اوهانکي،

پنهنجي لکڻين ۾ زنده ملندس.

غلام مصطفيٰ ناھيون

فھرست

۱

پبلشر پاران

رياضت ٻرڙو

۲

ناھيون ته آھيون ڪير؟

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

۳

آھيون، پوءِ به سڏايون ناھيون!

غلام مصطفيٰ ناھيون

۴

ناھيون: تاريخ جي آئيني ۾

۵

ناھين جا ڪي ڳوٺ، مشھور شخصيتون ۽ شجرا

۶

ناھيون ذات متعلق چيل مختلف چوڻيون ۽ انھن جي اصل حقيقت

۷

مددي ڪتاب


ناهيون ته آهيون ڪير؟

رب تعاليٰ، ڪائنات جوڙڻ کان پوءِ، ڌرتيءَ تي آدم کي پنهنجي خليفي يا نائب طور موڪليو ته جيئن سندس تسبيح تقديس سان گڏ سندس فرمانبرداري ڪري ۽ سندس ذات جي وڏائي ۽ واکاڻ ڪري.

ڌرتيءَ تي ٽڙيل پکڙيل ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ شناخت لاءِ، هر هڪ جي شڪل شبيھ ۾ فرق رکيائين. مهانڊن ۽ رنگ جي فرق کان علاوھ، ذات ۽ نسب، قوميت ۽ ٻوليءَ جو فرق پڻ رکيائين. ان کان علاوه مذهبي فرقي بندين ۽ گروهن جو تفاوت، دنيا اندر پڻ ڪارفرما رکيائين.

انهن کان علاوه لقبن القابن سان پڻ نوازيائين ته جئين هر هڪ، امتيازي حيثيت سان سڃاتو وڃي. فوقيت پوءِ به انهن شين کي نه ڏنائين. ان لاءِ وٽس ماڻُ ۽ ماپو، تقويٰ ۽ اخلاص جو آهي. پنهنجي نالي ۽ ذات، ٻولي ۽ قوم سان هر هڪ کي دل ۾ محبت آهي. سڀڪو پنهنجي پاڻ کي معتبر ڄاڻائڻ لاءِ، پنهنجي وڏڙن جي ڪارنامن کي ساراهيندو آهي. انهن جي ڪيل ڪُڌن ڪمن کي به ان ڪري پيو وڌائي چڙھائي پيش ڪندو آهي ته جيئن ٻين مٿان، پنهنجي پاڻ کي اعليٰ نسب هئڻ وارو ظاهر ڪري.

اهو ئي سبب آهي جو شروعات کان وٺي، ماڻهو پنهنجي وڏڙن جا شجرا جوڙڻ ۽ انهن کي ياد رکڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهن. هر هڪ ڪڙم يا قبيلي وارن، پاڻ کي عالي النسب ظاهر ڪرڻ لاءِ، خاندان جي ارڏن ۽ معتبر ماڻهن بابت، وڏا طومار ٻڌا ته جيئن ٻين مٿان سندن اثر ويهي. ائين ٻين به ڪيو. جيڪي وڏڙن جون خوبيون پاڻ نه بيان ڪري سگهيا، تن اکرن ۽ لفظن جوڙڻ جي ماهرن کان قصا ۽ شجرا جوڙائي، سندن ئي آواز ۾ بيان ڪرايا. ائين ڀَٽن ۽ ڀانن، قصہ-خوانن ۽ قصيده گو ماڻهن جو طبقو وجود پذير ٿيو. جيڪو پنهنجي شيرين زبانيءَ سان سست قومن کي به چست، سُڃين کي سايون ۽ ڪنجوسن کي سخي ظاهر ڪرڻ لڳو. سندن تعريف ۾ زمين آسمان جا ٻئي ڪولابا ان ڪري ملائڻ جا جهد ڪيا ويا ته جيئن ان قوم کي ٻين قومن مٿان شرف حاصل هجي.

اها ٻي ڳالھ آهي ته ان قسم جي شرف کي، اسلام اچڻ سان يڪسر ڪٽي ڦٽو ڪيو. وٽس امتياز، رنگ ۽ نسل کي ناهي. يعني گوري کي ڪاري تي ۽ ڪاري کي گوري تي ڪا فوقيت ناهي. نه وري عربيءَ کي عجميءَ تي ۽ عجميءَ کي عربيءَ تي ڪا فوقيت آھي. وٽس امتياز ۽ شرف جا ماڻَ ماپا، جدارا آهن. وٽس هر انسان ته ڇا، هر ساهدار جو قدر آهي. ان جي اعمالن جي تور تڪ، ان جي اخلاص ۽ ايمان جي حلاوت سان ٿيندي.

جيئن ته ذات پات واري ڇات ڇوت کي شرف ڀلي نه ڏجي پر سڃاڻپ ۽ شناخت طور ان کي ياد ضرور ڪيو ٿو وڃي. تنهن ڪري ذاتين ۽ قومن بابت، علم الرجال ۽ عمرانياتي علوم جو وجود ۾ اچڻ به هڪ آفاقي امر آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر ماڻهو پنهنجي ذات سان محبت ڪندي، وڏڙن جا شجرا ۽ نسب-ناما جوڙي ٿو ۽ ياد ڪري ٿو. جيئن ته ذات، ڪانون کي به پياري آهي، پوءِ انسانن کي ڇو نه هوندي؟

اڄ ته رتَ رتَ کي باھ لڳل آهي. هر ماڻهو، نفسا نفسيءَ جي گهما گهميءَ ۾ غلطان آهي. کيس ٻين جي جان ته ڇا، پنهنجي جان جي به خبر ناهي. ذات وارن ۽ ويجهن مٽن مائٽن کان هر ڪنهن کي ڪا نه ڪا شڪايت، ڪنهن نه ڪنهن پهتل اهنج سبب ضرور آهي. ان کي ڪهڙي مٿي تي پئي آهي جو ويٺو سندن ڳڻ ڳائي، نسب ناما ٺاهي ۽ مٿن ڪوڙن ڪارنامن جا قصا کڻائي.

ڪيڏي به ڪوسائي ۽ ڪاوڙ هجي، تڏهن به رت دانگيءَ تي وري پوندو آهي. رت پاڻيءَ کان گهاٽو آهي. پاڻي ٿي وهڻ وارو ناهي. منجهس نانگ جي زهر جي ملاوٽ ناهي جو پاڻيٺ وانگر وهي وڃي. جڏهن ماڻهو پنهنجي عزيزن قريبن کان، دنيا جي ڦيرين گھيرين سبب، ٿورو وٿيرڪو ٿئي ٿو ته کين ياد ڪري آسيس ۽ آٿت وٺي ٿو. پنهنجي سڃاڻپ ۽ شناخت کي وڌائڻ خاطر، وڏڙن جي بهادريءَ ۽ شجاعت، علمي ۽ قلمي ڪارنامن وغيره کي ساري پاڻ کي تشفي ڏئي ٿو.

انسانُ دنيا اندر، موتين ۽ مڻين وانگر ٽڙيل پکڙيل آهي. جڏهن اهو ذات پات جي لڙهيءَ ۾ پوئجي ٿو وڃي ته کيس ڳولڻ آسان ٿيو وڃي. سندس سرنامو نکري نروار ٿو ٿئي. جيئن هٿ ۾ جهليل موبائيل فون کي، ٻئي فون سان ڪنٽري ڪوڊ، ايريا ڪوڊ ۽ انفرادي ڪوڊ ذريعي ڳولڻ آسان آھي. بئنڪ جي ھڪ اڪائونٽ مان ٻي بئنڪ جي ٻئي اڪائونٽ ۾ پئسا منتقل ڪرڻ، ڪنٽري ۽ ايريا، بئنڪ ۽ پرسنل ڪوڊ ملائڻ سان، اتي پهچيو وڃجي. رائيونڊ جهڙي سالياني اجتماع اندر حلقي، گلي ۽ بانس نمبرن جي ذريعي منجهس ويٺل ماڻهوءَ کي ڳولڻ آسان ٿيو وڃي. حج جهڙي وڏي اجتماع ۾ منيٰ جھڙي وڏي ميدان اندر مڪتب، ملڪ ۽ خيمي نمبر جي هئڻ سان، حاجيءَ کي ڳولڻ آسان ٿيو وڃي. ائين ئي دنيا اندر، ڪروڙين انسانن اندر آيل ۽ ھڪ جيتڙي وانگر جيءُ وٺي ساھ کڻندڙ ۽ پلجندڙ فرد کي به ڪن ايامن تائين، ذات پات ۽ حسب نسب ذريعي، ڳولهي نروار ڪرڻ آسان ٿيو وڃي.

اهو ئي سبب آهي جو هر ڪو پنهنجي ذات ۽ قوم، نسب ۽ حسب کي ياد ڪري ٿو. شجرا لکي ۽ لکرائي ٿو. منجهن هر فرد جي نشاندهي ڪري ٿو. پاڻ کي ڪنهن امتيازي جاءِ تي بيهارڻ جي جستجو ڪري ٿو. ذات بابت چوڻين ۽ پهاڪن کي ڪٺو ڪرڻ جي جستجو ڪري ٿو. جن چوڻين ۾، ڪنهن قوم جي ڳجهي نموني تعريف ٿيل آهي ته يڪدم پنهنجي ذات ڏانهن منسوب ڪري ٿو. مثال طور؛

– هڪ لنڊيءَ، ست ٻرڙا کاڌا.

– سهتا، ستن نانگن جا کاڌل.

مٿين ڪهاوتن ۾ ساڳيو ئي، لڪل بهادريءَ وارو جذبو ڪارفرما آهي، جنهن تحت هر قوم اها ڪهاوت پاڻ ڏانهن منسوب ڪرڻ لاءِ تڪبندي ڪئي آهي. ان سان ٻيو نه پر پنهنجي ذات وارن کي دلير ۽ بهادر ثابت ڪرڻ جي هڪ فضول ڪوشش ڪئي وئي آهي. حالانڪ بهادري ۽ شجاعت ته پري جي ڳالھ آهي، ڏات به ذات تي ناهي. جو وهي سو لهي وارو تڪويني رواج، دنيا اندر موجزن آهي. ان کان ڪا به قوم ۽ نسل، بچيل ناهي. نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي ۽ نه ڪنهن کي عقل منجهايو آهي. هر هڪ پنهنجي ذهني خبط ۾ پُر-باش آهي. ڪو ڪنهن تي فلڪ آڻڻ لاءِ تيار ناهي. سيد آهي ته ميرو هجڻ جي باوجود پنج-سيرو آهي. سھتو آھي ته سيٽ کان سواءِ ناھي. ناھيون به نانگن کاڌل آھي. موچي ۽ مينگهواڙ، ڪنڀر يا حجم، واڍو يا ڪوري، ڀلي ڪاسبي هجن پر الکاسب حبيب الله واري مدد تحت، انهن جو به وڏو شان آهي. Dignity is in labour تحت، اهي به شانائتا مانائتا آهن. جڏهن ٺِڪر ۽ چمڙي جون مهرون سڪہ رائج الوقت هيون، تن ڏينهن ۾ ڪنڀرن ۽ موچين جي، بادشاهن جي دربارن ۾ ڇا حيثيت هوندي، ان جو اندازو اڄ جي finance ماهرن جي عزت مان لڳائي سگهجي ٿو. جيڪي ڪوري، ڪپڙو اڻي، ڏيساور سان ملڪي واپار کي فروغ ڏيندا هيا. تن جي حيثيت جو اندازو اڄ جي ڪارخانيدارن جي حيثيت ۽ لئه مان لڳائي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب هيو جو، هڪ مينگهواڙ/ موچيءَ کان جڏهن ڳوٺ ۾ موجود ذاتين ۽ نسبن بابت پڇيو ويو ته ٺھ پھ وراڻيائين؛

– هيڪ گهر ھون رو، هيڪ گهر قاجي رو، باقي ڊاڊ ڊوڍ- (ٿري، چوڻي)

– هڪ گهر سيد جو، هڪ گهر اسان پاڪ-روھي-پوٽن جو، باقي آ لاٽ لوٽ. (ساھتي)

ٿورو ڪندڙ قاضي ۽ سيد جي ذات کي ڇڏي، سهتي ۽ ٻرڙي تي ته ڪوري موچي به فلڪ آڻڻ لاءِ تيار ناهي. هر ڪنهن کي پنهنجي ذات تي ايترو فخر آهي. ڇو نه هجي؟ جنهن کي اسان گهٽ ذات ٿا سمجهون، ڇا ان جي گهر، رات جو ڏيئو نه ٿو ٻري؟ ان جي گهر ۾ اوندھ ۽ بک سبب روشنيءَ ۽ کاڌي جو ڪال آهي؟ ڇا عزت النفس ۽ غيرت، ان مان نڪري وئي آهي؟ سڀ ڪجھ آهي. تنهنڪري ته هر پٿر پنهنجي جاءِ تي ڳؤرو آهي.

سال ۱۹۷۳ع ڌاري، اٺين درجي ۾، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهڻ دوران، ٻه ذاتيون ٻڌڻ ۾ آيون، جيڪي مون سان گڏ ٻين ڪيترن شاگردن لاءِ نيون پڻ هيون. هر ڪو انهن ذاتين کي ٻڌڻ کان پوءِ، ٿورو کلندو ضرور هيو. مراد اها ته ذات ڪهڙي قسم جي آهي. هڪ ناهيون، ٻي هڪڙو. هَڪڙو کي هاڻي، ھ تي زبر سان پڙهڻ پڄاڻان هاڪڙو درياھ جي تهذيبي ادوار مان گذريل ذات سمجهون ٿا. جڏهن ته ان وقت ھ تي زير ڏئي پڙھندا ۽ سڏيندا ھياسين. چوندا ھياسين؛ ھيءُ ھِڪڙو ته پوءِ ٻيو ڪير؟ ناهين بابت به ائين ته؛ هيءُ ناهيون ته پوءِ آهيون ڪير؟

ناهيون بابت ڇنڊ ڇاڻ، غلام مصطفيٰ ناهيون صاحب پنهنجي ڪتاب اندر ڪري ڇڏي آهي. جيڪا پڙهندڙ کي سولائيءَ سان اتي ئي سمجھ ۾ ايندي. اتي ئي پڙهڻ گهرجيس.

ليکڪ سان منهنجو خطن ۽ فونن، نيٽ ۽ اي ميل ذريعي ئي رابطو ۽ تعلق آهي. روبرو اڃا تائين ملاقات جو شرف حاصل نه ٿيو آهي. ٿيو ائين جو ڪينجهر رسالي، جيڪي نمبر ڪڍيا پئي، تن ۾ ناز سنائي صاحب ڪجھ نمبر ڪڍڻ لاءِ مون تي ذميواري رکي هئي. جن مان عبدالڪريم گدائي نمبر ته شايع ٿي ويو. باقي برڪت علي آزاد نمبر ۽ ذاتيون نمبر، جن جي ذميواري پڻ مون تي هئي، سي ڇپجڻ کان رهجي ويا. سلسلا ٽٽي ويا. ڪٺا ڪيل مواد رلي ۽ زماني جي دست برد ٿي ويا. جن کي پنهنجي تحرير جو اونو هيو تن ته ٿڙي ٿڦڙي ھِتي هُتي، اجتمائي نه ته انفرادي طور ڇپائي به ڇڏيا. ڪيترو مواد ته اڃا تائين به هيڏي هوڏي آهي. بهرحال غلام مصطفيٰ ناهيون صاحب، ناهيون ذات وارو مضمون موڪلي، وساري نه ويٺو. بار بار ناز کي فون ڪندو رهيو. جنهن منهنجو نمبر ڏيئي، جان ڇڏيس. جڏهن ته مواد، جيئن مون کي مليو هيو، تيئن ناز صاحب کي موڪلي ڇڏيو هيم. غلام مصطفيٰ وٽ به فوٽو ڪاپي نه هئي. جنهن ڪري کيس ڏاڍي اڻ تڻ هئي. ڪيترا سال فونن ۽ خطن ذريعي رابطو رهيو. نيٺ الائي ڪٿان اهو مسودو کيس ملي ويو. اندازو آهي ته ناز ئي کيس هٿ ڪري ڏنو هوندو. سو ڏياري موڪليائين. وٽس اسلام آباد ۾ سنڌي ڪمپوزنگ جي سهوليت نه هئي، جنهن ڪري ترت ڪمپوزر کي ڏنم ته ڪاٿي گم نه ٿي وڃي. بهر حال کيس جس هجي جو هڙان وڙان ۽ هنجان گنجان مٿس خرچ ڪري ڇپرائڻ جا جتن ڪيا اٿائين ۽ پنهنجي ڪلهن کي هڪ قومي بار کان آجو ڪيو اٿائين. رب پاڪ کيس وڏي ڄمار ۽ وڏڙن جي ساڃاھ عطا ڪري.

انجنيئر عبدالوهاب سهتو

۸۹- پروفيسرس ڪالوني قمبر روڊ لاڙڪاڻو.

۲۰۱۲–۰۹-۱۲

آھيون، ته به سڏايون ناھيون

اسان جي معاشري ۾ ’ذات‘ کي وڏي اهميت حاصل آهي. اسين پنهنجي نالي ۽ عمل کان وڌيڪ، ذات ذريعي سڃاتا ٿا وڃون.

ان ڳالھ جو احساس، اسڪول واري زماني کان زور وٺڻ لڳو، جڏهن ٻين گهڻين ذاتين وارن دوستن سان واسطو پيو. اڪثر دوستن کي ”ناهيون“ ذات پهريون دفعو ٻڌندي ۽ نه سمجهندي محسوس ڪيم. ڏاڍي مشڪل سان کين، ’ناهيون‘ ذات سمجهائڻي پوندي هئي. ان جا ڪيترا ئي سبب آهن: هڪ ته اسان جي ذات جا ماڻهو تعداد ۾ ٿورا آهن، گهڻو ٻاهر نڪتل ۽ ٻين قومن سان له وچڙ ۾ ناهن.  تعليم ۽  سماجي ميدان ۾ بلڪل پوئتي پيل آهن، وغيره.

انهن ئي ڏينهن ۾ بابا سائين جي قريب رهندي، کانئس وڏن جي قصن ذريعي، ناهيون ذات جي اصليت بابت ڪجھ اهڃاڻ ملڻ شروع ٿيم. ڪجھ دلچسپي وٺڻ تي معلوم ٿيو ته ڪن ماڻهن وٽ شجرا موجود آهن، پر انهن سان ملڻ کان پوءِ نا اميدي ۽ پريشاني وڌي ويئي، جو وٽن عملي طور ڪجھ به موجود نه هو!

ڪئين ڀيرا ناهيون ذات ٻڌائيندي به عيب محسوس ڪيم؛ ۽ سوچيم ته جيڪر ڪجھ سمجھ وندن سان ملي، ذات ئي مٽائي وڃي!

بابا جي صحبت ۾ رهندي ۽ سندس قصن ۾ دلچسپي وٺندي، ناهيون ذات بابت ڪجھ پڪا اهڃاڻ ۽ رستا نڪرندي نظر آيم. ٿوري کوج ۽ بابا جي همٿائڻ تي، ڪجھ وڌيڪ مظبوط ۽ همت افزا ثبوت ملڻ شروع ٿيا ۽ هڪ شاندار ۽ شفاف آئينو، جڙندي محسوس ڪيم. ادبي دنيا ۾ پير پائيندي،  جڏهن ڪهاڻيون، ريڊيو ڊراما ۽ ٻيو ڪجھ زور شور سان لکڻ لڳس، تڏهن پنهنجي ذات جي تاريخ لکڻ جي ذميداري پاڻ تي وڌ کان وڌ ڀانيم ۽ ائين يونيورسٽيءَ جي آخري امتحان ڏيڻ بعد، ڪجھ عزيزن جي مدد سان، سنڌ ۾ ناهيون ذات جي مختلف ڳوٺن جو دؤرو ڪيم. سيني ۾ ڇپائي رکيل تاريخ وارن جهونن سان ملي، سندن قصن کي نوٽ ڪيم. ڪتابي شهادتن ۽ ٻين ماڻهن کان ملندڙ روايتن سان، انهن جي ڀيٽ ڪري، وس آهر هڪ حقيقي ۽ سچي تاريخ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. سن ۽ تاريخن جي ڀيٽ، ان دؤر جي اولياءِ ڪرام جي ڄم ۽ وفات جي تاريخن جي حوالي سان ڪيم، جو ڪنهن حد تائين اهي مصدقه ۽ تحقيق ڪري محفوظ ڪيل آهن.

ان سڄي ڪم ۾ رهنمائي ۽ همت افزائي وري به پنهنجي والد محترم کان ملندي رهي. جنهنڪري اڄ جڏهن هن ڪم جي ’ارپنا‘ سندس حوالي سان ڪري رهيو آهيان ته هڪ طرف خوشي ۽ فخر ٿو محسوس ٿئيم ته ٻئي پاسي ڏک پڻ، جو اڄ هو هي سڀ ڪجھ ڏسي نه سگهيو آهي.

هن سفر ۾ جيڪي ٻيا مددگار رهيا، انهن مان به ڪافي هاڻي هن دنيا ۾ ناهن رهيا. پنهنجي ذات جي ماڻهن جي علم ادب کان دوري ۽ پنهنجي تاريخ کان ناواقفيءَ کي محسوس ڪندي به ڏاڍو ڏک ٿو ٿئيم.

اڄ کان ڪجھ سال پهرين ”سنڌي ساهت گهر“ حيدرآباد طرفان، جڏهن ڪينجهر رسالي جو ذاتيون نمبر ۽ ڳوٺ نمبر ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ڏاڍي خوشي ٿيم. پنهنجي ڪم کي هڪ ابتدائي ڪاميابي ۽ پنهنجي ذات جي عام و خاص تائين پهچائڻ جو ذريعو محسوس ٿيم. انڪري هٿ ڪيل، مواد کي رسالي جي گهرج آهر مضمون جي صورت ۾ ترتيب ڏنم. بعد ۾ ڳوٺن جو ذڪر ته ’ڳوٺ نمبر‘ ۾ ڇپجي ويو پر ذات وارو اصل مضمون، ڪينجهر رسالي جي ڪن مجبورين سبب، ذاتيون نمبر نه نڪرڻ ڪري، نه ڇپجي سگهيو. ائين سال گذري ويا. مضمون به گم ٿي ويو.

اصل ۾ منهنجو مقصد هيءُ مضمون شروعاتي طور ڪينجهر ۾ ڇاپائڻ جو اهو به هو ته هڪ دفعو عام ماڻهن جي هٿ ۾ اچي ته جيئن ان تي ڪا راءِ اچي سگهي. ان طرح روايتن جي ٽيڪا ٽپڻي کان پوءِ، انهن کي ڪنهن بهتر شڪل ۾، ڪتابي صورت ۾ ڇاپائجي.

وقت تيزيءَ سان گذري ويو. روزگار بهاني، اسلام آباد رهڻو پيو. جنهنڪري ڳوٺ، ذات ۽ لکڻ کان تقريبًا ڪٽجي ويس. جڏهن به ڳوٺ آيس ته پنهنجن ۽ پنهنجي ذات وارن کي علم ۽ ادب کان دور ڏسندي، سخت افسوس ۽ ڳڻتي ٿيم. گذريل سال (۲۰۱۱ع) وارين هاڃيڪار برساتن ۾ جڏهن گهڻو ڪجھ نقصان ٿيو، انهن ۾ منهنجا ڳوٺ واري گهر ۾ رکيل ڪتاب ۽ قلمي نسخا به بارش جي ور چڙهي ويا.

انهن مڙني ڳالهين، ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو اٿم ۽ پھ ڪيم ته جيترو جلدي ٿي سگهي، هيءُ مضمون ڇاپي پنهنجي ذات جي ماڻهن تائين سندن هيءَ امانت پهچايان.

لک لائق انجنيئر عبدالوھاب سھتو ۽ رياضت ٻرڙو صاحب جا، جن جي محبت، محنت ۽ مدد سان ھيءُ قومي ڪم، ڪتابي صورت ۾ اوھان جي ھٿن ۾ آھي.

هيءُ مضمون، ناهيون ذات جي ڪا مڪمل ۽ بلڪل پڪي تاريخ نٿي چئي سگهجي. ڇو ته خود سنڌ جي تاريخ به اڃا تائين مختلف روايتن ۽ قصن جي بنياد تي ٻڌل آهي. تحقيق جي گنجائش بلڪل موجود آهي. گهڻيون شيون اڃا به لکڻ کان رهجي ويون آهن. چند خاص ڳوٺن کان علاوھ، ناھيون ذات جي مڙني ڳوٺن جو ذڪر گھڻن ئي بنيادي سببن ڪري قلمبند ڪرڻ کان رھجي ويو. وقت ۽ وسائل جي ڪميءَ جي ڪري ڪڇ، ٿر ۽ هندستان جي راجستان ۾ موجود ناهين جو ذڪر نه اچڻ سبب هيءُ مضمون، اگرچه اڻپورو چئي سگهجي ٿو، پر پوءِ به تاريخي اعتبار کان، ناهيون ذات توڙي ٻين ننڍين سماٽ قومن لاءِ هيءُ مضمون، اميد تي ڪارگر ۽ حوالي لائق رهندو.

هن مضمون ذريعي، هڪ بنيادي ڍانچو ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. سام کان آريا ۽ عربن کان اڄ جي دؤر تائين جيڪي روايتون، اهڃاڻ، حوالا، لکتون ۽ بيان ملي سگهيم، انهن کي ڇنڊي ڇاڻي ترتيب ڏئي اوهان سامهون اوهانجي امانت رکي اٿم. ڪوشش ڪري صرف اھي روايتون ۽ حوالا قلمبند ڪيا اٿم، جن جي تصديق ھڪ کان وڌيڪ راوين ڪئي آھي. خوامخواھ ناھيون ذات کي اونچو يا گھٽ ڏيکارڻ کان پرھيز ڪئي اٿم. نه ته ناھيون ذات کي متحدھ  عرب امارات جي شيخ النھيان سان ملائڻ چاھيو اٿم، نه وري سمان گھراڻي جي آخري بادشاھ ڄام نندو جو پونئير ثابت ڪرڻ لاءِ ھٿرادو حوالا ڏنا اٿم. جيڪي سچ سامھون آيو اٿم، کڻي اوھان اڳيان پيش ڪيو اٿم. مونکي ان ڳالھ جو قوي ايمان آهي ته اوهان مان ئي ڪنهن کي الله همت ڏيندو جو هن ۾ جيڪڏهن روز ڊائري جو هڪ پنو پنهنجي باري ۾ لکي به اضافو ڪندؤ ته هوند تاريخ جو سلسلو ٺهي پوندو.

دعا آھي ته اللھ پاڪ اسان سڀني جو ھادي، حامي ۽ رھبر رھي.

غلام مصطفيٰ ناهيون

 ۴ آگسٽ ٢٠١٢ ع

اسلام آباد

ناهيون

(تاريخ جي آئيني ۾)

گرامر جي لحاظ کان لفظ ناهيون اسم ذات آهي، جيڪو پهرين اسم خاص ۽ پوءِ اسم عام ۾ شامل آهي. ان کان علاوه ڪن صورتن ۾ ضمير ته ڪن ۾ حرف ندا پڻ آهي.

سنڌ جي علاقائي ۽ ٻوليءَ جي لهجي ڳالهائڻ جي لحاظ کان ڪٿي هن کي ”ناهيو“ پڙهيو ۽ لکيو ٿو وڃي جهڙوڪ؛ بدين، ٺٽو ۽ نوابشاهه ضلعن ۾، پر حيدرآباد، ٽنڊوالھيار ۽ مٽياري  ضلعن ۾ ”ناهيون“، لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. صحيح ڇا هي؟ ان جو اندازو ان مشابهت مان لڳائي سگهجي ٿو ته ذات سمون ڪڏهن ”سمو“ (يعني پويان ”نون“ کان سواءِ) لکي ويندي آهي، پر پڙهي هميشه ”سمون“ (يعني پويان ”نون“ سان گڏ) ويندي آهي. انڪري هتي به ان ڳالهه جو نهايت سختيءَ سان خيال رکيو وڃي ته اگر ”ناهيون“ کي ڪٿي ”ناهيو“ لکيو به وڃي ته به پڙھيو ھميشہ ”ناھيون“ (يعني پوئين نون جي اچار سان گڏ) وڃي.

قبائلي لحاظ کان هيءَ ذات به، سنڌ جي ٻين گهڻين ذاتين وانگر، سنڌ جي اصلي رهاڪو ذات آهي ۽ سماٽ قبيلي ۾ ليکجي ٿي. تحفة الڪرام ۽ ان کان پوءِ جي مڙني تاريخي ڪتابن، سنڌ جي اصلي ذاتين کي سماٽ يعني سمان قوم جون شاخون لکيو آهي.

