ممباسا شيدي باشا هم-باشا!- الطاف شيخ


پورو ڪتاب پي ڊي ايف ۾ ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو

انتساب

پنهنجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي دوست

عبدالجبار عباسي نالي

عبدالجبار عباسي سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستي کي هن وقت اڌ صدي کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن آءٌ مئٽرڪ ڪلاس ۾ پهتس ته عبدالجبار عباسيءَ اٺين ڪلاس ۾ اچي داخلا ورتي هئي. هيءُ سال 1960ع جي ڳالهه آهي. دراصل عبدالجبار عباسي جي والد، چاچي حاجي محمد عيسيٰ سان منهنجي اڃان به ٻه ٽي سال اڳ جي سڃاڻپ ٿي هئي، جڏهن هو صاحب اسان جي ڳوٺ جو مختيارڪار ٿي آيو هو. منهنجو والد گل محمد شيخ به ساڳي نوڪري ۾ رهي چڪو هو ۽ نه فقط عبدالجبار عباسي جي والد جو همعصر هو (ٻنهي جي ڄم جو سال 1920ع آهي) پر ننڍپڻ کان دوستي پڻ هئي. ظاهر آهي ان وقت سنڌ جا مسلمان تعليم ۾ گهٽ هئا ۽ جيڪي هئا انهن هڪ ٻئي کي سڃاتو ٿي.

عبدالجبار عباسي جي ڏاڏي محمد ڇتل کي ٽي پٽ هئا: حاجي محمد اسماعيل، حاجي محمد موسيٰ ۽ سڀ ۾ ننڍو عبدالجبار عباسي جو والد محمد عيسيٰ هو، جنهن پرائمري تعليم مَلڪن جي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ 1938ع ۾، مٺياڻي هاءِ اسڪول مان ڪئي. مئٽرڪ کان پوءِ پاڻ ڪراچيءَ ۾ اچي ڪامرس ۾ داخلا ورتي. ان دوران کين انسپيڪٽر فار راشننگ جي نوڪري ملي وئي، جيڪا ڪليڪٽر جي هٿ هيٺ هئي. 1947ع ۾ ريوينيو ۾ آيا ۽ 1950ع ۾ هائير پاس ڪيائون، جنهن بعد هو مختيارڪار ٿيا ۽ مختلف شهرن: رتوديرو، شهدادپور، هالا، ٽنڊوالهيار ۾ مختياڪار جي حيثيت سان نوڪري ڪيائون. 1973ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڊئريڪٽر سيٽلمينٽ، سرويز ۽ انسپيڪٽر جنرل رجسٽريشن ٿيا، ان بعد 1977ع ۾ ميمبر بورڊ آف ريوينيو مقرر ٿيا، جنهن بعد 1980ع ۾ رٽائرڊ ٿيا. سندن پيشورانه ڄاڻ ۽ قابليت ڪري، رٽائرمينٽ بعد به هو ڏهه سال کن سنڌ چئمبر آف ائگريڪلچر جا سيڪريٽري جنرل ٿي رهيا ۽ 1991ع کان 1993ع تائين اسلام آباد ۾ فيڊرل لئنڊ ڪميشن جا چيئرمن پڻ ٿيا. سندن وفات ڪجهه سال اڳ 87 ورهن جي ڄمار ۾ 2007ع ۾ ٿي.

چاچي محمد عيسيٰ عباسي کي ٽي پٽ آهن: وڏو عبدالخالق، ننڍو محمد اسحاق، اسان وارو پيٽارين دوست عبدالجبار عباسي وچين نمبر تي آهي. سندن ڄم جي تاريخ 15- ڊسمبر 1948ع آهي. عبدالجبار وارن جو موري تعلقي سان واسطو آهي. هو ٻڌائيندو آهي ته سندن اصل ڳوٺ جتي سندن وڏا رهندا هئا اهو درياهه ڪناري ڪلهوڙن جو ڳوٺ سڏبو هو. پوءِ 1928ع واري وڏي ٻوڏ ۾ سندن والد جو ڏاڏو محمد رمضان ڪلهوڙو اتان لڏي مَلڪن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جتي ٻين ذاتين جا ماڻهو پڻ رهيا ٿي، خاص ڪري کيڙا جن جي هڪ مشهور شخصيت خانصاحب گل محمد کيڙو ميمبر صوبائي اسيمبلي پڻ آهي. ان لڏپلاڻ وقت عبدالجبار جي والد جي عمر 8 سال هئي. بهرحال 1988ع واري ٻوڏ ۾ کين اتان به لڏڻو پيو ۽ ڏيپارجا ۾ اچي رهيا، جتي هنن جا اڄڪلهه گهرگهاٽ آهن. چاچي حاجي محمد عيسيٰ جن جو هتي ٺهرايل مدرسو ۽ ڇوڪرين جو اسڪول سنڌ جي بهترين درسگاهن مان آهن.

عبدالجبار عباسيءَ بنيادي تعليم نوابشاهه مان خوجا صاحب هيڊماستر جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو. کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو پر جيئن ته انهن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ فقط پري انجنيئرنگ جا ڪلاس هئا، ان ڪري عبدالجبار کي مئٽرڪ بعد ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏڻو پيو ۽ پري ميڊيڪل جا ٻه سال حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي مان پڙهيو. ان بعد هن جي چونڊ ڍاڪا (مشرقي پاڪستان) جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي جتي وڃڻ کان هن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ کي بهتر سمجهيو. 1972ع ۾ انٽرنيشنل رليشن ۾ M.A ڪرڻ بعد ايڪانامڪس ۾ ايم.اي ڪئي ۽ ان دوران هن سول سروس جي چونڊ جو امتحان ڏنو جنهن ۾ ڪامياب ٿيڻ تي هن جي ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي ٽريننگ ٿي، ان بعد هو حيدرآباد ۾ علائقه ۽ ميونسپل ماجسٽريٽ ٿيو. 1980ع ۾ هو ڪوٽڙي جو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو ۽ ان بعد ڏهه سال کن سندس ان پوسٽ تي سيوهڻ، تعلقو حيدرآباد، عمرڪوٽ، ڪراچي هاربر ۽ ملير ۾ نوڪري رهي. 1991ع ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هيلٿ ۽ 1992ع ۾ حيدرآباد جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان بعد 1994ع ۾ ميرپورخاص جو ۽ 1996ع ۾ سکر جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ بعد ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جو ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو. پاڻ 15- ڊسمبر 2008ع تي سرڪاري نوڪري مان ميمبر بورڊ آف ريوينيو کان اڳ واري پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ وارا ڏهاڪو سال پاڻ جن مختلف نوڪرين تي رهيو، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: سکر بئراج جو ڪالونائيزيشن آفيسر، بورڊ آف ريوينيو جو ايڊيشنل سيڪريٽري، WASA (واٽر سيوريج اٿارٽي) جو M.D، سنڌ ڳوٺ آباد جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، سيٽلمينٽ، سروي ۽ لئنڊ رڪارڊس جو ڊائريڪٽر وغيره.

وقت ۽ حالتن سان گڏ انسان بدلجيو وڃي ٿو پر عبدالجبار عباسي جي اها حيرت انگيز ڳالهه آهي ته هو اڄ به اهڙوئي معصوم طبعيت، ٻئي جو خيرخواهه، هرهڪ جو ڀلو گهرندڙ ۽ دوستي ۾ بيحد سچار رهيو آهي. جهڙو هو اسڪول جي ڏينهن ۾ هو. هيڏين نوڪرين تي رهڻ دوران به هو هرهڪ سان نياز نوڙت سان هلندو رهيو ۽ بنا لالچ جي انسانذات جي مدد ڪندو رهيو، مون جهڙي سست ۽ موڊي ماڻهوءَ جي جڏهن عبدالجبار عباسي جي عادتن سان ڀيٽ ڪريان ٿو ته پاڻ ڏي خبر ناهي ڪيتريون ڪوتاهيون محسوس ڪريان ٿو، پر شاباس هجي عبدالجبار کي جنهن ڪڏهن به ناراضگي جو اظهار نه ڪيو. بقول شاهه لطيف جي “ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا ڏوراپا ڏيئي…” اڄ ڏينهن تائين هو پنهنجو پير پنڌ قائم رکندو اچي. ڳوٺ ۾ دعوت ڪندو يا حيدرآباد ۾ ته به منهنجي اهائي غيرحاضري! سندس سامهون اچڻ تي پنهنجي سستي ۽ غلطي جي اظهار لاءِ اڃان ٻه لفظ معافيءَ جا ڪڍندو آهيان ته يڪدم ڀاڪر پائي چوندو آهي ته ادا مڙيئي خير آهي توهان منهنجا وڏا آهيو.

هن دفعي پيٽارين ائسوسيشن جي گڏجاڻيءَ تي چيومانس ته “سڄي عمر تنهنجي ڳوٺ نه آيس، پر هاڻ پوڙهائپ ۾ ڏيپارجا وڃي توهان جي والد صاحب جو ٺهرايل مدرسو ۽ گرلس اسڪول ڏسڻ جو شوق ٿيو آهي.”

عبدالجبار عباسيءَ وارا اهي تعليم يافته وڏيرا ۽ ڪامورا آهن، جيڪي نه فقط پنهنجي فئملي جي ماڻهن کي، بلڪ سڄي ڳوٺ ۽ اوسي پاسي جي علائقي کي تعليم جي زيور سان آراسته ڏسڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ هو پنهنجي وس آهر ڪم ڪندا رهن ٿا.

عبدالجبار عباسي جي 1972ع ۾ شادي ٿي ۽ کيس ٽي پٽ آهن. وڏو ڊاڪٽر جاويد لياقت يونيورسٽي مان MBBS ڪرڻ بعد نيفرولاجي ۾ MRCP ڪئي ۽ ڪجهه وقت برمنگهام جي “ڪُئين ايلزبيٿ” اسپتال ۾ رجسٽرار جي عهدي تي رهڻ بعد وڌيڪ پڙهائي ڪئي ۽ اڄ هو ڊربي شائر ۾ GP (جنرل پرئڪٽيشنر) آهي. ٻيو نمبر پٽ جنيد عباسي جيڪو اڄڪلهه زمينون سنڀالي ٿو، مهراڻ يونيورسٽي مان MBA فائننس ۾ ڪرڻ بعد اڄڪلهه سنڌ گورنمينٽ ۾ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪري ٿو. دعا آهي ته هو پنهنجن وڏن جي نقش قدم، نيڪ ريتن ۽ روايتن تي عمر ڀر قائم رهي ماڻهن جون دعائون حاصل ڪندا رهن.

