ناهيون: تاريخ جي آئيني ۾


ناھيون – تاريخ جي آئيني ۾

مٿي سنھن اکرن ۾ لکيل ڪتاب جي نالي تي ڪلڪ ڪرڻ سان ڪتاب جو پي ڊي ايف اندر محفوظ ٿيل مواد ڊائون لوڊ ٿيندو.

ناهيون: تاريخ جي آئيني ۾ ناهيون

 (تاريخ جي آئيني ۾)

غلام مصطفيٰ ناهيون

ڏاھپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو

ارپنا:

پنهنجي والدين جي نالي-

منهنجا والدين،

عظيم والدين،

جن مونکي،

علم جي ڏياٽي هٿ ۾ ڏئي،

لکڻ جي هن لمحي تائين پهچايو-

غلام مصطفيٰ ناھيون

موت امر آهي.

ڪائنات جي هر شيءِ فنا ٿيڻي آهي.

منهنجي مرڻ کان پوءِ،

جي مونسان ملڻ چاهيو ته

منهنجي قبر تي وڃڻ بجاء،

هتي ئي هنن پنن ۾ ڳولجو،

آئون اوهانکي،

پنهنجي لکڻين ۾ زنده ملندس.

غلام مصطفيٰ ناھيون

فھرست

۱

پبلشر پاران

رياضت ٻرڙو

۲

ناھيون ته آھيون ڪير؟

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

۳

آھيون، پوءِ به سڏايون ناھيون!

غلام مصطفيٰ ناھيون

۴

ناھيون: تاريخ جي آئيني ۾

۵

ناھين جا ڪي ڳوٺ، مشھور شخصيتون ۽ شجرا

۶

ناھيون ذات متعلق چيل مختلف چوڻيون ۽ انھن جي اصل حقيقت

۷

مددي ڪتاب


ناهيون ته آهيون ڪير؟

رب تعاليٰ، ڪائنات جوڙڻ کان پوءِ، ڌرتيءَ تي آدم کي پنهنجي خليفي يا نائب طور موڪليو ته جيئن سندس تسبيح تقديس سان گڏ سندس فرمانبرداري ڪري ۽ سندس ذات جي وڏائي ۽ واکاڻ ڪري.

ڌرتيءَ تي ٽڙيل پکڙيل ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ شناخت لاءِ، هر هڪ جي شڪل شبيھ ۾ فرق رکيائين. مهانڊن ۽ رنگ جي فرق کان علاوھ، ذات ۽ نسب، قوميت ۽ ٻوليءَ جو فرق پڻ رکيائين. ان کان علاوه مذهبي فرقي بندين ۽ گروهن جو تفاوت، دنيا اندر پڻ ڪارفرما رکيائين.

انهن کان علاوه لقبن القابن سان پڻ نوازيائين ته جئين هر هڪ، امتيازي حيثيت سان سڃاتو وڃي. فوقيت پوءِ به انهن شين کي نه ڏنائين. ان لاءِ وٽس ماڻُ ۽ ماپو، تقويٰ ۽ اخلاص جو آهي. پنهنجي نالي ۽ ذات، ٻولي ۽ قوم سان هر هڪ کي دل ۾ محبت آهي. سڀڪو پنهنجي پاڻ کي معتبر ڄاڻائڻ لاءِ، پنهنجي وڏڙن جي ڪارنامن کي ساراهيندو آهي. انهن جي ڪيل ڪُڌن ڪمن کي به ان ڪري پيو وڌائي چڙھائي پيش ڪندو آهي ته جيئن ٻين مٿان، پنهنجي پاڻ کي اعليٰ نسب هئڻ وارو ظاهر ڪري.

اهو ئي سبب آهي جو شروعات کان وٺي، ماڻهو پنهنجي وڏڙن جا شجرا جوڙڻ ۽ انهن کي ياد رکڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهن. هر هڪ ڪڙم يا قبيلي وارن، پاڻ کي عالي النسب ظاهر ڪرڻ لاءِ، خاندان جي ارڏن ۽ معتبر ماڻهن بابت، وڏا طومار ٻڌا ته جيئن ٻين مٿان سندن اثر ويهي. ائين ٻين به ڪيو. جيڪي وڏڙن جون خوبيون پاڻ نه بيان ڪري سگهيا، تن اکرن ۽ لفظن جوڙڻ جي ماهرن کان قصا ۽ شجرا جوڙائي، سندن ئي آواز ۾ بيان ڪرايا. ائين ڀَٽن ۽ ڀانن، قصہ-خوانن ۽ قصيده گو ماڻهن جو طبقو وجود پذير ٿيو. جيڪو پنهنجي شيرين زبانيءَ سان سست قومن کي به چست، سُڃين کي سايون ۽ ڪنجوسن کي سخي ظاهر ڪرڻ لڳو. سندن تعريف ۾ زمين آسمان جا ٻئي ڪولابا ان ڪري ملائڻ جا جهد ڪيا ويا ته جيئن ان قوم کي ٻين قومن مٿان شرف حاصل هجي.

