A Hand Book of Sindhi Proverbs rendered into English


A Hand Book of Sindhi Proverbs اي ھينڊ بڪ آف سنڌي پراوربسThis is a eBook published after 75 years by Al-Munaim library Larkano. This enables new but interested personnel, having knowledge of English, to learn the Proverbs and Sayings of Sindh and Sindhi Language.

Advertisements

Gul Shakar گل شڪر


Gul Shakar گل شڪر

This e-book is a computerized version of 7th edition published by Sindhi Adabi Board Hyderabad 1978 of Gul- Shakar, based on Sindhi Sayings and Proverbs, authored by Dewan Kevalram Salamrai Adwani. He wrote this book after his retirement during 1864. He completed it in his life and was published posthumously.

Gulqand- Idioms n Phrases گلقند- اصطلاح ۽ ورجيسون


Gulqand- Idioms n Phrases گلقند- اصطلاح ۽ ورجيسون This book is based on compilation work like dictionary of Sindhi Idioms and phrases. It is the second part of the book named Gulqand. The first part of Gulqand based on Proverbs and Saying is already posted on this site.

Proverbs of Manjar Kakralah n Kharo Chhann- ماڃر ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جا پھاڪا


ڪتاب ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو

This document is based on compilation of Proverbs and Sayings of southern Sindh, particularly the area of Manjar, Kakralah & Kharo Chhann of District Thatta. These are collected & compiled by Hafiz Habib Sindhi in his Book ماڃر، ڪڪرالي، کاري ڇاڻ جي ٻولي published by Sindhi Language Authority Hyderabad. Engr. Abdul Wahab Sahito, arranged in dictionary format, screened and recollected with thier meanings and explanations.

ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جا پھاڪا ۽ چوڻيون

سال 1996ع ڌاري، رهبر ادبي سوسائٽي (راس) حيدرآباد پاران، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب، پاڪستان نيشنل سينٽر ۾، تقسيمِ اسناد لاءِ سيمينار ڪرايو هيو، جنھن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت نامو ته ڏنائين پر پروگرام ۾ ساڻ وٺي به هليو. ان دعوت ۾ ڳالھائڻ لاءِ ادبي ميدان جي وڏين ۽ معزز شخصيتن کي ڪوٺ ڏنل هئي، جنھنڪري اتي وڃڻ پاڻ تي ضروري سمجهيم.
پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ، گڏ ٿيڻ دوران، اڳينءَ قطار ۾ ويٺو هئس. منھنجي ڀر ۾ اڌڙوٽ عمر جو، سونھاريءَ سان هڪڙو بزرگ شخص ويٺو هيو. ان تعارف ڪرائڻ واري ارادي سان، پاڻمرادو پڇيو؛ “اوهان جو به لکڻ سان تعلق آهي؟!”
“مڙيئي ٿورو گهڻو!” کيس جواب ڏنم.
“ڇا تي ٿا لکو؟”
“هونئن ته ڪھاڻيون لکندو هئس. هاڻي پھاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪري رهيو آهيان.”
“ان ۾ ڇا ٿا ڪريو؟”
“في الحال ته لغت جي تياريءَ ۾ لڳل آهيان”.
“لغت ۾ ڪٿان ڪٿان جا پھاڪا ۽ چوڻيون گڏ ڪيا اٿو؟”
“سڄيءَ سنڌ جا ۽ سنڌي ادب ۾ مروج ٻين ٻولين جا پڻ!”
“هر علائقي جي حساب سان به پھاڪا آندا اٿو يا نه!؟”
“آندا ته سمورا اٿم پر علائقي جي نشاندهي آخر ۾ ڪئي اٿم. علائقي وار لغت تيار نه ڪئي اٿم، پر هاڻي لڳي ٿو ته شايد ائين ڪم مڪمل مشڪل ٿئي.”
“ڇو؟” حيرت مان پڇيائين؛ “ڇونه مڪمل ٿيندو؟”
“دراصل پنج هزار پھاڪن ۽ چوڻين تي مبني لغت تيار ڪري ڇڏي هيم. هاڻي هڪڙو ڪتاب، “ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي” هٿ آيو، تنھن ته منھنجي محنت تي ئي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.”
“اهو ڪيئن؟”
“ان ۾ پنج ڇھه سؤ اهڙا پھاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن، جيڪي منھنجي مسودي ۾ آيل ئي ناهن. اهو ڪتاب لکيو آهي حافظ حبيب سنڌيءَ، ان صاحب وري انھن جي معنى به نه ڏني آهي”.
“ها اها ڳالهه ته صحيح آهي.” انتھائي ڪسر نفسيءَ ۽ حجاب مان ڪنڌ جهڪائيندي تبسم سان جواب ڏنائين؛ “حافظ حبيب مان آهيان، ڪتاب مون لکيو آهي. ان ۾ الاهي شيون ڇپائيءَ هيٺ نه آيون آهن. ڪجهه اداري جي پاليسيءَ سبب، ڪجهه جلدي هئڻ ڪري.”
“جيڪڏهن توهان اھو ڪتاب لکيو آھي ته پوءِ اوھان جي مدد جي ضرورت پوندي.”
“بلڪل جيڪا چوندؤ، سا اکين سان ڪبي!”
“مون کي ايڊريس ڏئي وڃو! توهان کي خط ذريعي لکي موڪليندس!”
حافظ حبيب سنڌيءَ سان، زندگيءَ ۾ اها پھرين روبرو ملاقا ت هئي، جنھن ۾ ساڻس براه راست، بلا ڪنھن توسط جي، تعارف ٿيو هيو. پاڻ انتھائي اشراف ۽ هڙان وڙان خرچ ڪرڻ وارو ماڻھو آهي.
ٺٽي ضلعي جي، سجاول سب-ڊويزن جي ٽنھي علائقن، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جي پھاڪن بابت، روبرو يا خطن ذريعي، معلومات خنده پيشانيءَ ۽ کليءَ دل سان پھچائيندو رهيو آهي.
وٽانئس، مٿين علائقن بابت، لاڙي ۽ جتڪي محاوري/ لھجي وارن پھاڪن ۽ چوڻين بابت چڱا تفصيل مليا آهن، جيڪي مذڪوره ڪتاب ۾ آيل ناهن. علم دوستن لاءِ هتي ڏجن ٿا ته جيئن هرڪو فائدو وٺي سگهي.