ان کان اڳ جو ناهيون ذات کي مختلف تاريخي/ حڪومتي دورن ۾ مختلف صورتن ۾ ڳولجي، ڪجهه وضاحتون هيٺ ڏجن ٿيون، جيڪي هن مضمون کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهڻ لاءِ مدد ڪنديون.

۱-  جيڪڏهن اسين اڄ جي دور ۾ به سنڌ يا ڪنهن ٻئي ديس/ خطي جي ماڻهن جو ذڪر ڪنداسين ته بجاءِ ان جي جو سنڌ يا ٻئي ڪنهن ديس ۾ رهندڙ مختلف ذاتين جو جدا جدا نالو وٺي ذڪر ڪرڻ جي، يڪجا ڪري صرف ائين ئي چونداسين يا لکنداسين ته سنڌي قوم يا فلاڻي قوم.

مطلب ته سنڌي قوم جو مفهوم آهي؛ اهي ماڻهو جيڪي سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا يا سنڌ ديس ۾ رهن ٿا. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته؛ مجموعي طوراسين صرف مک ذات يا قوم جو نالو ٿا وٺون، جنهن مان مراد اها هوندي آهي ته مختلف نظرين يا اصولن جي وابسگتيءَ سان ٻيون جيڪي به ذاتيون يا قومون ان مک ذات سان واڳيل آهن، انهن سڀني جي نشاندهي ان هڪڙي ذات يا قوم جي نالي وٺڻ سان ڪئي پئي وڃي.

بلڪل اهڙيَ طرح جيئن ته سماٽ قبيلي ۾ سمان هڪ مک قوم/ ذات آهي ۽ ٻيون سموريون ذاتيون ان جو اولاد يا شاخون آهن، انڪري مختلف تاريخي ڪتابن ۾ يا هن مضمون ۾ جتي به سمان قوم جو ذڪر آيل آهي يا ايندو، ان مان مراد صرف موجوده صورت واري سمان ذات نه آهي، پر اهي سموريون ذاتيون آهن جيڪي سمان قوم جون شاخون ٿيون سڏجن.

۲- آدمشماريءَ جي لحاظ کان ڏسبو ته سال بسال جنهن تناسب سان آدمشماري وڌي رهي آهي، جيڪڏهن پوئتي وڃبو ته بلڪل ان تناسب سان آدمشماري گهٽجي ويندي، تان جو جڏهن اسان گهڻا ئي سال پوئتي هليا وينداسين، فرض ڪريو سمن جي دور ۾ ته اسين يقينًا اهو محسوس ڪنداسين ته ناهيون ذات ڳاڻيٽي جي لحاظ کان ڪنهن به صورت ۾ ايتري ڪا نه هوندي جيتري اڄ آهي.

جيڪڏهن مٿين حقيقت مڃڻ جوڳي آهي ته پوءِ بنا ڪنهن شڪ جي اهو به چئي سگهجي ٿو ته؛ سمان ذات جڏهن حڪمراني ڪري رهي هوندي تڏهن ايتري گهڻائي ۾ هرگز نه هوندي جيتري اڄ آهي. ان ڳالهه کي ذهن نشين ڪندي اهو خيال ضرور ذهن ۾ اڀرندو ته؛ سنڌ تي جڏهن سمن جي حڪمراني هئي، تڏهن اها صرف سمان ذات جي ڪا نه هئي پر سمان قوم جي هئي. يعني جيڪي به ذاتيون سمان قوم جون شاخون ٿيون سڏجن، انهن سڀني جي مدد سان اها حڪمراني قائم هئي، جنهن جا اڳواڻ يا حاڪم گهڻو تڻو سمان ذات مان هئا يا وري ڪٿي روايتن موجب سمان قوم جي ٻين شاخن مان به بڻيا پر مجموعي طور سڏيا اهي به سمان ٿي.

ڇاڪاڻ ته خود سمان ذات ان وقت ٻين ذاتين جي بنسبت گهڻائيءَ ۾ هئي ۽ ٻين ذاتين کان وڌيڪ سياڻي، عقلمند ۽ سگهاري هئي انڪري ٻين مڙني ذاتين کڻي سمي ذات جي ماڻهوءَ کي پنهنجو اڳواڻ بڻايو هوندو. پوءِ جيئن اڄ به اسان وٽ ٿيندو رهي ٿو ته چڱمڙسيءَ جي پڳ پشت به پشت ٿي هلندي اچي، پوءِ جو کڻي پشتي ۾ ٻئين يا ٽئين چڱي مڙس ۾ چڱمڙسيءَ جو وصفون نه به هجن پر رهندو اهو ئي چڱو مڙس. اهڙيءَ طرح سمن جي حڪمرانيءَ ۾ به ائين ئي ٿيندو رهيو. سمان ئي گهڻو ڪري حڪمران رهيا ۽ باقي ٻيون ذاتيون سندن مددگار ۽ ٻانهن ٻيلي رهيون. جن مان گهڻين ذاتين کي انتظامي امور ۾ درجابندي طور ڄام، ارباب وڏيري وغيره جهڙا لقب پڻ ڏنا ويا.

۳-  ان وقت قومن جو ڳاڻيٽو گهٽ هجڻ جو هڪڙو واضح نقطو اهو به آهي ته جيئن اڄ ڄم ۾ واڌ آهي تيئن اڳ مختلف جنگين، قومي جهيڙن ۽ بيمارين سبب موت جي شرح ۾ واڌ هئي. جيئن تاريخن ۾ اچي ٿي ته هر جنگ ۾، هزارين ماڻهو ماريا ٿي ويا.

۴-  ناهيون ذات جي حوالي سان جيڪڏهن ڏسبو ته اڄ به ان قوم جي موجودگي حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊوالھيار، ٺٽو، بدين، ڪراچي، نوابشاهه ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ آهي يا وري سندن هڪ وڏو حصو، هندوستان جي راجستان واري علائقي ۾ پڻ آباد آهي. مطلب ته اهڙن خطن ۾ آهي يا آسپاس آهي جيڪي سمان دور ۾ دارالحڪومت رهي چڪا آهن، جهڙوڪ؛ حيدرآباد ۽ ٺٽو. جنهن مان اهو ظاهر آهي ته ناهيون ذات جا ماڻهو مختلف دورن ۾ سمن سان گڏو گڏ رهندا پيا اچن.

مٿين ڪجهه حقيقتن کي نظر ۾ رکندي، جيسيتائين ناهيون ذات جي ڪا ڪتابي يا پڪي ۽ الڳ حيثيت ملي، تيسيتائين موجود تاريخ جي مدد سان، سمان قوم نالي ۾ گڏوگڏ هلبو، جو ناهيون به سماٽ يعني سمان قوم جي هڪ شاخ آهي.

سنڌ جي تاريخي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ موجب، سماٽ قوم جو شجرو سام بن حضرت نوح عليہ السلام سان ملايل آهي. ساڳئي ڪتاب توڙي ٻين تاريخ جي ڪتابن ۾، سام (جنهن جي سما قوم اولاد آهي) تي ڪافي ضد ڏيکاريل آهن. جن مطابق: (١) سام بن عمر بن هاشم بن ابو لهب هو (٢) سام بن عمر بن عڪرمه بن ابوجهل هو. عڪرمه مڪي شريف جي فتح کان پوءِ اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ ٻاهٺ ورهين جي ڄمار ۾ سن ١٣ھ ۾ يرموڪ واري مشهور لڙائيءَ ۾ شهيد ٿي ويو. پر جيئن ته سنڌ جون تقريبًا سموريون قومون محمد بن قاسم جي اچڻ کان پوءِ درجي به درجي اسلام ۾ داخل ٿينديون ويون، انڪري اها روايت غلط آهي. ڇاڪاڻ ته عڪرمه اڳيئي مسلمان ٿي چڪو هو ۽ پوءِ وري هن جي اولاد جو غير مسلم ٿي، هيڏي وڏي قوم جي صورت ۾، سن ٩٢ھ جي لڳ ڀڳ، هن دور دراز سر زمين تي اچي آباد ٿيڻ، هڪ غير تسليم شده ڳاله آهي. (٣) ٽين روايت موجب ته سما قوم، ايران جي بادشاه جمشيد جو اولاد آهي. جتان ئي ڄام جو لقب منسوب آهي.

انهن مڙني روايتن جي باوجود، هڪ روايت جنهن تي سڀئي تاريخدان اتفاق راءِ آهن، اُها اِها آهي ته سام حضرت نوح عليہ السلام جي هڪ پٽ جو نالو هو، جنهن جو اولاد وچ ايشيا کان آريا قوم جي نالي هندستان ۾ اچي رهيو هو. انهيءَ سام کي چار پٽ هئا؛ ٻڌا، سنگها، ڀاڳرت، همهر.

ٻڌا کي چوڏهان پٽ هئا؛ بدهه، سورهه، سهته، اکيل، اوتار، امرهه، بزير ۽ ٻيا جن جي اولاد کي ‘راٺوڙ’ ٿو سڏجي. سنگها ۽ همهر جي اولاد کي ’تودر‘ سڏيندا آهن

ڀاڳرت جو پٽ ڏيرو، ڏيرو جو پٽ اجيپار، اجيپار جو پٽ دسرٿ. دسرٿ کي ٽن راڻين مان چار پٽ هئا؛ رام، لڪشمڻ، ڀرت، چترگهن.

ڀرت کي چار پٽ هئا؛ پرهار، جنسپا، ڪوريجا، ناهيا. چترگهن جو اولاد چارڻ ٿو سڏجي. لڪشمڻ کي ڪو به اولاد ڪو نه هو. رام کي هڪڙو پٽ هو نواڪس. نواڪس جو پٽ هو اتت. اتت جو پٽ هو نرگت، نرگت جو پٽ هو ڪن، جنهن جي نالي سان ڪن شهر هو. ڪن جو پٽ هو راجا سنبوت.

راجا سنبوت کي چار پٽ هئا؛ سام، بارڪره جنهن کي شاھ به چوندا آهن، هنرت جنھن کي دکن به چوندا آهن ۽ چوٿون ماوهه. انهن مان سام کي هڪڙو پٽ هو جادم، جنهن کي چار پٽ هئا؛ هسپت جنهن جو اولاد آهن سنڌ جا سما، ڪجپت جنهن جو اولاد چنا آهن، ڀوپت جنهن جو اولاد سنڌ جا ڀٽي آهن، جوراسمه جنهن جي اولاد مان مشهور سخي شهزادو راءِ ڏياچ هو، جنهن ٻيجل چارڻ کي پنهنجو سر وڍي ڏنو.

جادم جي چئن پٽن مان هسپت کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو زبدري هو. زبدري جو پٽ نيٿ هو، جنھنجو پٽ نوتيار هو، نوتيار جو پٽ اوڍر هو، اوڍر جو پٽ آئوڌ هو، آئوڌ جو پٽ لاکيار هو ۽ لاکيار جو پٽ لاکو هو.

لاکو بادشاهه ٿيو هو. ان جا چار پٽ هئا؛ ائوڌ جنهن کي اولاد ڪو نه هو، مگر سندس رهڻ جو هنڌ سندس نالي پٺيان ائوڌ ملڪ سڏجي ٿو. مهر، جنهن کي چار پٽ هئا؛ ساڌيا، وديتر پاٺاري، ورها ۽ ساند.

لاکو راجا پيريءَ ۾ وري پرڻيو. جنهن مان چار پٽ ڄاوس؛ انڙ، ڇٽو، ڦل لاکو ۽ مناهيو. ڇٽي کي ٽي پٽ ٿيا؛ بابڙو، دنڪنا ۽ ڪله. ڦل لاکي جو پٽ هو ڪلاني. لاکي جي وڏي پٽ انڙ کي هڪڙو پٽ هو؛ لاکو. انهيءَ لاکي جو پٽ هو سمون. سمي جا وري ٻه پٽ هئا؛ ڪاڪو ۽ جکريو. ڪاڪي پوٽا مسلمان، انهيءَ ڪاڪي جو اولاد آهن ۽ جکريا مسلمان انهيءَ جکريي جو اولاد آهن. ڪاڪا پنهنجي رياست ڪاڪ جو حاڪم هو، جنهن جا ٻه پٽ هئا؛ پلي ۽ رائدن. پليءَ جي اولاد مان مسرق سمون، پنهنجي قوم جو سردار هو

رائدن کي نو پٽ هيا: (١) سمو، جنهن جو اولاد سميجا آهن. (٢) نوتيار، جنهن جو اولاد نوت آهن. (٣) لاکو، جنهن جو اولاد لنجار آهن. سنڌ جو مشھور درويش ساھڙ لنجار انھيءَ قوم مان آھي. (۴) ابڙو، جنهن جو اولاد ڦل ناھيان ۽ ڏاھر ناھيان آھن. (٥) ناھيون (٦) چنيسر جيڪو پنھنجي وقت جو مشھور ماڻھو ھو. (٧) مناھيو، (٨) ڪوريو، جنھن جو اولاد ڪوريجا آھن. (٩) پلي، جيڪو پنھنجي قوم جو سردار ٿيو.

آريا قوم جي پسمنظر ۾

مٿي ڄاڻايل آھي ته آريا (معنيٰ سڌريل قوم)، سام بن نوح عليہ السلام جو اولاد آھن. جيڪي اتر قطب ۽ وچ ايشيا کان چوپائي مال ۽ ڪٽنبن سميت، پھريان پنجاب ۽ ان کان پوءِ گنگا ۽ جمنا جي علائقن (ھندستان) ۾ اتي جي قديم رھاڪن، گونڊ، ڪول، سنٿال ۽ پلين کي لوڌي پاڻ آباد ٿيا ۽ انھن علائقن جا نالا ’برھم ورتا‘ ۽ ’آريا ورتا‘ رکيائون. سندن ٻن خاندانن سورج-ونسي ۽ چندر-ونسي جي راجائن ھندوڪش جبل کان برھمپترا نديءَ تائين گنڌرا، مڌرا، تڪشلا، اندر پرستا، مٿرا، ڪامپيلا، ڪپل وستو، ايوڌيا، ڀرياگا، ڪاسي، پتا ليپرا، گيا، اجين ۽ ھستناپور جا شھر تعمير ڪرايا. (ھستناپور جو شھر ڀارت ورت جي تختگاھ دھليءَ کان اتر اولھ طرف جمنا جي ڪناري کان سٺ ميلن جي مفاصلي تي آھي). سندن زبان مھاڀاشا يا سنسڪرت ھئي، جنھن پوءِ اصل قوم دراوڙن جي زبان دراوڙي سان ملي پراڪرت ٻوليءَ جو روپ ورتو.

ڪتاب ’جنت السنڌ‘ جو مصنف مھاڀارت ۽ رامائڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته اجوڌيا ائوڌ (ڪوشل) جي تختگاھ جو باني اڪشواڪ راجا هو. هن راجا جي خاندان مان راجا دسرٿ (شجري وارو) کي ٽن راڻين مان چار پٽ هئا. سندس ننڍي راڻي ڪيڪئي، ڪيڪھ ديس، سنڌ جي راجڪماري ھئي. جنھن جي بطن مان راجا ڀرت نالي پٽ ڄائو جو ڪيڪھ ديس (يعني ستلج ۽ راوي کان وٺي جوڌپور ۽ ديرھ جات تائين) تي حڪومت ڪندو ھو. پاڻ ھستناپور جي زبردست سلطنت جو باني ھو ۽ مھا ڀارت يا ڀارت ورش سندس سلطنت جو نالو هو.

جيئن ته راجا دسرٿ کان پوءِ راڻي ڪيڪئي پنھنجي پٽ ڀرت کي ولي عھد ڪيو ۽ دسرٿ جي وڏي پٽ رامچندر کي چوڏھن ورھيه جلاوطن ڪيو. رامچندر، ترھوت جي راجا جي ڌيءَ سيتا سان شادي ڪئي، جنھن کي لنڪا جو راجا ’راوڻ‘ رامچندر جي غير موجودگي ۾ ڀڄائي کڻي ويو. بعد ۾ رامچندر ۽ سندس ڀاءَ لڇمڻ دکن جي راجا سڱريو جي مدد سان راوڻ کي قتل ڪري سيتا ھٿ ڪئي ۽ چوڏھن سال جلا وطني ڪاٽي پوءِ اجوڌيا جي تخت تي وري اچي حڪومت ڪئي.

آرين جي چندر-ونسي ۽ سورج-ونسي نسل جو ۽ ڪن ٻين جو اولاد، پاڻ کي راجپوت سڏائيندو ھو. جڏھن ته برھمڻ کين، راجپتر يعني راجائن جو اولاد سڏيندا ھيا.

راءِ گھراڻي سان تعلق ۽ ان دور حڪومت ۾ حيثيت

ايوڌيا جي سورج ونسي خاندان جي راجائن مان رامچندر جي اولاد مان راجا بليڪا جي پٽن يارنھن سو ورھيه ق. م الورتي حڪومت قائم رکي ھئي. تنهن کان پوءِ چندرونسي راجائن دکن کان گجرات، سنڌ، بلوچستان، زابلستان ۽ ڪابل تائين حڪومتون قائم ڪيون. ھستناپور کان وٺي الھندي ھندستان تائين جن راجائن حڪومتون قائم ڪيون تن جي خاندان مان يادو، جن جي گجرات، سنڌ ۽ الھندي ھندستان ۾ مڪران تائين حڪومت ھئي.

سنڌ جي يادو حڪومت جو پايو وجھندڙ، ’سمابا‘ ھو جو دوراڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻي ’جامبوتيءَ‘ جو وڏو پٽ ھو. ھيءَ سلطنت جنھن جون حدون زابلستان پريان ھيملن تائين ھيون، ’سنڌ سمه‘ سڏبي ھئي. سندس تخگاھ کي ’مينانگر‘ يا ’سمانگر‘ سڏبو آھي. سنڌ تي يادوونسي راجا سامبس جي حڪومت ھئي ۽ تنھن کان پوءِ سن ۴٥٠ع ۾ راءِ گھراڻي جي راجائن جي حڪومت سنڌ تي قائم ٿي ۽ ’الور‘ ھن جو تختگاھ ھو. راءِ گھراڻي جي آخري راجا راءِ سھاسي جي بي اولاد مري وڃڻ کان پوءِ چچ ولد سيلاج برھمڻ سن ٦٣٢ع ۾ تخت نشين ٿيو ۽ ان طرح برھمڻ گھراڻي جي حڪومت قائم ٿي. جنھن کان پوءِ سن ٧١٢ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي.

(نوٽ: جيئن ته ڊيگھ ھن مضمون جو مقصد ناھي، انڪري مختصرًا اھڙا احوال ورتا ويا آھن، جنھن سان سماٽ قوم جي موجود قديم ۽ تاريخي شجري سان تعلق جوڙيندي ناهيون ذات جي اوائلي تاريخ کان اڄ تائين جو آئينو جڙي سگھي.)

رائدن جي نون پٽن جو سما نگر مان نڪرڻ ۽ جدا ٿيڻ

جيئن ’تحفة الڪرام‘ کان ويندي ’تاريخ سنڌ-٣‘ ۽ تقريبًا ٻين سمورن تاريخي ڪتابن ۾ رائدن پٽ ڪاڪو جا نو پٽ ڄاڻايل آھن (جيئن ھن مضمون جي شروعات ۾ ڏنل شجري اندر نقل ڪيل آھي). اھڙيءَ طرح ڪتاب ’تاريخ سميجا‘ جي مصنف قاضي محمد سليمان ڀان پڻ رائدن جا نو پٽ ئي ڄاڻايا آھن. پر انھن جي نالن ۾ ٿورو اختلاف ڏيکاريو آھي. سندس مطابق رائدن جي نون پٽن جا نالا ھن ريت آھن. ١. سمو جنھن مان سميجا آھن. ٢. ابڙو ٣. چنيسر ۴. منھي، جنھنجو اولاد مانڌر وارا منڌرا آھن. ٥. نوتيار، جنھن جو اولاد دلاسي ۽ چاچڪ پرڳڻن واري نوتيار قوم آھي. ٦. ڏاھر، جنھن مان ناھيان قوم آهي. ٧.  ھڱورو، تنھن مان ناھيان قوم آھي. ٨. لاکو، جنھن مان ڊڀري ۾ لاکا سمان آھن. ٩. پلي، جنھن جا نھڙي، راھمون ننگر سمان ۽ ٻيون قومون آھن.

ھتي آئون ’ناھين‘ جي حوالي سان لکندس ته ھن صاحب رائدن جي ٻن پٽن جا نالا ڏاھر ۽ ھنڱور ڏنا آھن. جنھن مان ’ناھيان‘ قوم ڄاڻايل آھي. پر تحفة الڪرام جي ڳانڍاپي سان ’تاريخ سنڌ-۳‘ جو مصنف ٻن ڀائرن جا نالا (جنھن مان ناھيون قوم ڦٽندڙ سمجھي ويئي آھي) ١. ابڙو، جنھنجو اولاد ڦل ناھيان ۽ ڏاھر ناھيان. ٢. ناھيون لکيا آھن. جيتوڻيڪ وقت جي وڏي وٿيءَ ۽ گھٽ وسائل ڪري انھيءَ فرق جي تحقيق ۽ تصديق تي بحث ۽ دليل ڪنھن خاص اھميت جا حامل نه ٿا رھن، پر پوءِ به اھا ڳالھ نوٽ ڪرڻ جوڳي آھي ته سمورن تاريخي ڪتابن رائدن جي پٽن، جن مان اڄ جي ناھيون قوم آھي، انھن جو تعداد ٻه لکيو آھي.

’تاريخ سميجا‘ جو مصنف، رائدن جي انھن نون پٽن جو سمانگر (ٺٽي) کان نڪرڻ ۽ پوءِ ھميشھ لاءِ جدا ٿي پوري سنڌ ۾ پکڙجڻ جي سبب جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي ته: ’رائدن‘ جي پٽ ’سمي‘ جو سڱ جيسلمير جي ڳوٺ ’سمجھاڙيلي‘ ۾ مڱڻراءِ جي گھر ڪيو ويو ھو، جنھن لاءِ ’سمون‘ پنھنجي ڀائرن ۽ ڄڃ سميت شادي لاءِ سمجھاڙيلي اسھيو. واٽ تي رتي چائوڙي جو ڳوٺ نالو ’رتيو ڪوٽ‘ ھو، جتي ڄڃ ٿوري وقت لاءِ وڃي ترسي. ان ڳوٺ ۾ ئي رتي جو ڀاءُ مراد چائوڙو ھو، جنھنجي ڌيءَ نالي بيگ ٻائي وڏي پھلوان ۽ خوبصورت ھئي. اتي ئي اتفاق سان سمي جو گھوڙو (جنھن کي يا ته سمون خود جھليندو ھو، جو خود وڏو پھلوان ھو يا وري پنجاھ ماڻھو جھليندا ھئا) ڇنائي وٺي ڀڳو. پريان ئي مراد جي ڌيءُ بيگ ٻائي کير سان ڀريل قرسي ٻيلڙو مٿي تي ۽ مينھن جو ڦر ڪڇ ۾ کڻي پئي آئي. گھوڙي جي سئيس کيس گھوڙي جي راھ تان پري ٿيڻ لاءِ ھڪلون ڪيون، پر ھوءَ پري ڪا نه ٿي، ويتر جيئن ئي گھوڙو سندس پاسي کان لنگھيو ته پاڻ گھوڙي جي رسي تي لت رکيائين. گھوڙي گھڻا ئي زور لاتا پر ڇڏائي نه سگھيو. سمي جي ماڻھن اچي گھوڙو ورتو ۽ پوءِ وڃي ساري حقيقت کي سمي کا آگاھ ڪيو. سمون جيئن ته پاڻ به پھلوان ھو انڪري بيگ ٻائي، جي پھلواني ۽ خوبصورتي کان متاثر ٿي ڀائرن سان ضد ٻڌي بيھي رھيو ته ھو پھرين شادي ڪندو ته مراد جي ڌيءَ بيگ ٻائي سان ڪندو تنھن کان پوءِ اڳتي ھلي مڱڻراءِ جي گھران ڪندو. ڀائرن کيس سمجھايو ته ”مڱڻراءِ جي گھر جيئن ته تاريخ طئي ڪيل آھي انڪري پھرين ھلي شادي اتان ڪرڻ کپي، پوءِ اچي ھتان به ڪنداسين، نه ته راڄ پاڻ مان لائيندا ته ڄڃ ھڪ ڪنوار جي ۽ شادي ٻي ڪنوار سان ٿئي؟!!“ تڏھن به جڏھن سمون ضد تان نه لٿو تڏھن ڀائرن سمي کي ڌمڪي ڏني ته؛ ”ھو کيس ڀاڳ به ڪو نه ڏيندا“. سمي جواب ڏنو ته؛ ”ڀاڳ ڀائرن جو آھي، نه ڏيندا ته پرواھه ناھي. ھيءَ شادي اڳ ۾ ضرور ڪندس.“ ڀائرن ٻيھر ڌمڪايس ته؛ ”نه صرف ڀاڳ پر ڀونءِ مان پڻ ڪجھه به ڪين ڏينداسون“. سمي جوابيو ته؛ ”مون ۾ ھمت ھوندي ته وٺي ويندس، پر ھيءَ شادي اڳ ۾ ضرور ڪندس“.

نيٺ انھيءَ ڪشمڪش ۾ ڀائرن پيءُ جي پڳ ’سمي‘ کان ڦري ننڍي ڀاءَ کي ’پلي‘ کي ٻڌرائي. ائين ٻيا سڀ ڀائر ڪاوڙجي ھليا ويا. صرف ٻه ناھيان (ڏاھر ۽ ھنڱورو)، نوتيار ۽ منھي سمي جا ساڻي ٿي سندس شادي راتورات مراد جي ڌيءَ بيگ ٻائي سان ڪرائڻ کان پوءِ ٻي شادي وڃي، مڱڻراءِ جي گھران ڪرائي آيا، جنھن جي تصديق ۾ ’ساڌو‘ جا ٽي شعر پڻ نقل ڪيل آھن.

١ –  جي رائڌڻ راءِ ته سمي ٻيو راڄ ڪيو،

اوڇلي ڀون اوپري ڪيائين کنيري کاڄ.

٢ –  سمي  جا  سميجا  ٿيا  ساري  ڊھٽ،

پهره پلي وھاريو ڄام سمي پڃاڻان کٽ.

٣ –  ٽي مڌرا ٻه ناھيان، سمون ۽ نوتيار،

سندي تنھن واحد پلي کي  پئدا  ٿي

مصنف اڳتي صرف سمي بابت لکي ٿو ته؛ ھو ٻئي شاديون ڪري سمانگر (ٺٽي) ڪو نه ويو ۽ نصرپور ۾ رھي پيو. پر حقيقت ائين نه ٿي ٿي سگھي، ڇو ته جيئن ڪھاڻيءَ جي احوال ۽ عنوان مان صاف ظاھر آھي ته نه صرف سمون پر سندس ساڻي ٻه ناھيان، نوتيار ۽ منڌرا پڻ ساڻس گڏ ئي رھيا ھوندا ۽ پوءِ ٿي سگھي ٿو ته، ڪجھه عرصي بعد، سمي کي اتي ڇڏي، باقي خود واپس ھليا ويا ھجن، يا وري مستقل ساڻس گڏ گڏ رھيا ھجن.

ھڪ ٻي توجہ طلب ڳالھه جيڪا ھن ڪھاڻي ۾ آيل آھي اُھا اِھا ته مصنف رائدن جي نون پٽن کي ’ٺٽي‘ شھر کان نڪتل ۽ آخر ۾ سمي جو ’نصرپور‘ ۾ رھي پوڻ ڏسيو آھي. پر تاريخن ۾ اچي ٿو ته ٺٽو شھر سمان گھراڻي جي آخري بادشاھه ڄام نظام الدين جي ڏينھن ۾ سمن جي اصلي تختگاھ سمانگر کان ٽي ڪلو ميٽر پري ٻڌايو ويو جڏھن ته نصرپور شھر پڻ تحفة الڪرام مطابق سن ٧٥١ھ ۾ سلطان فيروز تغلق جو ٻڌرايل ڄاڻايل آھي. ان حساب سان جڏھن مصنف شجري واري رائدن جي نون پٽن کي موجوده ٺٽي شھر مان نڪرڻ ۽ نصرپور ۾ رھائش اختيار ڪرڻ ٿو لکي ته اھو بلڪل غير حقيقي ٿو لڳي، ڇو ته ٺٽي شھر ٻڌجڻ وقت شجري وارا اصل ڪردار، رائدن، ناھيون، نوتيار، منڌرو وغيره نه پر انھن جو اولاد ۽ اولادن جو به اولاد (جيئن ڄام نظام الدين وغيره) پيدا ٿي چڪو ھو. ان لاءِ مٿي مصنف جي لکيل ٺٽي شھر کي سمانگر لکيو ويو آھي. جيڪو ٺٽي شھر بڻجڻ کان پھرين راءِ گھراڻي کان وٺي قائم ھو ۽ اھڙيءَ طرح منھنجي خيال ۾ سمي ۽ ساڻي ڀائرن جو نصرپور شھر ۾ نه پر موجوده نصرپور جي اردگرد رھڻ سمجھيو وڃي (وڌيڪ علم، الله کي).