اها ٻي ڳالھ آهي ته ان قسم جي شرف کي، اسلام اچڻ سان يڪسر ڪٽي ڦٽو ڪيو. وٽس امتياز، رنگ ۽ نسل کي ناهي. يعني گوري کي ڪاري تي ۽ ڪاري کي گوري تي ڪا فوقيت ناهي. نه وري عربيءَ کي عجميءَ تي ۽ عجميءَ کي عربيءَ تي ڪا فوقيت آھي. وٽس امتياز ۽ شرف جا ماڻَ ماپا، جدارا آهن. وٽس هر انسان ته ڇا، هر ساهدار جو قدر آهي. ان جي اعمالن جي تور تڪ، ان جي اخلاص ۽ ايمان جي حلاوت سان ٿيندي.

جيئن ته ذات پات واري ڇات ڇوت کي شرف ڀلي نه ڏجي پر سڃاڻپ ۽ شناخت طور ان کي ياد ضرور ڪيو ٿو وڃي. تنهن ڪري ذاتين ۽ قومن بابت، علم الرجال ۽ عمرانياتي علوم جو وجود ۾ اچڻ به هڪ آفاقي امر آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر ماڻهو پنهنجي ذات سان محبت ڪندي، وڏڙن جا شجرا ۽ نسب-ناما جوڙي ٿو ۽ ياد ڪري ٿو. جيئن ته ذات، ڪانون کي به پياري آهي، پوءِ انسانن کي ڇو نه هوندي؟

اڄ ته رتَ رتَ کي باھ لڳل آهي. هر ماڻهو، نفسا نفسيءَ جي گهما گهميءَ ۾ غلطان آهي. کيس ٻين جي جان ته ڇا، پنهنجي جان جي به خبر ناهي. ذات وارن ۽ ويجهن مٽن مائٽن کان هر ڪنهن کي ڪا نه ڪا شڪايت، ڪنهن نه ڪنهن پهتل اهنج سبب ضرور آهي. ان کي ڪهڙي مٿي تي پئي آهي جو ويٺو سندن ڳڻ ڳائي، نسب ناما ٺاهي ۽ مٿن ڪوڙن ڪارنامن جا قصا کڻائي.

ڪيڏي به ڪوسائي ۽ ڪاوڙ هجي، تڏهن به رت دانگيءَ تي وري پوندو آهي. رت پاڻيءَ کان گهاٽو آهي. پاڻي ٿي وهڻ وارو ناهي. منجهس نانگ جي زهر جي ملاوٽ ناهي جو پاڻيٺ وانگر وهي وڃي. جڏهن ماڻهو پنهنجي عزيزن قريبن کان، دنيا جي ڦيرين گھيرين سبب، ٿورو وٿيرڪو ٿئي ٿو ته کين ياد ڪري آسيس ۽ آٿت وٺي ٿو. پنهنجي سڃاڻپ ۽ شناخت کي وڌائڻ خاطر، وڏڙن جي بهادريءَ ۽ شجاعت، علمي ۽ قلمي ڪارنامن وغيره کي ساري پاڻ کي تشفي ڏئي ٿو.

انسانُ دنيا اندر، موتين ۽ مڻين وانگر ٽڙيل پکڙيل آهي. جڏهن اهو ذات پات جي لڙهيءَ ۾ پوئجي ٿو وڃي ته کيس ڳولڻ آسان ٿيو وڃي. سندس سرنامو نکري نروار ٿو ٿئي. جيئن هٿ ۾ جهليل موبائيل فون کي، ٻئي فون سان ڪنٽري ڪوڊ، ايريا ڪوڊ ۽ انفرادي ڪوڊ ذريعي ڳولڻ آسان آھي. بئنڪ جي ھڪ اڪائونٽ مان ٻي بئنڪ جي ٻئي اڪائونٽ ۾ پئسا منتقل ڪرڻ، ڪنٽري ۽ ايريا، بئنڪ ۽ پرسنل ڪوڊ ملائڻ سان، اتي پهچيو وڃجي. رائيونڊ جهڙي سالياني اجتماع اندر حلقي، گلي ۽ بانس نمبرن جي ذريعي منجهس ويٺل ماڻهوءَ کي ڳولڻ آسان ٿيو وڃي. حج جهڙي وڏي اجتماع ۾ منيٰ جھڙي وڏي ميدان اندر مڪتب، ملڪ ۽ خيمي نمبر جي هئڻ سان، حاجيءَ کي ڳولڻ آسان ٿيو وڃي. ائين ئي دنيا اندر، ڪروڙين انسانن اندر آيل ۽ ھڪ جيتڙي وانگر جيءُ وٺي ساھ کڻندڙ ۽ پلجندڙ فرد کي به ڪن ايامن تائين، ذات پات ۽ حسب نسب ذريعي، ڳولهي نروار ڪرڻ آسان ٿيو وڃي.