                                                                                          الطاف شيخ

۲۵ اپريل ۲۰۱۱ع

Advertisements

ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر: استاد بخاري


 

ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر استاد بخاري

ادريس عاجز عباسي

هن ڌرتيءَ تي اهڙا نيڪ انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن انسان ذات کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. انهن امن ۽ پيار جو پيغام ڏنو. ميٺ محبت جو درس ڏيندڙ همٿ ۽ حوصلو ڏياريو. اهڙا سچا انسان، معاشري ۾ اعليٰ مقام رکن ٿا ۽ پنهنجي قوم جي سڃاڻپ بڻجن ٿا. شاهه ڀٽائيءَ کي ڏسو، جنهن سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ سنڌي ٻولي بچايائين. ان مان ثابت ٿيو ته پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرا رکڻ لاءِ، شاعرن اديبن جو هجڻ تمام ضروري آهي. شاهه، سچل کان پوءِ سنڌ ۾ کوڙ سارا شاعر پيدا ٿيا، جن هن سماج جي هر عنصر تي پنهنجي منفرد رنگ ۽ ڍنگ سان لکيو. استاد بخاري به هڪ اهڙو ئي نانءُ آهي، جنهن ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري نئون سج اُڀارڻ جو جتن ڪيو. کيس سنڌي قوم جي پيڙائن جو پورو پورو احساس هو. جيو ۽ جيئڻ ڏيو جا سبق پڙهائيندڙ استاد، سوچيندو هو ته خلائي دور جو لکيو پڙهيو انسان، وحشي ڇو هجي؟ پاڻ نهايت سولڙي ٻولي ۾ چوي ٿو ته:

بهشت ڀونءِ بڻايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو،

جهان کي نه جلايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو،

جوان لاش تي روئن ونيون، اميون ۽ ڀيڻون،

حسين مرڪ بچايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو.

ترقي پسند سوچ ئي مزاحمتي اظهار جو وڏو سبب آهي. جنهنڪري شاعر ۽ اديب، قومي شعور سان، سگهاريون سٽون سرجي، ستل لوڪ کي جاڳائيندا آهن. هونئن به سياستدانن جي ڊگهي تقرير کان، شاعر جي هڪ سٽ ئي ڪارائتي هوندي آهي. جنهن ۾ غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪيل هجي، استاد بخاريءَ جي شاعري به ڏتڙيل ۽ ڏکايل معاشري کي آٿت بخشي ٿي. ڇاڪاڻ جو استاد ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو.

سامان تباهيءَ تي ڪروڙين رقمون،

خرچن ٿيون خوشيءَ سان ڌڙاڌڙ قومون،

گولين ۽ بمن لاءِ خزانا کليل،

ڪو ڏوهه ڪيو آهي فقط تو ۽ مون!

سائين جي ايم سيد، زندگي جي پوئين سالن ۾ ڪراچيءَ جي تاج محل هوٽل ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته؛ ”سنڌ کي آزاد ڪرڻو اٿوَ ته اخلاق سڌاريو. پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو. مِڙي مُٺ ٿيو. سڀني پيغمبرن به اخلاق تي زور ڏنو آهي. جيڪو چئو سو ڪري ڏيکاريو ۽ پاڻ توڙي ٻين ۾ قومي شعور پيدا ڪريو.“ جڏهن استاد جي شاعري پڙهون ٿا ته اسان کي استاد جي سموري شاعريءَ ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سي وارو فڪر جهلڪندڙ نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته استاد به ساڳئي منزل جو پانڌيئڙو هو ۽ سنڌ جي حقيقي عاشقن ۾ نانءُ لکيو هئائين. هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

ڪو به ڪڙمي ڪنجهي، ڪو به مانجهي منجهي، منهنجي لونءُ لونءُ لنجهي،

ڏک سڄي ڏيهه جو، ڏيج مون کي ڏجو، منهنجو نالو لکي

ها جڏهن ۽ جتي، ديس جي دنگ تي، جوٽڻي جوٽجي،

مون کي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو منهنجو نالو لکو

ڀيڙ آهي، ڊگهي لسٽ آهي وڏي، وچ تي ناهي وٿي،

ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي، سنڌ جا عاشقو منهنجو نالو لکو.

استاد بخاري روايتي شاعريءَ کان وٺي، جديد سنڌي صنفن تي به گهڻو لکيو آهي. بنيادي طور استاد، بيت ۽ وائي جو شاعر آهي. سندس بيت، خون جگر ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. سسئيءَ جي باري ۾ چيل بيتن منجهان، هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو.

مون لئه ماءُ مساڻ، ڀنڀور شهر ڀنڀور جو،

جيجل جانب ريءَ، ڪريان ڪنهن سان روح رهاڻ،

تنهنجو راڄ تساڻ، منهنجو ڪاڄ ڪوهيار ۾.

ميهر جي سهڻي، جيڪا مهراڻ جي موج ۾ ترندي به، موت کان نه ڊڄندي هئي، سا آخر ساهڙ سان گڏ منجھس سمائجي ويئي. اها سهڻي جنهن لاءِ شاهه ڀٽائي به چوي ٿو ته؛ ”ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.“ ان سهڻيءَ کي استاد به گهڻو ڳايو آهي. سهڻيءَ جي سڪ ۽ اڪير کي پنهنجي بيتن ۾ سهڻين تشبيحن سان هيئن ٿو لکي ته:

تڏون ڪن تر تر اڻٽڻ سهڻي سوچ ۾

تارن جي جهر مر چر پر چاهت هانو ۾

جهڙي ريت شاهه سائين تتي ٿڌي ۾ ڪاهڻ جي صلاح ڏني آهي، ساڳي طرح استاد بخاري به پنهنجي سٽ سٽ ۾ پٺ تي نه هٽڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، استاد جي قومي شاعري پڙهڻ سان قومي غيرت جاڳي پوي ٿي استاد وري وري چوي ٿو ته:

يارو اڳتي وڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو

پير پيا ٿو ڦٽيا، هانو پيو ٿو رڌو،

ڪجهه ته اڳتي وڌو.

جو هٽيو سو ڪٽيو، مومن کي آهي پتو،

ڪجهه ته اڳتي وڌو.

هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهنکي ڦاڙي اڌو اڌ ڪريو.

هڪڙو سر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻڌو،

ڪجهه ته اڳتي وڌو.

سنڌي شاعرن ۾ شاهه، سچل، سامي، سرڪش، منشي، باغي، شيخ اياز ۽ نارائڻ کي جيڪڏهن پڙهبو ته انهن پنهنجي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي جي قومي ڪردار کي گهڻو ساراهيو آهي. استاد بخاريءَ جي شاعري ۾ به اهڙن قومي هيرن جو ذڪر گهڻو تڻو اچي ٿو جن ۾ منصور، دودو، دريا خان، هوشو شيدي، هيمو ڪالاڻي، مخدوم بلاول شهيد، روپلو ڪولهي، ذوالفقار علي ڀٽو، پير پاڳارو وڏو ۽ ٻيا اهم ڪردار شامل آهن. جن نه جهڪڻ، سچ ۽ سنڌ تي سر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. استاد به ٻين قومي ڪردارن کي اٿينس جي سقراط ۽ عيسيٰ سان ڀيٽا ڏئي ٿو. جنهن مان هڪ زهر جو پيالو ڏوڪيو ته ٻيو صليب تي چڙهيو ۽ امر ٿي ويا. استاد پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو ته:

جو اٿيو ڳاٽو، اهو ناهي جهڪيو،

دار تي رهندڙ، اھو ناهي جهڪيو،

پنج کنڊ ۽ ست مها ساگر گواهه،

ڀونءِ جو ٻيٽو، ڀٽو ناهي جهڪيو،

انگ گهاڻي ۾ پيڙجن ۽ پيسن پيا،

سنڌ جو عاشق سچو ناهي جهڪيو.

سنڌ جو سر سمجهه کوسو ڪاپڙي،

جو تنبو ڦاڙي لنگهيو ناهي جهڪيو.

مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ساٿيو،

جو به هوشو چئي چڪو ناهي جهڪيو

روپلو ڪولهي سلي ساٿي نٿو،

آڱريون شعلو الو ناهي جهڪيو.

لئمبرڪ لوڌون بڇيون ڦاهيون ٽنگيون،

وير پاڳارو وڏو ناهي جهڪيو.

تاريخ سنڌ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان جو هانءُ ڏڪي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته تاريخ جو ورق ورق ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيڏا نه ڪلور ٿيا آهن. عظيم انسانن جون عزتون لٽيون ويون. هٿ ٺوڪي تاريخ لکندي، قاتل چٽا فاتح لکيا ويا. مطلب ته سونهاري سنڌ ۾، منڍ کان اڄ تائين، ڌارين جون يلغارون رهيون آهن. سنڌ لٽجندي رهي آهي. سنڌي ڦاهين تي چڙهندا رهيا آهن. انسانيت کي لڄائيندڙ اهڙا واقعا هر هڪ دل تي اثرانداز ٿين ٿا، پر شاعر ته اڃا به حساس دلين جا مالڪ هوندا آهن ۽ انهن جي دلين تي قومي درد اڃا گهرو اثر ڇڏيندو آهي.

استاد به اهڙو ئي قومي شاعر آهي. جيڪو سنڌ جي سورن سببان روڳي بڻيو. زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺي به، استاد وقت جي نبض تي هٿ رکي، هڪ مفڪر جي حيثيت ۾ سوچي ٿو؛ ”ديس اندر ڪالهه ڇا ٿيو؟ سڀاڻي ڇا ٿيڻو آ ….؟؟“ ڇو ته استاد کي آئيندي جو اونو هو. پاڻ کي تاريخ اڳيان پيش ڪري، هيئن ٿو چوي ته:

مون کان تاريخ پڇي ته ڪٿي بيٺو هان

زندگي موت ٻِه-واٽو اتي بيٺو هان،

ڇا ٿيو ڇا اڃا ٿيندو سو پتو ٿم، ڇو جو

وقت جي نبض تي هٿ پنهنجو رکي بيٺو هان.