ناھيون ذات عربن جي دؤر ۾

سنڌ ۾ عربن جي حڪومت وقت جيڪي ھندو رياستون ھيون، انھن ۾ الور (اروڙ) روپاه، سوي (سيوهڻ) ۽ ڀنڀور شامل آھن. ڀنڀور جتي ھن وقت ميرپور ساڪرو ۽ گھوڙا ٻاري تعلقا آھن، اتي ھڪڙي قديم رياست ھئي، جيڪا محمد بن قاسم کي جذيه ڀري ڏيڻ سان قائم ھئي. انھيءَ رياست جو مشھور حاڪم راجه ڀنڀوراءِ ھو، جنھن ڀنڀور جو شھر پنھنجي نالي پٺيان ٻڌايو ھو.

ڀنڀور شھر، خليفي ھارون رشيد عباسيءَ جي خلافت وارن ڏينھن ۾ سن ١٧١ ھه بمطابق سن ٧۸٧ع ۾ زمين ڌٻڻ ڪري ناس ٿي ويو. ‏‏‍‌‏‎(تاريخ سنڌ-٣ بحواله چچنامه). ھي شھر ٻين ڳالھين کان علاوه سسئي ۽ پنھونءَ جي آکاڻي ڪري به مشھور آھي. ڪتاب ’تاريخ سنڌ-٣ ‘جو مصنف، ايليٽ صاحب جي حوالي سان، سسئي پنھون جي آکاڻي ھن طرح بيان ڪئي آھي:

راجا دلوراءِ جي رياست ۾ ’ڀامبراواھ‘ نالي ڳوٺ ھو، جنھن ۾ نانيو نالي برھمڻ زال منڌر سميت رھندو ھو. کين اولاد جي تمام گھڻي سڪ  ھئي. ھنن کي ڪنھن اللھ لوڪ دعا ڪئي ته ’اوھانکي چنڊ جھڙي ڌيءُ ٿيندي، پر ان جي شاديءَ جو انگ، ھڪڙي مسلمان سان لکيل آھي.‘ اِھا ڳالھ ٻڌي، ٻئي زال مڙس ڏاڍي جھوريءَ ۾ پئجي ويا. پر ’لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وھي‘. نانئي کي ڌيءَ ڄائي. اھا سندس اکين ڏسندي ڪنھن مسلمان سان پرڻجي، سا ڳالھه ٻنھي زال مڙس کي اگري لڳي. تنھنڪري دل جو سور دل ۾ رکي، پنھنجي پياري سڪيلڌي ڌيءُ کي ھڪڙيءَ پيتيءَ ۾ بند ڪري، کڻي سنڌو درياءَ جي سرن وڌائون. اھا پيتي لڙھندي لڙھندي اچي ڀنڀور بندر کان نڪتي.

ڀنڀور شھر ۾ ’ناھيون‘ يا ’لعل‘ نالي ھڪڙو وڏو مالدار ڌوٻي رھندو ھو، جنھن وٽ پنج سؤ ڪمي ۽ سيکڙاٽ ڪم ڪندڙ ھئا، مگر اولاد ڪو نه ھئس. ان جي ھڪڙي ڪميءَ کي اِھا پيتي درياءَ ۾ لڙھندي نظر آئي، جنھن اھا ڪڍي آڻي پنھنجي اُستي ’ناھيين‘ جي اڳيان رکي. ’ناھيون‘ جان کڻي پيتي کولي ته منجھس چنڊ کي شرمائيندڙ جيئري جاڳندي معصوم نياڻي پئي آھي. ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڇوڪريءَ جو نالو ’سسئي‘ (چنڊ) رکي پنھنجي ڌيءَ ڪري وڃي نپايائينس…….. (پوري ڪھاڻيءَ لاءِ پڙھو تاريخ سنڌ-٣)

منھنجي ناقص راءِ موجب ٿي سگھي ٿو ته ھي ’ناھيون‘ رائدن ولد ڪاڪا جي نون پٽن مان ھڪ ھجي جنھنجو ڪو به اولاد نه ھو، ۽ ھاڻوڪا ناھيان ممڪن آھي ابڙي جي پٽن ’ڦل ناھيون‘ ۽ ’ڏاھر ناھيون‘ مان ھجن، جيتوڻيڪ اڄ ڪو به ناھيون، ڦل ناھيون يا ڏاھر ناھيون ڪو نه ٿو سڏائي.

ھتي ھڪ ٻيو سوال جيڪو ذھن ۾ اڀري ٿو، اُھو اِھو آھي ته  ھي ’ناھيون‘ ڇا نالي جو ’ناھيون‘ ھو يا ذات جو؟ جيئن اسان سنڌي قوم ۾ اڄ به رواج آھي ته اسين نالي کان وڌيڪ ذات کي اھميت ڏيندا آھيون. ڪنھن اجنبي سنڌي سان تعارف وقت اسانجو کائنس پھريون سوال ’نالو ڇا اٿئي؟‘ بجاءِ پاڻ ڪير آھين؟‘ ھوندو آھي، ائين اسين اڄ به اڪثر ڪنھن کي سندس نالي سان پڪارڻ بجاءِ ذات سان پڪارڻ کي ترجيح ڏيندا آھيون. جيئن شاھ صاحب، ڀٽو صاحب، سومرو صاحب وغيره، ۽ ائين گھڻن ماڻھن جي ذات ئي سندن نالو بڻجيو وڃي. ان ڪري ٿي سگھي ٿو ته مٿين آکاڻي واري ناھئين کي (جنھن جو اصل نالو لعل ھو) ايليٽ صاحب اھڙي ئي صورتحال تحت ناھيون لکيو آھي.

ھڪ ٻئي خيال موجب ته جيئن ھي ’ناھيون‘ مسلمان ھو، جيئن سسئي پنھون جي آکاڻي مان ظاھر آھي، انڪري ٿي سگهي ٿو ته اسلام قبول ڪرڻ کان پھرين سندس نالو ناھيون رھيو (شجري مطابق) ۽ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ھن پنھنجو نالو مٽائي ’لعل‘ رکيو. پر جيئن ته پاڻ ’ناھيون‘ نالي مشھور ھو انڪري ليکڪ کيس ٻنھي نالن سان لکيو آھي. وڌيڪ علم اللھ کي، ڇو ته وقت جي وڏي وٿيءَ ڪري ھن بحث کي ثابت ڪرڻ لاءِ ھر دليل بي بنياد ئي رھندو.

ھتي ھڪ سوال اِھو به زھن ۾ اڀري ٿو ته آخر ناھيون ذات ڪڏھن ۽ ڪنھن جي ھٿ تي اسلام قبول ڪيو؟! جنھن لاءِ نه ته ڪا ڪتابي شاھدي آھي ۽ نه پختائي سان ڪجھ چئي سگھجي ٿو. پر جيئن ته تحفة الڪرام جي صاحب، توڙي ان کان پوءِ جي تقريبن تاريخ نويسن، سنڌ جي ھاڻوڪين گھڻي ڀاڱي سماٽ قومن کي سمان قوم جون شاخون سڏيو آھي، ان لاءِ چئي سگھجي ٿو ته جيئن خود سمن (مک قوم) اسلام پئي قبول ڪيو ھوندو تئين سندن ٻين شاخن به اسلام قبول ڪيو ھوندو. جيتوڻيڪ چنا قوم لاءِ تاريخن ۾ اچي ٿو ته سماٽ قوم ۾ سڀ کان پھرين ’چني‘ اسلام جي اصولن کان متاثر ٿي محمد بن قاسم جي ھٿ تي اسلام قبول ڪيو. (تاريخ سنڌ-٣، ص ٢٣ ۽ ۲۴)

جڏھن ته ’لب تاريخ سنڌ‘ جي مصنف مطابق ته ديبل بندر ۽ برھمڻ آباد (ٻانڀران) وغيره جا قلعا فتح ڪرڻ بعد ساوندري (ٺري) ۽ انجي اوسي پاسي رھندڙ سمان قوم جا ماڻھو، جي اڃا تائين سنڌ ۾ جدا جدا ھنڌن تي رھن ٿا، دھل دماما وڄائيندا ۽ ناچ ڪندا اچي محمد بن قاسم وٽ حاضر ٿيا ۽ اسلام قبول ڪيائون. مختصراً اھو ته جيئن سسئي پنھون جي آکاڻيءَ مان تصديق ٿي ٿئي ته ڀنڀور جي موجودگيءَ وقت ۽ عربن جي دؤر حڪومت ۾ ’ناھيون‘ باقاعده مسلمان ھو، انڪري چئي سگھجي ٿو ته سمن جي ٻين شاخن سان گڏ ’ناھين‘ به اموي گھراڻي يعنيٰ عربن جي دؤر حڪومت ۾ محمد بن قاسم وٽ اسلام قبول ڪيو ھوندو يا شايد ان کان به اڳ جڏھن عربن جا ھن ملڪ سان سامونڊي توڙي خشڪي رستي واپار جا تعلقات ھئا. جيئن سسئي پنھوء جي آکاڻي مان ظاھر آھي، يعني ته ’ناھيون‘ سسئي جي ڄمڻ کان پھرين ئي مسلمان ھو، جيئن سسئي جي مائٽن کي نجومين چيو ھو.

عربن (اموي گھراڻي) جي حڪومت کان پوءِ تغلق گھراڻي جي دؤر حڪومت تائين، تاريخن ۾ سمان قوم جو ذڪر بلڪل نه ھئڻ برابر ٿو ملي يا ٻين لفظن ۾  بلڪل ئي نه ٿو ملي، جنھن جا به ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا، جن جو ھتي ذڪر ڪرڻ ضروري ناھي.

ناھيون ذات سومرا دؤر کان سمان دؤر تائين

تاريخ سنڌ-٣ بحواله چچنامه موجب ته چوٿين ھجري ۽ ڏھين عيسوي صديءَ ۾ خليفي مامون عباسي جي خلافت وقت، سومرا ’سامره‘ مان لڏي اچي سنڌ ۾ رھڻ لڳا ۽ سندن پھريون اڏايل شھر محمد طور، الور جي نزديڪ ديرڪ پرڳڻي ۾ درياءَ جي ڪپ تي ھو. الور شھر ڦٽڻ وقت، جڏھن درياءَ پنھنجو سمورو وھڪرو (وچ سنڌ خواه لاڙ مان) مٽائي ويو، تڏھن محمد طور شھر جيڪو پڻ درياءَ جي ڪناري تي ھو، ڦٽي ويو. پوءِ سومرن جو وڏو انداز اتان لڏي، سمن سان گڏ سمان قوم جي قديم شھر ’ساموئي‘ ۾ اچي رھيا، جيڪو مڪلي ٽڪريءَ جي دامن ۾، ھاڻوڪي ٺٽي شھر کان ڏکڻ طرف، ٽن ميلن جي مفاصلي تي آھي.

تاريخ سنڌ-٣ جي مصنف مطابق ته فيروز شاھ تغلق جي وفات کان پوءِ سندس پويان پاڻ ۾ وڙھڻ ۽ گھرو جھيڙن ۾ مشغول رھيا، جنھنڪري جيئن ھندستان جا ٻيا، پرڳڻا سندن ھٿن مان نڪري ويا، تيئن سنڌ ملڪ به سندن زيردستيءَ کان نڪري ويو. سنڌ جي جدا جدا ٽڪرن تي جدا جدا قومن جا سردار پنھنجو پنھنجو حڪم ھلائڻ لڳا، پر انھن سڀني قومن ۾ سومرن جي قوم وڌيڪ طاقتور ھئي. سومرن پنھنجي حڪومت سنڌ جي ڏاکڻين ڀاڱي کان فتح ڪرڻ شروع ڪئي.

سومرن ھٿان سمن جو سنڌ مان لوڌجڻ

سمان قوم جا ماڻھو پھريائين سومرن جا ساٿي ھئا، پر پوءِ سومرن جي بدڪارين ڪري ھنن ٻنھي قومن ۾ عداوت پکڙجي ويئي.

سومرا گھڻو ڪري شراب پاڏي جي گوشت سان پيئندا ھئا. ھڪ ڏينھن، ڪنھن سومري ڇا ڪيو جو سمي قوم جي ڪنھن ماڻھو جي غيرموجودگيءَ ۾ ان جي گھران پاڏو ڪاھي آيو ۽ محفل ۾ ڪباب ڪري کائي ڇڏيو. سمان قوم جو ماڻھو جڏھن گھر موٽيو ته زال چيس ته؛ ”سومرا اڄ ھڪڙو پاڏو ڪاھي ويا آھن، سڀاڻي زال به کڻي ويندئي.“ ان طعني تي سمي کي غيرت اچي ويئي ۽ ھن پنھنجي قوم جي ماڻھن کي گڏ ڪري سومرن سان اچي جنگ ڪئي. سمان ٿورا ھيا ۽ سومرا گھڻا. انڪري سمان ھي ملڪ ڇڏي ڪڇ ڏي اٿي ڀڳا. وچ ۾ ڪي سومرا ڪڇ رڻ ۾ اچي کين وري پھتا ۽ سخت مارا ماري ٿي ۽ اھڙيءَ طرح اتان باقي جيڪي بچيا، سي ڪڇ کان وڃي نڪتا، جتي سمن رفته رفته پنھنجي بادشاھي قائم ڪئي.

ڪڇ پھچڻ کان پوءِ سمان اتي پھريائين چاوڙا قوم سان وڃي پاڙيسري ٿيا. چاوڙن جي سردار انھن کي آباديءَ جي ڪم لاءِ ٻنيون ڏنيون، انھيءَ شرط سان ته ٻنين جو اَن سمان کڻن ۽ گاه سرڪاري قلعي ۾ پھچائين. ڳچ وقت، سمان ائين ڪندا رھيا. جڏھن سمن پنھنجا پير مضبوط سمجھيا، تڏھن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته؛ ڪڇ جو قلعو ھٿ ڪجي.

ھڪڙي ڏينھن سمن ڇا ڪيو، جو گاه جون پنج سؤ گاڏيون قلعي ۾ موڪليائون.  ھرھڪ گاڏيءِ ۾ ٻه ٻه پھلوان مڙس ھٿيارن سان گاه ۾  لڪا يائون ۽ ھڪڙو ھڪڙو پھلوان گاڏيوان ويهاريائون. ارادو ڪيائون ته اھي پندرھن سؤ ماڻھو، قلعي ۾ داخل ٿي وڃن ته ٻيا به سمان ھٿيار کڻي قلعي ۾ ڪاھي پوندا.

قلعي جي دروازي تي سرڪار جي پاران ھڪڙو جوتشي رھندو ھو، جنھن جو ڪم ھوندو ھو ته قلعي ۾ داخل ٿيندڙ ماڻھن جي بابت جوتش جي وسيلي خبر لھي، سرڪار کي چتاءُ ڪندو ھو. جڏھن گاھ جون گاڏيون قلعي جي دروازي تي پھتيون، تڏھن قلعي جي دروازي واري جوتشي ھڪل ڪري چيو ته؛ ”گاھ ۾ ڪچو ماس آھي.“ نجوميءَ جي چتاءَ تي چوڪيدارن پنھنجا ڀالا گاه ۾ ٽنبڻ شروع ڪيا.  گاھ ۾ لڪل پھلوانن کي ڀالن جون چنھنبون لڳيون ٿي ته انھن اھي وري پنھنجن ڪپڙن سان اُگھي ٿي ڇڏيون، جنھنڪري چوڪيدارن کي پڪ ٿي ته گاه ۾ ماس ٻاس ڪجھ به ناھي، نجومي ڀليو آھي. نيٺ گاه جون گاڏيون اندر ويون. رات جو اھي گاه ۾ لڪل جوان ۽ گاڏيوان ھٿيار کڻي، قلعي جي عملدارن تي ڪاھي پيا. ھوڏانھن وري ٻاھريان سمان به ھٿيار کڻي قلعي ۾ اچي گھڙيا. سخت خونريزيءَ کان پوءِ، سمان قلعي تي قابض ٿي ويا ۽ ڪڇ جي ملڪ جي حڪومت سندن هٿ آئي. راءِ ڀاراءِ، ڄام سھتا ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ڪڇ جا نامور حاڪم سمان قوم مان ھئا.

ڪتاب تاريخ سنڌ- ٣ ڪڇ جو قلعو سمان قوم ھٿان فتع ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ اتي حڪمراني قائم ڪرڻ جي تسلسل سان اڳتي لکي ٿو ته جڏھن علاؤالدين جي لشڪر سومرن جو زور ڀڳو، تڏھن انھن جا پويان حاڪم عياش ۽ ظالم بڻجي ويا ۽ ڏکڻ ۾ سمان قوم کان زياده ٻي ڪا به طاقتور قوم ھتي ڪا نه ھئي تنھنڪري سومرن جي پوئين حاڪم ارميل يا ھمير کي سمن سندس گھر ۾ قتل ڪيو ۽ ڄام انڙ کي سن ٧٥۲ ھ (١۴٥١ع) ۾ پنھنجو حاڪم مقرر ڪيو. اھڙيءَ طرح سمن سن ١۳٥١ع (۷۵۲ ھ) کان وٺي سن ١٥١۹ع (۹۲۳ ھ) تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. سمان گھراڻي جي سترھين حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو بن ڄام بانبيهو پنھنجي پھرين تختگاه ساموئي يا سمانگر کان فقط ٽي ميل پري ھڪڙي ڪشادي ميدان ۾ نئين سر شھر (ٺٽي) جو بنياد وڌو ۽ بنگلا ۽ محلاتون جوڙايون. شھر ٺھڻ کان پوءِ ڄام نندو پنھنجي سموري اٽالي سميت سمانگر ڇڏي ٺٽي ۾ اچي پنھنجو تختگاه ٺاھيو.

ضلعي ٺٽي ۾ ناھيون ذات جي ڪن رواين کان ملندڙ ھڪ ناتحقيق ۽ ناتصديق شده روايت موجب ته؛ ڄام نندو ماءُ پاران يا وري ماءُ پيءُ ٻنھي پاران سمان خاندان جي ’ناھيون ذات‘ مان بادشاھ ھو. جنھن لاءِ به ھتي ڪو دليل ڏيڻ وقت جي وڏي وڇوٽي ڪري بي بنياد رهندو. پر ان ڳالھ لاءِ دليل ايترا ڪمزور به نٿا چئي سگھجن جو ھاڻوڪي ٺٽي ۽ آسپاس اڄ به ٻين گھڻين سماٽ قومن کان علاوه ’ناھيون‘ قوم به ڪافي تعداد ۾ موجود آھي جيڪو ان ڳالھ جو واضع ثبوت آھي ته ھي قوم سمان حڪمرانن سان هميشه گڏ رهي آهي ۽ پوءِ وقت جي حالتن مثلا جنگن ۽ روزگار جي سببن ڪري ناھيون قوم جا ماڻھو ٺٽي شھر کان ڇڊا ڇڊا ٿيندا ويا.

تاريخ سنڌ جي مصنف ھن مضمون ۾ ڏنل شروعاتي ۽ مٿين وضاحت جو ڀرجھلو ٿيندي ھيٺئين ريت سمن جي حڪومت تي سرسري نظر وڌي آھي:

سمان قوم جون تمام گھڻيون شاخون سنڌ ۾ موجود ھيون ۽ اڃا به آھن، جھڙوڪ؛ سھتا، ھڱورجا، اڍيجا، اوٺا، ناھيان، جاڙيجا، سميجا، نوتيار، لنجار، لاکا، جکريا، راھما، پلي، جوڻيجا وغيره وغيره. انھن قومن مان به ڪيترين ئي قومن جا سردار سنڌ جي لاڙ خواھ اتر ۾ پنھنجي زمينداري حد جا خودمختيار حاڪم ھئا. پر جنھن قوم سڀني شاخن کان وڌيڪ زور ورتو ۽ آخر سڄي سنڌ جي حڪومت ھٿ ڪئي سان پاڻ نج سمان سڏائڻ لڳي.

سنڌ ۾ موجود ناھين جي اڪثر ڳوٺن ۾ رھندڙ راوين کان، پڻ مٿئين ڪڇ واري ڪھاڻي جي تصديق، ڪنھن ٿورڙي فرق سان بلڪل ائين ئي ملي ٿي. سندن موجب ته ناھيان پڻ خود سمن ۽ ٻين سماٽ قومن سان گڏ سومرن ھٿان مٿئين ڪھاڻي مطابق سنڌ مان لوڌيا ويا. پوءِ ڪڇ ۽ جھوناڳڙه تائين وڃي پھتا. ان بعد ڪڇ جو قلعو فتح ڪيائون. اتي سمن ۽ ٻين سماٽ قومن سان گڏ حڪمراني ڪيائون. اھڙيءَ طرح وقت سان گڏ، ناھيون قوم جو ھڪ حصو اتي ڪڇ ۾ ئي رھي پيو ۽ باقي وڏو حصو سمن ۽ ٻين قومن سان گڏ موجوده سنڌ ۾ ڦھلجي ويو.

جھوناڳڙھ کان ڪڇ ۽ ڪڇ کان پوءِ موجوده سنڌ ۾ ناھيون قوم جي جيڪا پھرين آمجگاه چئي وڃي ٿي، اُھا نصرپور کان ڏه پنڌرھن ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، موجوده ٽنڊوالھيار تعلقي ۾’ناھيانھو‘ يا ’ناياھو،‘ نالي ڳوٺ ھو جنھن جو ذڪر ’تحفة الڪرام‘ ۾ پڻ صرف حيدرآباد (نيرون ڪوٽ) جي ھڪ قديم ڳوٺ جي حوالي سان ڪيل آھي. جيتوڻيڪ مصنف اھو ناھي ڄاڻايو ته اھو ڳوٺ ڪھڙي قوم جو ۽ حيدرآباد جي ڪھڙي ھنڌ موجود ھو؟ جڏھن ته ناھيون ذات جي راوين مطابق ته ھي تقريبن اھو ئي پڊ ھو جتي اڄ کان ڪو عرصو پھرين رائدن جي نون پٽن مان سمي جا ساڻي ٻه ناھيان ساڻس گڏ ھاڻوڪي نصرپور يا ان جي اردگرد ڪٿي رھائش پذير ٿيا ھئا.

روايتن موجب ته اھو ڳوٺ تعلقي ٽنڊوالھيار جي موجوده ديھن ماريچي ۽ ناھيچاڻي ۾ ئي قبي بس اسٽينڊ ڀرپاسي آباد ھو. جنھنڪري ئي انھن پراڻن پڊن کي مدنظر رکندي زمين جي سروي وقت انھن ديھن جا نالا ناھيان قوم پويان ماريچي ۽ ناھيچاڻي رکيا ويا. ڪن روايتن مطابق ته سنڌ ۾ ناھين جي ڪڇ کان پوءِ باقاعده طور پھرين آمجگاه ’ناياھو‘ يا ’ناھيانھو‘ (يعني ناھين جو يا ناھين وارو) موجوده ٽنڊوالھيار تعلقي ۾ ئي ديھ ’دڙو ڪٻي‘ ۾ آباد چيو وڃي ٿو.  بھرحال ھي ٽئي ديھون تقريبن ھڪ ٻئي جي ويجھو ئي آھن.  غرض ته اھو ڳوٺ حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊوالھيار تعلقي ۾ ئي موجود قبو بس اسٽينڊ ڀرسان سن ست سؤ يعني ٧٠٠ کان ٧٩٩ ھجري تائين ڪنھن به عرصي ۾ آباد ھو، جو ھن ڳوٺ سان ڪلڪان جادوگرياڻي ۽ شيخ لوھنڙو جو قصو منسوب آھي.  شيخ لوھنڙو جو ذڪر تحفته الڪرام ۾ پڻ آيل آھي. سندس آّخري آرامگاه حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي، قبو بس اسٽيڊ تي اڄ تائين موجود آھي.  کيس ھجري ستين سن جو مشائخ ليکيو ٿو وڃي ۽ ھيٺيون بيان ڪيل قصو سندن حياتي ۽ موجودگي ۾ ڄاڻايل آھي، جنھن جي تصديق پڻ پوري سنڌ ۾ ناھيون ذات جي رواين وٽ يڪسان محفوظ آھي. انڪري به وسوق سان چئي سگھجي ٿو ته ڪڇ کان سنڌ آمد تي ناھين جو پھريون ڳوٺ اھو ئي ’ناھيانھو’ ھو.

قصو ڪلڪان جادوگرياڻي ۽ شيخ لوھنڙو جو، ڳوٺ ناھيانھو جي حوالي سان

جتي ناھين جو ھي وڏو ۽ قديم ڳوٺ ’ناھيانھو‘ آباد ھو، اتي ئي ان علائقي ۾ ڪجھ دور ڪلڪان نالي جادوگرياڻي به ھڪ غار ۾ رھندي ھئي. ڪلڪان بابت ڪن رواين جو چوڻ آھي ته اھا جادوگرياڻي ھئي، جنھن جي گردن ۾ ڪافي سڳا ۽ِ تعويذ ٻڌل ھوندا ھئا ۽ ھو پنھنجي جادوءَ جي زور تي ماڻھن کي سڳو يا تعويذ پارائي، پنھنجو غلام يا ’جانور‘ بنائي ڇڏيندي ھئي. ڪجھ رواين جو خيال آھي ته اھا اصل ۾ ھڪ ڏائڻ ھئي ۽ جادوءَ جي زور تي ھر مھيني ھر گھر مان ڏن طور ماڻھو وٺي کائيندي ھئي. سندس انھيءَ عمل ڪري گھرن جا گھر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ يا ته کپي ختم ٿي ويا ھئا يا وري بچي نڪرڻ لاءِ لڏ پلاڻ ڪري خالي ٿي چڪا ھيا. انھيءَ موذي بلا جي عذاب جو شڪار مٿي ذڪر ڪيل ڳوٺ ’ناھيانهون‘ پڻ ٿيو ھو، جنھن جا اڳوڻ ٻه ناھيان ڀائر ھوندا ھئا. جن مان ھڪ جو نالو معلوم ٿي نه سگھيو آھي ۽ ٻئي جو نالو’ڀاڻو‘ ھو، جنھن جو اولاد ‘ڀاڻوپوٽا ناھيان’ سڏجن ٿا.

جيئن ته ھن ڳوٺ جا پڻ ڪيترا ئي ’ناھيان‘ گھراڻا گروپن جي شڪل ۾ ڪلڪان جي ظلم کان تنگ ٿي اتر اولھ ۾ موجوده ٽنڊو ڄام ۽ ڏکڻ طرف موجوده ٺٽي طرف (سمانگر ڏانھن) ھجرت ڪرڻ لڳا ھئا، جنھنڪري ھيءُ آباد ۽ ڀريو ڀڪلو ڳوٺ، ويران ۽ خالي ٿيڻ لڳو ھو. انڪري ھنن ٻنھي ڀائرن کي ڪنھن  طرح خيال آيو ته جيڪڏھن ڪو ڪلڪان کي زنا ڪري پليت ڪري ڇڏي ته ھوند سندس جادوئي اثر ٽٽي وڃي ۽ منجھانئس نجات حاصل ڪري سگھجي. جنھن جي حامي وڏي ڀاءُ ڀري، جنھن تحت پاڻ ڪلڪان سان ھٿ چراند ڪيائين پر ھن جو جادؤو اثر ٽٽي نه سگھيو. ويتر ھن کيس سخت زخمي ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس اھل عيال يعني سمورن ناھين لاءِ ڪي پاراتا ڏنا، جي انوقت اڻ ٿيڻا ۽ عيب ليکبا ھئا جيڪي ھن ريت ھئا.

١.   توھانجي سنجھي جي صلاح ڪا نه بيھندي.

٢.   توھانجون عورتون پڙو لاھي سلوار پائين.

اھي ٻئي پاراتا پوري ناھيون قوم لاءِ ڪوڙھ جي ھڪ بدنام داغ جيان ڇائنجي ويا. سندن سنجھي جي ڪيل ڪا به صلاح مصلحت صبح ٿيڻ تي قائم رھي نه ٿي سگھي ۽ روايت مطابق ته ان کان اڳ ٻين سماٽ قومن جيان ناھيون قوم جون عورتون پڻ لباس ۾ مٿي تي کنهنبو، بدن تي گج ۽ چيلھ تي پڙو پهرينديون هيون پر ان پاراتي کان پوءِ هڪدم عورتن پڙا لاھي سلوارون پائڻ شروع ڪيون. پوءِ ڪڏھن ٻاھر نڪرڻ تي عورتون لڄ کان سلوار مٿان پڙو ضررور پائي نڪرنديون ھيون، يا شادي مرادي تي پڻ پاڻ کي پنھنجي اصلي لباس ۾ قائم رکڻ خاطر ڪنوار کي لائن لھڻ وقت سلوار مٿان پڙو پارايو ويندو هو، جيڪو ويجهار ۾ ئي ختم ٿيو آهي. پر مستقل پڙو پائڻ ڪنھن به طرح رھي نه سگھيو. اھڙيءَ طرح اھي ٻئي پاراتا، ان دؤر کان وٺي اڄ جي سائنسي  دؤر تائين به ناھيون ذات لاءِ منڊيءَ تي ٽڪ جيان قائم آھن.