اهو ئي سبب آهي جو هر ڪو پنهنجي ذات ۽ قوم، نسب ۽ حسب کي ياد ڪري ٿو. شجرا لکي ۽ لکرائي ٿو. منجهن هر فرد جي نشاندهي ڪري ٿو. پاڻ کي ڪنهن امتيازي جاءِ تي بيهارڻ جي جستجو ڪري ٿو. ذات بابت چوڻين ۽ پهاڪن کي ڪٺو ڪرڻ جي جستجو ڪري ٿو. جن چوڻين ۾، ڪنهن قوم جي ڳجهي نموني تعريف ٿيل آهي ته يڪدم پنهنجي ذات ڏانهن منسوب ڪري ٿو. مثال طور؛

– هڪ لنڊيءَ، ست ٻرڙا کاڌا.

– سهتا، ستن نانگن جا کاڌل.

مٿين ڪهاوتن ۾ ساڳيو ئي، لڪل بهادريءَ وارو جذبو ڪارفرما آهي، جنهن تحت هر قوم اها ڪهاوت پاڻ ڏانهن منسوب ڪرڻ لاءِ تڪبندي ڪئي آهي. ان سان ٻيو نه پر پنهنجي ذات وارن کي دلير ۽ بهادر ثابت ڪرڻ جي هڪ فضول ڪوشش ڪئي وئي آهي. حالانڪ بهادري ۽ شجاعت ته پري جي ڳالھ آهي، ڏات به ذات تي ناهي. جو وهي سو لهي وارو تڪويني رواج، دنيا اندر موجزن آهي. ان کان ڪا به قوم ۽ نسل، بچيل ناهي. نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي ۽ نه ڪنهن کي عقل منجهايو آهي. هر هڪ پنهنجي ذهني خبط ۾ پُر-باش آهي. ڪو ڪنهن تي فلڪ آڻڻ لاءِ تيار ناهي. سيد آهي ته ميرو هجڻ جي باوجود پنج-سيرو آهي. سھتو آھي ته سيٽ کان سواءِ ناھي. ناھيون به نانگن کاڌل آھي. موچي ۽ مينگهواڙ، ڪنڀر يا حجم، واڍو يا ڪوري، ڀلي ڪاسبي هجن پر الکاسب حبيب الله واري مدد تحت، انهن جو به وڏو شان آهي. Dignity is in labour تحت، اهي به شانائتا مانائتا آهن. جڏهن ٺِڪر ۽ چمڙي جون مهرون سڪہ رائج الوقت هيون، تن ڏينهن ۾ ڪنڀرن ۽ موچين جي، بادشاهن جي دربارن ۾ ڇا حيثيت هوندي، ان جو اندازو اڄ جي finance ماهرن جي عزت مان لڳائي سگهجي ٿو. جيڪي ڪوري، ڪپڙو اڻي، ڏيساور سان ملڪي واپار کي فروغ ڏيندا هيا. تن جي حيثيت جو اندازو اڄ جي ڪارخانيدارن جي حيثيت ۽ لئه مان لڳائي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب هيو جو، هڪ مينگهواڙ/ موچيءَ کان جڏهن ڳوٺ ۾ موجود ذاتين ۽ نسبن بابت پڇيو ويو ته ٺھ پھ وراڻيائين؛

– هيڪ گهر ھون رو، هيڪ گهر قاجي رو، باقي ڊاڊ ڊوڍ- (ٿري، چوڻي)

– هڪ گهر سيد جو، هڪ گهر اسان پاڪ-روھي-پوٽن جو، باقي آ لاٽ لوٽ. (ساھتي)

ٿورو ڪندڙ قاضي ۽ سيد جي ذات کي ڇڏي، سهتي ۽ ٻرڙي تي ته ڪوري موچي به فلڪ آڻڻ لاءِ تيار ناهي. هر ڪنهن کي پنهنجي ذات تي ايترو فخر آهي. ڇو نه هجي؟ جنهن کي اسان گهٽ ذات ٿا سمجهون، ڇا ان جي گهر، رات جو ڏيئو نه ٿو ٻري؟ ان جي گهر ۾ اوندھ ۽ بک سبب روشنيءَ ۽ کاڌي جو ڪال آهي؟ ڇا عزت النفس ۽ غيرت، ان مان نڪري وئي آهي؟ سڀ ڪجھ آهي. تنهنڪري ته هر پٿر پنهنجي جاءِ تي ڳؤرو آهي.

سال ۱۹۷۳ع ڌاري، اٺين درجي ۾، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهڻ دوران، ٻه ذاتيون ٻڌڻ ۾ آيون، جيڪي مون سان گڏ ٻين ڪيترن شاگردن لاءِ نيون پڻ هيون. هر ڪو انهن ذاتين کي ٻڌڻ کان پوءِ، ٿورو کلندو ضرور هيو. مراد اها ته ذات ڪهڙي قسم جي آهي. هڪ ناهيون، ٻي هڪڙو. هَڪڙو کي هاڻي، ھ تي زبر سان پڙهڻ پڄاڻان هاڪڙو درياھ جي تهذيبي ادوار مان گذريل ذات سمجهون ٿا. جڏهن ته ان وقت ھ تي زير ڏئي پڙھندا ۽ سڏيندا ھياسين. چوندا ھياسين؛ ھيءُ ھِڪڙو ته پوءِ ٻيو ڪير؟ ناهين بابت به ائين ته؛ هيءُ ناهيون ته پوءِ آهيون ڪير؟

ناهيون بابت ڇنڊ ڇاڻ، غلام مصطفيٰ ناهيون صاحب پنهنجي ڪتاب اندر ڪري ڇڏي آهي. جيڪا پڙهندڙ کي سولائيءَ سان اتي ئي سمجھ ۾ ايندي. اتي ئي پڙهڻ گهرجيس.