مٿئين ڪلاس جا ماڻهو پنهنجا ناتا زردار ماڻهن سان ئي جوڙيندا آهن. جن وٽ بي انداز دولت هجي، گاڏيون هجن، بنگلا هجن ۽ زماني جي هر عياشي هجي. وچين ڪلاس جا ماڻهو وري پنهنجو غم ٽارڻ لاءِ ڪو راهه رفيق ڳولهي وٺندا آهن. جيئن ساڻس زماني جو غم اوري، دل جو بار هلڪو ڪري سگهن. جيڪڏهن ڏکن جي ڏيهه ۾ ڦاٿل آهي ته بس غريب ۽ مزدور طبقو، ڳوٺ جون گهٽيون، شهر جون بازارون ۽ ملون. اھي ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته غريب ۽ مزدور طبقو، سڄي عمر روزگار لاءِ تڙپي ٿو. استاد بخاري پڻ هن طبقي سان همدردي ظاهر ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ڏئي ته:

امير پير کي زردار يار جي ڳولا، وچين ڪلاس کي غمٽار پيار جي ڳولا،

ملون، بزار، ٻنيون ڳوٺ جون گليون شاهد؛ غريب لوڪ کي رڳو يار جي ڳولا.

امير پير کي مان شان جو اونو، وچين ڪلاس کي ڪلچر زبان جو اونو،

مريض ملڪ جي قرضي عوام کي، اٽي علاج لٽي ۽ مڪان جو اونو.

استاد کي اڃا به ڪي سال، صديون جيئڻو هو. هن لکڻ پئي چاهيو. هن دور جي هر برائيءَ تي، کوٽي سياست تي، ويڪائو وڏيري تي. پر افسوس جو زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو. استاد بخاري جسماني طور اسان سنڌين سان گڏ نه آهي پر سندس پاڪ روح، اڄ به پنهنجي مالڪ ۽ هير جي هڳاءَ جهڙين شخصيتن سان گڏ، ڪنهن اڙٻنگ، جوڌي ۽ جوان پهريدار وانگر سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ ضرور گهمندو هوندو. جيئن نه ڇنڻ واري ڳالهه هن شعر ۾ ڪئي هئائين.

سڳو نه ناهي سنگهر به ناهي، ڇنا هي ناتا ڇني نه سگهندس،

رسيم سرتي سڏيم سامي، ڌڪيم ڌرتي ته ڇا ڪريان مان،

حبيب تو کان ڇڄي سگهان ٿو، زمين ري مان جي نه سگهندس،

وري وري ڇو ڪرين ٿي پارت، غيور ٿڃ تي ويساهه ڪر تون،

ترار ڪنهن جي سهي سگهان ٿو، ميار ڪنهن جي سهي نه سگهندس.

ڦاڙهي جي ڦٽندي ته ميوا ڏانهن منهن ڪندو – نواز ڪنڀر


ڦاڙهي جي ڦٽندي ته ميوا ڏانهن منهن ڪندو!

نواز ڪنڀر

ماضيءَ جي مشهور درسگاهه، اڳڪٿين جي حوالي سان شهرت رکندڙ شهيد عبدالرحيم گرهوڙي جي استاد ميان مبين جي آخري آرمگاهه جي حوالي سان سڃاتو ويندڙ چوٽياري شهر، کان اتر الهندي ۽ ڊيم کان ڏکڻ ۽ ناري جي اڀرندي پاسي وارو ”ميوا“ ٻيلو ۽ شڪار گاهه ته اڳئي ڪاٺ ڪٽڻ واري مافيائن جي ور چڙهيل آهي پر اڄ ڪلهه هي شڪارين جو موضوع به بڻيل آهي. هونئن ته هي ٻيلو سهي ۽ تتر جي مسڪن هجڻ ڪري شڪارين جي نظرن ۾ ايندو رهيو آهي پر تازو هتي ڪنهن رک مان آيل ڦاڙهي جي بندوق جي بک ٿيڻ بعد هر ڪنهن جي اک ۾ اچي ويو آهي، ڇو جو مارجي ويل ڦاڙهي سان گڏ هڪ مادي هجڻ جا به شڪارين وٽ پڪا پختا ثبوت آهن. جيتوڻيڪ هي علائقو هن وقت ڦاڙهي جي جُوءِ ناهي رهيو پر پوءِ به وقتن فوقتن مختلف رکن مان ڦاڙهي جو نڪري، هتي اچڻ ۽ مارجڻ، اها ڳالهه ضرور واضح ڪري ٿو ته ميوا وارو ٻيلو ڦاڙهي جو مسڪن ٿي سگهي ٿو، مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق، ميوا ۾ گذريل سال به هڪ ڦاڙهو آيو هو ۽ مارجي ويو هو. ٻه چار مهينا اڳ ۾ آيل ڦاڙهي کي واپس رک ڏانهن روانو ڪيو ويو ۽ هاڻ وري ميوا ۾ بهار جي مند ۾ آيل ڦاڙهو، فيبروريءَ جي آخري تاريخن ۾ مارجي ويو.
سال کن اڳ آيل ڦاڙهي جي حوالي سان سرڪاري طرح وڏي وٺ وٺان ٿي هئي. ڇو جو سرڪاري طرح ڦاڙهي مارڻ جي سزا 6-مهينا ٽيپ يا ڏيڍ لک رپيه ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري ان ڦاڙهي تي وٺي ڏي وٺ بعد معاملو مٺ گرم ٿيڻ ۽ بااثر ڌرين جي وچ ۾ اچڻ بعد بند ٿيو هو. تڏهن شايد آفيسر به ڪجهه نوان نوان هئا پر هاڻ هو به گسن پنڌن جا واقف ٿي چڪا آهن ته شڪاري به انهن جو پاڻي ماپيو ويٺا آهن. ان ڪري قتل ٿيل ڦاڙهي جو ڪيس ته ڇا داخل ٿئي ها، ڪنهن کي ڪيس جو دڙ ڪو به نه مليو ۽ ائين ٻٽيهه ڪلو وارو نر ڦاڙهو ڏينهن ڏٺي جو بندوق جو بک بڻجي ويو. پندرنهن ڏينهن کن ميوا جي علائقي ۾ ٻڪرين جي مختلف ڌڻن سان گڏ چرندڙ اهيءَ ڦاڙهي لاءِ مقامي طور مختلف رايا رکندا وڃن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي ته هي ڦاڙهو کپري واري پاسي کان محروم قاضي فيض محمد راڄڙ واري رک مان آيو هو. جڏهن ته ڪن خفتين جو چوڻ آهي ته هي مکي واري پاسي کان نڙ بيت واري مشهور ڪردار صابل ۽ بهرام جمالي وٽان آيو هو. قاضي صاحب واري رک مان ڦاڙهي جي اچڻ واري ڳالهه ڪندڙ جو چوڻ آهي ته انهيءَ پاسي کان نسبتن جهنگ ۽ ڀٽون وڌيڪ هجڻ ۽ ماڻهن جي آبادي گهٽ هجڻ ڪري، ڦاڙهو اتان ئي آيو هو. هو وڌيڪ دليل ڏيندي چون ٿا ته ڪجهه مهينا اڳ ساريجي وٽان تڙ ڪري واپس ڪيل ڦاڙهو به قاضي صاحبان جي رک مان آيو هو. جڏهن ته جمالين واري پاسي هڪ ته ٻنيون آباد آهن ۽ ٻيو ته ماڻهن جي آبادي به وڌيڪ آهي، ان ڪري اتان ڦاڙهي جو نڪري هتي پهچڻ ڪجهه مشڪل آهي. ڪجهه به هجي، ڦاڙهو ڪٿان به آيو هجي پر هڪ ڳالهه ته طئه آهي ته جڏهن به ڦاڙهي جي ڦٽندي آهي ته هو ميوا ڏانهن منهن ڪندو آهي.ڪن خفتين جو اهو به چوڻ آهي ته ڦاڙهو توريئي جو اصل عاشق آهي. جيئن ته ميوا جي آس پاس ڪافي ٻنين ۾ توريو ۽ سرنهن پوکيل آهي، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڦاڙهو توريئي جي خوشبو تي هيڏانهن نڪري ايندو هجي. ڦاڙهي جي محبوب غذا جيئن ته ٻٻر ۽ ٻير آهن. ۽ اهي ٻئي شيون ميوا ۾ عام جام آهن، ان ڪري به ٿي سگهي ٿو ڦاڙهي جي دل ايڏانهن ڇڪجي آئي هجي.اهڙا به خفتي موجود آهن، جيڪي هر جانور جو پير به سڃاڻي وٺن ته ان جو آواز به ڪڍي وٺن. هاڻي ڦاڙهو به شڪارين پيرين پاران ڦاڙهي جي پير کڻڻ سبب ئي ٿيو آهي. شڪارين ڦاڙهي جا پير کڻي ان جي ويجهو پهچي، کيس هڻي ماري وڌو.
جيئن هر ڪم ڌنڌي جي پنهنجي پنهنجي اخلاقيات هوندي آهي. پنهنجا پنهنجا اصول هوندا آهن، ائين شڪارين جا به اڳ ۾ ڪي اصول هوندا هئا، انهن تي به ڪي اخلاقي بندشون هونديون هيون. پر هاڻ جديد دور اچڻ بعد، شڪارين به اصولن ۽ اخلاقيات کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. اصولن ۽ اخلاقيات کي پوئتي ڌڪي ڇڏڻ ۾شايد سنڌ جا بي گُرا شڪاري سڀ کان اڳڀرا آهن. دنيا جي شڪارين جو مڃيل اصول آهي ته ماديءَ تي هٿ ڪونه کڻبو، ڌڪ ڪونه هڻبو پر سنڌ جا اڪثر شڪاري هاڻ ان اصول تي به ڌيان نٿا ڌرين. رات جو رڳو ڪا اک ٽمڪي، بندوق بس ئي نه ڪندي پوءِ ڀلي ڪو ٻلو ۽ گدڙ ئي ڇو نه هجي!! سو جهنگلي جيوت سان محبت ۽ همدردي رکندڙ ماڻهن کي ڊپ آهي ته هاڻ شڪاري، ميوا ۾ نر سان گڏ آيل ماديءَ کي به ڪونه بخشيندا ۽ اها به جلد مارجي ويندي. ان ڪري اڃان به وقت آهي وائلڊ لائيف کاتي جا عملدار اک پٽين ۽ بچي ويل مادي کي، ڳولي، ڪنهن به نموني، جلد کان جلد ڪنهن رک ڀيڙو ڪن. ان کان اڳ جو ڪي اخلاقيات کان انڪاري شڪاري، انهيءَ ماديءَ کي به ماري ڇڏين. ان ڪم ۾ جي جهنگلي جيوت جي بچاءَ جي حوالي سان ڪم ڪندڙ تنظيمون ۽ ادارا به ڪو تحرڪ وٺن ته شايد اها مادي بچي وڃي. سنڌي ۾ مشڪل ڪم ٿيڻ جي حوالي سان پهاڪي ۽ چوڻي جو درجو رکندڙ ڦاڙهي جو شڪار فور وهيل گاڏين، سرچ لائيٽ ۽ لاقانونيت جي وڌڻ بعد ڪيترو ته سولو ٿي پيو آهي! شايد انهن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هجي جن ”تو ڪهڙا ڦاڙا ماريا آهن“ جهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون جوڙيون هيون.
اسان اريگيشن کاتي کي گذارش ٿا ڪريون ته هو ميوا ۾ سندن آفيسرن جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ وڻن جي واڍي هڪدم بند ڪرائين. ٻيلي کاتي وارا به ڪجهه ميوا ڏانهن ڌيان ڏين. وائلڊ لائيف کاتي وارا بجاءِ شڪار ڪرائڻ جي ۽ شڪارين کي سهولتون مهيا ڪرڻ جي، قتل ٿيل ڦاڙهي جي خون جو ڪيس ڦاڙهي جي قاتلن تي داخل ڪري انهن کي سخت کان سخت سيکت ڏين ۽ بچي ويل ماديءَ کي رک ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ وٺن. جيئن ته ٻين جانورن وانگر ڦاڙهي جي جُو به ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي. ۽ ڦاڙهو ناياب ٿيڻ تي اچي پهتو آهي. ان ڪري جيڪڏهن ميوا واري ٻيلي کي ڦاڙهي جي رک قرار ڏنو وڃي ته هڪ ته ڀلجي ۽ ڀٽڪي ايندڙ ڦاڙهن جو ڀلو ٿي پوندو ۽ ٻيو ته ڦاڙهي جي رک هجڻ ڪري، ٻين به ڪيترن ئي ننڍن وڏن، حلال حرام جانورن ۽ پکين کي به محفوظ ٺڪاڻو ملي پوندو. پوءِ اها رک ڀلي کڻي پير فقير جي نالي تي ئي کڻي ڇو نه ڪئي وڃي.