جا

Mediccal Proverbs طبي پھاڪا ۽ چوڻيون


This document is compilation of Sindhi Proverbs related with the field of Tibb, Aleopathy, Medicine, Homeopathy, Health and Hygine. It is authored/ collected/ compiled by Engr. Abdul Wahab Sahito and was first published in Sindhi Magazine Keenjhar of Sindhi Sahat Ghar Hyderabad.

دنيا جي تختي تي زندگي گهارڻ لاءِ، هر انسان قدرت طرفان سھڻي صورت، سگهو سرير ۽ عمر جون چار گهڙيون کڻي آيو آهي. اهي چار گهڙيون به کيس تياريءَ واسطي مليل آهن ته جيئن زندگيءَ جي امتحان ۾ پاس ٿي سگهي. پاس ٿيڻ جي تياري اهو ڪري سگهندو، جنھن جو ڌيان ٻين معاملن کان هٽيل ۽ امتحان واري معاملي ڏانھن يڪسوئيءَ سان مرڪوز هوندو. ڌيان تڏهن مرڪوز رهندو، جڏهن طبيعت بحال هوندي ۽ جيءُ ڪم ۾ لڳندو. اهو سڀ ڪجهه وري تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ماڻھو طبعي طور سنئين لڱين، تندرست ۽ سگهو آهي.
تندرست، سگهو، جانٺو جوان ئي ڪم جي لائق رهي ٿو. اهو به تڏهن، جڏهن کيس ڪا ٻي لنجهڻ نه هجي. روڳي ماڻھو پاڻ ته بيڪار رهندو پر ٻين کي به کاري بيڪار ڪري ويھاري ڇڏيندو.
سگهائيءَ ۽ جوانيءَ جي هر شيءِ مزو ڏيندي آهي. سگهه ۽ جواني آهي ته جنگل ۾ به منگل پيا معلوم ٿيندا. سرير سگهو ۽ ترشنا جوان هجي ته گونھن ۾ به سونھن آ. ان جي برعڪس سرير ٻڍو ته ترشنا به مئل. پيريءَ ۽ پوڙهپ، اگهائيءَ ۽ ڪمزوريءَ واري کي، اوچن محلن جي ڪيمخواب بسترن تي به بيقراري ۽ بيزاري پئي محسوس ٿيندي. پيريءَ ۾ ماڻھو فقط جوانيءَ کي ياد ڪري پيو ڪُرڪندو آهي.
عزت ۽ خوبصورتي به سگهه/ جوانيءَ کي آهي. جوانيءَ ۾ گونھن به ڦولارجيو پوي. جواني، پنھنجو قدر پاڻ ڪرائيندي آهي. فوهه جوانيءَ ۾، سادي رنگ وارو ماڻھو به پيو وڻندو. ان جي برعڪس پوڙهپ/ ڪمزوريءَ ۾ بدصورتي آهي. ڪراڙپ خود وڏو مرض آهي. منجهس ظاهري سونھن ختم ٿيو وڃي. منجهانئس هر ڪو بيزار ٿيو وڃي. اوڙو پاڙو، دوست يار، مِٽَ عزيز ته بيزار ٿي ڀڄي وڃن پر پيريءَ، ڪمزوريءَ، بيماريءَ وارو به خود پاڻ مان بيزار ٿيو وڃي ۽ وتي هر آئي وئي کي منٿون ڪندو ته؛ هاڻي دعا ڪريو ته سوير ساجهرو ڌڻي پنھنجو ڪري!
هتي انھن پھاڪن، چوڻين بابت ڄاڻ ڏجي ٿي، جيڪي تندرستيءَ جي تعريف، مرض جي مذمت، بيماريءَ کان بچڻ جي تدبيرن، ڪِريءَ جي تاڪيد، علاج جي ڪوشش ۽ غلط ڊاڪٽرن جي وَرِ چڙهڻ کان بچڻ بابت چيل آهن.