ليکڪ سان منهنجو خطن ۽ فونن، نيٽ ۽ اي ميل ذريعي ئي رابطو ۽ تعلق آهي. روبرو اڃا تائين ملاقات جو شرف حاصل نه ٿيو آهي. ٿيو ائين جو ڪينجهر رسالي، جيڪي نمبر ڪڍيا پئي، تن ۾ ناز سنائي صاحب ڪجھ نمبر ڪڍڻ لاءِ مون تي ذميواري رکي هئي. جن مان عبدالڪريم گدائي نمبر ته شايع ٿي ويو. باقي برڪت علي آزاد نمبر ۽ ذاتيون نمبر، جن جي ذميواري پڻ مون تي هئي، سي ڇپجڻ کان رهجي ويا. سلسلا ٽٽي ويا. ڪٺا ڪيل مواد رلي ۽ زماني جي دست برد ٿي ويا. جن کي پنهنجي تحرير جو اونو هيو تن ته ٿڙي ٿڦڙي ھِتي هُتي، اجتمائي نه ته انفرادي طور ڇپائي به ڇڏيا. ڪيترو مواد ته اڃا تائين به هيڏي هوڏي آهي. بهرحال غلام مصطفيٰ ناهيون صاحب، ناهيون ذات وارو مضمون موڪلي، وساري نه ويٺو. بار بار ناز کي فون ڪندو رهيو. جنهن منهنجو نمبر ڏيئي، جان ڇڏيس. جڏهن ته مواد، جيئن مون کي مليو هيو، تيئن ناز صاحب کي موڪلي ڇڏيو هيم. غلام مصطفيٰ وٽ به فوٽو ڪاپي نه هئي. جنهن ڪري کيس ڏاڍي اڻ تڻ هئي. ڪيترا سال فونن ۽ خطن ذريعي رابطو رهيو. نيٺ الائي ڪٿان اهو مسودو کيس ملي ويو. اندازو آهي ته ناز ئي کيس هٿ ڪري ڏنو هوندو. سو ڏياري موڪليائين. وٽس اسلام آباد ۾ سنڌي ڪمپوزنگ جي سهوليت نه هئي، جنهن ڪري ترت ڪمپوزر کي ڏنم ته ڪاٿي گم نه ٿي وڃي. بهر حال کيس جس هجي جو هڙان وڙان ۽ هنجان گنجان مٿس خرچ ڪري ڇپرائڻ جا جتن ڪيا اٿائين ۽ پنهنجي ڪلهن کي هڪ قومي بار کان آجو ڪيو اٿائين. رب پاڪ کيس وڏي ڄمار ۽ وڏڙن جي ساڃاھ عطا ڪري.

انجنيئر عبدالوهاب سهتو

۸۹- پروفيسرس ڪالوني قمبر روڊ لاڙڪاڻو.

۲۰۱۲–۰۹-۱۲

Continue reading

پکين جي ديس ۾ الطاف شيخ


پورو ڪتاب پي ڊي ايف ۾ ڊائون لوڊ ڪري پڙھڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪيو

پکين جي ديس ۾

الطاف شيخ

الطاف شيخ، فطرت پسندي ۽ پرڏيهي پکي

سنڌ جي نهايت مانواري ليکڪ، سوين ملڪن جا سئر ڪندڙ، سياح، جهاز ران، انجنيئر، سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي ثقافتن، سماجي ڄاڻ، سائنس، جانورن، پکين ۽ ٻوٽن ۽ ٻين انيڪ ڳالهين کان واقف ڪرائيندڙ، ڪيترا ئي سفرناما لکندڙ الطاف شيخ، تازو عبرت اخبار ۾ پکين بابت نهايت ڪارائتا مضمون لکي، نه فقط اسان کي جيئاريو آهي، پر هڪ ڀيرو ٻيهر ڄڻ ته سنڌ کي ويهي ڳايو آهي. ڏيهي پرڏيهي پکين بابت سندس انهن مضمون ۾ پکين سان پيار ۽ انس جا ڪيئي مثال ۽ داستان بيان ڪيل آهن.

