ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر: استاد بخاري


 

ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر استاد بخاري

ادريس عاجز عباسي

هن ڌرتيءَ تي اهڙا نيڪ انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن انسان ذات کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. انهن امن ۽ پيار جو پيغام ڏنو. ميٺ محبت جو درس ڏيندڙ همٿ ۽ حوصلو ڏياريو. اهڙا سچا انسان، معاشري ۾ اعليٰ مقام رکن ٿا ۽ پنهنجي قوم جي سڃاڻپ بڻجن ٿا. شاهه ڀٽائيءَ کي ڏسو، جنهن سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ سنڌي ٻولي بچايائين. ان مان ثابت ٿيو ته پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرا رکڻ لاءِ، شاعرن اديبن جو هجڻ تمام ضروري آهي. شاهه، سچل کان پوءِ سنڌ ۾ کوڙ سارا شاعر پيدا ٿيا، جن هن سماج جي هر عنصر تي پنهنجي منفرد رنگ ۽ ڍنگ سان لکيو. استاد بخاري به هڪ اهڙو ئي نانءُ آهي، جنهن ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري نئون سج اُڀارڻ جو جتن ڪيو. کيس سنڌي قوم جي پيڙائن جو پورو پورو احساس هو. جيو ۽ جيئڻ ڏيو جا سبق پڙهائيندڙ استاد، سوچيندو هو ته خلائي دور جو لکيو پڙهيو انسان، وحشي ڇو هجي؟ پاڻ نهايت سولڙي ٻولي ۾ چوي ٿو ته:

بهشت ڀونءِ بڻايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو،

جهان کي نه جلايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو،

جوان لاش تي روئن ونيون، اميون ۽ ڀيڻون،

حسين مرڪ بچايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو.

ترقي پسند سوچ ئي مزاحمتي اظهار جو وڏو سبب آهي. جنهنڪري شاعر ۽ اديب، قومي شعور سان، سگهاريون سٽون سرجي، ستل لوڪ کي جاڳائيندا آهن. هونئن به سياستدانن جي ڊگهي تقرير کان، شاعر جي هڪ سٽ ئي ڪارائتي هوندي آهي. جنهن ۾ غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪيل هجي، استاد بخاريءَ جي شاعري به ڏتڙيل ۽ ڏکايل معاشري کي آٿت بخشي ٿي. ڇاڪاڻ جو استاد ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو.

سامان تباهيءَ تي ڪروڙين رقمون،

خرچن ٿيون خوشيءَ سان ڌڙاڌڙ قومون،

گولين ۽ بمن لاءِ خزانا کليل،

ڪو ڏوهه ڪيو آهي فقط تو ۽ مون!

سائين جي ايم سيد، زندگي جي پوئين سالن ۾ ڪراچيءَ جي تاج محل هوٽل ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته؛ ”سنڌ کي آزاد ڪرڻو اٿوَ ته اخلاق سڌاريو. پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو. مِڙي مُٺ ٿيو. سڀني پيغمبرن به اخلاق تي زور ڏنو آهي. جيڪو چئو سو ڪري ڏيکاريو ۽ پاڻ توڙي ٻين ۾ قومي شعور پيدا ڪريو.“ جڏهن استاد جي شاعري پڙهون ٿا ته اسان کي استاد جي سموري شاعريءَ ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سي وارو فڪر جهلڪندڙ نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته استاد به ساڳئي منزل جو پانڌيئڙو هو ۽ سنڌ جي حقيقي عاشقن ۾ نانءُ لکيو هئائين. هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

ڪو به ڪڙمي ڪنجهي، ڪو به مانجهي منجهي، منهنجي لونءُ لونءُ لنجهي،

ڏک سڄي ڏيهه جو، ڏيج مون کي ڏجو، منهنجو نالو لکي

ها جڏهن ۽ جتي، ديس جي دنگ تي، جوٽڻي جوٽجي،

مون کي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو منهنجو نالو لکو

ڀيڙ آهي، ڊگهي لسٽ آهي وڏي، وچ تي ناهي وٿي،

ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي، سنڌ جا عاشقو منهنجو نالو لکو.

استاد بخاري روايتي شاعريءَ کان وٺي، جديد سنڌي صنفن تي به گهڻو لکيو آهي. بنيادي طور استاد، بيت ۽ وائي جو شاعر آهي. سندس بيت، خون جگر ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. سسئيءَ جي باري ۾ چيل بيتن منجهان، هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو.