استاد بخاري: موجوده سنڌ جو يگانو قومي عوامي طبقاتي ۽ انقلابي شاعر-زاهده شيخ


 

استاد بخاريءَ جي شاعري پنهنجي قوم جي اڪثريتي عوام جي زندگيءَ جي عڪاسي به آهي ۽ انهن جي خواهشن، جذبن ۽ خوابن جي ترجمان به آهي ته وري انهن کي بيمارين، جهالتن، اونداهين ۽ وهمن ڀري زندگي کان ڇوٽڪاري جو گس ڏيکاريندڙ به آهي. استاد پنهنجي قوم سان گڏ تڙپندڙ ۽ گڏ کلندڙ ۽ گڏ جدوجهدون ڪندڙ شاعر آهي.

استاد جڏهن چوي ٿو:

سنڌ جي سورن جو ڪونهي آند پاند،

گهر ڊٺل وهڪيل ڍڳي، ڪمزور ڏاند،

پوءِ به شهپر کي وٽيندي پيو چوي،

سؤٽ سان ڪرڻُ اٿم جلدي پلاند!

يا جڏهن چوي ٿو:

ڏيون امتحان پر پڙهڻ کان کانسواءِ،

ڏسون ڪاميابيون ڪڙهڻ کانسواءِ،

وٺون حق پنهنجا گهرڻ کانسواءِ،

وڏا وير سڏجون وڙهڻ کانسواءِ!

ته ان وقت هو پنهنجي ماڻهن جي غلط ۽ نقصانڪار روين کي ظاهر ڪري ٿو جو هو ڄاڻي ٿو ته خرابين کي ظاهر ڪرڻ بنا ختم نه ڪري سگهبو. استاد پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو اظهار اهڙو خوبصورت نموني ڪيو آهي جو خود ان محبت تي محبت ٿي اچي.

جو توسان رکي سيلُ، ڀلي ڀيل هجي ڪو،

سو ڀيل ڀري پيرَ، سندس پير چمون ٿا.

جو توسان رکي کوٽ، ڀلي گهوٽ هجي ڪو،

ان گهوٽ مٿان چوٽ مٿان چوٽ ڪريون ٿا.

ائين نه ته ڪو هي فلاڻو خان آهي يا مون کي عزت ڏيندو آهي ته تنهنڪري ان جا سڀ ڏوهه معاف.

يا وري:

ٽهڪين ته ٽڙن موتيا

سڏڪين ته ڦٽن ڦٽڪا،

من، تون ته نه منجهندي ڪر!

مان منهنجون ستئي پيڙهيون،

رانڀاٽ ڪري روئينديون،

او سنڌ! نه روئيندي ڪر!

ڪنهن شهر ۾ محلي ۾،

ڪنهن ديهه ۾ ديري ۾،

توکي ته ڇپايان مان!

ڊاڪو ٿا هڻن ڊاڪا،

چؤڦير لکين جهاٽا،

ڪٿ سنڌ لڪايان مان!

لطيف وانگر استاد به اهڙو شاعر آهي، جنهن زندگيءَ جي تقريباً سڀني پاسن تي لکيو آهي، جنهن عام ۽ روزمرهه جي زندگيءَ تي به لکيو آهي ته وري خاص حالتن ۽ موقعن تي به لکيو آهي. جيئن سنڌ ۽ سنڌين جي حالت ڏسي چوي ٿو:

وڏا شهر دهشت جي شعلن ۾ آهن،

ننڍا ڳوٺ ڌاڙن جي کورن ۾ آهن،

هجي لانگ بوٽن يا ووٽن جي موسم،

هي گگدام سنڌي ته سورن ۾ آهن.

يعني مارشل لا هجي توڙي جمهوريت پر سنڌي ماڻهن لاءِ ساڳيا ڏوجهرا.

استاد سنڌين کي سورن ۾ وجهندڙن کي به سڃاڻي ٿو.

چئي ٿو:

ڪي لوڻ کڻي، چهڪ ڏئي، چير ڏين ٿا،

ڪي زهر ڀري زوم ڪري تير هڻن ٿا.

انصاف پڇيو: نانوَ ڏسيو ڪير هي آهن؟

فرياد چيو: مير ته ڪي پير چون ٿا.

وري پڇي ٿو:

واهرو ويري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟

روشني ميري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟

جو ڪري چوري، ڊڪي زوري وري،

سو اچي پيري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟

استاد اتي بس نٿو ڪري- وري بچاءَ جو گس به ڏسي ٿو.

غدار دوست ٿين، ڌڪاري ٿُڪي ڇڏيون،

جهونجهار پنهنجا ياد بنايون بچي پئون!

ماري وجهن ٿيون تر کي مسلسل منافقيون،

جي فيصلا سچار بنايون بچي پئون!

اڀرو ته اڄ قيام ڏهاڙو ڪري وجهون!

پگهري پون پهاڙ ڪو ڪاڙهو ڪري وجهون!

پردي ۾ انڌ، ڌنڌ بنا پردي ٿي پون،

پر مار کي ته الف اگهاڙو ڪري ڇڏيون!

هٻڪندڙ،  سوچيندڙ، ڪنڊون پاسا ڪري فيصلا ڪن جدوجهدن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي تنبيهه به ڪري ٿو.

هاڻي به جي نه وٺندو پنهنجي حقن جو قبضو،

کاڻين، ٻنين، ملن ۾ کاتن پڪن جو قبضو،

شهرن ۾ پنهنجي پاڙن، چونڪن هٽن جو قبضو،

پوءِ سمجهو سرتي هوندوَ، ڌارين ڌڪن جو قبضو.

۽ کين سمجهائي ٿو:

جو پير هٽيو، سو پير ڪٽيو،

هي خوف به طاري رکڻو آ.

جا وِک وڌي، ڄڻ لال لڌي،

هي جوش به جاري رکڻو آ.

ڳالهه ڪجي ته مضبوطيءَ سان پير ڄمائي ڪجي. باقي مڙي ئي فارملڪٽي پوري ڪرڻ واري ڳالهه استاد جي نظر ۾ بلڪل بي معنيٰ آهي:

ڌوڏيئين نه درختن کي،

ڏئي اوٽ ٿو ڏيئن کي،

طوفان اهو ڪهڙو!

آزار ڪٿي ڦٿڪيا،

پر مار ٻڌي ٽهڪيا،

اعلان اهو ڪهڙو!

استاد بخاريءَ جڏهن وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڪامورن کي ذاتي ۽ طبقاتي مفادن خاطر سنڌين جون کلون لاهرائيندي، کين تباهه ۽ برباد ڪندي ۽ سندن وسيلا کسائيندي ڏٺو- جيئن اڄڪلهه دهشتگرد پرست راڄ سنڌين مٿان مڙهيو ويو آهي ۽ اهڙن وقتن تي سنڌي عوام کي خاموش ڏٺو ته حيران ٿي سوال ڪيائين:

حڪومت ته عهدن ۾ مجبور آهي،

پر آزاد رعيت کي ڇا ٿي ويو آ؟

ڪندي مصلحت فيصلا آهي گم سم،

حقيقت جي غيرت کي ڇا ٿي ويو آ؟

ڳڻتي به ڪري ٿو!

اڄ نه جي دهشت ڪُٺي، ڪسندي ڪڏهن؟

هي قيامت قهر جي کٽندي ڪڏهن؟

وري جڏهن ڏکي کان ڏکين حالتن ۾ به وطن ۽ وطن واسين لاءِ ويڙهاند ڪندڙ ڪن ثابت قدم ماڻهن کي ڏسي ٿو ته حوصلو پيدا ٿئيس ٿو.