الطاف شيخ اهو ليکڪ آهي، جنهن جي ڪتابن کي ٻاراڻي وهيءَ ۾ اسان پڙهي لکڻ ۽ پڙهڻ سکيو. ذاتي طور منهنجي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي پئي سگهيو، جو هڪ ڏينهن الطاف شيخ پاڻ “ٽوٻاڪر پکيءَ” تي عبرت اخبار ۾ منهنجي ڇپيل هڪ ڪالم جي فون ڪري نه فقط تعريف ڪئي، پر اهو به ٻڌايائين ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پکين بابت مضمونن جو هڪ طويل سلسلو شروع ڪرڻ وارو آهي، جن جي ڇپجڻ کانپوءِ پاڻ مون کان انهن بابت منهنجي راءِ لاءِ چيائين. سچي ڳالهه اها آهي ته مان ڪا راءِ ڏيان به سهي، ته ان راءِ جي اڳ ۾ ئي جبل جيڏي اوچي بيٺل انسان لاءِ ڪهڙي اهميت، سو مان اهو سمجهان ٿو ته الطاف شيخ پاران مون کان پنهنجن مضمونن تي راءِ گهرڻ حقيقت ۾ منهنجي پنهنجي همٿ افزائيءَ ڪرڻ آهي. الطاف شيخ جي ان وڏ ماڻهپي ۽ اسان جهڙن ننڍڙن پتڪڙن سيکڙاٽ ليکڪن جي ان انداز سان همٿ افزائي ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. ان کان اڳ مان سمجهندو هوس ته وڏن ليکڪن کي پنهنجي علم ۽ شهرت جي آڪڙ هوندي آهي، پر الطاف شيخ کي فون تي پاڻ سان ائين مخاطب ٿيندي ٻڌي منهنجي سنڌ جي گهڻن ليکڪن بابت راءِ تبديل ٿي ويئي آهي. ان کان اڳ فقط عبدالقادر جوڻيجو ئي اهڙو اڙٻنگ ليکڪ هو، جنهن سان اسان جهڙن فقيرن جي ياري هئي. هو واقفيت جي پهرئين ڏينهن کان ئي مون سان گهاٽن دوستن جيئن رهيو آهي. امر جليل سان به مان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڪهاڻي ڪانفرنس دوران مليو هئس ۽ اتي هن جي سامهون مون کي پنهنجن ٻين دوستن سان گڏ ڪهاڻي پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي، هن نه رڳو ويهي اسان کي ٻڌو پر برداشت به ڪيو، جنهنڪري مان جيئن ئي ڊائس تان لٿس ته سڌو وڃي ساڻس مليس. ٻنهي هٿن ۾ منهنجو منهن جهلي پيشانيءَ تي چمي ڏنائين. خوشيءَ ۾ منهنجي اکين ۾ پاڻي امنڊي آيو، ان جو ڪارڻ شايد ان ويڇي ۽ وٿيءَ جو دور ٿيڻ هو، جا گهڻن سينيئر ليکڪن هاسيڪار نالي جي شهرت ۽ طبيعتن بدمزاجيءَ ڪري نوجوان پڙهندڙن ۽ ليکڪن وچ ۾ پئدا ڪري رکي هئي. حليم بروهيءَ سان به منهنجي منوج ڪمار جي ٿرو نيٽ تي ملاقات ٿي. مون کي پنهنجي ڪتاب سيڊ، ڪبير، عمر خيام ۽ اسٽيفن ليڪاڪ مان ڪجهه چونڊ پڙهايائين. مون کي اهو چيائين ته “لغاري ڪڏهن حيدرآباد اچين ته مون سان ضرور ملجانءِ!” حليم خلاف جيتري زهريلي پروپئگنڊا آهي اوتري ئي بلڪ، ان کان به وڌيڪ هو حليم آهي.

الطاف صاحب سان منهنجي هيلو هاءِ کي به ڪي ٻه ٽي مهينا مس گذريا آهن، پر ان وچ ۾ پاڻ ڪيئي ڀيرا فون ڪري ڪچهري ڪيائين، جي مون ڪڏهن فون ڪيو به هوندو ته ڪٽي پاڻ فون ڪيائين، انهن ڳالهين کي مان ڪٿي فٽ ڪيان. مون کي اعتبار ئي نٿو اچي ته ايڏو وڏو ماڻهو پنهنجي پڙهندڙ سان ائين پنهنجي محبت جو اظهار ڪندو. الطاف شيخ جي انهن ئي ڳالهين منهنجي دل اندر ويٺل ڪيترين ئي غلط فهمين جو صفايو ڪيو آهي. اسان اڃا هڪ ٻئي کي روبرو ڏٺو به ناهي، پر پوءِ به هن ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ رشتو ليکڪ ۽ پاٺڪ وارو سدائين رهيو آهي ۽ اهو آخري دم تائين رهڻو آهي، ٻيو رشتو نيچر (فطرت) سان محبت وارو آهي. مان گذريل ڏهن سالن کان سنڌ جي جهنگلي جيوت ۽ ماحول بابت لکندو، پڙهندو ۽ ان ڄاڻ کي سنڌ جي ماڻهن سان ونڊيندو به پيو اچان، پر منهنجي ذهن ۾ اهو هو ته شايد مان اديباڻي ڪم کان پري ٿي وڻن، ٻوٽن، جانورن ۽ پکين جي بچاءَ ۽ واڌ ويجهه بابت ٺلهو مٿو هڻندو وتان! الطاف شيخ جي هاڻوڪن مضمونن کي پڙهڻ کانپوءِ خبر پئي ته ائين ناهي، رڳو مان نه، مون سان گڏ ٻيا به کوڙ فطرت جا عاشق آهن، جيڪي مون کان به وڌيڪ ان جي مظهرن جا مشتاق آهن. الطاف شيخ پنهنجين لکڻين ۾ سنڌ جي انهن فطرت پسندن جا نالا ڏيئي، انهن سڀني کي هڪڙي ئي لڙيءَ ۾ پوئي ڇڏيو آهي.