ڪلڪان واري ھن واقعي کان پوءِ وڏو ڀاءَ زخمن جا تاب نه سھي ھڪدم گذاري ويو ۽ سندس ڀاءُ ڀاڻو ۽ پٽ نالي ’لاکو‘ کي نه صرف ڪلڪان کان وير وٺڻ جو جنون رھيو پر ڳوٺ مان ھيئن گھڻي تعداد ۾ ماڻھن جي لڏپلاڻ تي ڏک ۽ فڪر پڻ ھو. انڪري پاڻ ٻئي ڄڻا شيخ لوھنڙو (تاريخ وفات ١۴ ربيع الاول ھجري ستون سن يعني ٧٠٠ کان ٧٩٩ ھ وچ ۾ روايت آھي) وٽ مدد لاءِ لنگھي آيا ۽ اچي سندس مريد  ٿيا، جيڪو ان وقت، جتي اڄ سندس مقبرو آھي اتي ئي ڳوٺ ’ناھيانھون’ کان ٿورو پرڀرو پنھنجي آستان تي رھائش پذير ھو ۽ اعليٰ علم ولي الله ۽ ڪاني ڪرامت جو صاحب ھو. ھن ھنن ٻنھي کي پنھنجو خاص خليفو بنايو ۽ کين اھا صلاح ڏني ته ھو ڪلڪان کي پليت ڪرڻ واري  خيال بجاءِ سندس گلي ۾ پيل کوڙ سارن جادوئي سڳن ۽ تعويذن کي ٽوڙي ڇڏين، باقي ھؤ جيڪو پاراتو ڏي اھو ترت اچي شيخ صاحب کي ٻڌائين ته پاڻ اھو ميٽي ڇڏيندو.

ان ڪم ڪرڻ جي ذميواري ڀاڻو پاڻ تي کنئي ۽ ھن وجھ وٺي ائين ئي ڪيو، جيئن شيخ صاحب چيو ھو. ڪلڪان جا سڳاء تعويذ ٽٽي ويا ۽ ڀاڻو پڻ سلامت رهيو. ان موقعي تي به اڳ جيان ڪلڪان ٽي پاراتا ڏنا جيڪي ھيٺين ريت ھئا:

١.   آڳ (اڳوڻي) وڃئي، پاڳ (پڳداري) وڃئي.

٢.   پينگھو وڃئي، وينڊو (نٿ) وڃئي.

٣.   گھوٽ وڃئي، ڪنوار وڃئي.

جنھن مان مٿيون پھريون پاراتو ڀاڻو ترت اچي شيخ صاحب کي ٻڌايو، جنھن لاءِ شيخ صاحب چيو تھ اھو توھان تي اثر اندار ڪو نه ٿيندو پر ھاڻ اوھين نه صرف منھنجا خاص خليفا (اڳواڻ) پر ڏوئي ڌڻي پڻ آھيو. ان کان علاوه پڳدار پڻ ڀاڻو کي ئي بنايو ويو. باقي پويان ٻه جيئن ته ان وقت ڀاڻو کان وسري ويا ھئا، جيڪي ھن دير سان ياد اچڻ تي ٻي ڏينھن اچي شيخ صاحب کي ٻڌايا. جنھن لاءِ شيخ صاحب کيس چيو ته ان جو اثر ٻين ناھين تي نه پر صرف توتي ۽ تنھنجي اولاد تي رھندو ڇو جو تو ٻڌائڻ ۾ دير ڪئي آھي. پوءِ به ڀاڻو جي شيخ صاحب اڳيان زياده ست ستان ۽ آزي نيزاري تي سندس لاءِ شيخ صاحب پاران اھا رعايت ڪئي ويئي ته ھو پينگھي ۾ صرف ڳاڙھو ھندورو نه رکن باقي ھلڪو لوڏڻو رکي سگھن ٿا ۽ اھڙيءَ طرح عورتون پڻ پاڻ خود نڪ ٽوپرائي نٿ ڪڏھن به نه پائين پر جيڪڏھن ڀاڻو جي عيال کان سواءِ ڪو ٻيو ناھيون سندن نڪ به ٽوپرائي ۽ نٿ به پارائي ٿو ته پوءِ اھو پاراتو اثر انداز نه ٿيندو.

اھڙيءَ طرح ٽئين پاراتي لاءِ به جيڪڏھن گھوٽ ۽ ڪنوار پنھنجي شاديءَ جي ھڪ ھفتي اندر پيرن پيادو شيخ صاحب وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ حاضر ٿيندا ته اھو پاراتو پڻ ناڪاره رھندو، ۽ تحقيق آھي ته اڄ اھي رسمون جيئن جو تيئن ھاڻوڪي ڳوٺ عبداللھ ناھيون تعلقه ٽنڊوالھيار ۾ موجود ڀاڻو جي اولاد ۾ قائم ۽ دائم آھن.

[ھتي ھڪ ڳالھ جي وضاحت ڪرڻ ضروري آھي ته جيتوڻيڪ اڄ سنڌ ۾ پينگھو ھر عام ۽ خاص جي گھر ۾ استعمال ٿئي ٿو پر بنيادي طور تي اھو سماٽ قوم جي نشاني ۽ ثقافت ۾ شامل آھي. ان ۾ به ڳاڙھو ھندورو صرف انھن ذاتين جي استعمال ھيٺ رھيو جيڪي سماٽ يا سمان قوم جي بادشاھت ۾ حصيدار رھيون.]

ڪلڪان بابت پوءِ روايت آھي ته کيس شيخ صاحب ئي ختم ڪيو ۽ ڪرامت جي زور تي کيس اھڙو ته مڪ جو ڌڪ ھنيو جو ھوءَ زمين دوز ٿي ويئي ۽ ان کان پوءِ مڪليءَ جي قبرستان مان ھڪ ھنڌان زمين ڦاڙي (غار ٺاھي) نڪتي، جا اڄ به ٺٽي ضلعي جا ناھين ۽ ٻين وٽ ‘ڪلڪان واري غار’ جي نالي سان مشھور آھي.

 

ڀاڻو ناھين کان آڳ ۽ پاڳ وڃڻ

جيئن مٿي ذڪر ڪيل آھي ته ڀاڻو ۽ لاکو، شيخ صاحب جي حياتيءَ کان وٺي، سندس خاص خليفا ۽ ڏوئي ڌڻي ھئا، يعني شيخ صاحب جي خاص ڏھاڙن تي آيل مريدن ۽ عقيدتمندن ۾ ننگر ورھائڻ سندن ڪم ھو. جن مان به ڀاڻو وڏو ھئڻ جي حيثيت ۾ وڏو خليفو ھو. پوءِ روايت موجب عرس جي ڏھاڙن ۾ ننگر جي وڌ وقت، ڀاڻو ٻوٽيون پاڻ، پنھنجي اولاد، پنھنجي مٽن مائٽن ۽ دل گھرين کي کارائيندو ھو ۽ باقي آيل مريدن ۽ عقيدتمندن کي صرف رکا چانور ڏيندو ھو. جنھنڪري ڪن مريدن اھا دانھن وڃي شيخ صاحب جي حضور ۾ پيش ڪئي ۽ پنھنجي دانھن اونائڻ لاءِ شيخ صاحب تي ٽن راتين جي جاڳرتا ڪئي.

جنھن کان پوءِ وڌ جي ڏوئي ۽ راڄ جي پڳ ٻئي’ ڀاڻو’ کان ڦري ‘لاکي’ کي ڏني ويئي ۽ ڀاڻو کي اولاد ۽ ھمدردن سميت شيخ صاحب تي عرس جي ٻوٽي کائڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي. اھو به حڪم ٿيو ته جيڪڏھن ھو ٻوٽيون کائيندا ته اھي کين ڦاسي پونديون.  تصديق آھي ته عبداللھ ناھيون جي ڳوٺ ۾ ڀاڻو جي اولاد کان سواءِ ٺٽي ۾ گل حسن ناھيون ۽ ٻين ڀروارن ڳوٺن جي ناھين لاءِ پڻ اھا ڳالھ جيئن جو تيئن قائم آھي.

ڀاڻو کان جيڪا پڳ لاکي کي ملي، اھا نسل در نسل ھلندي گذشته ويھين صديءَ ۾ ڳوٺ ڀليڏنو ناھيون تعلقه ٽنڊوالھيار ۾ وڏيري الھڏني جي بي اولاد وفات ڪرڻ تي بھي رھي آھي. پر ان پڳ ۾ شيخ صاحب جي دعا جو اثر آھي. اڄ به ’کرٽئي‘ جي ڪھڙي به مريض کي ’چڱي مڙس‘ جي استعمال ڪيل پٽڪي مان ڪا لينگھ ڦاڙي جي ٻڌبي آھي ته کيس کرٽيو ختم ٿي ويندو آھي.

ڳوٺ ’ناھيانھون‘ کان ٻين ڳوٺن جو آبادٿيڻ

ڳوٺ ’ناھيانھون‘ کان جيڪي ناھيان گھراڻا ڪلڪان جي تڪليفن ڪري ڳوٺ ڇڏي نڪتا، انھن مان ڪي سما نگر (ٺٽي) ڏانھن ھليا ويا. ڪي ھاڻوڪي ديھ راھوڪي، راڄپاري ۽ ھوٿڪي تعلقه حيدرآباد ۾ ٽنڊوڄام ڀرسان ”دڙي وارو ڳوٺ“ ۾  اچي آباد ٿيا. ڪي وري اتان ’ناھيانھون‘  کان ٿورو پري تعلقه ٽنڊوالھيار جي ديھن ماريچي، سري ۽ ناھڪي ۾ آباد ٿي ويا.

 پر ڪن روايتن ۽ اھڃاڻن مطابق ته ان دؤر ۾ ڳوٺ ’ناھيانھون‘ ڦٽڻ کان پوءِ ناھيون قوم جا ماڻھو ٽن اھم گروھن (ڳوٺن) ۾ ورھائجي ويا، جن مان ھڪ ناھيانھون ڳوٺ خود، ٻيو مٿي ڄاڻايل حيدرآباد جي چئن ديھن وارو ڳوٺ، جنهن کي ”دڙي وارو ڳوٺ“ ٿو چئجي. ٽيون سڀ کان وڏو ۽ اهم ڳوٺ حيدرآباد/ مٽياري ضلع جي ديھ تاجپور ۾ شاھ الياس المعروف جيئي شاه بادشاه جي درگاه کان اتر اوڀر طرف، ٻن فرلانگن جي فاصلي تي شھداد فقير وارو ڳوٺ ھو، جتي سندن پڪيون جايون ۽ سرسبز زمينون ھيون. تنھن کان پوءِ وقت بوقت مختلف سببن ڪري، ٿوري ٿوري فاصلي تي پنھنجا ماڳ مٽائيندا ويا ۽ ننڍن گروپن جي شڪل ۾ ورھائبا ويا ۽ ھڪٻئي کان مائيٽيءَ ۽ مريديء ۾ الڳ  ٿيندا ويا.

ھتي ھڪ وضاحت ڪرڻ بيحد ضروري آھي ته ھن ڳوٺ جو اصل نالو پتو نه پئجي سگھيو آھي. پر پوءِ بلڪ گھڻو پوءِ ھن ئي پڊ جي ڀرپاسي ۾ شھداد فقير مڱڻھار پنھنجو ڳوٺ آباد ڪيو. ان ڪري صرف سڃاڻپ ۽ حوالي طور آئون (راقم( خود ھن ڳوٺ کي ”شھداد فقير وارو ڳوٺ“ لکي ۽ سڏي رھيو آھيان.

ناھيون ذات سمان دؤر جي پڇاڙي کان ڪلھوڙا دؤر تائين

شھداد فقير واري ڳوٺ سان لاڳاپيل احوال

جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي ته ڪلڪان جادوگرياڻي جي تڪليفن ڪري جڏھن ناھين جو پھريون ڳوٺ ناھيانھو ڦٽڻ لڳو ته ناھيون قوم جا ماڻھو ٽن اھم حصن ۾ ورھائجي ويا. ھڪڙا سڌو سئون سمان گھراڻي جي تختگاه سما نگر (ٺٽي) ڏانھن ھليا ويا ٻيا ٽنڊوڄام ڀرسان ’دڙي وارو ڳوٺ‘ آباد ڪري ويھي رھيا ۽ ٽئين گروھ جيڪو ڳوٺ آباد ڪيو اھو ھاڻوڪي ٽنڊوڄام، کيسانه موري ۽ ڀئنپورجي وچ تي جيئي شاه بادشاھ جي درگاه ڀرسان شھداد فقير وارو ڳوٺ ھو. ھن ڳوٺ ۾ موجوده وقت جي ڳوٺن جھڙوڪ خانپور، ڪنڊو ناھيون، راول ناھيون ۽ حاجي يار محمد ناھيون جي ماڻھن جا وڏا آباد ھئا، جيڪي شاه الياس جا عقيدتمند ھئا ۽ کيس ضلعي جو عام مختيار سمجھندا ۽ سڏيندا ھئا/ آھن(جيئي شاه بادشاه جي درگاه ٽنڊوڄام کان ٽي ڪلو ميٽر پري اتر اوڀر طرف آھي).

جيتوڻيڪ پوري پڪ نه پئجي سگھي آھي ته شاھ الياس، سنڌ جي ڪھڙي حڪمران دؤر ۾ ھتي آيو پر جيڪي روايتون ھلندڙ آھن، تن ۾ ڪن جي چوڻ موجب ته ستون سن (يعني سن ٧٠٠ھ کان ٧٩٩ھ تائين)، ڪن مطابق ته نائون سن ته ڪن موجب ٻارھون سن آھي. انھن ٽنھي روايتن مان نائين سن واري روايت لاءِ ڪافي پختا اھڃاڻ ملن ٿا جنھن ڪري ھن بزرگ کي سمان دؤر جي پڇاڙي ۽َ ارغون دؤر جي اڳياڙي واري عرصي جو چئي سگھجي ٿو.

شاه الياس سان منسوب بيشمار روايتن مان ھڪ روايت موجب ته جنھن ھنڌ ھينئر سندن درگاه آھي يا انجي آسپاس وڳڻ ذات جي ماڻھن جو پڻ ھڪ وڏو ڳوٺ موجود ھو، جنھن جي ڀر مان درياء به وھندڙ ھو. واللھ علم ته ڪهڙي سبب ڪري شاه صاحب وڳڻن کي اھو ڳوٺ خالي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ جڏھن وڳڻن انڪار ڪيو ته پاڻ کين اھو پاراتو ڏئي راتو واه ھتان ڪڍيو ته؛ ’آئون وڳڻن جي ھتان سؤ ڪوه تائين پاڙ ٿو پٽيان‘ ۽ تصديق آھي ته اڄ تائين چئني ڏسائن ۾ ان حد تائين وڳڻن جو ڪو به ڳوٺ موجود ناھي.

ھڪ ٻي روايت موجب ته ھڪ شام جو سمان قوم جي ڪجھ ماڻھن ڪٿان سفر ڪري رات پوڻ سبب اچي ٻيڙين جا پڳھ ھتي کوليا ۽ اتي ئي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو.

شايد ھي اھو زمانو ھو جڏھن سمان گھراڻي جي آخري حاڪم ڄام فيروز، ارغون گھراڻي جي مرزا شاه حسن سان ٻه جنگون لڙيون ۽ پنھنجي قوم جا ھزارين ماڻھو شھيد ڪرايا ۽ پاڻ ڪڇ ڏانھن ڀڄي ويو (تاريخ سنڌ-٣ ص ١۴۸). اھڙيءَ طرح ٺٽي ۽ آسپاس ۾ رھندڙ سماٽ قوم جا ماڻھو (سمان، ناھيان وغيره)، ھڪ ڀيرو ٻيھر ٺٽو ۽ آسپاس ڇڏي، ڪڇ ۽ سنڌ جي ھيٺئين ۽ وچئين علائقي ڏانھن پناه لاءِ ڀڄڻ لڳا. يا شايد اڃا به ان کان گھڻو پوءِ. . .؟!

بھرحال روايت موجب ته جتي سمن اچي پڙاء ڪيو اتي ئي ڀر ۾ شاه صاحب پنھنجي آستاني ۾ باھ ٻاريو ويٺو ھو، انڪري سمن مان ڪو ٽانڊو کڻڻ لاءِ بزرگ وٽ لنگھي آيو. شاھ الياس صاحب جن ٽانڊو ان شرط تي ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا ته ’اوھين ھميشه لاءِ اتي ئي رھندا‘. ان شخص عرض ڪيو، ’قبلا اسين وڻجارا آھيون ۽ جيئن ته ھتي اسانجي ڪا به واقفيت ڪانھي، ان لاءِ ھتي ھميشه رھڻ کان قاصر آھيون“. انھي جواب تي شاه صاحب ٽانڊي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ سمون موٽي ويو.

آخر ڪار سمن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته؛ ’رھنداسين پاڻ ھونئن ئي ڪو نه پر بزرگ سان ھائوڪار ڪري في الحال ٽانڊو کڻجي‘. اھڙيءَ طرح ان صلاح تحت ھنن ٽانڊو حاصل ڪيو ۽ رات پيٽ ۾ ھلڻ جو ارادو ڪيو، پر ٻيڙا ھليا ئي ڪو نه. جڏھن ته ڪن روايتن موجب ڪافي سفر ڪيائون، پر صبح جو ڏسن ته اتي جو اتي! اھا ڳالھ ٽن ڏينھن تائين جاري رھي ۽ پوءِ آخرڪار سمن جي ھن قافلي ۾ موجود ھڪ عورت، جا به اللھ لوڪ دورويش ھئي (جيڪا بعد ۾ شاھ صاحب جي خدمتگار بني ۽ سندس قبر اڄ به درگاه اندر سندس سيرانديءَ کان موجود آھي) تنھن سمن کي سمجھايو ۽ ان طرح سمان جيئي شاه بادشاھ وٽ ئي رھي پيا. ڪافي عرصي کان پوءِ ھڪ ڏينھن سمان شاه صاحب وٽ عرضي ٿي آيا ته ’ھتي اسانکي زمين ڏياريو ته جيئن اسين پنھنجو گذر آسانيءَ سان ڪري سگھون. جنھن تي بزرگ ناھين کي، جيڪي آسپاس جي زمينن جا مالڪ ھئا، انھن کي اڌ زمين ڏيڻ لاءِ چيو. پر ناھين انڪار ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته انهن ناھين ۾ به ڪا عورت ’اللھ لوڪ درويش‘ ھئي (جنھن جي قبر جيئي شاه جي قبرستان جي بازار ۾ اڄ به موجود آھي) ان جي سمجھائڻ تي ناھيان ان شرط تي زمين ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا ته ’بيٺل فصل (ڪن جي چوڻ موجب ڄانڀو ۽ ڪن موجب ٻاجھر) کي ھڪڙي پاسان سمان لڻن ۽ ٻئي پاسان ناھيان، پوءِ ٻئي ڌريون جتي اچي رسنديون، اتي ٻنو ڏئي، زمينون کين ڏنيون وينديون‘.

باوجود جو ناھيان سمن کان اڪثريت ۾ ھئا. پوءِ به سمان ناھين جي توقعات کان وڌيڪ فصل لڻي ويا ۽ زمين جي دنگ جو ٻنو ناھين جي ڳوٺ جي بلڪل ڀر ۾ ڏنو ويو. اھڙيءَ طرح سمان اتي ھميشه لاءِ ڳوٺ ٻڌي ويھي رھيا، جي اڄ به موجود آھن. پر بعد ۾ ناھين اھو گوارا نه ڪيو ته ڪو سمان سندن گھرن ڀرسان ۽ درن سامھون ٻنيون ڪاھين، ان لاءِ ھنن اھو آباد ۽ پڪو ڳوٺ، ھميشه لاءِ ڇڏي ڏنو. جن مان ھڪ وڏو تعداد ڀرواري آباد ’دڙي واري ڳوٺ‘ ڏانھن ھجرت ڪري ويو ۽ باقي جن جي وابستگي مٿي ذڪر ڪيل موجوده ڳوٺن سان آھي، مختلف گروھن جي صورت ۾ مختلف پڊ مٽائيندي ھاڻوڪين جاين تي اچي آباد ٿيا. روايت ۾ اھو به شامل آھي ته شاه صاحب جي انھيءَ ڳالھ مڃڻ کان پوءِ پاڻ ناھين توڙي سمن کي مختلف دعائون ڪيون ۽ چيو ته اگر سمن کي ڪا ڏکي پوي ته منھنجي سيراندي کان دعا گھرن ۽ اگر ناھين کي دعا گھرڻي ھجي ته منھنجي پيراندي کان دعا گھرن‘. انڪري اڄ به ھتي اِھا چوڻي عام آھي ته؛ ”سمن جي سيراندي ۽ ناھين جي پيراندي“.

جيتوڻيڪ اھو چوڻ مشڪل آھي ته ھيءَ ڳوٺ ڪھڙي سن کان وٺي ڪھڙي سن تائين آباد رھيو. پر ايترو اندازو ضرور لڳائي سگھجي ٿو ته ھيءُ ڳوٺ مخدوم ساھڙ پير لنجار جي حياتيءَ واري عرصي ۾ قائم ۽ دائم ھو، جو ناھيون قوم جا ماڻھو پوري سنڌ، (بالخصوص شھداد فقير جي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ) پيري مريديءَ ڏانھن راغب ٿيڻ کان پوءِ ڪو وقت مخدوم ساھڙ پير لنجار (وفات ٩٨٠ ھ) جا مريد پڻ ٿي رھيا. جنھن جا عوامل ۽ اسباب ته معلوم ٿي نه سگھيا آھن پر ھن بزرگ لاءِ مشھور آھي ته پاڻ، ’ناھين‘ جي مريد ٿيڻ بعد، اھو فرمودو يا مريديءَ جو شرط ناھيون قوم تي رکيو ھيائون؛ ”سڀئي ناھيان سھو نه کائين، پر جيڪڏھن سھو ڪنھن وٽ قيد به ڏسن تي پنج پئسا ڏئي (شايد ان دؤر ۾ سھي جي قيمت يا رائج سڪي جي قيمت) سھي کي ڇڏائين.“ ان فرمودي جو پس منظر به معلوم نه ٿي سگھيو آھي.

دڙي واري ڳوٺ ۽ ٻين لاڳاپيل ڳوٺن جو احوال

ڳوٺ ’ناھيانھون‘ ڦٽڻ کان پوءِ شھداد فقير واري ڳوٺ کان علاوه موجوده ٽنڊوڄام ڀرسان جيڪي ناھين جا راڄ آباد ھئا، انھن ۾ روايت موجب ته ناھيان چار پاڻ ۾ ڀائر ھئا، جن جو اھل اولاد ھڪٻئي کان ٿوري ٿوري فاصلي تي جدا جدا ڳوٺ ٻڌي زمين جا وڏا ٽڪر آباد ڪندا ۽ مال پاليندا ھئا. اھي چار ڀائر ھوٿي، پساھيو، راھو ۽ راڄو ھئا.

اڄ به تعلقي حيدرآباد ۾ ٽنڊوڄام ڀرسان ئي انھن چئن ڀائرن جي نالن پويان چار الڳ الڳ ۽ ھڪٻئي سان لڳولڳ ديھون آھن، جيڪي ھيٺين نالن سان سڏجن ٿيون: ھوتڪي، پساھڪي، راھڪي، ۽ راڄپاري انھن چئني ڳوٺن ۾ جيڪو وڏو ڳوٺ آباد ھو، اھو ’دڙي واري ڳوٺ‘ نالي سان مشھور ھو (جيڪو يا ته مٽيءَ جي ڪنھن وڏي دڙي تي يا دڙي جي ڪوڀ ۾ آباد ھو).  ھي ڳوٺ ’پساھيو‘ جو ھو، جنھنجي اردگرد سندن جاگير ھئي. موجوده وقت ڳوٺ ارباب احمد خان وارن ناھين جو وڏو انگ ’پساھيو‘ جو اولاد آھن، جڏھن ته ڳوٺ ’سڄڻ ناھيون‘ جا ناھيان ’راڄي‘ جو اولاد آھن. اھڙي طرح ‘ھوٿي’ جو اولاد ڳوٺ محمد ابراھيم تعلقي سجاول وارا ناھيان آھن ۽ ’راھو‘ جو اولاد پڻ ضلعي ٺٽي جي ئي ڪنھن ڳوٺ جا ناھيان چيا وڃن ٿا.

’پساھيو‘ جي مرڻ بعد سندس رياست جو مالڪ ’ٺريو‘ کي بنايو ويو (سندن رشتي جي ڄاڻ نه پئجي سگھي آھي) ۽ کيس راڄ جي پڳ ٻڌرائي ’ارباب‘ جو لقب ڏنو ويو.

انھن ڏينھن ۾ سندن ڳوٺ کان ڏکڻ اوڀر طرف ڪجھ فاصلي تي سيد ابڙو سنگھار، ڪاني ڪرامت جو صاحب ۽ وڏو مالوند ماڻھو ھو. (’سنگھار‘ جو لقب پڻ انهيءَ پس منظر ۾ آھي ۽ سندس مزار تعلقي حيدرآباد جي ديھ ڪنر ۾ موجوده ڳوٺ حاجي درياءَ خان ناھيون کان ھڪ ڪلوميٽر پري اولھ طرف آھي. روايت مطابق ته سيد ابڙي سنگھار جو مال، ھميشه ارباب ٺريي جي پوک ڀيلي ويندو ھو ۽ ارباب ٺريي جي ڪافي چوڻ جي باوجود، پاڻ ان طرف ڪو ڌيان نه ڌريائين. ھڪ ڀيري پوک ڀيلڻ تي ارباب ٺريي، سندس مال ڪاھي، ڍڪ ۾ ڏئي ڇڏيو. جنھن بعد ارباب ٺريي جي ڀاڻيجي ارباب ستابي، اھو مال ڪاھي وڃي سيد ابڙي سنگھار حوالي ڪيو. جنھن تان سيد ابڙي سنگھار، ارباب ٺريي کي پاراتو ۽ ارباب ستابي کي ھيٺين ريت دعا ڪئي:

’ٺريو وڃي ٻريو، ستابي جو ڀاڳ وريو‘.

اھڙيءَ طرح ارباب ٺريي جي بي اولاد مري وڃڻ بعد ارباب ستابي کي راڄ جي پڳ پارائي رياست جو مالڪ بنايو ويو.

ارباب ستابي جي ڏينھن جي روايت آھي ته جتي اڄ حيدرآباد جو نارا جيل موجود آھي، اتي يا انجي آسپاس ’ناريجا‘ قوم جو ھڪ وڏو ڳوٺ موجود ھو، جتان کان وٺي ٽنڊوڄام جي اردگرد جتي چئن ناھين ڀائرن جون ننڍيون رياستون ھيون، اوسيتائين چئني طرف ناريجن جي سلطنت ھئي. (موجوده تعلقي حيدرآباد ۾ مٿي ڏسيل چئن ديھن سان گڏوگڏ ديھ ناريجاڻي پڻ آھي.) جنھن ۾ سندن چار مددگار قومون؛ ناھيان، سمان ۽ ٻه نامعلوم سماٽ قومون چيون وڃن ٿيون. روايت موجب ته ناريجي سردار انھن چئني قومن جي ماڻھن کي گھرائي چيو ته ’آئون اوھان چئني سان مائٽي ڪرڻ گھران ٿو، انڪري مون کي (خود کي) ھڪ ھڪ سڱ ڏيو.‘ جيئن ته ناريجو طاقتور ھو، انڪري ڪو به انڪار ڪري نه سگھيو. اھڙي طرح ٻن قومن مان ناريجو سردار شادي ڪري ويو ۽ ھاڻ وارو پھرين ناھئين جو ۽ تنھن کان پوءِ سمي جو ھو.

جيئن ته ھن سڱابندي ۾ راضي ڪير به ڪو نه ھو، پر ناريجي سان سامھون ٿيڻ لاءِ ڪو به تيار ڪو نه ھو. پر جڏهن وارو ناھئين جو آيو ته ھن سمي کي ساڻ ڪري صلاح مصلحت ڪئي، جنھن ھن سان ھر سھڪار ڪرڻ جي حامي ڀري. انھن ڏينھن ۾ راڄن تائين دعوتن پھچائڻ کان وٺي، ڀٿ پوت جو انتظام ڪرڻ ۽ آيلن جي آڌرڀاء کان وٺي شغل شادمانا ڪرڻ تائين، مطلب ته شاديءَ جا سارا انتظام مڱڻھار مڪمل ڪندو ھو. ان لاءِ راڄ جي مڱڻھار کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو.