او طوفانو، ڪارونجهر گهر منهنجو آ،

سَرَ- تيليءَ تي چيهي جو آکيرو ناهي.

دهه- دهه، دڳ- دڳ قبضو آ، تر منهنجو آ،

ڳيري وارو ٽاري تي واهيرو ناهي.

اهڙي وقت تي جڏهن وطن جا مجاهد سچا انقلابي سچائيءَ خاطر وڙهندا هجن، تڏهن انهن جي نيڪنامي تي پريشان ٿيندڙن جي حالت کي ۽ انهن جي نيڪناميءَ تي خوش ٿيندڙن جي دلي ڪيفيت کي استاد ڏاڍو سهڻي نموني چٽيو آهي:

حاسد جي دل وک وک ڇلڪي،

ننڍڙي سوڙهي گهاگهر وانگر.

ساٿين جي دل ڇوليون ماري،

هيڏي ساري ساگر وانگر.

استاد جو شاعريءَ ڏانهن رويو به عوام دوست آهي. هو ايڏو وڏو شاعر هوندي به اڪيلي شاعر کي سڀڪجهه نٿو سمجهي. هو سطحي قسم جو ماڻهو ناهي. هو عالم آ، ڏاهو آ. تنهنڪري گهڻ طرفين ڳالهين کي اهميت ڏئي ٿو. ذهني پورهيي ۽ جسماني پورهيي جي گڏيل طاقت تي يقين رکي ٿو:

منهنجي هٿ ۾ ڪلڪ ۽ ڪانگ،

تنهنجي هٿ ۾ ڏاٽو ڏانگ،

مان ٿو ڪاٽيان قهري سوچون

تون ٿو مارين زهري نانگ.

شور ڪهڙو لهر جو ساگر سوا،

زور ڇا جو واءُ جو اوٿر سوا،

شعر منهنجو گر جي، گڏجي قوم سان،

اَسِلحو بيڪار آ لشڪر سوا.

او هاري او ناري! او ڪڙمي مزدور!

اسان واريون ڪلڪُون امانت اوهانجي.

توهان جون تکيون ڪوڏون ۽ ڪهاڙيون،

توهان جو قسم آهي طاقت اسان جي.

استاد هڪڙو آدرشي انسان هو- هن جا آدرش عظيم هئا. قوم جي روشن مستقبل جو آردش. صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪري صحيح کي مان ڏيڻ جو آدرش- منافقت کي ظاهر ڪرڻ جو آدرش. پورهيت طبقي کي ظالم طبقن ۽ پرمارن جي پنجوڙن کان آزاد ڪرائڻ جو آدرش ۽ وري اهي آدرش به مضبوط علمي بنيادن تي ٻڌل- بخاري هڪڙو سچو پچو ۽ پڪو پختو عالم قسم جو انقلاب دوست انسان هو.

سندس هي نظم ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو:

زندگي هڪ موقعو، ڪئي واقعا،

لمحي لمحي ۾ جڳن جا فيصلا.

فيصلو سورهيه بلاول جو پڪو،

سنڌ لئه سوچي جيئو جڳ جڳ يڪو.

فيصلو کهڙي وزارت جو ڪيو،

قوم جرمانو حقارت جو ڪيو.

فيصلو، خوشبو وڌي رڪجي هوا،

سنڌ جيئي پر ڪمي ڪڙمي سوا.

فيصلو آزادگيءَ ۾ آ مزو،

پر سجاڳي عام جي بنبي ڏچو.

فيصلو آزادگي برپا ڪجي،

عام ٿي اوٿر اٿي پو ڇا ڪجي.

واهه ڙي وا، بورجوازي فيصلا!

دلفريبي، دوکيبازي فيصلا!

مان سڃاڻان سوچ تنهنجي بورجوا،

انقلابي ٿي نه سگهندين بورجوا.

انقلابي، بورجوا تقليد ڇڏ!

انتها ڏي آ، رڳو تمهيد ڇڏ!

انقلابي، بورجوا تدبير ڇڏ!

پورهيتن ڏي ڊوڙ، پير ۽ مير ڇڏ

انقلابي، بورجوا دستور ٽوڙ!

جهور زرداري ستم، مزدور جوڙ.

انقلابي، انقلابي هوندو آ،

اجتماعي، انفرادي هوندو آ.

انقلابي، انقلابي هوندو آ،

عيش جي ڪڇ ۾ عذابي هوندو آ.

انقلابي، انقلابي هوندو آ،

ڌوڌ کان هر دور باغي هوندو آ.

انقلابي، انقلابي هوندو آ،

دور کي ڌوڏڻ جو عادي هوندو آ.

انقلابي، انقلابي هوندو آ،

غار ٿي ويندي به غازي هوندو آ.

انقلابيءَ جي عبارت اڻ ڪٿي،

انقلابيءَ جي ثقافت سرڪشي.

انقلابيءَ جي بغاوت بندگي.

او زندگي!

او زندگي!

وڻ لڳائڻ سان گڏ، وڻ بچايو به سهي! – نواز ڪنڀر


 

هفتو اڳ ۾ ،ماحولياتي قرار ڏنل سال جي، چوماسي جي  وڻڪاري جي مهم،  سرڪاري سطح تي سڄي ملڪ ۾ شرو ع ٿي. جنهن ۾ سرڪار کان علاوه غير سرڪاري ادارا به حصو وٺي رهيا آهن.  ان سڄي مهم ۾ ڪيترن قسمن جا، ڪيترا ٻوٽا لڳايا ويندا؟ ان جي ڪا خبر ناهي. نه ئي اها خبر آهي ته ان ڪم تي، قوم جي پورهئي ۽ پگهر مان ڪمايل ڪيتري رقم خرچ ڪئي ويندي؟ پر وڻڪاري مهم  وڏي ڌام ڌوم ۽ طمطراق سان هر سال وانگر، اخبارن ۾ اشتهار ۽ فوٽا ڇپرائي شروع ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ ڪيٽي بندر تي ٽي سئو  رضاڪارن پاران  پنج لک  ايڪيتاليهه هزار هڪ سئو ڇاهتر 541176 کان وڌيڪ تمر جا ٻوٽا پوکي، گنيز بڪ ۾ لکرائڻ لاءِ، ٻوٽا پوکڻ جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ويو هو. وڻڪاري جي هن موقعي تي،  انهن رضاڪارن کي به ياد رکيو ويو ۽ خود صدر صاحب انهن کي ايوارڊن سان نوازيو. اهڙي قسم جون فيشني ۽ فينسي مهمون هر سال هلايون وينديون آهن. پر انهن جو نتيجو ڇا ٿو نڪري؟ هر ڪو آسپاس نظر ڊوڙائي ڏسي سگهي ٿو. اهو ڏسڻ لاءِ گهڻي وقت،  ميٽنگن ۽ سيمينارن جي ضرورت ڪونهي ته اڳئين سال، اسان کي پنهنجي ڪم ڪار وارن رستن تي ايندي ويندي، توڙي آس پاس جيترا وڻ نظر ايندا هئا هاڻ  انهن ۾ اضافو ٿيو آهي يا ماڳهين ڀينگ ٿي آهي؟جيڪڏهن گذريل پنجن ڏهن سالن جي، ٻيلي کاتي جي، لڳايل وڻن جو تعداد معلوم ڪجي ۽ انهن لڳايل وڻن مان وڏو ٿيل وڻن جو تعداد به ڏسجي ۽ پوءِ اهو ڏسجي ته انهن لڳايل ۽ بچي/وڏي ٿيل هڪ هڪ وڻ تي ڪيترا هزار خرچ ٿيا آهن ته ڏندين آڱريون ضرور اينديون!! جيڪڏهن ڳالهه ان کان به پوئتي، ورهاڱي جي وقت کان شروع ڪجي ۽ جي ٻيلو کاتو انگ اکر ٻڌائڻ جي مهرباني ڪري ته انگريز دور ۾ ملڪ ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ايڪڙن تي ٻيلا هئا؟ جن ۾ دريائي، جابلو، سامونڊي، ريگستاني ۽ ميداني علائقن جا ٻيلا شامل آهن ۽ هن وقت ڪيترن ايڪڙن تي، ڪهڙي قسم جا ٻيلا باقي بچيا آهن ته به تعجب ضرور ٿيندو. جي  اڃان اهو به معلوم ڪجي  ته انهي وچ ۾، ٻيلن ۽ وڻن جي پوکي ۽ بچاءُ جي نالي تي قائم ان کاتي تي ڪيترا ارب روپيا خرچ ڪري، ڪيترا ايڪڙ ٻيلا ۽ عام وڻ تباهه ڪرايا ويا آهن. تڏهن به افسوس ضرور ٿيندو. جڏهن اربين روپيا خرچ ڪري ٻيلن ۽ وڻن جي ڀيل ئي ڪرائڻي هئي ۽ قبضا ئي ڪرائڻا هئا ته اهو ڪم هونئن به ٿي سگهيو ٿي. قوم کي ٽيڪسن جي بار هيٺيان ڏيئي، ٻيلا ۽ وڻ بچائڻ جي نالي تي اربين روپيا خرچ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اهو ئي ڪم ڪرڻو هو ته اهو ته  مفت ۾ ٿي پئي سگهيو! کاتي جو ڪهڙو ڪم ۽ ڪهڙو جواز باقي آهي؟! ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻيلي کاتي جي حوالي سان، سڄي پاليسي بدلائي وڃي. موجوده وڻ لڳرائڻ جي طريقي ۾ تبديليون آنديون وڃن. نظر ايندڙ ۽ رزلٽ ڏيندڙ پروگرام شروع ڪيا وڃن. سڀ کان پهرين ته تعلقي سطح کان به هيٺ، هر ننڍي وڏي شهر ۾ آبادي ۽ زمين جي حساب سان نرسريون قائم ڪيون وڃن. انهن ۾ گهربل عملو بغير سفارش جي مقرر ڪيو وڃي. ٻوٽن تي خاص سبسڊي ڏني وڃي. جنهن تي جيڪڏهن عالمي بئنڪ ۽ ٻيا قرض ڏيندڙ ادارا ناراض ٿين يا مخالفت ڪن ته انهن جي پرواهه نه ڪئي وڃي. ٻيلي کاتي پاران لڳايا ويندڙ وڻ زميندارن ۽ هارين کي مفت ۾ يا گهٽ قيمت تي ڏنا وڃن. ڇو جو اهي آبادگار انهن ٻوٽن کي پنهنجي لالچ ۾ وڌائي وڻ ڪندا. جڏهن ته ٻيلي کاتي جو عملو ڪجهه هزار يا سئو وڻ لڳائي، مڙئي  خانه پوري ڪندا آهن. ان بجاءِ  آبادگارن جي جڏهن ذاتي لالچ هوندي ته هو پاڻ ئي  ٻوٽن جي حفاظت ڪري، انهن کي وڏو ڪندا جيئن فصل اپائي وڏو  ڪندا آهن. ڀلي اهي وڻ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ڇو نه هجن پر انهن سان فائدو سڄي ماحول کي ٿيندو. ڪيترن ئي پکين جو ڀلو ٿي پوندو. سم ۽ ڪلر تي به قابو پائي سگهبو ته ٻارڻ لاءِ تباهه ٿيندڙ جهنگ کي به ڪنهن حد تائين بچائي سگهبو.ان کان علاوهه ڏٺو اهو ويو آهي ته ٻيلي کاتي پاران سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندڙ وڻڪاري مهم دوران وڻ روڊ رستن جي ڪنارن ۽ شاخن ۽ واهن جي ڪپرن تي وڌيڪ لڳايا ويندا آهن. ان جاءِ تي جيڪڏهن وڻ ۽ خصوصاً ميويدار وڻ گهرن، اسڪولن، اوطاقن، مسجدن، امام بارگاهن،عيدگاهن ۽ قبرستانن ۾ هڻايا وڃن ته انهن جي وڌيڪ وڏو ٿيڻ جو ريشو يقينن وڌي ويندو. اهڙو تجربو ننڍڙي سماجي تنظيم ايڪسپلورر پاران ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ مختلف موقعن تي، ڪيو  ويو آهي. جيڪو نتيجا خيز رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو ڏسڻ چاهي ته ڏسي  به سگهي ٿو. کاتي جا ڪامورا ضرور ان  ڳالهه جي مخالفت ۾ ڪيترائي دليل  گهڙيندا ته جيئن انهن جي وات جو گرهه نه کسجي پر جي سچ پچ ٻوٽن کي وڌائي وڏو وڻ ڪرڻو آهي ته روايتي پاليسي ۾ تبديلي آڻڻي ئي پوندي. نه ته کاتي جا عملدار ئي کڻي ٻڌائين ته هنن جا ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙا ڪهڙا وڻ لڳل آهن. ڳالهه ظاهر ٿي پوندي.