سنڌ جو شروعاتي ادب، جنهن کي لوڪ ادب چئجي ٿو، پکين، جانورن، نانگن، بلائن ۽ وڻن ٻوٽن جي ذڪر سان ڀريو پيو آهي. خود سنڌي ادب جي تواريخ ۾ سنڌيءَ جي پهرئين شعر ۾ به جهرڪ پکيءَ جو ذڪر ملي ٿو.

ٿئان مان جهرڪ، ويهان ساجَن جي ڇڄ تي،

مانِ ڪَرنِ ڊرڪ، ٻوليءَ ٻاجهاريءَ سين.

سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ڪلهوڙا دور جي شاعرن پکين کي علامتي اظهار جو وڏو ذريعو بڻايو، پر ان سان گڏوگڏ خود پکين کي جيوت جي حيثيت ۾ پڻ ڳايو، جنهن جو نون توڙي پراڻن شاعرن جي شاعريءَ جي صورت ۾ الطاف شيخ پنهنجي هنن مضمونن ۾ ڪيو آهي. ميين شاهه عنايت رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ خليفي نبي بخش لغاري  جي شاعري علامتي ۽ حقيقي اظهار سان ڀري پئي آهي. ڀٽائيءَ ڪونج، مور (ڪارايل)، تاڙي، هڪ اڌ جاءِ تي ڪوئل، ٻاٻيهي، ڪانگ، هنج، باز،ڪانئري، ڳجهه وغيره جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ تمام خوبصورتيءَ سان ڪيو آهي. الطاف شيخ، ڀٽائيءَ جي بيتن کي حوالي طور استعمال ۾ آڻي، ڪونج پکيءَ جي باري ۾ اسان کي تمام ڪارائتي ڄاڻ ڏني آهي. ڪيئن جاپاني، ڪورين ۽ ويٽنامي ماڻهو ڪونج جي پوڄا ٿا ڪن، ڪيئن جاپاني شاعر ڪونج کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنائين ٿا. ڪونج اسان وٽ سنڌ ۾ وڇوڙي يا جدائيءَ جي علامت آهي. هيءُ هت هجرتي پکي آهي، ان ڪري پريت ۽ ٻڌيءَ جي علامت طور به استعمال ٿئي ٿو. محبت، وفاداري ۽ خوبصورتي هن جا علامتي استعارا آهن، جيئن ڪونج جي جوڙيءَ ۾ جٽاءُ ٿئي ٿو، تيئن انساني جوڙيءَ ۾ به جٽاءُ ٿئي ٿو، ان ڪري به کيس سماجي انٿراپالاجيءَ ۾ هن جي اهميت وڌيڪ آهي. الطاف شيخ صاحب مختلف ملڪن ۾ ڪونج بابت ٿيندڙ شاعريءَ جا حوالا ڏئي، اهو ثابت ڪيو آهي ته سڌريل ملڪن ۾، خاص ڪري، جاپان، ڪوريا، ويٽنام ۽ چين ۾ هن پکيءَ جي وڏي اهميت آهي. چيني ادب ۾ شاعري توڙي پيٽنگ ۾ ڊريگن، ڪونج ۽ پٻڻ کي تمام گهڻو پينٽ ڪيو ويو آهي. خاص ڪري ڳاڙهيءَ چوٽيءَ واري ماڻهوءَ جي قد جيڏي ڪونج کي اڇي ڪونج ته هنن لاءِ خوشحاليءَ، محبت، وفاداريءَ، جوانيءَ، جٽاءُ ۽ نيڪ سوڻ طور ڏٺي وڃي ٿي، پر سنڌ ۾ آيل ڪونج سان ڀٽائي هنيئن مخاطب ٿئي ٿو:

وڳر ويا وهي، ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي،

ڪندينءَ ڪوهه رهي، سَرَ ۾ سپرين ري!

سخت بار….

تري رهي آهي ڪونج

نيري آسمان ۾

(جاپاني شاعر ماتسو باشو جو هائيڪو)

الطاف شيخ اسان جي نئين ٽهيءَ جي شاعرن جا ڪيترائي شعر پنهنجن انهن مضمونن ۾ حوالي طور آڻي ٿو، جنهن مان هن جي نئين ٽهيءَ جي تخليق ڪيل ادب سان دلچسپي ۽ ان جي مطالعي جي پڻ خبر پوي ٿي. مثال، بشير سيتائيءَ جو هيءُ بيت ته:

منهنجي لڙڪن جي ڍنڍ تي سارس،

تون لٿو هئين، سا اڄ سڪي وئي آهي.