اھڙي طرح ناريجي سردار کي بي خبر رکي طئي شده تاريخ مطابق شاديءَ جا ڪل انتظام مڪمل ٿيڻ لڳا. وڏا وڏا لوڙھا، ويڙھن جي صورت ۾ (اڳ جي رواج موجب ۽ اڄ جي شاميانن وانگر) عورتن لاءِ جدا ۽ مردن لاءِ جدا ڏياريا ويا ۽ لوڙھن پٺيان وڏيون خندقون کوٽيون ويون.

پروگرام موجب ناريجو ڄڃ وٺي آيو. عورتن کي الڳ ۽ مردن کي الڳ ويھاريو ويو. ناھيان ۽ سمان ڪنوارتين جيان نماڻا بڻجي، واڙي کان ٻاھر تلوارون جھلي بيھي رھيا. مڱڻھار ڄڃ جي خدمت چاڪري ۾ لڳي ويو ۽ چلم پاڻيءَ جو بندوبست ٿيڻ لڳو.

رٿ موجب مڱڻھار (نالي ماڻڪ فقير) چلم جي ٽانڊي واري ٽوپي مردن واري ويڙھي ۾ ٿيڙ کائڻ جي بھاني کڻي لوڙھي تي اڇلي. جنھنڪري ھڪدم باھ ڀڙڪي اٿي ۽ مردن وارو سڄو راڄ، باھ ۾ ٻرڻ لڳو. جيڪي واڙي مان ڀڄي ٻاھر نڪتا، سي کاھيءَ ۾ ڪريا ۽ انھن کي اتي ئي ماريو ويو. ان طرح ماڻڪ فقير مڱڻھار، پنھنجو سر قربان ڪري ناھئين ۽ سمي جون عزتون بچايون. ان ماڻڪ فقير جا پويان، اڄ به تعلقي ٽنڊوالھيار جي ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار ۾ آباد آھن ۽ پشت به پشت حيدرآباد ضلعي جي تقريبًا ناھين جا ’راڄ جا فقير‘ رھندا پيا اچن.

ناريجو جو ناھئين کان سڱ گھرڻ واري روايت ڪن مطابق ته ارباب ستابي کان ھئي ۽ ڪن موجب ته راھو ۽ ھوٿي کان ھئي (جيڪا مستند مڃي وڃي ٿي). جيڪي بعد ۾ ان ڪھاڻيءَ جي انجام کان پوءِ، خوف سبب، پنھنجي اصلو ڪن پڊن تي رھي نه سگھيا ۽ ھتان کان ڪوچ ڪري سڌا ٺٽي طرف ھليا ويا.

ارباب ستابي جي وفات بعد، جڏھن سندس پٽ ارباب محمد علي راڄ ۽ رياست سنڀالي، انھن ڏينھن سنڌ مٿان مدد خان پٺاڻ جي يلغار ھئي. (لب تاريخ سنڌ جي مصنف، مدد خان جي ڪاه جو دؤر ١١٩۴ھ بمطابق ۱۷۸۰ع ۾ لکيو آھي). انھيءَ ڦرلٽ کان بچڻ لاءِ ’دڙي وارو ڳوٺ‘ ڦٽي ويو، جن مان ڪي ھاڻوڪي کيسانه موري لڳ ’وسئين واري ڳوٺ‘، جيڪو موجوده وقت راول ناھيون جو ڳوٺ ٿو سڏجي، اچي رھيا. ڪي ٽنڊوڄام کان ڏکڻ طرف ٻه ڪلوميٽر پري ھاڻوڪي ’سڄڻ ناهيون ڳوٺ‘ ۾ اچي آباد ٿيا. ڪي لاڙ ۾ ٺٽي، سجاول ۽ ڏندي ھليا ويا ۽ باقي راڄ ارباب محمد علي جي اڳواڻي ھيٺ، ٽنڊوڄام کان تقريبًا اڍائي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف اچي آباد ٿيو. انھيءَ ڳوٺ جو نالو ارباب محمد علي سڏجڻ ۾ آيو. جنھن جڳھ تي ھي ڳوٺ آباد ٿيو، اتي ھڪ بڙ جو وڏو وڻ به ھو، انڪري ھي ڳوٺ ”بڙ جو ڳوٺ“ نالي پڻ عام ٿيو. جيڪو بعد ۾ گذريل صديءَ جي آخر کان ئي ارباب محمد علي بدران، ڳوٺ ارباب احمد خان سڏجڻ ۾ آيو.

وڏيري گل حسن ۽ ٻين پسگردائي وارن ڳوٺنجي ناھين جو ٺٽي ضلعي ۾ اچڻ ۽ رھائش اختيار ڪرڻ

ٺٽي ضلعي ۾ موجود ناھين جي ڪجھ ڳوٺن جھڙوڪ؛ ڳوٺ وڏيرو گل حسن، ڳوٺ محمد ابراھيم ۽ پسگردائي وارن ٻين ڳوٺن جو، دڙي واري ڳوٺ ۽ ٻين لاڳاپيل ڳوٺن کان ٺٽي ڏانھن ڪوچ ڪرڻ جو سبب ھڪ ته ناريجي سردار جو سڱ گھرڻ ۽ ٻيو مدد خان پٺاڻ جي ڪاه چئي سگھجي ٿو. ياد رھي ته ٺٽي شھر جا موجوده ناھيان، ڪڇ کان سنڌ اچڻ تي، سمن سان گڏ گڏ پھرين ئي ھاڻوڪي ٺٽي شھر پھچي چڪا ھئا ۽ ڪي واري ڳوٺ ناھيانھون ڦٽڻ کان پوءِ درجي به درجي ساڻن شامل ٿيندا ويا. جن مان ڪي گھر وقت ۽ حالتن پٽاندر ڪوچ ڪري وڃي ڪراچيءَ ۾ مستقل مقيم ٿيا آھن. اھڙيءَ طرح ھاڻوڪي تعلقي ٽنڊو محمد خان ۾ آباد ناھين جي ڳوٺن کي پڻ مٿين ڳوٺن جي ڦٽڻ ۽ ڄاڻايل سببن ڪري ھتي ڪوچ ڪري آيل سمجھڻ گھرجي.

بھرحال روايت مطابق ته دڙي واري ۽ لاڳاپيل ڳوٺن ڦٽڻ کان پوءِ، سن ۱۷۸۴ع ۾ ٽي ڀائر؛ ڪمال، ڪنڊو ۽ بخشو ھڪ ڀيڻ سميت ھاڻوڪي غلام اللھ شھر کان تقريبًا ۸ ڪلو ميٽر پري، ڏکڻ اولھ طرف ھاڻوڪي ديھ ڪيھڪي ۾ اچي آباد ٿيا. ھنن ۾ ڪمال وڏو دلير ۽ نامي گرامي ڌاڙيل ھو، جنھنجو ڌاڪو پري پري تائين مشھور ھو.

جسماني طرح پاڻ ھلڪو ۽ ظاھري طرح نھايت سادو لڳندو ھو. مٿي تي پراڻي پوتڙي جي ٻڌل ڀينڊي، سندس خاص نشاني ھئي. وٽن گذر بسر ڪرڻ لاءِ ڪا به زرعي زمين ڪا نه ھئي ۽ سندن گذران ھڪ ته مال پالڻ سان ۽ ٻيو ڪمال جي ڌاڙن ۽ ڦرن مان ھٿ ڪيل زر تي ٿيندو ھو.

انھن ئي ڏينھن ۾ ۽ اڄ به ديھ مھر، تپو گھوڙا ٻاڙي ۾ ٻڍاڻي قوم جو ھڪ وڏو ڳوٺ آباد ھوندو ھو. ڳوٺ جو وڏو، چڱو خاصو زبرو زميندار ۽ مالدار ھو. ھڪ دفعي جو ذڪر آھي ته ڪمال ڪٿان موٽندي شام جي وقت، ھُن جي ڳوٺ ڀرسان گذريو ته ان وقت ٻڍاڻي سردار ٻين سان گڏ ڳوٺ کان ٻاھر اوطاق تي ڪچھري ۾ لطف اندوز ھو. ڪمال تي نظر پوندي ئي، سندس سڃاڻپ متعلق حاضرين کان پڇائين. اڪثريت کيس يقين ڏياريو ته؛ ’اھو ڌاڙيل ڪمال ناھيون آھي.‘ پاڻ انوقت ئي پنھنجي خدمتگارن کي ڪمال تي ڪتا ڇڏڻ جو حڪم ڪيائين. حڪم جي بجا آوري ٿي ۽ ڪتا ڪمال کي وارئي ويا. جن مان جيئن تيئن ڦٿڙي سٿڙي جان ڇڏائي ھو ٻڍاڻي سردار وٽ پھتو ۽ کيس چيائين؛ ’جيڪڏھن تو کي مون کان شڪايت ھئي ته مونکي سڏي چوين ھا، پر تو مون تي ڪتا ڇڏي سٺو نه ڪيو آھي. جي مڙس ھوندس ته تو کان ان جو پلئه ضرور ڪندس‘.

ڪافي ڏينھن گذرڻ کان پوءِ، ڪمال جي دل ۾ ٻڍاڻي سردار کان پلاند وٺڻ جو پھ پڪو ٿيو ۽ پاڻ اوڏانھن روانو ٿي ويو. ٻڍاڻين جي ڳوٺ، خاص طور تي سردار جي گھر کي، ڪچو ڪوٽ آيل ھو، جيڪو ٽپي، سندس گھر اندر سندس سمھڻ واري ڪمري ۾ داخل ٿيو. ان وقت ٻڍاڻي، پنھنجي گھرواريءَ سان گڏ ننڊ ۾ آرامي ھو. روايت مطابق ته ٻڍاڻي سردار ھڪ دنبو (گھيٽو) ڏاڍي چاھ سان پاليو ھو، جنھن جي سڱن تي سونن کوپن سان ھڪ تاج ھميشه چڙھيل رھندو ھو ۽ اھو گھيٽو ٻڍاڻي جي خوابگاھ جي در تي ٻڌل رھندو ھو. بھرحال ٻڍاڻي سردار کي عورت سان گڏ ستل ھئڻ جي صورت ۾، نه ته مارڻ مناسب سمجھيائين ۽ نه وري کيس جاڳائڻ روا سمجھيائين. ان ڪري نشاني طور، سردار جي ڀت سان ٽنگيل تلوار مياڻ مان ڪڍي، سندس پاسي کان ۽ گھيٽي جي مٿي تان تاج لاھي، سندس سيرانديءَ کان رکي، پاڻ گھيٽو کڻي واپس ڳوٺ ھليو آيو.

صبح جو سجاڳ ٿيڻ تي ٻڍاڻي سردار ھيءَ وارتا ڏسي، حيران رھجي ويو ۽ غصي ۾ اچي ان وقت جي حڪمران سپاھ (پوليس يا فوج) وٽ فريادي ٿيو ۽ کين ساڻ ڪري ڪمال جي ڳوٺ تي ڪاھي آيو. ڪمال پاڻ ان وقت گھر ۾ ئي موجود ھو. جنھن پنھنجي ٻئي ڀاءَ کي چيو ته؛ “مھمانن کي گھيٽو ڪھي، رڌي پچائي ماني کاراءِ. پوءِ آئون پاڻ اچي ساڻن ملان ٿو.” سندس ڀاءُ ائين ئي ڪيو. تنھن بعد ڪمال پاڻ به آيو، جنھن کي ڏسي خود سپاه کي به يقين نه آيو ته ’ھيڏو ڌاڪو ڄمائيندڙ ڌاڙيل ڪمال، ھيءُ ئي ٿي سگھي ٿو!؟‘ بھرحال ڪمال اچي پيش پيو ۽ عرض ڪيائين ته؛ ”ڪنھن به ڪارروائي ڪرڻ کان پھرين سندس ڳالھ ضرور ٻڌي وڃي“. ٻڍاڻي سردار ۽ سپاھ جي اڳواڻ جي اجازت سان، ھن پنھنجو بيان ڪتا ڇڏڻ واري ڳالھ کان شروع ڪيو ۽ پوءِ سردار کي نه مارڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته؛ ”ھن جيئن ته نياڻي (عورت) کي سردار سان گڏ ستل ڏٺو، ان ڪري کيس مارڻ مناسب نه سمجھيو ۽ ان ئي نياڻي مھابي کيس ڇڏي ھليو آيو“. اھا ڳالھ ٻڌي ٻڍاڻي سردار، ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ نه صرف ڪمال کي معاف ڪيائين، پر خود به معافي وٺي، ساڻس پڳ مٽ ياري پڻ رکيائين، جا اڄ تائين ٻنھي جي پوين ۾ پڻ خوشي توڙي غمي ۾ ھڪ ٻئي وٽ اھل عيال سميت اچڻ وڃڻ سان قائم ۽ دائم آھي.

ھن واقعي کان ڪو عرصو پوءِ، ڪمال ڪنھن طرف ڌاڙي تي ويو. جتي جھلجي پيو ۽ ڀاڳين کيس خوب ماريو ڪـٽيو. آخر ۾ قميص لھرائي، سندس ڇاتيءَ تي باھ ۾ تتل ڪوڏر رکي ويئي. ان عذاب کيس جھوري وڌو ۽ پاڻ دل جي جذبات طور اتي ھڪ شعر چيائين جيڪو ھن ريت آھي.

’ساه اچين ته اچ، وڃين ته وڃ،

نه  ته ڪانھي  ڪاڻ  ڪمال  کي.‘

اھو ڌاڙو ۽ سزا، ڪمال جي زندگيءَ جا آخري ڏينھن ثابت ٿيا. ڪي ٿورا ڏينھن پاڻ ڳوٺ ۾ معذورن جيان رھيو ۽ ڌاڙي مان ھٿ ڪيل سموري ملڪيت، ڀائرن جي حوالي ڪري، کين چيائين ته؛ ’ھو ٻڍاڻي سردار وٽ وڃن ۽ کيس چون ته هن مان سندن لاءِ زمين خريد ڪري.‘ جنهن تي ٻڍاڻي سردار، دوستيءَ جو حق نڀائيندي، ھاڻوڪين ديھن؛ ناھڪي، ڪيھڪي، ڇڇ ساھڙڪو، ابراھيم شاھ، ڄامائي ۽ ٻارو سري ۾ لڳ ڀڳ چاليھ ھزار ايڪڙ زمين خريد ڪري، سندن حوالي ڪئي، جا اڄ به سندن پوين ۾ حصن ۽ پتين تحت ورھائبي پئي اچي.

بعد ۾ ھنن ناھين مان ئي فقير عبداللھ ناھيون جا، تعلقي ميرپور ساڪري ۾ غلام اللھ شھر جوڙائيندڙ تاجپوري نواب غلام اللھ (وفات ١٢٥٣ھ بمابق ۱۸۳۸ع) سان، جيڪو مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي ڏينھن ۾ ٿرپارڪر جو گورنر ھو، تمام سٺا دوستي جا لاڳاپا رھيا ۽ کيس غلام اللھ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ وقت، ھر طرح جي مدد ڪيائين. سندس ذڪر، ڪتاب ’ڪلام نواب ولي محمد لغاري‘ ۾ مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ھيئن ڪيو آھي: ’ھڪ روايت موجب فقير غلام اللھ، غلام حيدر فقير ’تيرھيو‘، عبداللھ فقير لغاري تاجپوري، فتح فقير خان ٽالپور، فقير عبداللھ ناھيون ۽ لڌو فقير عرف لالو پاڻ ۾ صحبتي ھئا.‘

شاه عنايت رضوي ۽ فقير جيئندو ناهيون بابت هڪ روايت

شهداد فقير وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ، ناهين جو ڪجھ راڄ ته دڙي ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن ڏانهن هليو ويو ۽ باقي راڄ جو وڏو حصو موجوده کيسانه موريءَ کان هڪ ڏيڍ فرلانگ جي فاصلي تي اتر طرف ڳوٺ ‘ماڪن ناهيون‘ آباد ڪري ويهي رهيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ “فقير جيئندو ناهيون” نالي، هڪ سٺو قادرالڪلام شاعر پڻ موجود هو جيڪو موقعي ۽ مناسبت سان في البديع شعر چوندو هو. هن ڳوٺ کان ٻه اڍائي فرلانگ پري کيسانه موري کان ڏکڻ طرف ’گهوٽاڻو‘ قوم جو پڻ هڪ ڳوٺ آباد هو، جنهن ۾ به اهڙو ئي هڪ گهوٽاڻو شاعر رهندڙ هو، جنهنجو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هي ٻئي ڳوٺ پوءِ مدد خان پٺاڻ جي ڪاھ وارن ڏينهن ۾ ڦٽي ويا. پر کيسانه موري وٽ، جتي روهڙي ڪئينال اچي ختم ٿئي ٿو ۽ مختلف شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو، اتي اولھ ڏکڻ واري شاخ اڄ به گهوٽاڻن جي ڳوٺ پٺيان ”گهوٽاڻا مائينر“ ٿي سڏجي.

انهي ساڳئي دؤر ۾ نصرپور ۾ ميون شاه عنايت رضوي شاعري جي دنيا ۾ هڪ وڏو نالو هو، جيڪو پڻ في البديع شعر چوندو هو ۽ هر ڳالھ ۽ ڪاني ڪرامت پڻ، شعر ذريعي ڪندو هو. جيتوڻيڪ شاه عنايت صاحب جي ڄم يا وفات جي تاريخ ۽ سن نه ملي سگهيو آهي، پر صرف ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته پاڻ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جا همعصر شاعر هئا (جيڪو ڪلهوڙا دؤر جو شاعر هو). ان ڪري هن روايت کي به مغلن جي آخري دؤر يا ڪلهوڙن جي شروعاتي دؤر ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

هڪ ڀيري ميون شاه عنايت نصرپوري، مٿين ٻنهي شاعرن جو نالو ٻڌي، ساڻن شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ خاطر، وٽن مهمان ٿي آيو. پهريائين پاڻ گهوٽاڻي وٽ ويو، جيڪو نهايت مغرور هو. شاه عنايت کيس شعر ٻڌائڻ لاءِ چيو. پر گھوٽاڻي چيو؛ ’پهرين اوهين شعر ٻڌايو.‘ جنهن تي شاه عنايت گهوٽاڻي کان پڇيو ته؛ ’تون ڪير آهين؟‘

گھوٽاڻي فخر سان چيو؛ ’آئون ائيٿ تارو آھيان.‘ شاھ عنايت ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ھيٺيون شعر چيائين:

’اڀريو  ائيٿ  تارو،  لقاپور  مٿان،

ستر گز سمونڊ ۾، سوسي ڪڍي ساه،

گھوٽاڻا اٿئي گھاءُ، پھرين سٽ پڙ ۾‘.

روايت مطابق ته اھو شعر ٻڌڻ سان ئي گھوٽاڻو پڙيءَ تي مري ويو. اتي گھوٽاڻي جي ماءُ ڊوڙي آئي ۽ شاه عنايت کي چيائين ته؛ ”تون ائين منھنجي پٽ کي ڪو نه مارين ھا. پر جيئن ته صرف ھڪ دفعو ان کي بنا مسح جي کير پياريو ھئم، ان ڪري تون ھن تي اھو وار ڪري سگھيو آھين.“

ان کان پوءِ شاه عنايت، فقير جيئندي ناھيون ڏانھن رخ ڪيو. جيئندي کي گھوٽاڻي بابت اڳيئي خبر پئجي چڪي ھئي ۽ پاڻ ڊڄي گھر ۾ اناج جي گندي اندر گھڙي ويھي رھيو. شاھ عنايت کيس اعتماد ۾ ورتو ۽ کيس، اناج جي گنديءَ مان ٻاھر اچي، شعر پڙھڻ لاءِ چيو. جيئندي چيو؛ ’قبلا پھرين اوھين شعر پڙھو.‘ پر شاه عنايت جي زور ڀرڻ تي، فقير جيئندي ڊڄندي ڊڄندي نماڻائي مان ھي شعر پڙھيو.

’ٻني سڀ شاه جي، ٻني سڀ شاه جي،

لاھيارو لڻي ڪھڙي ڪندو ريس راه سان.‘

شاه صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دعا طور سمورن ناھين لاءِ ھي بيت چيو

’ناهيان سڀ نوازيئي، ڪري ڀلايون ڀال،

جنھن لڳ اللھ، وار نه  ونگو تن  جو.‘

ائين پوءِ ميون شاه عنايت موڪلائي ھليو ويو.

چون ٿا ته فقير جيئندي جو ڪافي شعر يا ته ھمعصر شاعرن جي ڪلام سان ملي پنھنجي اصليت وڃائي ويٺو يا وري ڪو مناسب لکاري نه ملڻ ڪري اڄ تائين محفوظ نه رھي سگھيو ان واقعي کان پوءِ ناھين جا پڻ ڪيترا گھراڻا اڄ تائين شاه عنايت جا مريد رھندا پيا اچن.

حيدرآباد شھر ۾ ’ناھين جي پڙ‘ جو مختصر احوال

گورنمينٽ اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (مين) حيدرآباد، جي زير نگراني شايع ٿيندڙ ٻه-ماھي رسالي ’اخبار تعليم‘ جي نومبر ڊسمبر ۱۹۹۳ع جي پرچي (جلد ۱۲) ۾ ھڪ مضمون ”حيدرآباد جا تاريخي ماڳ“ جي سري ھيٺ سيد عبداللطيف شاه جو لکيل آھي، جنھن ۾ پاڻ ڪلھوڙن جي دؤر جو ذڪر ڪندي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:

”جنوري ۱۷٦۷ع ۾ قديم نيرون ڪوٽ واري ايراضي تي ھڪ نئون قلعو ٻڌايو ويو، جيڪو اڄوڪي حيدرآباد جو بنياد پڻ آھي. قلعي ٺھڻ کان پوءِ ميان غلام شاه اتي رھائش به اختيار ڪئي ۽ شاندار شھر جو بنياد رکيو. جيڪو اڳتي ھلي حيدرآباد جي نالي سان ملڪان ملڪ مشھور ٿيو. حيدرآباد شھر جي آباد ٿيڻ بعد ميان غلام شاه جي پٽ ميان سرفراز ڪيترائي شھر پڻ جوڙايا. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ قلعي جي ڀرپاسي ذات جا ناھيان ۽ گوله رھندا ھئا، ليڪن ھاڻوڪي حيدرآباد ۾ ذات پات جو ڪو ڪاٿو رھيو ئي ناھي ۽ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي آھي……..“

مٿيئن حقيقت جي پيش نظر ’ناھين جي پڙ‘ يا حيدرآباد شھر سان ناھيون ذات جي وابستگي وارو عرصو ’ڪلھوڙا دؤر‘ کان وٺي ڳڻي سگھجي ٿو. قديم حيدرآباد ھونئن به مختلف پڊن ۽ پڙن ذريعي سڃاتو وڃي ٿو. جيئن؛ واڍن جو پڙ، ڪورين جو پڙ، ڪاسائين جو پڙ، ناھين جو پڙ وغيره. جيڪي نه صرف ھن شھر جي قدامت جو اھڃاڻ پر سندس اصلي رھاڪن ۽ بنياد رکندڙن جو، بنا ڪنھن تمھيد جي، پڪو ثبوت پڻ آھن.

حيدرآباد جي ان ناھين جي پڙ ۾، ڳوٺ ناھيانھون کان سڌو سنئون آيل ناھين کان علاوھ ڪجھ گھر شھداد فقير واري ڳوٺ کان ته ڪجھ گھر دڙي ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن کان ۽ ان کان علاوه، نوابشاه ضلعي ۾ موجود ناھين جي ڳوٺ، (جيڪو عرف عام ۾ ”گدڙ وارو ڳوٺ“ ٿو سڏجي) جا ناھيان پڻ شامل ھئا. بعد ۾ ضلعي ٽنڊوالھيار جي موجوده ڳوٺ الھڏنو ناھيون مان ڪي گھر به اچي آباد ٿيا. جنھن سان ناھين جو پڙ پڻ، ھڪ چڱو خاصو ڳوٺ بنجي ويو. جتي مختلف مذھبي تھوارن مطابق ڪڏھن مولودن جون محفلون ته ڪڏھن نڙ بيتن ۽ سگھڙن جي سٿ لڳل رھندي ھئي. محرم الحرام جي ڏھاڙي ۾، پڙ نڪرڻ سان گڏوگڏ ننگر نياز به خوب ٿيندا ھئا. مطلب ته ذات پات ۽ مذھبي مسلڪن کان ھٽي ڪري، ھر تقريب وڏي ادب ۽ اھتمام سان ملھائي ويندي ھئي. جيڪو سڀ ڪجھ حيدرآباد بنجڻ کان وٺي ڪجھ سال اڳ تائين، جيئن جو تيئن، قائم ھو. ھتي ناھيون قوم جا ماڻھو پشت به پشت رھندا پئي آيا. تانجو اچانڪ ۱۹۸۰ ۽ ۱۹۹۰ع واري ڏھاڪي ۾ لساني فساد ٿيا ۽ سڀ ڪجھ ھڪ خواب بنجي ويو. اڄ به جيتوڻيڪ نشريات ۽ اشاعت ۾ حيدرآباد جي ’ناھين جو پڙ‘ جو نالو برابر اچي ٿو، پر اتي ڪو به ناھيون ذات سڏائڻ وارو ڪونھي. سڀ پنھنجي خيال موجب، محفوظ مڪانن ڏانھن ھليا ويا.

 اھڙي صورتحال بابت، ماھوار رسالي ’سھڻي‘ جي جولاءِ ۱۹۸۹ع واري شماري ۾ شاعره سحر امداد صاحبه حيدرآباد ۾ نسلي جھيڙن ۽ ان سبب ٿيل ناھين ۽ ٻين سنڌين جي لڏپلاڻ جو ذڪر مرثيي جي صورت ۾ لکيل ھڪ نظم ’پن ڇڻ جون موسمون ۽ راتيون اماس‘ ۾ ڪندي ”ناھين جي پڙ“ جي ناھين جو حوالو ھيٺئين طرح ڏنو آھي:

’ناھين جي پاڙي جا، سڀئي ناھيان ويا ڪٿي،

ميرن جي فوج جا اھي فوجي ويا ڪٿي؟

ھندستان جي سنڌي ليکڪ سندري اُتمچنداڻي پڻ ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۴ع تي ’ناھين جي پڙ‘ حيدآباد سنڌ ۾ ڄائي ۽ مئٽرڪ اتان جي تولارام اسڪول مان ڪيائين.

ڪلھوڙن جي دؤر ۾، ناھيون قوم جا ماڻھو، گھڻن ئي حڪومتي ۽ انتظامي عھدن تي فائز به رھيا. ڪيترن ڪلھوڙن سان رشتيداري به ڪئي، جا ڪن ھنڌن تي اڄ ڏينھن تائين نسل در نسل ھلندي پئي اچي ۽ ڪٿي ته ڪلھوڙا، ناھيون ۽ ناھيان، ڪلھوڙا ٿا سڏائين. جنھن جو ھڪ مثال، بدين ضلعي ۾ موجود ڳوٺ نور محمد ناھيون جا ناھيان ۽ حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ تي، قبو بس اسٽينڊ جا ناھيان ۽ ڪلھوڙا آھن. ان کان علاوه، ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پڻ اھڙي قسم جي مائٽيءَ جا مثال ملن ٿا.

ناھيون ذات ٽالپورن جي دؤر کان انگريزن جي دؤر تائين

ٽالپورن جي دؤر کان ناھيون ذات لاءِ تقريبًا ھر ڳوٺ مان ڪيتريون ئي پڪيون ۽ پختيون روايتون ملن ٿيون جن مان ھتي ھر ڪنھن کي شامل ڪرڻ ممڪن ناھي. انڪري صرف ڪي چند تاريخي روايتون حوالي طور ڏجن ٿيون.

ھن دؤر جو مشھور ڪافي گو شاعر ۽ بزرگ، حضرت مصري شاه امام رضوي نصرپوري (وفات سن ۱۸۹۵ع بمطابق ۱۳۱۳ھه) آهي جنھن جا تقريبًا حيدرآباد ۽ ٽنڊوالھيار ضلعي جا سڀ ناھيان مريد نه ته معتقد ضرور ھوندا. ناھين کان علاوه به نصرپور جي چئني طرف تقريبًا ھر قوم مان سندس معتقد ۽ مريد آھن. پر انھن مڙني ناھين توڙي ٻين قومن مان راقم جي وڏن کي اھو اعزاز حاصل آھي جو ھو سائين مصري شاه جي بزرگي واري عھد تي پھچڻ کان پوءِ، سندن پھريان مريد آھن.