 

وڻ بچائڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم مسئلو اهو به آهي ته وڻ هڪڙي اداري کي لڳائڻا هوندا آهن. ته بچائڻا وري ٻئي کي هوندا آهن ۽ ملڪيت ٽيئن جي هوندا آهن. سڄي ملڪ ۾، سڄو سال وڻن جا لاشا ٽرڪن، ٽرالين، اٺ گاڏين کان ويندي گڏهه گاڏين تي نظر ايندا آهن. پر ڪوبه انهن  کي روڪڻ ۽ پڇڻ  وارو نه هوندو آهي. ها ڪٿي ڪٿي  ويچارا پوليس وارا کين روڪي، خرچ پاڻي وٺي، اڳتي سفر جاري رکڻ لاءِ ڇڏي ضرور ڏيندا آهن. پر جي پڇا ڪبي  ته  (جيڪا ڪيترا ئي ڀيرا ڪئي به وئي آهي) ته ٻيلو کاتو اريگيشن تي الزام هڻندو. اريگيشن وارا رزاعت کاتي تي  بيهي رهندا. جنهن جو سبب هي آهي ته وڻن ۽ ٻيلن  جي حوالي سان شايد ڪا واضع پاليسي ناهي. ڇا ڪا  متفقه پاليسي نٿي جوڙي سگهجي؟ جنهن ۾ سڀئي وڻ ۽ سڀني قسمن جا ٻيلا هڪڙي ئي کاتي جي حوالي هجن. پوکڻ، وڍڻ ۽ وڪڻڻ ان جي ذميواري هجي ته جيئن  پڇاڻي ۽ پڪڙائي ۾ آساني ٿي سگهي. ان کان علاوه گورنمنٽ ادارن ۾ لڳل وڻن جي عمر پوري ٿيڻ مهل يا برسات، سيلاب ۽ طوفان ۾  انهن جي ڪرڻ  بعد ٻيلي کاتي جي مهرباني سان حڪومت جي ٺاهيل قانونن جي ڪري،  اهي وڻ جيڪي مصيبت انهن جي آفيسرن ۽ عملي لاءِ ڪنداآهن اها به ڏسڻ وٽان هوندي آهي. اها محسوس ڪري آئينده لاءِ عملو ۽ آفيسر وڻ پوکڻ کان ئي بس ڪندو آهي.  ان ڪري سرڪاري کاتن ۾ ڪرندڙ وڻن جي موجوده نيلام واري   طريقي ڪار ۾ تبديلي ڪري  ان کي آسان بڻايو وڃي. جنهن آفيس يا اداري ۾ وڻ لڳل آهن اهي وڻ ان جي ملڪيت قرار ڏئي، ٻيلي کاتي جي مداخلت کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي.

 

وڻ لڳائڻ ۽ وڌائڻ جي هڪ اهم جڳهه اسڪول ۽ ڪاليج به ٿي سگهن ٿا. پر انهن سان به  وڻ ڪِرڻ مهل،   ٻيلي کاتي جي قانونن جي ڪري جيڪا جٺ ٿيندي آهي سابه ڏسڻ وٽان هوندي آهي. جنهن ڪري استادن جو وڻ لڳائڻ کان جهڙوڪر ارواح ئي کڄي ويندو آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وڻ لڳائڻ کان ويندي وڌائڻ تائين، گهربل انساني وسيلا موجود هوندا آهن. رڳو انهن کي موبلائيز ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن تعليمي ادارن ۾ لڳل وڻن کي ان اداري جي ملڪيت قرار ڏيڻ جو قانون ٺاهيو وڃي، ته تعليمي ادارن جي  مفلسي جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. انهن وڻن کي وڏي ٿيڻ تي وڪڻي، انهن مان ٻارن توڙي استادن جا ڪيترائي جائز اهي  مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا جيڪي مناسب بجيٽ نه هئڻ سبب سالن تائين حل ٿي نه سگهندا آهن. استاد گهڻو ڪري پنهنجي  نوڪري جو وڏو  حصو هڪ ئي اداري ۾ گذاريندا آهن، ان ڪري انهن کي جي انهي ڳالهه تي آماده ڪجي ته توهان پنهنجي اداري جا ڪيترائي مسئلا وڻ لڳائي، وڏو ڪري، وڪڻي  حل ڪري سگهو ٿا ته ڪافي ڪم ٿي سگهي ٿو. باقي وڻ لڳائين استاد ۽ ٻار يا ٻيو عملو ۽ وڏي ٿيڻ تي، انهن جي نيلامي لاءِ ٻيلي کاتي جي آفيسرن کي درخواستون ڏئي، وڻن جي نيلامي جي ٺيڪا ڪرائي، اهي پئساسرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ وارن قانونن جي موجودگي ۾ ڪنهن کي پئي آهي جو ويٺو وڻ لڳائي.

 

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڏينهون ڏينهن، وڻن کان بغير ٺوڙهي ٿيندڙ، هن ڌرتي تي رڳو وڻ لڳائڻ جون پاليسيون نه ٺاهيون وڃن بلڪ وڻ بچائڻ جون پاليسيون ٺاهيون به  وڃن ته جيئن تباهه ٿيندڙ ماحول کي فوري طور تي وڌيڪ تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهجي. گهٽ ۾ گهٽ  هن سال ته وڻن جي حوالي سان  وڌ ۾ وڌ قانون  سازي جو ڪم اوليت جي بنياد تي ڪرڻ گهرجي ڇو ته  هي سال  ماحولياتي سال آهي.

 

هي قبر ڪهڙي مارئي جي آهي؟ -نواز ڪنڀر


 

ڀٽائي جي سورمي، غيرت ۽ حب الوطني جو اهڃاڻ مارئي سان اڄ تائين ٻه هنڌ منسوب ڪيا ويندا رهيا آهن. هڪ سلام ڪوٽ واري پاسي ڀالوا ۽ ٻيو عمر ڪوٽ ڀرسان کاروڙو. معمور يوسفاڻي مطابق مارئي سيدن جي کاروڙي جي هئي، انهيءَ ڳالهه تي زور شور سان بحث هلندڙ آهي ته مارئي ڪٿي جي هئي؟ ڀالوا جي يا کاروڙي جي؟ مارئي کي ڀالوا جي ثابت ڪرڻ لاءِ جنهن صاحب جون سڀ کان وڌيڪ ڪاوشون ۽ ڪوششون رهيون، سو هو مرحوم الحاج مير محمد بخش خان ٽالپر، سابق صدر لوڪل بورڊ ٿرپارڪر. ڪيترائي ماڻهو اڄ به حياتي آهن ۽ چون ٿا ته مير صاحب لوڪل بورڊ جي اليڪشن کان پوءِ صوبائي اليڪشن ڏانهن وک وڌائيندي، ڪن مصلحتن تحت ڀالوا ڀرسان رهندڙ پنهنجي خاص ماڻهن جي مدد سان ڀالوا کي، مارئي  وارو ڀالوا ۽ کوهه ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي هلندي پڄندي استعمال ڪندي اتي 6 مارچ 1967ع ۾ ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ ڪيترن نالي وارن عالمن ۽ اديبن مقالا  پڙهيا، پر ڪوبه انهيءَ ڳالهه سان سئو سيڪڙو سهمت نه ٿيو ته هي ڀالوا، ماروي وارو ڳوٺ آهي. مير صاحب جي دل رکندي ۽ سندن مهماني جو قدر ڪندي بس “رڳو سينڍ ۾ ئي  ماروي ڳائي وئي” ( ان ڪانفرنس ۾ توڙي پوءِ وارين لکڻين ۾  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، بني سنگهه سوڍي ۽ مرحوم الله بخش سرشار عقيلي جهڙن ليکڪن اختلاف به رکيا). روايتن مطابق ان وقت ٿر جي سياست تي راڻن، اربابن ۽ کوسن جو راڄ هو. مير صاحب قومي ۽ صوبائي سياست ۾ پير پائڻ لاءِ اهو ڪمال ڪيو جو ماروي کي ڀالوا جو ڪري ڏيکاريائين. اڄ به ڪيترائي اهڙا ماڻهو زنده هوندا، جيڪي مير صاحب پاران ڀالوا کي ماروي سان منسوب ڪرڻ جي پس منظر تي روشني وجهي سگهن ٿا.