ابل اداس جو هيءُ شعر ته:

سارس جهڙا خواب لٿا هن،

نيڻن جي اڄ ڍنڍ ۾ ڪيڏا.

يا هيءُ لوڪ گيت ته:

ڪونج پکيءَ جا پار اٿئي،

سنهڙيءَ ڳچيءَ ۾ هار اٿئي.

اسان وٽ ڪونج انڊس فلاءِ وي ذريعي خرم نديءَ وٽان پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿي. اتر بلوچستان ۾ خرم ويليءَ جي ويران پٽن ۾ لهي، ساهي به پٽي ٿي ته ان کي عارضي طور گهر آباد به ڪري ٿي، پر ٽي. جي. رابرٽس موجب مقامي پٺاڻ سال ۾ هڪ هزار کان پندرهن سؤ ڪونجون شڪار لاءِ پاليل ڪونجن (Decoy Cranes) ذريعي ڄارين ۾ ڦاسائي وٺن ٿا، جيڪي بعد ۾ عرب امارات ۽ عرب ملڪن جي شيخن وٽ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. اها ڳالهه يقينن ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ڇو ته ڪونجون اڳي جي مقابلي ۾ تمام تيزيءَ سان گهٽجن پيون.

پرڏيهي پکين جي رسامي واري ڳالهه ڏاڍي درد سان ڪري ٿو، جنهن جا ڪارڻ انڌا ڌنڌ شڪار ۽ اسان جي روين کي ئي ڄاڻائي ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته “بي دريغ” شڪار ۽ ان جي نتيجي ۾ پکين جي چوڳي جي آزادي ختم ٿيڻ سبب، پکي اسان جي ڍنڍن ۾ هاڻ تمام گهٽ ٿا لهن، پر ان سان گڏوگڏ ڍنڍن جي پاڻيءَ جو زهريلو بنجڻ، تازو پاڻي نه پوڻ، پکين جي جوءِ جو زرعي زمينن ۾ تبديل ٿيڻ ۽ موسم جو گرم ٿيڻ پڻ ڪجهه ٻيا سبب آهن، جنهنڪري پکين پنهنجي چوڳي جا تر ئي تبديل ڪري ڇڏيا آهن.

اسان جي ملڪ ۾ تلور اڇڙي ٿر، چولستان، ڪاڇي ۽ بلوچستان جي ريگستاني پٽن ۾ اچي رهي ٿي. تلور تي عربن جي مار آهي. مقامي شڪاري به تلور مارين ٿا، پر عربن مقامي طور پنهنجا ملازم رکي ڇڏيا آهن، جيڪي هن لاءِ نه فقط تلورن جي رک ڪن ٿا، پر انهن جي موجودگيءَ جو اطلاع پڻ کين ڏين ٿا ۽ عرب سڳورا سرءُ کان ويندي بهار جي موسم تائين ڪيترائي چڪر ڪري تلورون ماريندا رهن ٿا، هر چڪر ۾ سوين جيئريون ۽ مئل تلورون پڻ کڻي وڃن ٿا. پاڪستان ۾ عربن تي ڪنهن به قسم جو قانون لاڳو ناهي، ڀلي هو قتل ڪري هليا وڃن، ته به هنن خلاف ايف آءِ آر به داخل نٿي ٿئي.

تلور اسان وٽ روس جي وچ وارن ريگستانن مان هجرت ڪري اچي ٿي. اها بلوچستان جي ڏاکڻين اوڀرندي پاسي کان سنڌ ۽ چولستان ۾ داخل ٿئي ٿي، اتان پوءِ راجستان ۽ گجرات تائين وڃي ٿي. بازن واري شاهاڻي توڙي ڏهڪاءُ وجهندڙ شڪار جي ڪري تلور کي نه لڳ ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ نه ئي اندر ۾ آني پچائي سگهي ٿي، نتيجي ۾ تمام گهٽ جوڙا ٻچا ڪري سگهڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا، جنهن سان هن جي نسل ۾ حيرت انگيز گهٽتائي اچي وئي آهي.