روايت ڪجھ ھن ريت آھي ته راقم جا وڏا ذڪر ڪيل شھداد فقير واري ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ، ماڪن ناھيون وارو ڳوٺ ۽ تنھن کان پوءِ نامعلوم سببن ڪري، اھو ڳوٺ ڇڏي ھاڻوڪي ڳوٺ حاجي يار محمد کان ھڪ فرلانگ اتر اولھ طرف اچي آباد ٿيا. ان دؤر ۾ مٿي ذڪر ڪيل شاه الياس عرف جيئي شاه بادشاه جيتوڻيڪ گذاري چڪو ھو پر سندن خانقاه تي ھر مھيني، چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي، تر ۽ آسي پاسي جون سڀ قومون، ڏھاڙو ملھائڻ خاطر ضرور جمع ٿينديو ھيون ۽ پاڻ سان آندل کير ۽ مانيون، ننگر طور ونڊي ورڇي کائينديون ھيون. (اھو سلسلو اڄ به جاري ۽ ساري آھي). اھڙي ھڪ ڏھاڙي تي ھن نئين ڳوٺ مان وڏيري کٻڙ (راقم جو پڙ ڏاڏو) جو وڃڻ ٿيو ۽ جڏھن کيس ٺڪر جي جمنيءَ ۾ ھلندڙ ننگر جو کير ڏنو ويو ته کيس سخت ڪراھت آئي ۽ کير واپس ڪري ڇڏيائين. بس اھو ئي ھڪ بھانو بنيو ۽ پاڻ ڪجھ ڏينھن اندر دماغي توازن وڃائي ويٺو. ھن جي وڏن، سندس گھڻو ئي علاج ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪرايا پر کيس ڪو به فرق نه پيو. دل ۾ چاھت ھئن ته جيڪر ڪو زنده پير ملي وڃي، جنھن کان کٻڙ جي بيماريءَ بابت ڏس پنڌ ۽ سوال جواب ڪيو وڃي. ائين ئي ڪنھن کين سائين مصري شاه بابت ڏس ڏنو؛ جنهن بعد پاڻ وٽن آيا ۽ اچي مريد ٿيا. سائين مصري شاه خود به کٻڙ کي دم دعا ڪندا رھيا پر ڪو خاص فائدو نه ٿيو. جنھن بعد سائين مصري شاه خود، ھن جي ٻانھن وٺي اچي جيئي شاه بادشاه جي درگاه تي حاضر ڪئي ۽ وڏيري کٻڙ کي چيو ته تون جيئي شاه بادشاه کان سوال ڪندو رھ ته؛ ”مونکي سنون کان سنئون ڪر“. انھيءَ سوال ڪري ئي مٿس نالو کٻڙ مان ڦري ’کٻڙ سوالي‘ پئجي ويو.

اھڙيءَ طرح ستن ورھين کان پوءِ، کٻڙ سوالي بلڪل چاق چڱو ڀلو ٿي موٽيو. ناھين جي ھن نئين ڳوٺ ۾ موجوده ڳوٺ حاجي يار محمد جي ناھين کان علاوه ڪجھ گھر خانپور جي ناھين جا پڻ ھئا. جنھن ۾ روايت موجب ته؛ کين جنن ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ مالي نقصان پھچايو. جنھنڪري پاڻ ھڪ دفعو ٻيھر سائين مصري شاه وٽ دانھين ٿي ويا، جنھن کين اھو ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ چيو. پر جيئن ته ھي نھايت غريب ھئا. انڪري منجھائن ڪو به پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھو. ٻئي طرف مرشد جو حڪم نه مڃڻ به سندن اختيار ۾ نه ھو. جنھنڪري سائين مصري شاه کين آٿت ڏني، ڪجھ دعائون ڪيون ۽ اھو ڳوٺ خالي ڪرايو ۽ ٿورو ئي پري ڏکڻ طرف ھڪ نئون ڳوٺ آباد ڪرايو. جيڪو ھڪ عرصو قائم رھڻ کان پوءِ ۱۹۴۷ع ۾ چورن جي تنگ ڪرڻ ڪري ڦٽي، نئين موجوده ڳوٺ حاجي يار محمد نالي آباد ٿيو. ھن ڳوٺ تي جنن واري ان راويت کان وٺي ’غيب‘ يا ’گيبن وارو ڳوٺ‘ جو نالو به عام استعمال ۾ اچي ٿو.

سائين مصري شاه، کٻڙ سوالي کي اڪثر ’ماما‘ چئي مخاطب ٿيندا ھئا ۽ دعائون ڪندا ھئا. جيڪي ھيٺين ريت آھن ۽ اڄ به مقبول آھن. پاڻ چوندا ھئا:

۱. ماما (کٻڙ سوالي) فقير (پاڻ) اِھا دعا ڪو نه ڪندو ته؛ ڪپڙي ۾ ميڙي گڏ ڪرين. باقي اڇي ماني اڇي گندي، تنھنجي ستين پيڙھئين موڪ آھي.

 ۲. ڏنگيون اوڙون، سنوان سنگ. ھِن ٻنيءَ جو ڍينگھر گھلي ھُن ۾ ۽ ھُن جو گھلي ھِن ۾ ڇڏجانءِ ته پوک پاڻھي ڀلي ٿيندي.

۳ . ماما جيترو لڏيندين، اوترو سکيو ٿيندين. (ڳوٺ ڇڏائڻ جي موقعي تي ڪيل دعا)

مٿين دعائن کان علاوه پاڻ وظيفي طور ڪي فريضا به مٿن رکيا، جيئن:

۱. پرايو سنڀاڻ، پنھنجي ماٽيءَ ۾ نه وجھجانء!

۲. ڪنھنجو ضامن نه پئجان!

۳ .ڪو بادشاه پير دستگير جو پلاند وجھئي ته خون به بخشي ڇڏجاءِ!

ان کان علاوه، چون ٿا ته تاجپور جا نواب، جيئن ته ٽالپور دؤر جي حڪومتي انتطامن ۾ سڌا سنوان لاڳاپيل ھئا، انڪري نھايت ئي ڪراڙا ۽ مغرور ھئا. ڪنھن غريب غربي تي ڇوھ ئي ڪو نه ڇنڊيندا ھئا، بلڪ ھتان جون اڪثر قومون سندن زيردست ھيون، سواءِ ناھين جي، جيڪي جيڪڏھن ساڻن مھاڏو اٽڪائڻ جي قوت نه رکندا ھئا ته سندن آنڪي به نه ڀريندا ھئا. اھڙيءَ طرح ٻئي ڌريون ھڪٻئي کان  ھڪڙي فاصلي تي رھنديون ھيون. پر جيئن ته وڏي وڻ جي ڇانو ۾ ننڍي وڻ جو اُسرڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن به ھوندو آھي، تئين تاجپور جي نوابن سان گڏ رھندي (جن مٿان سڌو سنئون پھرين ميرن جو ۽ پوءِ انگريزن جو ھٿ رھيو) ناھين جو اڀرڻ به ڏکيو ھو. تاجپوري نواب خاص طور تي کٻڙ سوالي سان تمام گھڻو سڙندا ھئا (ڇو ته ھو ميرن جي ھڪ خاص خادم جي گھران پرڻيو ھو ۽ انڪري ميرن وٽ سندس به عزت ھئڻ ڪري ھو ھڪ طرح نوابن جي برابري ۾ اچي ويو ھو). کٻڙ سواليءَ ان شڪايت جو ذڪر پڻ سائين مصري شاه سان ڪيو، جنھن ان موقعي تي به کيس دعا طور ڪلام ڪيو ته: “ماما نواب تو کي ريل گامون بڻايو ٿو ڏيان، چڙھيو پيو گھم”. جنھن کان پوءِ تاجپوري نواب، ھتان جي ناھين بالخصوص، کٻڙ سوالي جي گھراڻي جي تمام گھڻي عزت ڪرڻ لڳا، جنھن جا به ڪيترا ئي مثال آھن. جن مان ھڪ راويت آھي ته؛ نواب بخشڻ خان (وفات ۱۳۳۷ھ) جڏھن ڪنھن بيماريءَ مان چاق ٿيڻ بعد گھر ڏانھن ھڪ قافلي جي صورت ۾ (جنھن ۾ لغاري نواب ۽ ھتان جون ٻيون به ڪيتريون قومون ھيون) مافي ۾ چڙھيو ٿي موٽيا ته واٽ تي کٻڙ سوالي به سندن عيادت ڪرڻ لاءِ آيو ته نواب صاحب مافو ھيٺ لھرايو ۽ کٻڙ سوالي کي به پاڻ سان گڏ ويھاري وٺي ويو.

سائين مصري شاه جتي کٻڙ سواليءَ لاءِ مٿيون ڪلام ڪيو اتي کيس سختيءَ سان اھا پڻ ھدايت ڪئي ته ھو فقير نواب ولي محمد لغاري کي (جيڪي سندن همعصر شاعر هئا) باقي لغاري نوابن کان الڳ حيثيت، عزت ۽ احترام جي نگاه سان ڏسن. بلڪ ائين چيائون ته؛ ’جيڪو ولي محمد فقير کي نه مڃيندو، سو مونکي به نه مڃيندو.‘ (جنھن جو ذڪر ڪتاب ’ڪلام نواب ولي محمد لغاري‘۾ پڻ آيل آھي.)

سائين مصري شاه جڏھن به نواب ولي محمد وٽ ايندا ھئا يا سفر ۾ ڪيڏانھن ايندي ويندي سندن گذر، کٻڙ سوالي جي ڳوٺ وٽان ٿيندو ھو ته طعام ۽ قيام ھميشه ھتان جي ناھين (کٻڙ سوالي) وٽ ئي ڪندا ھئا. اھو ئي سبب ھو جو سائين مصري شاه جي رحلت وقت، جڏھن رسم طور ’خليفي طرفان سڀني عزيزن ۽ مريدن خادمن کان سندن قبر کوٽائڻ لاءِ ڪوڏر جا لپا ٿي ھڻايا ويا ته اتي به پھرين مريد طور کٻڙ سوالي جي پٽ حاجي يار محمد کان، جنھن جي عمر ان وقت يارنھن يا ٻارنھن سال ھوندي، قبر کوٽرائڻ لاءِ پھريون لپو ھڻايو ويو.

ھڪ ٻي روايت موجب ته سائين مصري شاه جي وفات کان پوءِ، سائين علي غلام شاه (وفات ۱۹۲۷ع بمطابق ۱۳۴٦ھه) جي گادي نشيني وارن ڏينھن ۾ پاڻ سائين مصري شاه جي ميلي تي ھميشه خانپور جي ناھين مان مائي زليخان کي گھرائي حويليءَ ۾ کانئس پيراڻا ڳيچ ڳارائي، اوائلي مريد ھئڻ جي حيثيت ۾ سائين مصري شاه جو سھرو (ميندي) ٺھرائيندو ھو. ھڪ دفعي، ميلي جي ڏينھن ۾، ھوءَ سخت بيمار ٿي پئي ۽ ميلي تي پھچي ڪا نه سگھي. سائين علي غلام شاه صاحب سندس ڀائرن کي ڏانھنس واپس موڪليو ته جيئن اھي ھر صورت ۾ کيس ميلي جي سھري تيار ڪرڻ لاءِ وٺي اچن. پوءِ اھڙيءَ ريت، جيسيتائين مائي زليخان نه پھتي سائين علي غلام شاه صاحب ميلي جو سھرو سجائڻ ۽ کڻڻ ڪنھن ٻئي کي نه ڏنو.

راقم جو والد گل محمد (گلڻ) پنھنجي ڄمڻ جي سال ۽ سائين علي غلام شاھ جي وفات واري سال جي حوالي سان ٻڌائيندو ھيو ته پاڻ ٽن ڀيڻن پويان ڄائو. جنھن ڪري کيس ٽکڙ سڏيو ويو. سندس ماما (مائي زليخان جا پٽ) کيس سائين علي غلام وٽ دعا لاءِ وٺي ويا، جنھن کيس نصرپور ڀرسان وھندڙ درياءَ ۾ ٻيڙيءَ اندر پنھنجي گود ۾ ويھاري، پڳ ٻڌرائي ۽ ’درياءُ خان‘ نالو رکي دعا ڪئي.

 ھنن ناھين کان سواءِ تعلقي ٽنڊوالھيار جي ڳوٺ الھڏنو ناھيون ۽ انجي آسپاس جي ڳوٺ جا ناھيان، انوقت کان وٺي سائين مصري شاه جا معتقد ۽ مريد آھن. اِنھن مان ’ندو‘ به ھڪ ھو، جنھن لاءِ چون ٿا ته ان کان ڳوٺ ۾ ڪا بڇڙي ٿي پئي، جنھنڪري راڄ کيس شھر نيڪالي ڏئي ڇڏي. ندو، پوءِ حيدرآباد آيو ۽ حمالڪو ڌنڌو ڪرڻ لڳو. پاڻ نھايت ئي پھلوان ھو، جنھنڪري ’ندو ناھيون‘ مان ’ندو حمال‘ مشھور ٿيو. سندس پھلواني جي چؤطرف هاڪ ھئي ۽ ميرن جي ڪنھن حاڪم سندس پھلوانيءَ کان متاثر ٿي، کيس ٺٽي شھر جي بخشي کٽي (پھلوان) سان گڏ خاص درٻاري ماڻھو ڪري رکيو. ندي حمال لاءِ مشھور آھي ته؛ پاڻ ميرن جي دؤر حڪومت ۾ ۱۲ مڻي توپ اڪيلي سر حيدرآباد جي پڪي قلعي جي دروازي تي لاھيندو ۽ چاڙھيندو ھو.

ندو حمال، پنھنجن ستن ڀائرن سميت حيدرآباد جي ’ناھين جي پڙ‘ ۾ موجود ”ندو محل“ ۾ رھڻ لڳو ھو. جنھن سان ميرن جي دؤر ۾ ’ناھين جي پڙ‘ کي وڌيڪ مشھوري ۽ وڏي پذيرائي ملي. ندي حمال جا ڀائر پڻ، ميرن جي فوج ۾ سپاھي ھئا. جنھن جي گواھي سحر امداد صاحبه جي مٿي ڏنل شعر ۾ پڻ آيل آھي.

چون ٿا ته ندو حمال کي ٽالپور حڪمرانن طرفان موجوده ’دوآٻو‘ حيدرآباد جي علائقي ۾ ۷۰۰ ايڪڙ زمين (جاگير) انعام طور ڏني وئي ھئي، جيڪا سنڌو درياءَ جي لڳ ھئڻ ڪري’ناھيچاڻي مياڻ‘ سڏبي ھئي. ان کان علاوه کيس ڪڙيو گھنور ۾ به ڪافي زمين ڏني ويئي، جيڪا بعد ۾ انگريز حڪومت، زرعي بل نه پيارڻ سبب، ضبط ڪري ڇڏي.

ندي حمال ڪٿان شادي ڪئي؟ ان جو ته پتو ناھي پئجي سگھيو، پر ان مان کيس ھڪ پٽ علي بخش نالي ھو، جنھن کي چار نياڻيون؛ راڻي، زينو، صاحب خاتون ۽ ھڪ ٻي ھيون. روايت آھي ته ندي حمال پنھنجي حياتي ۾ ئي دوآٻي واري ۷۰۰ ايڪڙ زمين پنھنجي پوٽي زينو نالي ڪئي ھئي، جيڪا بعد ۾ علي بخش کان خميسي چني ۽ نامعلوم شاه وٽ ۴۰۰۰ رپين عيوض گروي سبب ھلي ويئي.

ندو حمال جيئن ته مٿي ڄاڻايل سببن ڪري پنھنجن کان پري ھو، انڪري ھن پنھنجون چار ئي پوٽيون پنھنجي مرشد مصري شاه جي جھوليءَ ۾ مائٽيءَ لاءِ اڇلايون. جنھن ھڪ نياڻي صاحب خاتون، مٽياريءَ جي نظر علي شاه ڄاموٽ کي پرڻائي ڏني (جنھن مان کيس ملوڪ شاه، احمد شاه، عاقب شاه ۽ امير علي شاه نالي پٽ ڄاوا)، ھڪ نصرپور جي سيدن ۾. جڏھن ته راڻي، ڳوٺ وڏيرو الھڏنو جي عرس ناھيون جي گھر پرڻائي ويئي. باقي نياڻي ’زينو‘ پنھنجي خاص مريد کٻڙ سوالي کي پرڻائي ڏني ويئي. جيئن مٿي ذڪر ڪيل آھي ته ندي حمال جا ڀائر ۽ ڪي ٻيا ناھيان ٽالپورن جي شروعاتي عھد کان وٺي آخر تائين ميرن جي فوج ۾ فوجي ٿي رھيا. جيڪي انگريزن ۽ ميرن وچ ۾ لڳل مشھور جنگين، ’مياڻي واري جنگ‘ (۱۸۴۳-۲-۱۷ع) ۽ ’دٻي واري جنگ‘ (۱۸۴۳-۳-۲۴ع) ۾ به شامل رھيا، مگر تاريخ جي ڪتابن ۾ سندن حوالو ناھي ڏنو ويو.

تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ حاجي درياھ خان ناھيون ۾ سندس ئي حوالي سان ھڪ روايت آھي ته؛ پاڻ ٻڌائيندو ھو ته آئون ننڍڙو هئس جو اسان جي ڳوٺ جي ڪن ماڻھن ھڪ شام، ڳوٺ ۽ کيسانه موري جي وچ تي واقع قديمي قبرستان بح الدين بکراڻي ۾ ھڪ پراڻي کوھ (جيڪو ھاڻي لٽجي غائب ٿي چڪو آھي) ۾ تلوارون، زرھه، بندوقون ۽ ٻيو جنگي سامان اچي لڪايو ھو ۽ اسان ٻارن توڙي وڏن (عورتن ۽ مردن) کي اھا ھدايت ڪئي ته اسين ھِن ڳالھ جو ذڪر ڪنھن سان نه ڪيون‘. سندس بقول؛ اھي ماڻھو ميرن جي ساٿي ھئڻ جي حيثيت ۾ دٻي يا وري مياڻي واري جنگ ۾ وڙھي ۽ پنھنجا ڪي ساٿي مارائي موٽيا ھئا.

اِھا ان ڳالھ جي شاھدي آھي ته ٽالپورن ۽ انگريزن درميان لڳل جنگ ۾، ٻين قومن سان گڏ ناھين به ڀرپور حصو ورتو ھو. بعد ۾ انگريزن جي عتاب کان بچڻ لاءِ خاموش رھجي ويا ۽ ميرن سان غداري ڪري، انگريزن کان جاگيرون، عھدا ۽ لقب وٺڻ جي لالچ ۾ سندن سلامي ۽ سُرَ-مِلائو نه بڻيا. ڇو ته تاريخ شاھد آھي؛ جن قومن انگريزن ۽ ميرن وچ ۾ لڳل جنگين ۾ ٻِچاپڙي وارو نمونو اختيار ڪيو، انهن کي انگريزن نه صرف جاگيرن سان نوازيو، پر ٻين قومن مٿان مسلط پڻ ڪيو ۽ بعد ۾ اھي ئي نواب، خانبھادر، رئيس، خان صاحب وغيره جي لقبن سان معتبر مڃيا ويا.

ناھين جي ميرن سان وفاداري ۽ ساٿ جو ھڪ ٻيو مثال، جنھنڪري سندن پوين جا رشتا سياسي، سماجي توڙي زندگي جي ھر ميدان ۾ اڄ تائين نسل درنسل قائم رھندا پيا اچن، اھو ھيءُ آھي ته ٽالپرن جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ، انگريزن جي دؤر حڪومت ۾، جڏھن انگريز سرڪار مير ڄام (جنھن جي نالي پٺيان ٽنڊو ڄام شھر آباد آھي) جي وفات بعد، سندس جاگير تقريبًا چاليھ ھزار رپين جي ڍل نه پيارڻ ڪري، ھارين کي الاٽ ڪرڻ چاھي ته ان وقت مير ڄام جو سؤٽ مير علي اڪبر صغير ھئڻ ڪري پنھنجن توڙي پراون کان بي يارو مددگار رھجي ويو. اھڙي ڏکئي وقت ۾ بڙ جي ڳوٺ وارو ارباب محمد علي ناھيون ئي ھو جيڪو مير ڄام جي گھر لاءِ ان، گاھ ۽ خرچ پکي کان ويندي ھارين کان زمين ڇڏائڻ ۽ ڍل ادا ڪرڻ تائين مير ڄام خاطر، مير خان محمد ۽ ميرعلي اڪبر لاءِ، سينو سپرد ڪندو رھيو.

ھاڻوڪي کيسانه موري اصل ناھين جو پڊ ھئي

لفظ ’کيسانه‘ دراصل اردو جو لفظ ’ڪسان‘ يعني ھاريءَ جي سنڌي لکت ۽ پڙھت کسان آھي. جيڪو پوءِ پنھنجي اصل صورت وڃائي مستقل طور ’کسانه‘ تنھن بعد ’کيسانه‘ بنجي ويو.  ھاڻوڪي کيسانه موري تي اھو نالو ’کيسانو مائينر‘ پٺيان پيو، جيڪو انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ روھڙي ڪئنال نڪرڻ کان پھرين موجوده ھنڌ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر اوڀر طرف ھاڻوڪي نصرپور تاجپور ريلوي اسٽيشن (جا پڻ ڪافي عرصو اڳ شروع ۾ کيسانو اسٽيشن سڏبي ھئي) ڀرسان وھندو ھو. جنھن تي پڻ اھو نالو انگريزن ھتان جي ھارين جي بنياد تي سھوليت طور اردؤ مان اڌاري طور وٺي رکيو ويو. ياد رھي ته موجوده ڳوٺ حاجي درياھ خان ناھيون وارن جو ڳوٺ ناھيانھون مان لڏي اچي پھرين رھائش اختيار ڪرڻ وارو پڊ پڻ اھو ئي ھو. پوءِ جڏھن ۳۲-۱۹۳۱ع ۾ روھڙي ڪئنال نڪرڻ ڪري کيسانو مائينر ڦٽي ويو، تڏھن ريلوي جي پل ۽ حيدرآباد ميرپورخاص روڊن لاءِ پڪي موري ٻڌڻ ڪري ھن ساڳين جڳھ کي انگريزن طرفان کيسانه موري (ڪسانه موري) جو نالو ڏنو ويو. پر دراصل ھن جڳھ تي جتي روھڙي ڪيئنال جي ڇيڙي تي مختلف شاخن لاءِ ريگيوليٽر لڳل آھي، اتي شھداد فقير ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ ٻئي پڊ طور ڪيترا ئي ناھيان لڏي اچي ڳوٺ آباد ڪري ويٺا ھئا. جيڪو ۱۹۳۰ع ۾ ڪئنال نڪرڻ کان پھرين ڦٽي ويو، جن مان ڪي ھاڻوڪي ڳوٺ ڪنڊو ناھيون ڏانھن ته ڪي ڳوٺ راول ھليا ويا. کيسانه موري قائم ٿيڻ جي شروعات ۾ پڻ ھتي موجوده پلاٽ ۽ پڊ ھتان جي ناھيون ذات جي مختلف ماڻھن جي ملڪيت رھيا جي پوءِ يا ته ھنن موجوده ذاتين جھڙوڪ؛ زرداري، مگسي، سيد کي وڪرو ڪري ڏنا يا کين ائين تحفي طور ڏنا.

ناھيون ذات انگريز دؤر کان موجوده تائين

اوڻھين صديءَ جي آخر کان موجوده صدي تائين، پوري سنڌ ۾ ناھيون ذات جا نشان بيحد پڪا ۽ پختا ملن ٿا. جيتوڻيڪ تعليم جو رجحان، ناھيون ذات جي ماڻھن ۾ انگريز دؤر کان ئي آيو. پر تاريخ جي حوالن مطابق؛ ھو ان کان اڳ به ڪافي سڌريل، مھذب ۽ آسودا ٿا نظر اچن. باراني پوکيءَ کان چرخي پوک تائين ۽ چرخي پوکيءَ کان اڄ جي نھري نظام ۽ مشيني طريقه زراعت تائين تقريبًا ھر ڪنھن وٽ پنھنجا پنھنجا ٻنيءَ جا ٽڪر ھئا ۽ آھن. زراعت سان گڏ مال پالڻ سندن خاص ڌنڌو رھيو آھي.

انگريز دؤر ۾ جڏھن تعليم عام متعارف ڪرائي ويئي، تڏھن اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جو ڄار شروع ڪيو ويو ته به افسوس سان چوڻو ٿو پوي ناھيون ذات ۾ تعليم، ڪن خاص تائين رھجي ويئي آھي. ناھيون ذات جو ڪافي حصو پڙھيل ته آھي، پر صرف چند آڱرين تي ڳڻڻ وارن کان سواءِ ڪو به يونيورسٽيءَ جو سند يافته ناھي. حالانڪ سنڌ جون موجوده يونيورسٽيون ۽ ڪاليج سندن گھر جي دروازي تي ھئا. مردن ۾ تعليم ته جيئن جو تيئن پر عورتن ۾ بلڪل نه ھئڻ برابر آھي. سرڪاري توڙي خانگي نوڪرين ۾ پڻ سندن حصو آڱرين تي ڳڻڻ برابر به ناھي. سنڌ ۾ موجود سندن آباديءَ جو جيتوڻيڪ ڪو يقيني ڪاٿو ته معلوم ناھي ٿي سگھيو. پر پوءِ به سندن آبادي چند ڏھاڪن ھزارن کان مٿي نه ھوندي.

مجموعي طور تي نظر وجھڻ سان ناھيون ذات جيڪڏھن ڪا ناليواري، سياسي يا سماجي ھستي ناھي ڏئي سگھي جنھن تي ناز ڪجي، ته رھزن، ٺڳ ۽ بدنام زمانه شخصيت به ناھي ڏئي سگھي، جنھن تي شرمندگي ٿئي. ان ڪري ھيءَ قوم اڄ جي شريف، ھيڻين ۽ سادين قومن ۾ ليکي سگھجي ٿي. ان کان علاوه ھن ذات جا ماڻھو جيتوڻيڪ پاڻ ۾ آپت جا کوٽا ۽ ٻيائي رکندڙ آھن پر ٻي قوم جي جلھ وقت شريف مان شودا، ھيڻن مان حوصله مند، سادي مان سچا ۽ آپت جي کوٽائي جا ويڇا وساري ملي متحد ٿي ويل نظر آيا آھن. جنھن جا پڻ ڪيترا ئي تاريخي مثال آھن. نه ڪنھن کي زير ڪيو اٿن ۽ نه ڪنھن جا زيردست رھيا آھن، بلڪ پنھنجي دائري ۾، پنھنجي ھڪ الڳ حيثيت قائم رکي اٿن.

ھن دؤر وچ ۾، جيڪي ناميارا ماڻھو پيدا ٿيا، جن تر ۾ خدا ترسي، سخا، رواداريءَ ۽ مھمان نوازيءَ جي ڪري نالو پيدا ڪيو، تن ۾ حاجي درياءَ خان، حاجي يار محمد، ارباب محمد سومار، وڏيرو گل حسن ۽ ٻيا ڳڻي سگھجن ٿا.


ناھين جا ڪي ڳوٺ، مشھور شخصيتون ۽ شجرا

ناھيون ذات جا سنڌ ۾ حيدرآباد، بدين، ٺٽي، نواب شاھ، مٽياري ۽ ٽنڊو الھيار ضلعن ۾ ڪافي ننڍا وڏا ڳوٺ آھن. ڪوشش جي باوجود، گھڻن ڳوٺن جو احوال قلمبند ٿيڻ ۽ ھن ڪتاب ۾ شامل ٿيڻ کان رھجي ويو آھي. جن ڳوٺن جو احوال گڏ ڪري سگھيس، اھي ھيٺئين ريت آھن.

ڳوٺ حاجي يار محمد ناهيون

ڳوٺ حاجي يار محمد ناهيون، ديهه آبڙي، تپو ٽنڊو ڄام، تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد جو هڪ وسندڙ ڳوٺ آهي. ستن گهرن تي مشتمل هن ننڍڙي ۽ سهڻي ڳوٺڙي جي آدمشاري تقريبًا، پنجاھ جي لڳ ڀڳ آهي.  منجھس رھندڙ، سڀ هڪ ئي ڏاڏي جو اولاد آهن ۽ هر گهر کي ٿوري گهڻي پنهنجي زرخيز زمين آهي، جنهن ۾ تقريبًا انبن جا سهڻا باغ آهن. ان کان علاوه ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو، سرڪاري توڙي خانگي ڌنڌن سان پڻ لاڳاپيل آهن. ڳوٺ جي ڀرسان ئي الهندي طرف کان، ٻارهوئي وهندڙ ايشيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو روهڙي ڪئنال ۽ ڳوٺ جي چئني پاسن کان موجود انبن جا باغ، هن ڳوٺ جي سونهن ۽ سوڀيا جو اهڃاڻ آهن. ڳوٺ ۾ خواندگيءَ جي شرح ۷۰ کان ۸۰ سيڪڙو آهي. جن مان ٦۰ سيڪڙو شرح مردن جي ۽ باقي عورتن جي آهي. منجھانئن اڪثر يونيورسٽيءَ جا سنديافته آهن. ڳوٺ جا ماڻهو، شروع کان ئي آسودا، پيري فقيريءَ جا پوئلڳ، خداترس، ديانتدار ۽ راڄوڻا آهن. وقت ۽ حالتن پٽاندر، سندن مذهب ڏانهن رجحان ۽ عقيدت ايتري هئي جو سندن اوطاقن تي هميشه خير خيرات، راڳ رنگ، نڙ بيتن ۽ مولودن جون محفلون قائم رهنديون هيون. جيتوڻيڪ اڄ اهي شيون حالتن مطابق منجهائن ڪافي گهٽجي ويون آهن، پر پوءِ به اڄ تائين جاري ۽ ساري آهن. گل حسن عرف ڪالو ان ڏس ۾ پنهنجي وقت جو تر ۾ هڪ سٺو مولودي رهيو آهي.