مون لئه ماءُ مساڻ، ڀنڀور شهر ڀنڀور جو،

جيجل جانب ريءَ، ڪريان ڪنهن سان روح رهاڻ،

تنهنجو راڄ تساڻ، منهنجو ڪاڄ ڪوهيار ۾.

ميهر جي سهڻي، جيڪا مهراڻ جي موج ۾ ترندي به، موت کان نه ڊڄندي هئي، سا آخر ساهڙ سان گڏ منجھس سمائجي ويئي. اها سهڻي جنهن لاءِ شاهه ڀٽائي به چوي ٿو ته؛ ”ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.“ ان سهڻيءَ کي استاد به گهڻو ڳايو آهي. سهڻيءَ جي سڪ ۽ اڪير کي پنهنجي بيتن ۾ سهڻين تشبيحن سان هيئن ٿو لکي ته:

تڏون ڪن تر تر اڻٽڻ سهڻي سوچ ۾

تارن جي جهر مر چر پر چاهت هانو ۾

جهڙي ريت شاهه سائين تتي ٿڌي ۾ ڪاهڻ جي صلاح ڏني آهي، ساڳي طرح استاد بخاري به پنهنجي سٽ سٽ ۾ پٺ تي نه هٽڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، استاد جي قومي شاعري پڙهڻ سان قومي غيرت جاڳي پوي ٿي استاد وري وري چوي ٿو ته:

يارو اڳتي وڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو

پير پيا ٿو ڦٽيا، هانو پيو ٿو رڌو،

ڪجهه ته اڳتي وڌو.

جو هٽيو سو ڪٽيو، مومن کي آهي پتو،

ڪجهه ته اڳتي وڌو.

هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهنکي ڦاڙي اڌو اڌ ڪريو.

هڪڙو سر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻڌو،

ڪجهه ته اڳتي وڌو.

سنڌي شاعرن ۾ شاهه، سچل، سامي، سرڪش، منشي، باغي، شيخ اياز ۽ نارائڻ کي جيڪڏهن پڙهبو ته انهن پنهنجي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي جي قومي ڪردار کي گهڻو ساراهيو آهي. استاد بخاريءَ جي شاعري ۾ به اهڙن قومي هيرن جو ذڪر گهڻو تڻو اچي ٿو جن ۾ منصور، دودو، دريا خان، هوشو شيدي، هيمو ڪالاڻي، مخدوم بلاول شهيد، روپلو ڪولهي، ذوالفقار علي ڀٽو، پير پاڳارو وڏو ۽ ٻيا اهم ڪردار شامل آهن. جن نه جهڪڻ، سچ ۽ سنڌ تي سر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. استاد به ٻين قومي ڪردارن کي اٿينس جي سقراط ۽ عيسيٰ سان ڀيٽا ڏئي ٿو. جنهن مان هڪ زهر جو پيالو ڏوڪيو ته ٻيو صليب تي چڙهيو ۽ امر ٿي ويا. استاد پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو ته:

جو اٿيو ڳاٽو، اهو ناهي جهڪيو،

دار تي رهندڙ، اھو ناهي جهڪيو،

پنج کنڊ ۽ ست مها ساگر گواهه،

ڀونءِ جو ٻيٽو، ڀٽو ناهي جهڪيو،

انگ گهاڻي ۾ پيڙجن ۽ پيسن پيا،

سنڌ جو عاشق سچو ناهي جهڪيو.

سنڌ جو سر سمجهه کوسو ڪاپڙي،

جو تنبو ڦاڙي لنگهيو ناهي جهڪيو.

مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ساٿيو،

جو به هوشو چئي چڪو ناهي جهڪيو

روپلو ڪولهي سلي ساٿي نٿو،

آڱريون شعلو الو ناهي جهڪيو.

لئمبرڪ لوڌون بڇيون ڦاهيون ٽنگيون،

وير پاڳارو وڏو ناهي جهڪيو.