1. تندرستيءَ جي اهميت بابت چيل پھاڪا ۽ چوڻيون

تندرستي، خدا تعالى جي نعمت آهي. ان جو قدر، وڃڻ کانپوءِ ئي ٿيندو آهي. قدر ڪرڻ جو وقت اهو آهي، جنھن وقت ماڻھوءَ کي تندرستي آهي. وئيءَ وَٿُ لاءِ، فقط پڇتائي ئي سگهجي ٿو ۽ بس. هٿان نڪتل شيءِ لاءِ هٿ هڻڻ مان ڪي ڪين ٿو وري.
1.1 اگهو کائي ڌنُ، سگهو کائي انُ. (هندي، چوڻي)
تندرست کي سڪي ماني به پئي مزو ڏيندي. ڪمزور ۽ بيمار کي قيمتي جواهرن مان جڙيل دوا کائڻ کانپوءِ به نه ساڳي طاقت ملندي، نه اهڙو طبيعت ۾ مزو هوندس.
مطلب:
بيمار جو زنده رهڻ آهي ئي گهڻن، پئسن خرچ ڪرڻ سان.
تندرست ماڻھو، سڪي ڳڀي تي به پيو پلبو.
1.2 تندرستي، هزار نعمت آهي. (فارسي، چوڻي)
دنيا جي تختي تي، ٻيون هزار نعمتون هجن ۽ هڪ تندرستي نه هجي ته ڪا به نعمت خوشي نه ڏيندي. ٻيو ڪجهه به نه هجي ۽ فقط تندرستي هجي ته به سڪون، سرور ۽ جُثو جاءِ هوندو. تندرست ماڻھوءَ کي، مٽيءَ مان به هڳاءُ ۽ تراوت پئي ايندي.
مطلب:
يڪ تندرستي هزار نعمت است. (فارسي)
1.3 جيءُ آهي ته جھان آهي، نه ته جيئري ئي مڙهه مُقام آهي. (ساهتي، چوڻي).
جھان به ان کي وڻي ٿو، جنھن جي جان ۾ مزو ۽ قرار آهي. جنھن کي جان ۾ مزو ۽ قرار ناهي، سو ته چوندو؛ جيڪر قبر ۾ هجان! اتي شايد هي تڪليفون نه هونديون.
مطلب:
ھيءُ جھان به ھتي ھجڻ سان آھي. مئي پڄاڻان، مري وئي سڄي دنيا.
1.4 جيءُ خوش، جھان خوش. (سنڌ، چوڻي)
جھان جي خوشي به ان کي محسوس ٿيندي، جيڪو پنھنجي پاڻ مان خوش هوندو. پنھنجي پاڻ مان اهو خوش هوندو، جيڪو جسماني طرح خوش، چڱو ڀلو هوندو. ان جي برعڪس بيمار کي سڄو جھان، بيمار پيو محسوس ٿيندو.
مطلب:
ڀيٽيو؛ ۱۱.۱۱ سائيءَ واري کي، سڀ ساوا نظر ايندا آهن.
1.5 ڇاتيءَ جھڙو ناهي ٻـَرُ، اکين جھڙي ناهي جوت. (ساهتي، چوڻي)
ٻين تي نه ڀاڙجي پر پاڻ تي ڀاڙ جي. بيمار ماڻھو ٻين تي ڀاڙيندو آهي. سگهو يا تندرست پنھنجي سيني/ ڇاتيءَ جي زور تي تمام گهڻا ڪم ڪري وٺندو آهي. جڏهن ته بيمار/ روڳي، آسپاس جي ماحول کي روئي ڪري رُسائي ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح اکين جي جوت به محتاجيءَ کان بچائي ٿي. جنھن کي اکين جي روشنائي ناهي، سو ٻين ٻن کي سيڙائڻ کان پوءِ به سڌو/ سنئون ڪم نه ڪري سگهندو آهي.
مطلب:
ھرڪو سيني جي ٻر تي ٽڏي ٿو. ھر ڪنھنکي پنھنجيون اکيون ئي ڪم اچن ٿيون.
1.6 قدر صحت جو سو ڪري، بيماريءَ ۾ جو ڳري. (هندي، چوڻي)
نعمت يا صحت جو قدر هميشه، وڃڻ کانپوءِ ئي پوندو آهي. تندرست ماڻھو دڙيون پيو ٽپيندو آهي ۽ احتياط نه ڪندو آهي. جڏهن ته ڪنھن غلط ڪم سبب صحت/ سگهه وڃائجي به سگهي ٿي. پوءِ پڇتائڻ کان، اڳي قدر ڪندي، ان جي حفاظت ڪجي.
مطلب:
اب پڇتائي ڪيا هووت، جب چڙيا چگ گئي کيت. (هندي، پھاڪو)
1.7 نور آهي ته جھان آهي، ان آهي ته ايمان آهي. (لاڙ، چوڻي)
ماڻھو دنيا جي رنگينيءَ جا مزا، اک سان ماڻي ٿو. کائڻ جا مزا، وات سان وٺي ٿو. جڏهن ته گهڻي کائڻ سان بيماريون وچڙي سگهن ٿيون پر گهڻي ڏسڻ سان نه.
گهڻو تڏهن ڏسي سگهبو، جڏهن اکين ۾ نور ۽ ڏسڻ جي جوت هوندي. نور هوندو ته جھان به ڏسي سگهبو ۽ ان جي هجڻ جي هام به هڻي سگهبي.
مطلب:
اکين/ ديد کانسواءِ، دنيا جي رنگيني نظر نه ايندي.
1.8 نور ته مُور، نه ته جيئري کڻي پور. (ساهتي، چوڻي)
دنيا جي مُوڙي يا مُور آهي مشاهدو، جيڪو اک سان ٿئي ٿو. اک به اها جنھن ۾ بينائي، بصيرت، نور، جوت هجي. ٻيءَ صورت ۾، اکيون اکين جھڙيون، ديد لڀ ئي نه. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻھو ڄڻ جيئري ئي قبر ۾ دفن آهي ۽ ٻين جو محتاج هئڻ ڪري قبر واري کان به پري آهي. ڇو جو قبر وارو هاڻي ٻين جي محتاجيءَ کان ڇٽل آهي.
مطلب:
بنا اکين واري کي، رستو اکين آڏو ھوندو آھي.
1.9 نور کان سواءِ، سڀ ڪوڙ. (ساهتي، چوڻي)
ٻئي جي ٻڌايل ڳالهه تيستائين ڪوڙ آهي، جيستائين ظاهري اک سان يا باطني نور سان، ان جو مشاهدو نه ماڻجي. مشاهدي سان يقين ايندو آهي، بنا مشاهدي جي شڪ ئي رهندا آهن. انڌو ماڻھو شڪي مزاج هوندو آهي. شڪي ماڻھوءَ کي هر شيءِ ڪوڙ پئي معلوم ٿيندي. اک/ نور، خدا تعالى جي نعمت آهي. ان نعمت کان وانجهيل لاءِ، سڄي دنيا ڪوڙ مثل آهي.
مطلب:
ھن رنگين دنيا جو مزو آھي ئي کيس ڏسڻ سان.