موجوده ڳوٺ، حيدرآباد ضلعي ۾ ڪنهن زماني ۾ موجود ناهين جو ھڪ وڏو ڳوٺ ”شهدادپور فقير وارو ڳوٺ“ ڦٽڻ کان پوءِ چوٿين اڏاوت آهي. جيڪا ۱۹۴۷ع ڌاري ڳوٺ جي چڱي مڙس حاجي يار محمد (وفات ۱۹۵۵ع) جي قائم ڪرڻ ڪري، سندس نالي پويان اڄ تائين سڏجي پيو.

حاجي يار محمد پنهنجي حيثيت سارو نهايت سخي ۽ مهمان نواز رهيو آهي. انصاف ۽ مختلف راڄن وچ ۾ صلح جوئي ڪرائڻ ۾، سندس ڪيترا ئي واقعا تاريخي حيثيت رکن ٿا.

کانئس علاوھ، سندس ٻيا ڀائر به تر ۾ سخاوت ۽ ديانت، عقيدت ۽ احترام، انصاف ۽ صاف گوئيءَ ۾ انتهائي ناليرا مڙس رهيا آهن پر انهن مڙني ۾ وري محمد حيات سڀني کان سرس رهيو. جنهن لاءِ مشهور آهي ته هر ايندي ويندي مسافر کي سڏي ماني کارائيندو هو. اهو ئي سندس مهمان نوازيءَ جو نتيجو هو جو جڏهن به سفر لاءِ اسھندو هو ته پاڻ سان گڏ هلڻ وارن کي تاڪيد ڪندو هو؛ ”ڪو به پاڻ سان ماني نه کڻي!“ ڇو ته سندس راهي پوکي ۽ ڄاڻ سڃاڻ، سنڌ ۾ پري پري تائين هوندي هئي ۽ هر ڪو کيس اکين ۾ جاءِ ڏيندو هو.

هن ڳوٺ ۾ سرڪار طرفان ٻن ڪمرن تي مشتمل مسجد پرائمري اسڪول، بجلي ۽ پڪي رستي جون سهولتون ميسر آهن.

مختصر شجرو ڳوٺ ماڪن کان ڳوٺ حاجي يار محمد تائين:

لؤنگ (اول) جو پٽ؛ حيات (اول) جنهن جا ٽي پٽ: محمد صديق، کٻڙ (سوالي) ۽ ڪريمڏنو.

کٻڙ (سوالي) جا چار پٽ: ڦوٽو، حيات (ٻيو)، حاجي يار محمد (موجوده ڳوٺ ٻڌرائڻ وارو- وفات ۱۱ ڊسمبر ۱۹۵۵ع بمطابق ١٦ ربيع الثا ني  ١٣۷۵ھ) ۽ لؤنگ (ٻيو).

ڪريمڏنو کي هڪ ڌيءُ زوجه علي (ٻيو) جنهن مان پٽ: ستارڏنو، صديق، ماڪن، ڪريمڏنو ۽ ڌيءُ زوجه عبدالرحيم. محمد صديق کي ٻه ڌيئرون: هڪ زوجه صحب ۽ ٻي زوجه علي (اول). زوجه صحب مان هڪ ڌيءُ زوجه حيات ۽ هڪ پٽ الله ڏنو. زوجه علي (اول) مان ٻه ڌيئرون هڪ زوجه واحدڏنو ۽ ٻي زوجه ڦوٽو.

ڦوٽو جو هڪ پٽ ڄام (بي اولاد-وفات ٢٨ رجب ١٣٦٠ھ) ۽ ٻيو پٽ احمد علي (خاندان جو پهريون پڙهيل فرد- وفات١۹ جنوري١۹۹٠ع). احمد علي جا پٽ: حاجي حسن علي ۽ رجب علي.

حاجي حسن علي جا پٽ: منير احمد، ارشد علي ۽ سهيل احمد. رجب علي جا پٽ: ناصر علي ۽ ياسر علي.

حيات (ٻيو) جا ٻه پٽ: هڪ گل محمد (گلو، بي اولاد رهيو) ۽ ٻيو گل حسن (ڪالو- وفات ۴ اپريل ١۹۹۴ع) جنهن جا ٽي پٽ: محمد حيات (ٽيون)، محمد سليم ۽ گل محمد (گلو ٻيو). حاجي يار محمد جا ٽي پٽ: محمد اسماعيل (آچو، بي اولاد وفات ڪري ويو)، گل محمد (گلڻ- وفات اربع ۱۷سيپٽمبر ٢٠٠٣ع بمطابق ١۹ رجب ١۴٢۴ھ) ۽ خدا بخش.

گل محمد (گلڻ) جا ٽي پٽ: يار محمد (ٻيو)، غلام مصطفيٰ (ليکڪ) ۽ غلام دستگير.

يار محمد (ٻيو) جا ٻه پٽ: سجاد حسين ۽ وقار حسين. غلام مصطفيٰ جا ٻه پٽ: ابوبڪر ۽ علي. غلام دستگير جا ٽي پٽ: محمد ڪيف، سيف الله ۽ سميع الله.

خدابخش (وفات ٢٣ نومبر٢٠١٠ع( جا پٽ: محب علي، قمبر علي، پپن علي ۽ محمد فياض. لؤنگ (ٻيو-وفات ٩ شوال ١٣٥٨ھ) جا ٽي پٽ: کٻڙ (ٻيو- وفات آگسٽ ١۹٨۷ع)، آگيڏنو ۽ سليمان (بي اولاد وفات ڪري ويو).

کٻڙ (ٻيو) جا پٽ: رسول بخش، نواز علي (وفات ٢٨ فيبروري ٢٠٠٣ع(، نظر علي ۽ وحيد علي. آگيڏنو جا پٽ: لؤنگ (ميجر)، ايوب، عبدالرزاق، سليمان ۽ سڪندر.

الله ڏنو پٽ صحب، ڦوٽو جي ڌيءُ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ ڄاوا: ڌڻي بخش ۽ صحب (ٻيو). الله ڏنو بعد ۾ جنن وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ ڳوٺ خانپور ڏانهن لڏي ويو.

ڳوٺ حاجي درياءَ خان ناهيون

ديھ ڪنر، تپو حسين خان ٺوڙهو، تعلقو ۽ ضلع حيدرآباد جو هي سهڻو ۽ وسندڙ ڳوٺ، کيسانه موري کان ڏکڻ طرف تقريبًا ٽن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. ضلع حيدرآباد يا سنڌ اندر جتي شاندار ڳوٺن جو نالو ايندو، اتي ڳوٺ حاجي درياءَ خان ناهيون به سر فهرست رهندو. اولھ ۽ ڏکڻ طرف کلندڙ ٻن شاهي دروازن سان گڏ ڳوٺ جي چؤڌاري مٽيءَ جو اوچو ڪوٽ ۽ چئني ڪنڊن تي مورچا، هن ڳوٺ جي سونهن ۽ سندرتا جو اهڃاڻ آهن. اهڙيءَ طرح هي ڳوٺ ميرن يا مغلن جي ٺاهرايل ڪنهن قلعي جي ڏيک کان ڪنهن به طرف گهٽ ناهي. ڪوٽ ٻاهران، ڳوٺ جي مهڙ ۾، اولھ طرف ڳوٺ واسين جي سهوليت، روزگار ۽ تفريح لاءِ سيڌي جا دڪان، هوٽلون، اسڪول ۽ ميدان وغيره آهن، جن جا مالڪ پڻ هتان جا گهٽ آمدنيءَ وارا ناهيان ئي آهن. ڳوٺ جو اولھ وارو دروازو، اوطاقن، بيٺڪن، بنگلن ۽ مسجد مدرسي ڏانهن اچڻ وڃڻ وارن لاءِ آهي. جڏھن ته ڏکڻ طرف کلندڙ دروازو، ڳوٺ جي خاص توڙي عام ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ آهن.

اٽڪل ٦۰ گهرن ۽ ۲۵۰ ماڻهن جي آدمشماريءَ تي مشتمل هن ڳوٺ جون پري کان کلندڙ ماڙيون ۽ اوچي ڪوٽ مٿان هيبتناڪ مورچا، ڳوٺ جو بنياد رکندڙ حاجي درياءَ خان جو ايندڙ جُڳن تائين زنده هجڻ جو عڪس پسائين ٿا. ڳوٺ ۾ خواندگيءَ جي شرح ۵۰ سيڪڙو ٿيندي، جن ۾ عورتن جي ۱۵ سيڪڙو ۽ باقي مردن جي چئي سگهجي ٿي. ڳوٺ ۾ يونيورسٽيءَ جا سنديافته ۱۵ کن ٿيندا. ڳوٺ جي ڪافي ماڻهن کي زرخيز زمين جا پنهنجا ٿورا گهڻا ٽڪرا آهن. ماڻهن جو ڌنڌو زمينداري، کيتي ٻاڙي وڻج واپار، محنت مزدوري ۽ سرڪاري يا خانگي نوڪري آهي. سندن عورتون پڻ هٿ جون سڄيون ۽ پورهيت آهن.

هن ڳوٺ کي، سرڪار طرفان کيسانه موري کان وٺي ڳوٺ تائين، پڪو رستو، بجلي، ڊسپينسري، ٽيليفون، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول، هڪ مڊل اسڪول ۽ گندي پاڻيءَ جي نڪاسيءَ جون سهولتون دستياب آهن. ان کان علاوه حاجي درياءَ خان جي وڏي پٽ حاجي يار محمد طرفان قائم ڪيل هڪ ديني مدرسو پڻ ڳوٺ ۽ ٻاهر جي شاگردن کي ديني تعليم سان آراسته ڪرڻ ۾ مشغول آهي.

ڳوٺ جا ماڻهو سادا، سٻاجها، شريف، راڄوڻا ۽ محبتي آهن. هتي ۱۹۹۳ع کان وٺي، ڳوٺ جي نوجوانن جي ڪوششن سان هڪ سماجي تنظيم ”الناهيان فلاحي تنظيم“ پڻ ڳوٺ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

ھن ڳوٺ ۾ حاجي درياءُ خان سخاوت، ديانت، امانت، انصاف، غريب پروري، راڄنيتي ۽ قومي جذبي ڪري ۽ حاجي يار محمد علم، ادب ۽ سليقت سبب ته محمد جمن وري مڙسيلو، ھڏ ڏوکي ۽ ذات پروري ڪري اڄ به ھتان جي رھاڪن جي دلين ۾ زندھ آھن.

حاجي درياءَ خان (وفات ۲٦ جنوري ۱۹۵٦ع) لاءِ مشهور آهي ته پاڻ نهايت ئي غريب هو ۽ اٺن جو لاڏي هو. حيدرآباد ۾ ٽنڊي ٺوڙي ڀرسان ڦليليءَ روڊ تي، ڦليلي واھ جي ساڄي پاسي، ان وقت ڪنهن هندو سيٺ جو ڪپھ جو ڪارخانو هو، جنهن ۾ پاڻ پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏ ڦٽيون پهچائيندو هو. هڪ ڀيري سخت سيءَ ۽ بارش واري رات، کين ڪارخاني ٻاهران دروازي تي ان ڪري گذارڻي پئي جو هو رات گهڻي دير سان پهتا هئا. ان وقت، موسم جي سختيءَ سبب، سندس دل مان بي اختيار اهي لفظ نڪري ويا ته؛ ”جيڪر هيءُ ڪارخانو خدا کيس ڏياري ته هوند هر ڪنهن لاءِ هر وقت دروازا کولي ڇڏي.“ سندس ساٿين اها ڳالھ ٻڌي، مٿس ڏاڍيون ٺٺوليون ڪيون ۽ بيحد ماريو ته ”ڇا جت ؟! ۽ ڇا خواهشون؟!“ پر سندس هڪڙو جواب هو ته ”خدا وريو ته ويرم ناهي. هن وٽ ههڙن ڪارخانن جي ڪا به ڪمي ناهي“ ۽ پوءِ اهو ئي ٿيو جو پاڻ گهريائين. حاجي درياءَ خان اٺن جي لاڏي مان، چند سالن اندر ڪنهن بهاني سان، انهيءَ ساڳئي ڪارخاني جو سيٺ ۽ حيدرآباد ضلع جي ٽن تعلقن ۾ چار هزار ايڪڙ زمين جو مالڪ بنجي ويو. ان کان علاوه حيدرآباد جي موجوده شاليمار سينيما به ڪو وقت سندس مالڪيءَ ۾ رهي. اهو ڪاخارنو ۱۹۵۳ع کان ۱۹٦۳ع تائين، حاجي درياءَ خان ڪاٽن فيڪٽري جي نالي سان مشهور رهيو. جيڪو پوءِ وقت جي واچوڙن ۾ سندس پوين ڀڳڙن مٺ تي ڏئي ڇڏيو ۽ سندس نالو اڄ صرف هن صفحي تائين محدود ڪري ڇڏيو. باقي رهي زمين، سا به ڪنهن وقت کان آهستي آهستي، ٽڪري به ٽڪري، پئي مالڪ بدلائي.

اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته حاجي درياءَ خان جڏهن ڪک پتي مان لک پتي بنجي ويو ته به نه اصليت ڇڏيائين ۽ نه سخاوت. ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج ۾ سندس ڪاروباري شراڪت ايتري ته مضبوط هئي جو سندس وفات تي ايڪسچينج جو ڪاروبار بند ڪري هڪ ڏينهن لاءِ موڪل جو اعلان ڪيو ويو. ديني توڙي دنياوي حيثيت ۾ ھن شخص ايڏو ته نالو ڪمايو جو ائين کڻي چئجي ته هو ”ناهيون“ ذات جي سڃاڻپ جو اهڃاڻ هو/ آهي ته ڪنهن به طرح وڌاءُ نه ٿيندو.

هن ڳوٺ جي ناهين کي ”ڪنر وار ناهيان“ يا ”ڪونري ناهيان“ پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. ڇو ته آڳاٽي زماني ۾ جڏهن نصرپور کان وهندڙ درياءُ هتان به گذرندي اڳتي هيٺ ويندو هو. ان وقت هن جڳھ تي، جتي اڄ هي ڳوٺ آباد آهي، درياءُ موڙ کائيندو ۽ ڪُن ڪندو هو. جنهن ڪري ان جڳھ کي ’ڪُنُ وارو‘ يا ’ڪُن واري‘ ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. درياءَ جي پراڻ اڄ به موجود آهي، جنهن کي هن علائقي ۾ ’گنگا ڍنڍ‘ ڪري سڏجي ٿو.

هن جڳھ تي آباد ٿيڻ کان اڳ (انگريز دؤر کان گهڻو پهرين) هن ڳوٺ جا اصلوڪا رهاڪو (حاجي درياءَ خان جا وڏا) شهداد فقير وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ، هتان کان چار ڪلو ميٽر اتر اوڀر طرف واقع تاجپور نصرپور ريلوي اسٽيشن جي ڀرپاسي اچي آباد ٿيا.

هن ڳوٺ ۾ آباد ڪجھ گهر ضلع بدين جي شهر ڏندي کان آيل آهن. جيڪي ڌنڌي جي لحاّظ کان کنڀاٽي آهن ۽ ڪافي عرصو اڳ اجرڪون رڱڻ جو ڪم ڪندا هئا، ۽ مڪان شريف وارن پيرن جا مريد آهن. جڏهن ته ڪجھ ٽنڊوالهيار تعقلي جي ديھ ناهڪي ۽ ماريچي ۾ واقع ڳوٺن جي ڦٽڻ کان پوءِ اچي هتي آباد ٿيل آهن ۽ درگاھ گاجيلو شريف (بڪيرا) جا مريد آهن.

ڳوٺ خانپور

روهڙي ڪئنال جي اختتامي حدن جي ساڄي ڪوڀ ۾ ديھ تاجپور، تپو شاهپور، تعلقه ۽ ضلع مٽياري ۾ هتان جي لغاري نوابن جي ٻڌايل هڪ وسندڙ واهڻ جو نالو خانپور آهي. جنهن ۾ ٻين گهڻين ذاتين جهڙوڪ: شيدي، ڪوري، ماڇي، لغاري، سيد، واڻيا وغيره سان گڏ تقريبًا ٽيهن گهرن تي مشتمل ڏکڻ کان ڳوٺ جي منڍ ۾ ناهين جو جدا هڪ پاڙو آهي. خانپور جا ناهيان پڻ شهداد فقير واري وسندڙ واهڻ ڦٽڻ کان پوءِ، وقت ۽ حالتن پٽاندر مختلف پڊ وسائڻ/  ڦٽائڻ بعد موجوده وقت هتي آباد ٿيل سمجهڻ گهرجن. ناهين جي هن پاڙي جي آبادي تقريبًا ۲۵۰ جي لڳ ڀڳ آهي، جن ۾ خواندگيءَ جي شرح ٦۰ سيڪڙو کن ٿيندي. منجھن عورتن ۽ مردن جو ڳاڻيٽو به تقريبًا برابر ٿيندو. مردن جو تقريبًا اڌ حصو کيتي ٻاڙي ۽ اڌ حصو خانگي توڙي سرڪاري نوڪرين سان لاڳاپيل آهي. ماڻهو معاشي طرح مڇي مانيءَ وارا ۽ راڄوڻي طرح مڙسيلا آهن. جيتوڻيڪ وٽن تعليم پرائڻ لاءِ انگريزن جي دؤر کان وٺي تعلقي درسگاھ موجود هئي، پوءِ به تعليمي لحاظ کان مردن توڙي عورتن ۾، ڪا خاطر خواه ترقي نه ڪري سگهيا آهن.

هن ڳوٺ جي ناليرن مڙسن ۾ محمد بچل طاقت ۽ زور آزمائي ته محمد رحيم ۽ حاجي اسحاق سخاوت ۽ ديانت ڪري، اڄ به هر عام ۽ خاص جي دلين ۾ زندھ آهن.

حاجي اسحاق (اول) لاءِ مشهور آهي ته هو جڏهن حج تي وڃڻ جي تياري واسطي ڳوٺ ۾ موجود ساداتن (بچل شاھ ۽ ٻيا) وٽ موڪلائڻ لاءِ سندن حويليءَ ويو ته هنن ساڻس پيئڻ جي پاڻي نه هئڻ جي تڪليف بابت شڪايت ڪئي. پاڻ هڪدم گهر آيو ۽ حج جو ارادو ترڪ ڪري، انهن پئسن مان ساداتن کي کوھ کوٽرائي ڏنائين. پوءِ ڪجھ سالن اندرئي انهن ساداتن جي دعائن سان پاڻ ته حج ڪيائين پر دعا مطابق سندس خاندان جي هر پيڙهي مان ڪو نه ڪو حج ڪندو رهي ٿو. روايت آهي ته اهو سلسلو ستن پيڙهين تائين جاري رهندو.

محمد رحيم لاءِ مشهور آهي ته پاڻ ٻين سان گڏ ڪِرائي تي بيل گاڏي وھائيندو هو. جڏهن به ٻڌئين ته سندس ساٿين مان ڪنهن پوليس يا ڪنهن ٻئي طريقي هيتري چٽي ڀري آهي ته پاڻ وري پنهنجي محدود آمدنيءَ مان انهيءَ وقت اوتري رقم جي خيرات ڪري ڇڏيندو هو. اهڙيءَ طرح پاڻ ڪڏهن به ڪا چٽي ڪا نه ڀريائين.

محمد بچل، پهلواني ۽ زور آزمائي کان مشهور ۽ معروف هو. پاڻ قداور، ڊولائتو، سانورو ۽ بُت ۾ پاٺو چيو وڃي ٿو. سندس پهلوانيءَ جي گهڻن قصن مان هڪ هيءُ به مشهور آهي ته ؛ هڪ ڀيري ڪا ٻٻر يا نم جي وڻ جي ڪاٺي، ٻنيءَ تان کڻي کين (پاڻ ۽ سندس ڀائر) ڳوٺ پڄائڻي هئي. ڪاٺي به ڪافي ڳري هئي. ڀائرن جو خيال هو ته ’ اُٺ، ڪاٺي کڻي ويندو‘ ۽ هن جو چوڻ هو ته ’اُٺ، ڪاٺي کڻي نه سگهندو‘. پاڻ بحث ان ڳالھ تي ٽوڙيائين ته ’اُٺ کي ويهاريو وڃي ۽ آئون سندس پٺيءَ تي پنهنجي هٿ جي تريءَ جو زور ڏئي بيهان ٿو، جي اٺ اٿي ويو ته ڪاٺي به کڻي ويندو نه ته ڪاٺي کڻي نه سگهندو‘. آخر ائين ئي ڪيو ويو. نتيجي ۾ اٺ اٿي نه سگهيو. پوءِ پڪ ڪرڻ خاطر ڪاٺي به رکي وئي ته واقعي اٺ اٿي نه سگهيو.

هن ڳوٺ ۾ سرڪاري طرح هڪ پرائمري اسڪول، پڪو رستو، بجلي، گندي پاڻيءَ جي نڪاسيءَ جون ناليون ۽ فيملي پلاننگ ايسوسيئيشن طرفان هڪ عدد ڊسپينسري جون سهولتون موجود آهن.

مختصر شجرو:

هن ڳوٺ ۾ ڪيترا ئي پاڙا يا گهراڻا آهن. جن مان مشهور هي آهن: هڪ ’عالي‘ جيڪي شهداد فقير واري واهڻ ڦٽڻ کان پوءِ  ڳوٺ ماڪن کان سڌو سئون آيل آهن ۽ ڳوٺ حاجي يار محمد ۾ ذڪر ڪيل ڪريمڏني جي ڌيءُ زوجه علي (ٻيو) مان آهن.

ان علي جي پٽ ستار ڏني جا پٽ: نفيس احمد، نثار احمد، منظور احمد، آفتاب احمد، مجاهد علي ۽ ممتاز علي. ماڪن جو پٽ: محمد شريف. ڪريمڏنو بي اولاد وفات ڪري ويو. محمد صديق جا پٽ: نزاڪت حسين، صداقت حسين ۽ سلامت حسين.

ڳوٺ حاجي يار محمد کان آيل الله ڏني جي پٽ ڌڻي بخش جا پٽ: غلام قادر (وفات ۸ مارچ٢٠۱٠ع( ، غلام محمد، غلام حيدر، غلام رسول، احمد خان ۽ دوست علي. غلام قادر جو پٽ: عبدالقادر. غلام محمد جا پٽ: اخلاق احمد، اشفاق احمد، جنيد احمد ۽ جمشيد احمد.

هن ڳوٺ جو ٻيو مشهور پاڙو ”هوتاڻي“ آهي، جيڪو هوت ۽ انجي اولاد کي سڏجي ٿو.

محمد بچل (اول) جو پٽ: هوت. هوت جا پٽ: بچل (ٻيو)، محمد، همير (اول)، عبدالرحيم ۽ محمد حسين. بچل (ٻيو) جو پٽ: محمد رحيم ۽ انجو پٽ ربڏنو (بچندو). عبدالرحيم جا پٽ: محمد نواز (جيڪو غير شادي شده وفات ڪري ويو) ۽ ارباب. ارباب جا پٽ: امام ڏنو، محمد نواز، هشمت علي، زوهيب ۽ ماجد.

محمد حسين جو پٽ: همير (ٻيو) ۽ انجو پٽ: افضل. هوتاڻي پاڙي ۾ ئي قائم جا پٽ: بيگ ۽ اوڀايو (اول). اوڀايو جا پٽ: بخش علي، قائم، موليڏنو ۽ خان محمد. بخش علي جا پٽ: اوڀايو (ٻيو) ۽ گل بيگ.

هن ڳوٺ جو ٽيون مشهور پاڙو ’حاجاڻي‘ جنهن جو سربراه محمد عثمان (اول) جنهن جا پٽ: حاجي محبوب (وفات ١٣٦٣ھ)، پانڌي (وفات ۱۹۵۱ع)، حاجي اسحاق (اول) ۽ عارب. حاجي محبوب جو پٽ: امان الله. پانڌي جو پٽ: ڪاڪو ۽ ڪاڪو جو پٽ: وڪيو.

حاجي اسحاق (وفات ١٣۴٣ھ) جا پٽ: حاجي عثمان (ٻيو) ۽ محمود. حاجي عثمان جا پٽ: محمد اسحاق (ٻيو)، روشن علي، انور علي، نظام الدين، محمد ايوب ۽ عبدالرزاق.

محمود (اول) جو پٽ محمد هاشم، جنهن جا پٽ: محمود علي (ٻيو)، بنده علي، ذوالفقار علي، امداد علي ۽ سينگار علي.

عارب جا پٽ: رحمت الله ۽ لکا ڏنو. رحمت الله جا پٽ: حبيب الله ۽ صدر الدين. لکا ڏني جو پٽ: مولا داد.

هن ڳوٺ جو چوٿون مشهور پاڙو ’عالياڻي‘ جيڪو سومار جي پٽ عالي (اول) پويان سڏيو ٿو وڃي.

ان سومار جا ٽي پٽ: خانڻ، مڱيو ۽ عالي (اول). خانڻ جا پٽ: جڙيو، نبو ۽ حاجي عالي (ٻيو). مڱيو جا پٽ: الله ڏنو، اوڀايو ۽ سومار. عالي (اول) جا پٽ: يار محمد، خانڻ (ٻيو)، حاجي حسن، محمد رحيم، محمد جمن ۽ عدلو.

يار محمد جا پٽ: بشير، وزير، نذير ۽ رشيد. خانڻ (ٻيو) جا پٽ: علي احمد ۽ حاجن.

محمد رحيم جا پٽ: اختر (حيدرو)، خادم ۽ زاهد. محمد جمن جو پٽ: سڪندر.

عدلو جا پٽ: شاهنواز ۽ عالي. سومار جو پٽ: نٿو. نٿو جو پٽ: منظور. اوڀايو جا پٽ: دادو ۽ محسن. دادي جو پٽ: محمد صالح. محسن جا پٽ: عزيز الله ۽ عبيدالله.

الله ڏنو جا پٽ: غلام حسين، لياقت علي ۽ اختيار علي.

ان کان علاوه جيڪي ٻيا گهراڻا ڪنهن نه ڪنهن طرح هڪٻئي سان جڙيل آهن، انهن ۾ عبدالحڪيم (وفات ١٣٩٥ھ) جا پٽ: مراد علي، گل محمد (بلو) ۽ محمد علي. محمد علي جا پٽ: خالد ۽ عابد.

حافظ جا پٽ: مٺو، مبين، نورو ۽ سائين ڏنو. مٺوَ جو پٽ: يوسف.

نوروَ جو پٽ: احمد ۽ احمد جا پٽ: قادر بخش، ڪارو ۽ مجروح.

ڳوٺ ڪنڊو ناهيون

موجوده وقت پنجن گهرن تي مشتمل هي ننڍڙو ڳوٺ ديھ آبڙي، تپو ٽنڊوڄام، تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد ۾ تقريبًا ۴۰ ماڻهن جي آدمشماري تي مشتمل آهي. کيسانه موري جي لڳ ڀڳ وارو ٻين ڳوٺن جيان هي ڳوٺ به ناهين جي قديم ڳوٺ شهداد فقير وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، مختلف پڊ ۽ پڙيون بدلائيندو، ڳوٺ جي چڱي مڙد ڪنڊو ناهيون جي نالي پويان اڄ به قائم ۽ دائم آهي. ڳوٺ ۾ خواندگي جي شرح ۱۰ سيڪڙو کن ٿيندي. جن مان يونيورسٽيءَ جو سنديافته ڪو به ناهي. ڳوٺ جي ڪن ماڻهن کي پنهنجي زمين جا ٽڪرا آهن ۽ باقي خانگي طرح محنت مزدوري ڪري روزگار ڪمائين ٿا. ڳوٺ لاءِ سرڪار طرفان ۱۹۹۲ع کان بجلي، پڪي رستي ۽ اسڪول جي سهوليت دستياب آهي.