تاريخ سنڌ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان جو هانءُ ڏڪي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته تاريخ جو ورق ورق ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيڏا نه ڪلور ٿيا آهن. عظيم انسانن جون عزتون لٽيون ويون. هٿ ٺوڪي تاريخ لکندي، قاتل چٽا فاتح لکيا ويا. مطلب ته سونهاري سنڌ ۾، منڍ کان اڄ تائين، ڌارين جون يلغارون رهيون آهن. سنڌ لٽجندي رهي آهي. سنڌي ڦاهين تي چڙهندا رهيا آهن. انسانيت کي لڄائيندڙ اهڙا واقعا هر هڪ دل تي اثرانداز ٿين ٿا، پر شاعر ته اڃا به حساس دلين جا مالڪ هوندا آهن ۽ انهن جي دلين تي قومي درد اڃا گهرو اثر ڇڏيندو آهي.

استاد به اهڙو ئي قومي شاعر آهي. جيڪو سنڌ جي سورن سببان روڳي بڻيو. زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺي به، استاد وقت جي نبض تي هٿ رکي، هڪ مفڪر جي حيثيت ۾ سوچي ٿو؛ ”ديس اندر ڪالهه ڇا ٿيو؟ سڀاڻي ڇا ٿيڻو آ ….؟؟“ ڇو ته استاد کي آئيندي جو اونو هو. پاڻ کي تاريخ اڳيان پيش ڪري، هيئن ٿو چوي ته:

مون کان تاريخ پڇي ته ڪٿي بيٺو هان

زندگي موت ٻِه-واٽو اتي بيٺو هان،

ڇا ٿيو ڇا اڃا ٿيندو سو پتو ٿم، ڇو جو

وقت جي نبض تي هٿ پنهنجو رکي بيٺو هان.

مٿئين ڪلاس جا ماڻهو پنهنجا ناتا زردار ماڻهن سان ئي جوڙيندا آهن. جن وٽ بي انداز دولت هجي، گاڏيون هجن، بنگلا هجن ۽ زماني جي هر عياشي هجي. وچين ڪلاس جا ماڻهو وري پنهنجو غم ٽارڻ لاءِ ڪو راهه رفيق ڳولهي وٺندا آهن. جيئن ساڻس زماني جو غم اوري، دل جو بار هلڪو ڪري سگهن. جيڪڏهن ڏکن جي ڏيهه ۾ ڦاٿل آهي ته بس غريب ۽ مزدور طبقو، ڳوٺ جون گهٽيون، شهر جون بازارون ۽ ملون. اھي ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته غريب ۽ مزدور طبقو، سڄي عمر روزگار لاءِ تڙپي ٿو. استاد بخاري پڻ هن طبقي سان همدردي ظاهر ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ڏئي ته:

امير پير کي زردار يار جي ڳولا، وچين ڪلاس کي غمٽار پيار جي ڳولا،

ملون، بزار، ٻنيون ڳوٺ جون گليون شاهد؛ غريب لوڪ کي رڳو يار جي ڳولا.

امير پير کي مان شان جو اونو، وچين ڪلاس کي ڪلچر زبان جو اونو،

مريض ملڪ جي قرضي عوام کي، اٽي علاج لٽي ۽ مڪان جو اونو.

استاد کي اڃا به ڪي سال، صديون جيئڻو هو. هن لکڻ پئي چاهيو. هن دور جي هر برائيءَ تي، کوٽي سياست تي، ويڪائو وڏيري تي. پر افسوس جو زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو. استاد بخاري جسماني طور اسان سنڌين سان گڏ نه آهي پر سندس پاڪ روح، اڄ به پنهنجي مالڪ ۽ هير جي هڳاءَ جهڙين شخصيتن سان گڏ، ڪنهن اڙٻنگ، جوڌي ۽ جوان پهريدار وانگر سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ ضرور گهمندو هوندو. جيئن نه ڇنڻ واري ڳالهه هن شعر ۾ ڪئي هئائين.

سڳو نه ناهي سنگهر به ناهي، ڇنا هي ناتا ڇني نه سگهندس،

رسيم سرتي سڏيم سامي، ڌڪيم ڌرتي ته ڇا ڪريان مان،

حبيب تو کان ڇڄي سگهان ٿو، زمين ري مان جي نه سگهندس،

وري وري ڇو ڪرين ٿي پارت، غيور ٿڃ تي ويساهه ڪر تون،

ترار ڪنهن جي سهي سگهان ٿو، ميار ڪنهن جي سهي نه سگهندس.

Advertisements