Free Expression Proverbs آزاد استعمال روپ تي مشتمل پھاڪا


Free Expression Proverbs آزاد استعمال روپ تي مشتمل پھاڪا

This article is authored by Engr. Abdul Wahab sahito and it comprises of the Sindhi Proverbs and Sayings of free expression. It was first published in monthly Keenjhar of Sindhi Sahat Ghar Hyderabad.

“پھاڪا، انسان ذات جي ڏاهپ ۽ ظرافت جا عجيب اظھار آهن. جن ذريعي هر گروه پنھنجي ملڪ ۽ ماحول، پنھنجي سماجي ۽ فطري لاڙن ۽ ٻوليءَ جي وسعت، لفظي سٽاءَ ۽ معنوي نزاڪت مطابق، صدين جا تجربا نروار ڪري ٿو. پھاڪا، ٻوليءَ ۾ انساني جيوت جي آتم ڪھاڻي آهن. اهي قومن جي زباني يعني اڻ لکيل تاريخ آهن. ڪنهن به قوم جي سچي سماجي تاريخ يعني علمي، ادبي، ثقافتي، نفسياتي اوسر، ڪمال ۽ زوال، حرفت ۽ هنر، رنج ۽ راحت، رسم ۽ رواج، مجلسي رنگ ۽ ڍنگ، انساني سڀاءَ ۽ رويا معلوم ڪرڻ لاءِ، ان قوم جي لوڪ ادب جو سائنسي اڀياس وڏي مدد ڏئي ٿو. لوڪ ادب جي اهم صنف، پھاڪا وري اهڙي اڀياس لاءِ جيڪو مواد مھيا ڪن ٿا، اهو معاشري جون سچائيون اهڙي ته چٽائيءَ سان پيش ڪري ٿو جو مستند تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ بنياد ملي پوي ٿو.”
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو صاحب، ٻئي هنڌ لکي ٿو ته؛ ”اها ڳالهه روشن سج وانگر چٽي ۽ سگهاري آهي ته اهو سمورو علمي ڪم، ٻوليءَ ۽ ان جي لوڪ ادب جي خزاني ۾ واڌاري کان علاوه، سماجي اوسر ۽ ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اڳ جا جمع ڪيل پھاڪا، هڪ خاص سماج ۾ اسريل هئا. اڄ جڏهن ٻوليءَ کي اهو ساڳيو سماج ميسر نه آهي ته ڪيترائي اڳ جا پھاڪا، پنھنجي اصل سمجهاڻي ۽ مفھوم، وڃائي ويٺا آهن. ان جي بدران نئين سماج ۾ نوان پھاڪا اسري رهيا آهن ۽ پراڻا پھاڪا نئين تبديل ٿيندڙ سماج جي گهرجن مطابق تبديل ٿي رهيا آهن.“
مثال طور؛ اڳ ۾ سواري جانورن تي ڪئي ويندي هئي ته ان وقت پھاڪا هيٺئين نموني جا هوندا هئا:

سواري به نر جي، ياري به نر جي. (ساهتي، چوڻي)
جت سچائيءَ تي چڙهي ته، کڙھ تي کير پياري. (ساهتي، پھاڪو)
اٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت ته لاهيءَ کي به لعنت. (ٿري پھاڪو)
اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (سنڌ، پھاڪو) وغيره.

هاڻي جڏهن سواريءَ لاءِ ريلون ۽ موٽرون ايجاد ٿيون آهن، تڏهن پھاڪا ڪجهه هن ريت وجود ۾ آيا آهن:

گاڏي ڇٽي وئي اٿئي ڇا؟ (ساهتي، چوڻي)
ائين ويٺو آهين، جيئن بيواهي ٽيشڻ تي! (ساهتي، ورجيس)
ڊرائيور ته وَرُ، نه ته ڊرائيور ڪيئن؟ (ساهتي، چوڻي)
سواري ته ڦيٿي جي، چال ته چيتي جي، ڳالهه ته کاڌي پيتي جي. (سنڌ چوڻي)
ڊرائيور جي زندگي عجيب کيل آ، جيل کان بچو ته اڳيان سينٽرل جيل آ. (اردو، چوڻي)
ڊرائيور جي زندگي عجيب چڪر آ، صبح ڪراچي ته شام سکر آ. (اردو، چوڻي)
چلتي ڪا نام گاڙي، کڙي ڪا نام ڇڪڙا. (اردو، چوڻي) وغيره.