 

ٿوري دير لاءِ مارئي ڪٿي جي هئي (ڀالوا جي يا کاروڙي جي) واري بحث کي پاسيرو ڪندي، پاڻ هلون ٿا ماروي جي نالي سان منسوب هڪ  قبر ڏانهن. هي قبر تعلقي کپري جي يو سي ۽ تپي روڻجهو ۽ ديهه مارئي ۾ واقع آهي. هتي نه صرف مارئي جي قبر آهي، بلڪ مارئي جو کوهه، مارئي جو پتڻ، مارئي جو ڳوٺ به آهي. هي قبر کپرو-ڀٽ ڀائٽي روڊ تي، غلام نبي شاهه کان چار ڪلو ميٽر اتر ۽ ڀٽ ڀائٽي کان 10 کن ڪلوميٽر ڏکڻ  ۾ آهي. قبر ناري کان اوڀر ۾ اڇڙي ٿر جي مهراڻي جي شروع ٿيندڙ پهرين ڀٽ تي آهي. هتان پوءِ اوڀر ۾ اڇڙي ٿر جو سلسلو چاليهه ڪوهه (90 ڪلوميٽر) هندوستان جي بارڊر تائين پکڙيل آهي. کپرو هتان کان ويهارو کن ڪلوميٽر ڏکڻ ۾۽ چاليهارو کن ڪلوميٽرن تي عمر ڪوٽ واقع آهن. اڇڙي ٿر جي شروع ٿيڻ ۽ کاهڙ جو علائقو ختم وارو بحث به اڃان پڄاڻي تي پهچڻ باقي آهي. ڪي ماڻهو ڍوري ناري کان لنگهندي کوکرا پار ويندڙ ريل جي پٽڙي کي اڇڙي ٿر ۽ (ڀوريو ٿر) کاهڙ واري ٿر کي الڳ ڪندڙ بائونڊري  چون ٿا. جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان سان اختلاف ڪندي مارئي جي قبر واري علائقي کان اڳتي اتر ۾ کپري واري پاسي  گجڻهور ڳوٺ کان پوءِ اڇڙو ٿر مڃين ٿا، جتان ڊرنهه وارو علائقو شروع ٿئي ٿو. ڀِٽن جي ساخت، واري ۽ گاهه ٻوٽن جي لحاظ کان ڏسجي ته مارئي جي قبر وارو علائقو به کاهڙ ۾ ئي اچي ٿو. جنهن بعد حاجي محمد عثمان مري جي ڳالهه ۾ اڃان به وڌيڪ وزن محسوس ٿئي ٿو، ڇو جو ڀٽائي صاحب مارئي کي کاهڙ جي ئي ٻڌائي ٿو. جي پراڻي ڀٽن واري رستي کي ڏسجي ته عمر ڪوٽ هتان کان ويهه پنجويهه کن ڪلوميٽرن تي ٿيندو،  اهو پراڻو رستو  ٻنيون آباد ٿيڻ ۽ آبادي وڌڻ ڪري، گهر ٺهڻ ۽ ڳوٺ آباد ٿيڻ سبب هاڻ گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو آهي. قبر کان پنج ڏهه ايڪڙ اوڀر ۾ مارئي جو ڳوٺ آهي، جتي هن وقت مري ۽ نوهڙي رهن ٿا. (هتي جون اصل ذاتيون ملاح ۽ مري ٻڌايا وڃن ٿا.)  ڳوٺ مٿان ڀِٽن جي وچ ۾ مارئي جي سڏجندڙ کاري ڍنڍ آهي. هتان کان بارڊر تائين ٻه سئو کان مٿي ڍنڍون ٻڌايون وڃن ٿيون. مختلف وڻن جي وچ ۾ گهيريل مارئي جي سڏجندڙ کوهه جا آثار اڄ به موجود آهن. کوهه ذري گهٽ مٽي ۾ لٽجي چڪو آهي، جنهن ۾ هينئر سَر بيٺل آهن. ناري جي ڪناري کوهه جا آثار ڪجهه عجيب لڳن ٿا، پر رٽائرڊ استاد حاجي محمد امين سمي جي بقول ته اڳي نارو  ڇهه ماهي وهندو هو. نارو سڪڻ بعد پيئڻ لاءِ پاڻي کوهن مان ئي ملندو هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڀٽي صاحب جي وقت ۾ نارو چيٽ ۾ به وهڻ لڳو، جنهن کي پوءِ  مکي فرش کان اڳتي بند ڪيو ويو. ناري تي غلام نبي شاهه وٽ هتان کان ڪلو ميٽر کن اوڀر ۾ پتڻ هو، جيڪو مارئي جو پتڻ سڏبو هو. ساڳي طرح قبر کان ڇهه کان اٺ ڪلو ميٽر اولهه ۾ ڏنگ جو پتڻ به هو. هتان چئن پنجن ايڪڙن تي هڪ ڦٽل شهر جا آثار  به ملن ٿا. هي ته هو ان علائقي جو مختلف تعارف جتي مارئي جي قبر هڪ ڪکائين ڇپر هيٺ ساون پڙن ۽ چادرن سان ڍڪيل آهي. ڀر سان ڪنڊي جي وڻ ۾ حسب روايت اڳڙيون پڻ ٻڌل آهن.

 

کوهه، قبر، پتڻ، موجوده ڳوٺ، ڦٽل شهر، ڍنڍ ويندي ديهه، مارئي جي نالي سان منسوب آهن، پر ڪهڙي مارئي؟ ان جي جواب ۾ علائقي جا ماڻهو چون ٿا ته ملاح! جيڪا پتڻ تي ٻيڙي هلائيندي هئي، انهيءَ مارئي جو ٻيو ڪو قصو، ڪو ڪارنامو، ڪا ڪهاڻي، ڪا ڪاني ڪرامت، ڪا دعا ڪا پٽ؟  ان بابت ڪو به ڪجهه نٿو ڪُڇي. علائقي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته هن تر جو نالي وارو سماجي ۽ سياسي اڳواڻ رئيس حاجي عثمان مري  ولد خانصاحب سهراب خان ولد خانبهادر خدابخش خان مري  جي پڪي پختي راءِ هئي ته هي عمر مارئي جي قصي واري مارئي جي ئي قبر آهي. حاجي صاحب جي ان ڳالهه جي تصديق سندس فرزند ۽ پي پي ضلعي سانگهڙ جو اڳواڻ رئيس سهراب خان مري به ڪري ٿو.

 

حاجي محمد عثمان مري تر ۾ فيصلن ۽ منصفي جي حوالي سان وڏو مشهور ۽ مثالي ماڻهو هو. حاجي صاحب تعليمي ميدان ۾ به وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون، هن ڀٽ ڀائٽي ۾ اسڪول قائم ڪرايو ۽ هاسٽل ٺهرايو، جتي پري پري جا ٽي سئو کان مٿي شاگرد اچي رهندا هئا ۽ تعليم پرائيندا هئا ته ساڳئي وقت فائنل جا شاگرد به هتي اچي امتحان ڏيندا هئا، اهڙي شهرت رکندڙ ماڻهو جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته ان ۾ وزن ضرور محسوس ٿئي ٿو. افسوس جو ان وقت سندن اها راءِ، ان منصوبا بندي سان سامهون نه آئي، جنهن نموني مير محمد بخش ٽالپر، ميڊيا ۽ مشهوري جا ٻيا مختلف طريقا استعمال ڪندي ڀالوا کي مشهور ڪرايو هو. مارئي جي ڄاڻايل قبر تي پهرين روايتي ميلي کان هٽي ڪري ميلو به لڳندو هو، جيڪو اڄ به سانوڻ ۾ وسڪاري بعد لڳي ٿو. اهو ميلو، ميلي بجاءِ “ماروي جو ڏهاڙو” وڌيڪ لڳي ٿو. ان ڏينهن تي هتي شام جو ملهه، ڪٻٽي ۽ ٻيلهاڙو راند ٿيندي آهي، جنهن ۾ ڀرپاسي جا ماڻهو شريڪ ٿين ٿا. اهو ميلو به حاجي عثمان مري شروع ڪرايو هو. انهن ڳالهين کي ڏسي لڳي ٿو ته ڳالهه ۾ ڪجهه نه ڪجهه آهي ضرور. پر جيڪڏهن هي مارئي، عمر مارئي واري قصي جي مارئي نه به هئي ته به ڪو وڏو ڪردار ضرور هئي، جنهن جي نالي پٺيان ايتريون شيون منسوب ٿيل آهن.

۽ نيٺ طوطا به اُڏاڻا-نواز ڪنڀر


سنڌ جي خوبصورت پکين ۾ طوطو پهرين نمبر تي کڻي نه به اچي، تڏهن به ٻيو نمبر ته هن جو آهي ئي آهي، ۽ جي ختم ٿيندڙ پکين جي لسٽ ٺاهبي ته ان ۾ طوطو متان پهرين نمبر تي اچي وڃي! افسوس جو ايترو خوبصورت پکي، جيڪو ڦار ڪڍي ٻين جا حال ٻڌائي ٿو، سو پاڻ  تمام تيزي سان وجود وڃائي رهيو آهي. ان جا ڪيترائي سبب آهن.

طوطي جي نر يا مادي هئڻ جي سڃاڻپ ڏيڍ سال جي عمر ۾ جوان ٿيڻ واري وقت، نر جي ڳچي ۾ ظاهر ٿيندڙ ڳاڙهي ڳاني يا ڪنٺي سان ڪبي آهي. پيرن ۾ جهلي کائڻ سبب حرام سڏجندڙ ۽ انساني ٻولي ڳالهائڻ جي صلاحيت رکندڙ طوطو سال ۾ عمومن ٻن تُورن دوران چار چار آنا ڪري، پر ڪڏهن پنج به ڪري. ٻچا ڪرڻ، گهر ٺاهڻ لاءِ طوطي جا پسنديده پراڻا پور وارا وڻ سرنهن، ٻٻر، سنڌي انب ۽ ڪنڊي آهن. ٺهيل ٺڪيل پور نه ملنس ته چهنب سان پاڻ ئي ٺاهيو وٺي.