هن ڳوٺ ۾ ”ڪنڊو“ ۽ ”طاهر فقير“ پير پرستي، چڱمڙسي ۽ راڄ پرستي ڪري چڱا ناليارا مڙس ٿي گذريا آهن.

طاهر فقير لاءِ مشهور آهي ته سندس شاھ الياس (جيئي شاھ) سان نهايت عقيدت هوندي هئي. پاڻ ۾ ٻه ڀائر هوندا هئا. جن ۾ هيءُ اٻوجھ، سادو ۽ غريب هوندو هو. عيد براد ۽ خوشيءَ وارن ڏهاڙن تي جڏهن سندس ڀاءُ (وهيون فقير) جي گهر ۾ چڱو چوکو رڌبو ۽ کائبو هو، پر سندس ٻارڙا بکيا سمهندا هئا ته پنھنجي حال تي جوءِ جا ڪافي طعنا ٻڌڻا پوندا هئس. تڏهن پاڻ صبح ساجهر اچي، جيئي شاھ بادشاھ جي حضور ۾ پيش پوندو هو ۽ مقبري اندر پنهنجي ڀاءُ ۽ زال جي وڏي سڏ اهڙيءَ طرح ته شڪايت ڪندو هو، ڄڻ ڪنهن سان روبرو دانھين ٿيندو هجي. آخر ۾ شاھ صاحب کان تازي پلي، اٽي ۽ پنجن روپين جي ڪڙڪ نوٽ جي گُهر ڪري ٻاهر نڪرندو هو. روايت آهي ته جڏهن ڇاپو پير (جيئي شاھ جو مامو، جنهن جي درگاه جيئي شاھ کان ڪجھ دور ٻاهر آهي) جي آسپاس ايندو هو ته واٽ تي اٽي جي هڪ ڳٺڙي، ان هيٺان پنجن روپين جو ڪڙڪ نوٽ ۽ مٿان پلي جي مند هئڻ يا نه هئڻ باوجود به تازو پلو پيل ملندو هئس. پوءِ گهر اچي زال کي وڏي فخر وچان چوندو هو: ”ڏس هيءُ مون کي جيئي شاھ ڏنو آهي. چئه پنهنجي ڏير کي ته آڻي ڏي ههڙو پلو، ههڙو نوٽ ۽ اٽو.“

مختصر شجرو:

ٻه ڀائر طاهر فقير ۽ وهيون فقير. طاهر فقير جا ٽي پٽ: عبدالله (اول) ڪامل ۽ محمد (اول). وهيون فقير جا پٽ: پرتو، لاڪو ۽ والي ڏنو. پرتو جو پٽ: وڪيو (الله ڏنو).

عبدالله (اول) جا پٽ: عمر (متوفي ١۴٠٥هه)، محمد (ٻيو)، عثمان ۽ الله ڏنو. محمد (ٻيو) جا پٽ: عبدالله (ٻيو)، درياء خان، عبدالرشيد محمد عثمان ۽ موليڏنو.

هن ئي ڳوٺ ۾ ٻيو گهراڻو ’مريد‘ جو، جنهن جا پٽ: بچايو ۽ ڪنڊو (جنهن جي پويان ڳوٺ جو نالو آهي) بچايو جا پٽ: دودو ۽ هارون.

ڪنڊو کي هڪ پٽ: دوست محمد ۽ هڪ ڌيءُ زوجه مکڻ. مکڻ، لاڙ کان آيل آهي، جنهن کي هڪ پٽ: مير ۽ هڪ ڌيءُ زوجه عمر (پٽ عبدالله). مير جو پٽ: گل.

دوست محمد جا پٽ: محمد حسن، شير احمد، علي نواز ۽ نور احمد.

هن ڳوٺ جو ٽيون گهراڻو عمر جو، جيڪو لاڙ جي علائقي ڪونج کان اچي آباد ٿيل آهي، تنهن جا پٽ: حاصل، کمون ۽ حاجي. حاصل ۽ حاجي غير شادي شده وفات ڪري ويا ۽ کمون جا پٽ: هارون، عمر، رجب ۽ ٻه ٻيا جي ڳوٺ ڪنڊو کان ٿورو پرڀور پنهنجي ٻني ۾ آباد آهن.

ڳوٺ سڄڻ ناهيون

ديھ راڄپري، تپو ٽنڊو قيصر، تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد جو هي ننڍڙو ڳوٺ، ٽنڊوڄام کان ڏکڻ اولھ طرف تقريبًا ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ٽنڊو قيصر جي لنڪ روڊ تي، تقريبًا ۱۵ گهرن ۽ سوا سؤ ماڻهن جي آدمشاريءَ تي مشتمل آهي. ديھ راڄپري ۾ واقع هجڻ ڪري، هن ڳوٺ جا ناهيان عام طرح سان ‘راڄپري ناهيان‘ پڻ سڏجڻ ۾ اچن ٿا.  ناهين جو قديم ڳوٺ، شهداد فقير وارو ڳوٺ، ڦٽڻ کانپوءِ ٻيو تاريخي ڳوٺ ”دڙي وارو ڳوٺ“ آباد ٿيڻ ۽ ڦٽڻ کان پوءِ ئي، هي ڳوٺ محمد سڄڻ ناهيون جي سربراهي هيٺ آباد ٿيل آهي. ڳوٺ ۾ خواندگي شرح ۳۰ سيڪڙو ٿيندي. جن مان عورتن جي شرح نهايت گهٽ آهي. ڳوٺ سرڪاري نقشي ۾ پڻ آيل آهي. ڪافي ماڻهن جو ڌنڌو ٻني ٻارو ۽ محنت مزدوري آهي. ڪجھ ماڻهو سرڪاري توڙي خانگي نوڪرين سان پڻ لاڳاپيل آهن. ڳوٺ جا ماڻهو راڄوڻا، شريف، محنتي، مڙسيلا ۽ مڇي ماني وارا آهن.

هي ڳوٺ سرڪار طرفان اڄ جي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري دؤر ۾ به هر طرح جي بنيادي سهولت کان اڃا وانجهيل آهي.

هن ڳوٺ جو چڱو مڙس محمد سڄڻ، عدل، انصاف، سخاوت راڄنيتي ۽ پير پرستي ۾ سٺو ناليوارو مڙس ٿي گذريو آهي.

ڳوٺ محمد ابراهيم ناهيون

هي ڳوٺ ديھ گجو آمري ۾ تعلقي سجاول ۽ ضلع ٺٽي ۾ واقع آهي. ڏهن گهرن تي مشتمل هن ڳوٺ جي آبادي لڳ ڀڳ ۸۰ کن آهي. هن ڳوٺ جا ناهيان اصل جهونا ڳڙھ ڪڇ کان پوءِ ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ ناھيانھون ۽ ان بعد تعلقي حيدرآباد جي ديھ هوتڪي جا رهواسي آهن. پاڻ ”هوٿي ناهيون“ جو اولاد هجڻ ڪري اڄ به گهڻو ڪري ”هوٿي ناهيان“ سڏبا آهن. پيري مرشديءَ جي لحاظ کان پاڻ اصل ۾ بڪيرا شريف تعلقي ٽنڊوالهيار جا مريد آهن. هن ڳوٺ جا ماڻهو معاشي طرح خوشحال، مڇي مانيءَ وارا، سٻاجها، سادا ۽ مهمان نواز آهن. تعليم جي لحاظ کان، هيءُ ڳوٺ به لاڙ جي ٻين گهڻن ڳوٺن جيان پٺتي پيل آهي. جنهن ۾ عورتن جي تعليم بلڪل نه هئڻ برابر ۽ مردن جي شرح خوانگي ۲۵ سيڪڙو مس آهي. حڪومت طرفان ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول جي پڪي عمارت سان گڏ بجلي جي سهوليت پڻ دستياب آهي.

محمد ابراهيم، جنهن جي نالي پويان هي ڳوٺ آهي، نهايت ناليوارو مڙس ٿي گذريو آهي.

ڳوٺ راول ناهيون

ديھ آبڙي، تپو ٽنڊوڄام، تعقله ۽ ضلع حيدرآباد ۽ هاڻوڪي کيسانه موريءَ کان ڏکڻ اولھ طرف ڳوٺ راول ناهيون، اٽڪل ستن گهرن ۽ پنجاھ کن جي آدمشماريءَ تي مشتمل، هڪ ننڍڙو پر وسندڙ ڳوٺڙو آهي. هن ڳوٺ کي عرف عام ۾ ”وسيئن وارو ڳوٺ“ به سڏجي ٿو. هن ڳوٺ تي اهو نالو ان ڪري پيو جو مدد خان پٺاڻ جي ڪاھ ڪري، ناهين جو دڙي وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ، ناهين جو چڱو خاصو ۽ وسندڙ راڄ ھتي هو.

ڳوٺ ۾ خواندگيءَ جي شرح، نهايت گهٽ آهي. خانگي يا سرڪاري نوڪرين سان واسطو رکندڙن جو تعداد به نه هئڻ برابر آهي. اڪثر ماڻهن جي روزگار جو ذريعو کيتي ٻاڙي، وڻج واپار، مال ڌارڻ يا مزدوري ۽ ٽرانسپورٽ آهي. ڪن ٿورن وٽ پنهنجي ٻني ٻارو پڻ آهي. ماڻهو مڇي ماني وارا، مڙسيلا ۽ راڄوڻا آهن.

هي ڳوٺ سنڌ جي اهڙن ڳوٺن مان ھڪ آهي جيڪي پراڻا آهن ۽ جن ڳوٺن لاءِ سرڪاري زمين ڏنل آهي. يعني شروعاتي سروي ۾ ئي ڳوٺ نقشي ۾ ڏيکاريل آهي. ان طرح حيدرآباد ضلعي ۽ تر جي پراڻن ڳوٺن مان هڪ آهي. ڳوٺ لاءِ، سرڪار طرفان ۱۹۸۵ع کان بجلي، گئس، پڪو رستو ۽ اسڪول جون سھوليتون موجود آھن.

هن ڳوٺ ۾ وڏيرو راول، پرتو، لاڪو ۽ گاگو چڱمڙسي ۽ راڄ پرستي ۾ سٺا ناليرا مڙس ٿي گذريا آهن.

مختصر شجرو:

ٻه ڀائر گاگو (اول) ۽ قاسم (اول). گاگو کي ٽي پٽ: راول، قاسم (ٻيو) ۽ صديق. قاسم(اول) غير شادي شده وفات ڪري ويو. راول کي پٽ: امير. قاسم جو (ٻيو) پٽ: هادي بخش. صديق جا پٽ: سومار، صاحبڏنو، گاگو (ٻيو) رياض علي، نياز علي ۽ ربو.

ساڳي ڳوٺ ۾ ٻيو گهراڻو جمعون جنهن جا ٽي پٽ: خدو، جڙيو ۽ ڏنو.

خدوءَ جا پٽ: جمعون، الله ورايو، محمد بچل ۽ منظور. جڙيو جا پٽ: الله ڏنو، ممتاز ۽ ڪالو.

ڳوٺ ارباب احمد خان ناهيون

هي ڳوٺ تعلقي ۽ ضلع حيدرآباد جي تپي ٽنڊو قيصر جي ديھ راڄپريءَ ۾ واقع آهي. تقريبًا ۱۵۰ گهرن ۽ ۵۰۰ ماڻهن جي آدمشماريءَ تي مشتمل هيءُ ڳوٺ، ٽنڊو ڄام کان ڏکڻ طرف اڍائي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ٽنڊو قيصر روڊ جي لنڪ تي، وقت ۽ حالتن جي تقاضائن پٽاندر زماني سان وک ۾ وک ملائي، ترقي ۽ خوشحاليءَ طرف روان دوان آهي.

اصل ۾ هيءُ ڳوٺ به حيدرآباد ضلع ۾، ناهين جي ٻين گهڻن ڳوٺن جيان، مدد خان پٺاڻ جي ڪاھ وقت (۱۱۹۴ هه، ۱۷۸۰ع) ناهين جو دڙي وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ نئين ڳوٺ طور تقريبًا هاڻوڪي جڳھ تي ئي ارباب احمد خان جي نالي پويان سڏجڻ لڳو.

ناهيون، ميمڻ ۽ سيد برادرين جي گڏيل هن ڳوٺ ۾ ناهيون ذات جي گهرن جو تعداد ۷۰ کن ۽ آدمشماري ٽي سؤ جي لڳ ڀڳ ٿيندي. هن ڳوٺ جي ناهين ۾ خواندگيءَ جي شرح ۵۰ سيڪڙو کن ٿيندي، جنهن ۾ عورتن جي ۱۵ ۽ باقي مردن جي آهي. منجهائن يونيورسٽيءَ جو سنديافته ڪو به ناهي. اڪثر ماڻهو پورهيت، ڪڙمي، مزدور ۽ ڪي ٿورا سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين سان لاڳاپيل آهن. ڳوٺ ۾ زمينداري صرف ارباب گهراڻي جي آهي. جن وٽ هن ڳوٺ جا ئي ڪافي ناهيان ۽ ڪي ٻيا، هارپ ڪري پيٽ گذر ڪندڙ آهن. هن ڳوٺ جا ماڻهو سادا ۽ سٻاجها، محنتي ۽ مڙسيلا، روايتي ۽ راڄوڻا آهن. هن ڳوٺ ۾ دڙي وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ لڏي آيل ڪافي گهرن کانسواءِ ڪجھ گهر لاڙ جي مختلف ڳوٺن کان مستقل طرح اچي آباد ٿيل به آهن.

هن ڳوٺ جو ارباب گهراڻو، حيدرآباد ضلع توڙي پوريءَ سنڌ جي ”ناهين“ جو پشت به پشت قومي پڳدار رھندو پيو اچي، جنھن کي احترامًا ’ارباب‘ ڪري چون. جيتوڻيڪ پورو ارباب گھراڻو سنجيدھ، نھٺو، شائسته، پير پرست ۽ فيصلي جي قوت رکندڙ آھي. پر پوءِ به انھن مڙني صفتن ۾ ارباب ستابو، ارباب احمد خان ۽ ارباب سومار جا نالا صف اول ۾ ڳڻي سگھجن ٿا.

ھن ڳوٺ ۾ ارباب احمد خان (متوفي ۱۹٦۵ع) ۽ ارباب محمد سومار (وفات ۱۹۸۴-۱۲-۲۲ع) نهايت نيڪ ۽ راڄوڻا ماڻهو هئا. پيرن فقيرن ۽ ولين سان سندن والهانه عشق هوندو هو. جتي به ولي الله ٻڌندا هئا، اتي ٻه چار ماڻهو وٺي وڃي خيرات ڪري ايندا هئا. ارباب محمد سومار ته سمن سرڪار ۽ مرشد سائين مصري شاھ نصرپوري جو نهايت معتقد هو. سندن سالياني عرس تي ٻنهي بزرگن جي زيارت لاءِ ته ضرور ويندو هو. سندس عقيدت ۽ احترام جو جنون ان حد تائين اوج تي رسيل هو، جو هميشه سائين مصري شاھ جي ميلي جو ننگر پنهنجي اجرڪ جي پلاند ۾ وٺي گهر ورندو هو. موجودھ ارباب پڻ، اهڙي خوشبوءِ رکندڙ آهن.

هن ڳوٺ جي ٻين گهڻين سياسي ۽ سماجي شخصيتن کان علاوه، ڪامريڊ علي محمد جي شخصيت به نه وسارڻ جھڙي آهي. پاڻ هارين ۽ بي يارو مددگار ماڻهن جو نڊر ۽ بيباڪ رهنما هو. گهڻين ئي هاري تحريڪن ۾ سندس اڳواڻيءَ هيٺ، هارين ۾ پنهنجن حقن وٺڻ جو اتساھ پيدا ٿيو. پاڻ هر قدم تي سندن رهنمائي ڪرڻ سان گڏوگڏ، ساڻن هر لمحي ۾ ثابت قدم پڻ رهيو ۽ اهو ئي سبب هو جو هو علي محمد مان ڪامريڊ علي محمد بنجي ويو.

جنهن جڳھ تي اڄ هيءُ ڳوٺ آباد آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ بڙ جو هڪ جهونو وڻ به هيو، انڪري هيءُ ڳوٺ ”بڙ جو ڳوٺ“ نالي به مشهور ٿيو.

هتي اها ڳالھ به اهميت کان خالي نه هوندي ته ارباب محمد علي سان گڏ دڙي واري ڳوٺ کان وٺي، ’بڙ واري ڳوٺ‘ تائين هڪ گهر ميمڻ ذات جو به آيو، جيڪو ارباب محمد علي جو خاص ماڻهو هو ۽ علي پٽيل نالي مشهور هو. انهيءَ هڪ گهر پويان ڪافي ٻيا ميمڻ برادريءَ جا گهر به اڄ تائين هن ڳوٺ ۾ ناهين سان شادي غميءَ ۽ مرڻي پرڻي هڪ خاندان جيان گڏ پيا رهن.

انبن ۽ ڄمن جي باغن وچ ۾ هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ سرڪار طرفان پرائمري اسڪول، بجلي ۽ پڪي رستي جو سهولتون موجود آهن.

اربابن جو مختصر شجرو:

”پساهيو“ تنهن کان پوءِ ’ارباب ٺريو‘ (سندن رشتي جي ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي). ارباب ٺريو، ڪلهوڙا دؤر کان اڳ رياست جو وارث هو. ارباب ٺريي کان پوءِ سندس ڀاڻيجو ”ارباب ستابو“ راڄ ڌڻي بڻيو. ارباب ستابي کي هڪ پٽ، جنهن جو نالو هن پنهنجي مامي پويان ”ٺريو“ رکيو، جو پوءِ سندس پڄاڻان راڄ ڌڻي بڻيو. ان ارباب ٺريو جو پٽ ارباب محمد علي (اول)، جنهنجو پٽ ارباب شجاع محمد (اول). ارباب شجاع  محمد کي  ٻه پٽ: هڪ ارباب احمد خان (موجوده ڳوٺ جي نالي واري وفات ۱۹٦۵ع) ۽ ٻيو ارباب جان محمد- ارباب احمد خان جو پٽ ارباب محمد سومار ( وفات ۲۲ ڊسمبر ۱۹۸۴ع)، جنهن جا چار پٽ: ارباب بقادار (موجوده راڄ ڌڻي)، ارباب احمد خان (ٻيو)، ارباب شجاع محمد (ٻيو) ۽ ارباب محمد علي (ٻيو).


ناھيون ذات متعلق چيل چوڻيون ۽ انھن جي اصل حقيقت

پھاڪا ۽ چوڻيون معاشري جون آئينه دار ھونديون آھن. پوءِ ڪي چوڻيون صحيح ۽ صاف عڪس ڏيکارنديون آھن، جن تي قومون ناز ڪرڻ لڳنديون آھن ته ڪي وري ابتو عڪس پسائينديون آھن، جن تي قومون شرمندگي ظاھر ڪنديون رھنديون آھن. سنڌ ۾ تقريبًا ھر ذات ۽ قوم لاءِ جدا جدا علائقن ۾ جدا جدا چوڻيون ۽ پھاڪا آھن، جن پٺيان يا ته سچيون حقيقتون ڇپيل آھن يا وري ڪوڙيون ڪٿائون ڏنل آھن. ناھيون ذات لاءِ پڻ، مختلف علائقن ۾ مختلف چوڻيون چيل آھن. جن مان ڪن جو حقيقت سان گھرو واسطو آھي ته ڪي ھٿ ٺوڪيون آھن. جيڪي ملي سگھيون آھن، سي ھيٺئين ريت آھن:

۱.  ناھيان نبيءَ جي سڏ تي ڪو نه آيا:

ھن چوڻي لاءِ روايت آھي ته حضور اڪرم جن (ولادت ۵۷۱ع)  مختلف قومن جي ماڻھن کي پاڻ وٽ گھرايو. ڪافي ويا ۽ مسلمان ٿيا. باقي جيڪي نه ويا سي ’نه آيا‘، ’نايا‘ يا ’ناھيان‘ بنجي ويا.

اصل ۾ ھيءَ ھڪ جڙتو ڳالھ آھي، جنھنجو حقيقت سان ڪو به واسطو ناھي. جيئن ته ناھيون ذات جا ماڻھو، صرف برصغير بالخصوص سنڌ ۾ ٿا رھن ۽ ڪجھ روايتن موجب ته نبي اڪرم جن جي خواھش جي باوجود به سنڌ يا برصغير مان نه آيا، انڪري ناھيون ذات جي ماڻھن جو يا ٻين ذاتين جو ھتان کان وڏي تعداد ۾ عربستان وڃڻ ناممڪن آھي. نڪي وري ڪنھن تاريخي يا اسلامي ڪتاب ۾ ئي اھڙي ڪا گواھي آيل آھي. ان کان علاوه سنڌ جي تاريخ جي ڪتابن موجب ته ھتان جي ماڻھن محمد بن قاسم جي اچڻ کان پوءِ اسلام قبول ڪيو، جنھن جي اچڻ جو سن ۷۱۲ع ٻڌايو ٿو وڃي. يا ان کان به اڳ سنڌ ۾ اسلام اچي چڪو ھو، جڏھن عربن جا ھتان جي ماڻھن سان سمنڊ ذريعي واپاري لاڳاپا ھئا. خود تاريخ سنڌ-۳ مطابق ته سماٽ قوم ۾ چنا ذات وارن سڀ کان پھرين محمد بن قاسم جي ھٿ ھيٺ اسلام قبول ڪيو. ان طرح ھن روايت جي حقيقت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ انجو واسطو ٻين اھڙين گھڻين ڄٽڪين روايتن سان ملي ٿو، جيئن خشڪن ۽ پُسين لاءِ چيو ويندو آھي. اھي ٻئي درياءَ جي ڪپ تي ملھھ وڙھيا ۽ جڏھن ھڪڙو پاڻي ۾ ۽ ٻيو سڪيءَ تي ڪريو ته اھو ۽ انجا پويان ان نسبت سان خشڪ ۽ پُسيو بنجي پيا.

۲.  ناھين جي سنجھي جي صلاح ڪانه بيھندي:

اصل ۾ ھيءَ چوڻي مٿي ذڪر ڪيل ڪلڪان جادوگرياڻيءَ جو ناھين لاءِ چيل ھڪ پاراتو آھي، جيڪو اڄ جي ڪمپيوٽر واري دؤر ۾ سائنس جي پوئلڳن لاءِ صرف ھڪ ھٿ ٺوڪي ڳالھ، وھم يا انڌو عقيدو ھوندي. پر پوءِ به ناھيون ذات جي ڪافي ڳوٺن جا ماڻھو، ھن تي چڱيءَ طرح عمل پيرا آھن. ھو ڪنھن ڪم جو ارادو، ڪو فيصلو، آئيندي جو پروگرام يا ايتري قدر جو سج لٿي کان سانجھيءَ تائين شاديءَ جو ’ونواه‘ يا ٻي تقريب ڪو نه ڪن.  ڪافي قدر ڏٺو ويو آھي ته اھڙي وقت دؤران عمل ۾ ايندڙ ڪا ڳالھ يا ايندڙ ڏينھن جو پروگرام صبح ٿيڻ سان ڪنھن نه ڪنھن سبب ڪري، عملدرآمد کان رڪجيو وڃي. انڪري ڪنھن حد تائين چئي سگھجي ٿو ته اھا چوڻي پنھنجي اصلوب ۽ پس منظر ۾ صحيح آھي.

۳.  ناھيون ۽ نانگ، جتي ڏِس اتي مار

 ۴   .نانگ ڇڏي، ناھيون مار

ھيءَ چوڻي پاڪستان جي تقريبًا ھر خطي ۾ ساڳئي مفھوم سان، لفظن جي ٿورڙي فرق سان، مختلف قومن لاءِ چئي وڃي ٿي. ضلعي حيدرآباد ۾ ھن چوڻيءَ جو مؤجد يا راوي نواب محمد علي خان لغاري تاجپوري يا نواب نور احمد لغاري خانپوري چيو وڃي ٿو. اصل ۾ اھا حقيقت آھي ته ناھيون ذات جا ماڻھو جتي به آباد ٿيا آھن، اتي پنھنجي مڙسي ۽ ھمت سان، بغير ڪنھن ٻئي جي ڪاڻ ڪڍڻ جي، پنھنجي جداگانه حيثيت سان سينو ساھي رھيا آھن. ان کان علاوه اِھا به ھن ذات جي ماڻھن جي خوبي رھي آھي ته ھنن جي پاڻ ۾ ڪيڏي به عداوت ھوندي پر جڏھن ڌارئين سندن ڪنھن ڀاءُ جو حق ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھڪدم متحد ٿي ويندا ۽ سوڀ حاصل ڪرڻ تائين ھر محاذ تان وڙھندا رھندا. اھو ئي سبب ھو جو ھي مالي طرح ڪمزور ھوندي به تاجپور ۽ خانپور جي نوابن جي، ھتان جي ٻين ذاتين جيان آنڪي نه ڀرڻ ڪري ھميشه سندن ناراضگي جو نشانو بنجندا رھيا.

ھيءَ چيل چوڻي پڻ اھڙي ئي خلش جو اظھار آھي.

۵.  ست ناھيان ھڪ لنڊيءَ جا کاڌل.

جيئن مٿي ذڪر اچي چڪو آھي ته ناھيون ذات جي ماڻھن جي ھڪڙي وڏي خامي اھا آھي جو ھي پاڻ ۾ ھڪٻئي جا بدخواه ۽ آپت جا کوٽا آھن. اھڙي ئي حقيقت جي پس منظر ۾ مٿين چيل چوڻي پڻ آھي. جنھن لاءِ چون ٿا ته ھڪ ڀيري ڪنھن ھنڌان ستن ناھين جو قطار ٺاھي ھڪ ٻئي پٺيان گڏوگڏ گذر ٿيو. رستي تي ڪکن جي ڍڪ ۾ ’لنڊي‘ بلا ويٺي هئي. جنھن اول پھرئين گذرندڙ کي ڏنگيو. ھُن ڏنگ محسوس ڪيو، بلا به ڏٺي پر پوين کي ڪو نه ڏسيو ته جيئن ھو خبردار ٿي وڃن، بلڪ چپ رھيو. اھڙي طرح ٻئي کي به ساڳئي بلا ڏنگيو پر ھو به چپ رھيو. ائين ستن مان ھر ھڪ کي بلا ڏنگيو. آخر ۾ ستين جڏھن دانھن ڪئي ته باقي ڇھن مان ھر ڪنھن چيو ته؛ ان بلا ته مونکي به ڏنگيو. اھڙيءَ طرح ست ئي ھڪ ٻئي جي خيرخواھي ڪرڻ بجاءِ بدخواھي ڪندي مري ويا.

٦.   ناھين جي پيٽ ۾، ڳالھ رھي نه سگھندي.

ھي چوڻي به ڪا مصدقہ ۽ ھر حالت ۾ سچ نه ٿي سمجھي سگھجي. بھرحال چون ٿا ته ھڪ دفعي ناھين مان ڪنھن مٿي ذڪر ڪيل ’جيئي شاه‘ جو گھيٽو ڪھي رڌي کائي ڇڏيو. جنھن جو اطلاع ڪنھن اچي ’جيئي شاه‘ کي ڪيو. پاڻ ان ناھين کان پڇيائون. جنھن نه مڃيو. پوءِ پاڻ چيائون؛ ’اندر گھيٽو، ٻاھر اسين. پاڻهي گھيٽو پيٽ اندر ھجڻ جي تصديق ڪندو‘. ناھيون ڪجھ وقت رکي خوف جي ماريي وڃي جيئي شاه وٽ ڀري ڪچھري ۾ اقراري ٿيو.

ان کان پوءِ مٿين چوڻيءَ کي شھداد فقير واري ڳوٺ مان نڪتل ناھين لاءِ، اڄ به دل اندر ڪنھن راز يا ڳالھ جو گھڻو وقت نه رھڻ، ان پاراتي سان لاڳاپيو ويندو آھي.

********************


مددي ڪتاب:

۱.  تحفته الڪرام                                   مير علي شير قانع ٺٽوي

۲.  جنت السنڌ                                        رحيمداد مولائي شيدائي

۳.  سماٽ                                               رحيمداد مولائي شيدائي

۴  . تاريخ سنڌ- جلد ۳                               عبدالغني عبداللھ

۵.  لب تاريخ سنڌ

٦.   تاريخ طاھري

۷.   سنڌي ڊڪشنري                                  نبي بخش خان بلوچ

۸    . ڪلام نواب ولي محمد لغاري نبي بخش خان بلوچ

۹    . ماھوار ’سھڻي‘

.  ۱  ٻه ماھو ’اخبار تعليم‘

۱۱  تاريخ سميجا                                    محمد سليمان ڀان

۱۲  سندري اتمچنداڻي جون شاھڪار ڪھاڻيون

۱۳  ماهوار ڪينجهر ”منهنجو ڳوٺ نمبر- سيپٽمبر ۲۰۰۱“

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s