ان کان علاوه، ڪڏهن ته جڙيل پھاڪن ۾ به ترميم/ ڦيرڦار ٿيندي رهي ٿي. يعني اهي آزاد-استعمال (Free expression) جي اثر تحت ڦرندا رهن ٿا. جڏهن ته آفتاب ابڙي جو چوڻ آهي: ”1988ع ڌاري محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هڪ خط لکي، مون کي ڪوٺ ڏني ته سنڌي ادبي بورڊ پاران “لوڪ ادب رٿا” جو ٻائيتاليھون يا ٽيئيتاليھون، پهاڪن بابت ڪتاب جو، اڳين شايع شده مختلف ڪتابن کي ڀيٽي، معياري متن تيار ڪيان. ان لاءِ پاڻ مھرباني ڪري هڪ خاڪو به تيار ڪيائون. جنھن تي اڪتفا به ڪئيسين. پر پوءِ جڏهن معاوضي وغيره جون ڳالھيون نڪتيون ته سائين جن ماٺڙي ڪري ويا. اسان به خاموش ٿي وياسين. خبر ناهي اهو ڪم الائي ڪٿي پھتو.“
پھاڪن جو متن تيار ٿئي، ڇو جو اهي مروج استعمال (Formular usage) تحت ٺھيل آهن. اهڙو خيال ڊاڪٽر مرليڌر به هيٺين طرح پيش ڪيو آهي.
”انسان ٻوليءَ ذريعي جڏهن پنھنجي جذبات ۽ ويچارن جو اظھار ڪري ٿو تڏهن هو گهربل لفظ چونڊي، پنھنجي مرضيءَ مطابق جدا جدا نمونن ۾ انھن کي ڪتب آڻي سگهي ٿو. هن تي فقط اها پابندي آهي ته ٻوليءَ جي وياڪرڻي (گرامر) سرشتي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. مثال طور، جيڪڏهن ڪنھن کي ڪو ڪتاب گهرجي ته هو الڳ الڳ جملن ذريعي پنھنجي خواهش ظاهر ڪري ٿو:
مون کي هيءُ ڪتاب کپي.
هيءُ ڪتاب گهرجيم.
هن ڪتاب جي گهڻي ضرورت اٿم.
مان هيءُ ڪتاب خريد ڪندس.
مون کي هيءُ ڪتاب هٿ ڪرڻو آهي. وغيره
مٿين جملن جي بيھڪ چاهي هڪ ٻئي کان بدليل آهي. پر انھن ذريعي جيڪا خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي، اها گهڻي قدر هڪجھڙي آهي. ٻوليءَ جي اهڙن جملن کي آزاد استعمال (Free expression) جملا چئجي ٿو. ڇاڪاڻ ته انھن جي ڪتب آڻڻ وقت، ڳالھائيندڙ کي اختيار آهي ته هو پنھنجي مرضيءَ مطابق لفظن جي چونڊ ڪري، انھن کي جدا جدا بيھڪ وارن جملن ۾ ڪتب آڻي سگهي ٿو.
اهڙن آزاد استعمال جملن جي ڀيٽ ۾، ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙي قسم جا استعمال آهن، جن جي بيھڪ مقرر ٿي ويئي آهي. ان ٻوليءَ جو هرڪو ماڻھو ڪنھن گهربل مطلب جي ظاهر ڪرڻ لاءِ اهي استعمال بلڪل ساڳئي نموني پيو ڪتب آڻي. اهڙن استعمالن کي مروج استعمال (Formular Usage) چئجي ٿو، ڪجهه مثال ڏسو:

هو هميشه پيو ٻين مان ويڪون ڪڍي. اهو ڪونه ٿو ڏسي ته ٻين کان وڌيڪ پاڻ عيبن سان ڀريو پيو آهي. ”مينھن پنھنجي ڪارنھن ڏسي ڪانه، ڳئونءَ کي چوي ته هل ڙي پڇ ڪاري!“
ٻوڏ ۾ ستايلن جي مدد ڪرڻ جو ويچار ڪيو اٿئي ته پوءِ دير ڇو ٿو ڪرين؟ ”ترت دان، مھا پڃ“.