مادي پاران ويهه ايڪيهه ڏينهن آري تي ۽ آنن جي ويجهو ويهڻ دوران سندس لاءِ چوڳو آڻڻ نر جي ذميواري هجي ٿي، جيڪا هو ٻچا ڦٽڻ کان مهيني بعد، کنڀ اچڻ تائين نڀائيندو رهي ٿو. چوڳي ۾ طوطن جون من پسند ڊِشون سورج مکي (ڊالڊا)، جوار، انب، ساريون، مڪئي، پلڙي جو ڪچو چيچڪو، سڱر، کجي، ساوا مرچ ۽ ٽماٽا آهن. پهرين تُور جا بيدا ڪرڻ وقت ڪڻڪ آنڀو تي هوندي آهي. اڳي ڪو به اصول وارو ماري، طوطي کي ان وقت اصل ڪونه پڪڙيندو هو، پر هاڻ نه ته ڪو مادي کي ٿو ڇڏي، نه نر يا ٻچن کي. انبڙين وقت طوطو پهرين تُور جا ٻچا اڏائي ڪنهن باغ جو پاسو وٺندو آهي. ان دؤران طوطي جي ٻچي جي اهم غذا، پلڙي  جو ڪچو چيچڪو به تيار هوندو آهي. طوطي جي ٻچن کي پڪڙڻ وارا ڪڻڪ آنڀو تي اچڻ، پلڙا ۽ انبڙيون ٿيڻ واري وقت جو ڏاڍو بي چيني سان انتظار ڪندا آهن. ٻئي تُور وقت انب، کجي، نموريون ۽ سورج مکي پچڻ، سرنهن ۽ ٽالهي جي ڦرين جهلڻ، جوئر ۽ ٻاجهري ۽ کاڄي جي تيار ٿيڻ جو وقت هوندو آهي. کاڄي جو عاشق طوطو کيڙيل ٻني مان کاڄا ڪڍي پاڻ به کائي ۽ ٻچن کي به کارائي. پهريون تُور بهار وارو ۽ ٻيو  سانوڻ وارو سڏجي.

هي پر امن پکي نه ڪنهن سان وڙهي، نه ڦٽائي، نه ئي ڪنهن سان ساڙ يا بغض رکي. ٻيا هن کي پوءِ به امن ۽ سڪون سان رهڻ نٿا ڏين. باز هن کي جهٽ هنيو کنيو وڃي. گدڙ ۽ ٻلي به هن کي غذا بڻائين، ته  کُڏن مان هن جا ٻچا ڳوهه ۽ نانگ به کايو وڃن.

طوطي جي ٻچن پاران کنڀ اچڻ جي مهيني بعد ٻولڻ جو مطلب ماءُ کي الوداع چئي، جوڙي جوڙي ۾ اڏامي وڃڻ هوندو آهي. ان کان اڳ هي ماءُ سان گڏ چڳندا ۽ اڏامندا آهن. ڪن پکين وانگر طوطي جي ماءُ کين ٺونگا هڻي ڪونه ڀڄائي، بلڪ هو پاڻ ئي “وقت ڏٺوسين، پاڻ پليوسين” جهونگاريندا اڏاميو وڃن. طوطي جي خاص ڳالهه هن جو ماڻهو وانگر ڳالهائڻ ۽ سندس خوبصورتي آهي. ان ئي ڏوهه ۾ هي  قيد به ٿيو وڃي. مڇن جي ساوڪ جهڙا کنڀ آيل ٻچو، جلد ٻولڻ سکي ٿو. اها ڳالهه تحقيق طلب آهي ته پهريان ٻاونجاهه اکرن واري ٻولي ٿو سکي يا ڇويهن واري. هن کي جيڪو سيکاربو آهي، سياسي ڪارڪنن وانگر اهو ئي ٻوليندو آهي. خفتين جي بقول ته هي بک لڳڻ تي بنا حجاب جي ٻڌائيندو به آهي ته گهر ۾ داخل ٿيندڙ اجنبي يا چور اچڻ وقت سيٽيون وڄائي، ٻولي مالڪن کي خبردار به ڪندو آهي. هن جي عمر جي خبر ته زولاجي جي ماهرن کي هوندي، پر خفتين جي بقول پندرهن کن سالن وارا طوطا اسان وٽ اڄ به چڱا ڀلا ويٺا آهن.

طوطي کي درپيش خطرن ۾ مارين پاران هن کي ڄار واري ڍٻ ۾ ڦاسائي، پالڻ وارن شوقينن کي وڪڻڻ به آهي. جنهن ۾ عموماً اڪيلو طوطو ئي قيد ڪيو ويندو آهي، جيڪو نسل وڌائڻ جي قابل نه رهندو آهي. ان کان علاوه پڪڙيل طوطا واپارين وٽان وڪامندي وڪامندي ڪراچي جي صدر ۾ ايمپريس مارڪيٽ پهچندا آهن. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ مارڪيٽ ۾ پهچڻ بعد ڪجهه طوطا دبئي ۽ ايران واري پاسي ايڪسپورٽ به ٿين. (ڪٻر به ساڳئي طريقي سان ايران وڃي ٿي.) ڪجهه سرندي وارا ماڻهو  مختلف باسون باسيل يا ثواب ڪمائڻ خاطر پئسا ڀري انهن قيد ٿيل پکين کي آزاد به ڪرائيندا آهن. آزاد ٿيل پکي ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آزاد ڪرايل پکي نه ته پنهنجي اصل ماڳ تي ٿا موٽن نه ئي ڪراچي ۾ سندن ايتري ججھائي نظر ٿي اچي. لڳي ٿو ته اهي نا مناسب ماحول جي نذر ٿي، آخرڪار موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. طوطن کي قيد ڪرڻ ۽ موت جي منهن ۾ موڪلڻ جي موڪل جي فيس، وائلڊ لائيف کاتي پاران رڳو ڇهه سئو روپيا سالانه آهي. ڪراچي جي انهيءَ مارڪيٽ ۾ نه رڳو طوطا پر ڪٻرون، جهرڪيون، ڪبوتر، پاريهر، ڳيرا ۽ چيها به وڏي تعداد ۾ نه صرف سنڌ بلڪ پنجاب کان به صفا ٿوري اگهه ۾ خريد ڪري وڪيا وڃن ٿا. مارين جي بقول طوطو ميرپورخاص مان (جيڪو باغن جو ضلعو به سڏجي)، چيهو خيرپور مان (چيهو هڪ گاهه جو نالو به آهي)، جهرڪي پنجاب مان، ڪٻرون ۽ ڪبوتر نوابشاهه مان وڌيڪ ملن ٿا. جڏهن ته سانگهڙ ۽ نواب شاهه مان طوطو تقريبا ختم ٿي ويو آهي. ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ڍوري ناري ۽ کپري واري پاسي سورج مکي وڌيڪ پوکجڻ ڪري طوطو ان پاسي وڌيڪ ملي ٿو.

ماري طوطن  لاءِ جتي پاڻ به پيا پڇائون ڪندا آهن، اتي سورج مکي پوکيندڙ به کين منٿون ڪري ۽ دعوتون ڏئي طوطا جهلرائيندا آهن. طوطو سورج مکي ۾ سج اڀرڻ مهل ولرن جي صورت ۾ لهي ڀينگ ڪندو آهي. آبادگار بندوقن جا ٺڪا ڪري ۽ ٽين جا دٻا وڄائي به طوطا  اڏائيندا آهن. باغائي طوطي کي “هو ٻلو” چئي ۽ کانڀاڻي ذريعي به اڏائين. طوطي جي ختم ٿيڻ جو الزام ماڻهو مارين تي مڙهين ته ماري وري طوطي جي ختم ٿيڻ جا ڪي ٻيا سبب ٻڌائين ٿا. ويهارو سالن کان طوطن جي واپار جو گهرو مشاهدو ڪندڙ هرڻي جي لال بخش ملاح جي بقول، طوطو ڪجهه سال اڳ تيز برساتن، طوفانن  ۽ ٻوڏن بعد وڻن تان پاڻي ۾ ڪري مئو. برساتن سبب فصل ختم ٿيڻ ۽ هيٺ پاڻي هجڻ ڪري چوڳو نه ملڻ سبب يا ته مري ويو يا پوءِ جوءِ ڇڏي ويو. ٻيو ته اڳي ملڪ ساريال هو. طوطا ديرن تي پيا کائيندا ۽ موج مستيون ڪندا هئا. هاڻ پاڻي گهٽ هجڻ ۽ ساريون گهٽ ٿيڻ سبب به هن جو چوڳو ختم ٿيو آهي. ان کان علاوه هي جيئن ته پراڻن وڻن جي پورن ۾ رهندو آهي. ڪجهه سالن کان  وڻن جي واڍي ۾ تيزي اچڻ يا وڻن پاران عمر پوري ٿيڻ سبب طوطي جي ويهڻ جا هنڌ ۽ ٻچا ڪرڻ وارا کُڏا ختم ٿيڻ ڪري انهن جي نسل ڪشي ٿي آهي يا  طوطا ڪنهن ٻي پاسي هليا ويا آهن. جڏهن ته سنڌي انب، سرنهن، ٻٻر، ڪنڊي جا  نوان وڻ هڪ ته پوکجن گهٽ ۽ ٻيو ٿيڻ بعد وڍجيو جلد وڃن، سو انهن سڀني سببن ماحول طوطي جي رهڻ کان مٿي ڪري ڇڏيو آهي. مارين جي بقول ته هاڻ طوطو چار آنا به مس وڃي بچيو آهي. طوطو جيڪو گهڻو ڪري اڏامڻ مهل يا اڏامندي ٻوليندو  آهي ۽ ان جي جواب ۾ ٻيا طوطا به ٻولين سو هتان آخري ڀيرو اڏامندي “يار زنده صحبت باقي” چوڻ بدران ميارون ۽ ڏوراپا ڏيندو ويو پر ڪوبه هن جي ٻولي سمجهي نه سگهيو!