مٿين مثالن ۾، ڏنگين ۾ استعمال ٿيل جملن کي ٻوليءَ ۾ نرالي اهميت ملي چڪي آهي. اهي ٻوليءَ ۾ اهڙا فارمولا آهن، جيڪي هر ڪو ماڻھو ساڳئي نموني پيو ڪتب آڻي. انھن جي اندروني بيھڪ ۾ تبديلي ڪرڻ جو کيس اختيار ڪونھي. جيڪڏهن ڳالھائيندڙ انھن جي لفظن ۾ ڪابه تبديلي ڪندو ته استعمالن جو گهربل مطلب حاصل نه ٿيندو يا انھيءَ بدليل بيھڪ ۾ اهو استعمال مروج ليکيو نه ويندو.“
جيئن ته پھاڪا/ چوڻيون، نه الھامي ڪتاب جو جز آهن، نه ئي ڪنھن هڪ شاعر جا چيل/ جوڙيل گفتا آهن. تنھنڪري لازمي ناهي ته انھن کي هڪ مخصوص/ مقرر متن يا مروج استعمال روپ هجي. شاهه جو رسالو مختلف ماڻھن ترتيب ڏنو آهي، جنھنڪري مڙني ۾، ڪٺي ڪيل ڪلام جي متن ۾ ٿورو گهڻو فرق آهي. شاهه جي رسالي جو مخصوص متن مقرر ڪرڻ ته ٺيڪ آهي، پر پھاڪن جو نه. ڇو جو اهي ڪنھن هڪ ماڻھوءَ جا ٺاهيل/ جوڙيل نه آهن. ٻگهيو صاحب جو چوڻ آهي ته؛ ”پھاڪا تاريخ جي ٿلھن ڪتابن مان هٿ ڪونه ايندا آهن. ڇو جو انھن جو جنم ڪتابن ۾ نه، پر عوام جي دلين ۾ ٿيندو آهي.“
جيڪا شيءِ عوام جي دل جي هجي، ان کي مرتب به ائين ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ قاسم ٻگهيو صاحب لکي ٿو؛ ”پھاڪا هڪ سيني کان ٻئي سيني تائين ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هلندا، موجوده روپ ۾ پھتا آهن. تنھنڪري لفظن ۾ ٿوري ڦير ڦار ضرور آئي هوندي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي پڙهندڙ اهو محسوس ڪن ته اهو پھاڪو ايئن نه، هيئن هئڻ گهرجي.
مثال طور:
ماريو نه مري ٿو، نه منجو ڇڏي ٿو.
ڪنھن وري اهو پھاڪو هيئن ٻڌو هجي ته؛
مئو نه ٿو مري، نه ڪو ٿو منجو ڇڏي.
انھن ٻنھي پھاڪن ۾ نه صرف لفظن جو فرق آهي، پر مفھوم ۽ مقصد به ڌار ڌار آهي. هڪ ٻيو مثال آهي:
مينھن پنھنجي ڪارنھن ڏسي ڪانه، گانءِ کي چوي؛ ”هل ڙي پڇ ڪاري!“
يا
مينھن ٿي چوي ڳئونءَ کي؛ ”هل ڙي پڇ ڪاري!“
هن پھاڪي ۾ رڳو لفظن جي ڦير ڦار آهي. گانءِ هندي ۽ ڳئون مسلمانڪو لفظ آهي.“
پھاڪي جي خاصيتن جي باري ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جو چوڻ آهي؛ ”ڪو به سخن پھاڪي جو درجو حاصل ڪري، انھيءَ لاءِ ان ۾ چئن خاصيتن جو هئڻ ضروري آهي. اهي آهن:

(1) ٿور-اکرائي يا ننڍڙو روپ.
(2) ويچارن جي گھرائي.
(3) سلوڻائي، ظرافت يا اظھار جي نزاڪت.
(4) لوڪ/ عوام ۾ انھيءَ جو پرچار.“

جڏهن ته مٿيون سموريون خوبيون، هيٺ پيش ڪيل پھاڪن/ چوڻين ۾ موجود آهن.

1.1 ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون/ نون کاوڻ آيا. (سرائڪي، پھاڪو)
1.2 ٻليءَ شينھن پڙهايا، ڦر ٻلي ڪون کاوڻ آيا. (سرو، پھاڪو)
1.3 ٻليءَ شينھن پڙهايو، ڦر ٻلي نون کاوڻ آيو.
چڱا ٿيا جو مين تيڪون چڙهڻ نه سيکاريو. (سرو، پھاڪو)
1.4 ٻلي شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪو کاوڻ آيا،
چڱا ٿيا جو مين تيڪون چڙهڻ نه سکلايا. (سرائيڪي پھاڪو)
1.5 ٻلي شينھن پڙهايو، ڦري ٻليءَ کي کائڻ آيو،
چڱو ٿيو جو مون توکي، چڙهڻ نه سيکاريو. (ساهتي، پھاڪو)
مطلب: پنھنجا سمورا گر، بحيثيت استاد جي، هڪ شاگرد کي سيکاري نه ڇڏجن.

2.1 جيسي ڪو تيسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي،
اس ني ڍولڪي بجائي، اس ني آرسي بتائي. (هندي، پھاڪو)
2.2 جيسي ڪو تيسا ملا، سنت ڪو ڀيل،
لوها کا گيا گهن، ڇوري ڪو ليگئي چيل. (هندي، پھاڪو)
2.3 جئسي ڪو تيسا ملا، سن ري راجا ڀيل،
لوهي ڪو چوها کاگيا، لڙڪا ليگئي چيل. (هندي، پھاڪو)
2.4 جيسي ڪو تيسا ملا، سن لي راجا ڀيم،
لوهي ڪو کاگيا چوها، ڇوري ڪو ليگئي چيل. (هندي، پھاڪو)
2.5 جئسي ڪو تيسا ملا، سنئي راجا ڀيل،
پيتل ڪو گهُڻ کا گئي، ڇوري ڪو لي گئي چيل. (هندي، پھاڪو)
2.6 جيسوءَ کي تيسو.
مطلب: جيڪو ٻين سان جھڙي جٺ ڪندو، تنھن سان به تھڙي ئي جٺ ٿيندي.

3.1 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک مري سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.2 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک به سھي سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.3 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، تنھن جو مِٽُ هر ڪو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.4 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، دوزخ وڃي سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.5 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، ڍؤ ڪري سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.6 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، ڦاٽي مري سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
3.7 جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، گاريون جهلي سو ئي. (چوڻي، نصيحت)
مطلب: ورهاست، الله واري ڪجي يا دنيا واري، ڪير به راضي نه رهندو.
ورهائڻ واري مان ڪير به خوش نه هوندو آهي.

مٿين ٽن مثالن مان سمجهه ۾ آيو ته پھاڪا ۽ چوڻيون، ڪن حالتن پٽ-اندر، آزاد استعمال (Free expression) روپ ۾ به هوندا آهن. ڇو جو اهي عوام جا آهن ۽ عام استعمال ۾ هئڻ سبب، پنھنجو مخصوص مفھوم قائم رکيل اٿن. ”ڪنھن پھاڪي ۾ ٻيون ٽي خاصيتون ڀلي نه ملن پر هڪ خاصيت لوڪ پسنديءَ جو ان ۾ هئڻ نھايت ضروري آهي. پر انھيءَ ۾ شڪ ناهي ته ڪنھن به سٺي پھاڪي ۾ ٻين ٽن گڻن جو هئڻ پڻ لازمي آهي.“
اهڙيءَ طرح لازمي ناهي ته هر عام پھاڪي/ چوڻيءَ کي هڪ مخصوص مروج استعمال (Formular usage) روپ هجي. ڇو جو؛ ”ڪنھن سياڻي زندگيءَ جو ڪجهه تجربو حاصل ڪيو ۽ ننڍڙي گفتي جي صورت ۾ ان جو اظھار ڪيو. ٻين اهو ٻڌو ته هڪدم انھيءَ جي سچائي، سندن دل ۽ دماغ تي ڇانئجي وئي. پوءِ وهنواري زندگيءَ ۾ پاڻ به انھيءَ گفتي کي هوبھو ساڳئي روپ ۽ معنى ۾ دهرائڻ لڳا. اهڙيءَ طرح هڪ شخص جو چيل نڪتو، ٻين جي اپنائڻ تي عوام جو نڪتو بڻجي ويو ۽ انھيءَ کي پھاڪي جو پد حاصل ٿي ويو.“
ٻارھين ڪوهين ٻولي ٻيءَ تحت، جملا/ چوڻيون/ پھاڪا ڦرندا گهرندا رھندا آهن. جنھنڪري آزاد استعمال واري روپ کان آجا ناهن. اهي مختلف ماڻھن وٽ، مختلف لفظن جي جوڙجڪ سان اپنايل آهن. انھن جي هر روپ کي پھاڪو/ چوڻي تسليم ڪبو. ڇو جو انھن جو مفھوم ۽ سلوڻائي، انھيءَ روپ ۾ به برقرار آهي.
جيڪڏهن پھاڪن/ چوڻين جو هڪ مخصوص متن تيار ڪيو ويو ته ان کي هيٺين مثال وانگر لوڪ مڃتا نه هوندي. لوڪ مڃتا نه ملڻ سبب، اهي پھاڪي جو روپ نه وٺي سگهندا.
”سترهين عيسوي صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ جيمس هاول نالي هڪ وڏو ليکڪ ٿي گذريو آهي، هن انگريزي پھاڪن جو هڪ مجموعو تيار ڪري ڇپايو. ان ۾ هن پنج سؤ کن ننڍڙا، نصيحت آميز نڪتا ۽ نيتيءَ جا وچن خود تيار ڪري، شامل ڪري ڇڏيا. سندس ٺاهيل ڪن سخنن جو مطلب هن ريت آهي:

گهُمنڊُ، هڪ اهڙو گل آهي، جيڪو دئيتن جي باغيچي ۾ ٽڙي ٿو.
شرڌا، هڪ وڏ-گهراڻي عورت آهي، سٺا ڪم سندس نوڪر آهن.

هاول جا اهڙي قسم جا سخن، سندس ڪتاب جي ورقن ۾ ئي محفوظ آهن. اهي پھاڪا بڻجي نه سگهيا آهن. ڇاڪاڻ ته انھن کي عوام ۾ مشھوري حاصل نه ٿي سگهي. لوڪ انھن کي پنھنجو نه بڻايو.“
مٿئين مثال مان سمجهه ۾ آيو ته ڪن پھاڪن جو متن گهڙي ۽ سنواري، مروج استعمال (Formular usage) روپ ڏيڻ سان، انھن کي عوام ۾ مشھوري حاصل ٿي نه سگهي. اصل پھاڪا/ چوڻيون، ماڻھن جي ماحول ۾ جڙندا آهن، پوءِ پھاڪي/ چوڻيءَ جو روپ ڌاريندا آهن. انھن ۾ آزاد-استعمال جھڙي خاصيت به هوندي آهي ۽ گڏوگڏ مفھوم به قائم رکندا آهن.

نموني جي طور تي ڪجهه پھاڪا/ چوڻيون پيش آهن:

1.1 ابو مئو، ادو ڄائو، اسين اوتري جا اوترا. (ساهتي، پھاڪو)
1.2 ادو مئو، ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا. (ساهتي، پھاڪو)
1.3 ادي مئي، ادو ڄائو، اسين اوتري جا اوترا. (لاڙ، پھاڪو)

2.1 اٻھري ڪتي، انڌا گلر. (لاڙ، پھاڪو)
2.2 اَتَڪي ڪتي، انڌا گلر. (سرو، پھاڪو)
2.3 تڪڙي ڪتي، انڌا گلر. (سرو، پھاڪو).

3.1 اٿي پاڻ نه سگهي، لک لعنت گوڏن کي. (سرو، پھاڪو)
3.2 پنڌ پاڻ کان نه پڄي، لک لعنت گوڏن کي. (ساهتي، پھاڪو)
3.3 ٽنگون چيو نه ڪن، لک لعنت گوڏن کي. (سرو، پھاڪو)
3.4 پنڌ پيرن کان نه پڄي، لک لعنت گوڏن کي. (لاڙ، پھاڪو)

مٿين مثالن مان واضح ٿيو ته ساڳيو پھاڪو، مختلف هنڌن تي مختلف روپ ۾ مروج آهي. جيڪڏهن هڪ صورت کي معياري متن طور ڳڻبو ته، ٻيا روپ لوڪ ادب جو لوڪ پسند حصو هوندي، لوڪ ادب مان خارج ٿي ويندا. جيڪا عوامي/ لوڪ مڃتا جي خاصيت کي تسليم نه ڪرڻ واري ڳالهه ٿيندي.
ان ڪري لازمي ٿيندو ته پھاڪي/ چوڻيءَ جا سمورا آزاد-استعمال روپ، مجموعن/ لغتن ۾ شامل ڪيا وڃن، ته جيئن هر لوڪ جي نمائندگي ٿي سگهي.
هيٺ اهڙن پھاڪن/ چوڻين مان ڪجهه نموني طور تي پيش ڪجن ٿا، جيڪي آزاد-استعمال هوندي، ٿور-اکرائي، لوڪ پسندي، عام مروج ۽ سلوڻائيءَ جھڙين صفتن سان مزين آهن.

Countryside Sweet ڳوٺاڻو ڳڙ


ڳوٺاڻا ٿين ڳالھين جا ڳوٿرا/ ڳھير. بھاري وري تڏهن ٿئي، جڏهن چونڪ/اوطاق ۾ چلم (حقي) جي چوڌاري ويھي، اوڀاريون لھواريون ويھي ڪندا آهن. ڳالھين کي مرچ مصالحا (۽ چھر چٽڻيون) لڳائي اهڙي ته سلوڻي نموني سڻائيندا، جو ان ڳوٺاڻي چھر جو سواد ئي ٻيو. ”ڳوٺاڻي ڳـُڙُ“ جو ميٺاڄ، مڙني کان مور ڪين وسرندو.
ساهتيه جو سينگار، آهه ٻھراڙيءَ جي گفتار.
ٻھراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾، پھاڪن جي سڳنڌ جام. ڪاغذ ۽ قلم کڻي وڃي موتي جهٽيندو. ڇڻ ڇڻ پئي پوندي. ڪو رڳو ٻُڪَ جهلي، يا جهولي جهلي.
نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي ڪنوار ۾.
زالون ته وري مڙسالن کان به گوءِ کڻي وڃن. گهر ۾ اٿندي ويھندي پيئيون چوڻيون چونديون ۽ پھاڪن جون پلٽاپلٽ ڪنديون. ٽپي ٽپي تي ٽوٽڪو ۽ چپي چپي تي چوڻي. سي به اوڦٽو سوڦٽو نه، پر سھڻيون ۽ سيبائتيون. ائين پيون مڻ اوڳاڇينديون. ڪراڙيون ته تيھان زور. ننڍين نيٽين کي به پھاڪا چڱا اچن. پر جيئن ئي ڳڀوراڙي يا ٻار ڪڇ لڳس، تيئن ئي چوڻيون پنھنجو پاڻ پيئيون وات مان وهندس.
سڳوري سنڌي (ساهت) ڪا غريب ڪينھي، بلڪ دنيا جي شاهوڪار ٻولين منجهان هڪ آهي. هر ڳوٺ يا علائقي، واهڻ يا وستيءَ کي پنھنجا پنھنجا پھاڪا ۽ اصطلاح آهن. جيڪڏهن سمورا، سنڌي ساهتيه جي لڙهه/ مالھا ۾ پوئجن ته فرحتي زيب ۽ زينت ڪن. سنڌڙيءَ جو ساهتيه، سچ پچ آهي ئي ڳوٺن ۾. شل سنڌڙيءَ جا ڳوٺ وسن.
هن ليک ۾ منھنجو ارادو فقط ڳوٺاڻن ۾ مروج يا هالوچالو پھاڪا، وايون ۽ چوڻيون، جيڪي گهڻو ڪري ڪتابن ۾ درج ڪين ڪيل آهن، سي پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ آهن. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ٻيا جوان به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نڪري نروار ٿيا ۽ پھاڪن جي پلٽ پلٽان شروع ٿي ته سنڌي ٻولي پنھنجو پاڻ سڌرندي ويندي. ٻين ٻولين جھڙوڪ عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ جي اکرن جي اوڙڪ کي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪاهي پوڻ کان ٻنجو اچي ويندو. سنڌ ۾، ائين ڪرڻ سان، وري ڄڻ شاهه ۽ سچل پارن جو دور چالو ٿي ويندو.
ڌيان/ خيال سان جاچبو ته نظر ايندو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اکرن جي اڻاٺ ناهي. اڻاٺ فقط، اڀياس جي آهي.
جو ٽٻي ڏئي، سو ٽول لھي.
پنڌ ڪئي بنا، ڪو ننگر نه پھتو آهي.
طعام جي نالي ڳڌي، نه سواد اچي ۽ نه اڃ/ بک لھي.
اهڙا پھاڪا ۽ چوڻيون، سنڌيءَ ۾ انيڪ آهن. ڪو کيڙائو هجي، جو ويھي کارو کيڙي.
نموني جي طور، سنڌيءَ ساهت جي خرار مان، پڙهندڙن لاءِ مـُٺ موتين جي پيش ڪجي ٿي.

Countryside Sweet ڳوٺاڻو ڳڙ

This book is compiled by Janji Lal D Ahooja Tair and it was first published in leading Sindhi journal named Sindhoo from Jacobabad in five installmements. Later on it was published but its version is out of approach, This version is edited version of the five installments published in Sindhoo. It is re-arranged in Alpha bet manner, edited and interpreted by Engr. Abdul Wahab Sahito.