سنڌ جي تواريخ گواهه آهي ته وقفي وقفي سان سنڌ ۾ اهڙا مانجهي مرد پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن سنڌ جي جهنگلي جيوت کي وحشي شڪارين کان نجات ڏياري آهي، جن جو ذڪر پڻ الطاف شيخ پنهنجن مضمونن ۾ سنڌ جي مختلف ليکڪن جا حوالا ڏيئي ڪيو آهي. هنن ۾ ڪريم داد جوڻيجو، محمد حيات رند، ڀٽائيءَ جا سدا حيات ڪردار لاکو ڦلاڻي ۽ بڊاماڻي پنرو شامل آهن، پر سانگهڙ جو هڪڙو ٻيو ڪردار ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته جيستائين هن جا مکي ٻيلي ۾ ٿاڪ هئا، تيستائين ڪوبه شڪاري بندوق کڻي اندر لهي نه سگهندو هو. مون جڏهن ڪريم جوڻيجي تي ڊان اخبار ۾ ڏوگريون ۽ ڪهڪارو ڍنڍن جي حوالي سان پروفائل ڪيو ته ڪراچيءَ جي هڪ جهوني سائنٽسٽ ۽ ان زماني فارسيٽ آفيسر محترم اي. اي. قريشي صاحب خط لکي مون کي ان جو يادگيرو ڏياريو. هن ٻڌايو ته حر تحريڪ جي 1943ع کان 1952ع واري دور ۾ مکيءَ جي ڍنڍن جي پکين، ناري جي جهنگلي جيوت ۽ اڇڙي ٿر جي سنڌي هرڻ جو هيرو رحيم هنگورو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ماضيءَ تي نظر گهمائبي ته ڪيترائي جهنگلي جيوت دوست ۽ ان جي بچاءَ جو اونو رکندڙ ماڻهو ملي پوندا، انهن مان آزاد خيرپور رياست جو والي مرحوم مير علي مراد خان ٽالپور، ڪنگريءَ جي راشدي پيرن مان پير صاحب پاڳارو، موجوده ضلعي ڄامشوري جي ضلعي ناظم ملڪ اسد سڪندر جو والد محترم مرحوم ملڪ سڪندر، مٽياريءَ مان ذوالفقار شاهه ڄاموٽ صاحب، هاڻوڪي خيرپور ميرن مان مهدي رضا ٽالپور ۽ هن جو والد محترم مير علي مراد ٽالپور ۽ نوشهرو فيروز مان مرحوم رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي صاحب قابل ذڪر آهن. اهڙا ٻيا به ڪئين ڪردار هوندا، جن کي ماڻهن تائين آڻڻ لاءِ ڀٽائي جهڙي شاعر ۽ بشير سيتائيءَ جهڙي ڪويءَ جي مشاهدي واري اک ۽ درد رکڻ واري دل جي ضرورت آهي. فطرت پسند صحابي اسحاق مڱرئي جهڙي جاکوڙي ماڻهو ۽ فطرت پسند ليکڪ نواز ڪنڀر جهڙي قلمڪار جي ضرورت آهي، جيڪي اهڙن ڪردارن جي ڳولا ۾ چوويهه ڪلاڪ سرگردان رهندا آهن. منهنجي دوست جان خاصخيليءَ جو به ان ڏس ۾ ايڏو ئي وڏو ڪردار آهي، جنهن جي انگريزي اخبار ۾ لکڻ سبب سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن وٽ فطرت پسند صحافي طور ان جو تعارف اڃا ٿي نه سگهيو آهي. پر انگريزي صحافتي حلقي توڙي سنڌي صحافتي حقلي ۾ هن جو نالو فطرت پسند جهنگلي جيوت دوست صحافيءَ طور تمام گهڻو مشهور آهي. جان اهو ماڻهو آهي، جنهن جي گهڻو ڪري هر رپورٽ ماحوليات يا جهنگلي جيوت تي هوندي آهي. ان ڏس ۾ سانگهڙ سان ئي تعلق رکندڙ اسان جي هڪ ٻئي دوست ڊيلي ٽائيم جي صحافي امر گرڙي جون ڪاوشون به ڪنهن کان گهٽ ڪونه آهن.

الطاف شيخ، جيئن فطرت پسند ليکڪن شاهه سائين، شاهه عبدالڪريم بلڙي، ميون شاهه عنايت رضوي، شيخ اياز، بشير سيتائي، ابل اداس ۽ بلوچ صحبت عليءَ جي شاعري کي حوالي طور ڪتب آندو آهي، ائين اسان جي نثر جي ليکڪن جي لکڻين جا حوالا پڻ ڏنا آهن، جن مان نواز ڪنڀر، ماڪن شاهه رضوي، عزيز سولنگي، خورشيد حميد ڏهر، تاج صحرائي، پرهه سنڌو (حافظ مهراڻ) ۽ محمد ابراهيم لاشاري قابل ذڪر آهن. فطرت پسنديءَ  يا جهنگلي جيوت دوستيءَ جي ان تحريڪ ۾ ڪجهه ٻيا نالا به شامل ڪري سگهجن ٿا، جن جون لکڻيون يا اخباري رپورٽون اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجنديون رهنديون آهن، انهن ۾ اشتياق انصاري، الهه بچايو جمالي، ناز سهتو، عبدالقادر جوڻيجو، منظور ميراڻي، مجيد مڱريو، الياس ٿري، لالا غلام قادر سريوال ۽ ڪيترائي ٻيا شامل آهن.

ابر اڀري آيا، اُٺو ڪيڏو مينهن،

نيرڳ تنهنجو نينهن، ٿيو ڪينجهر ڪپ سان

 (بلوچ صحبت علي)

هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،

اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ،

لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي

(شاهه)

الطاف شيخ فطرت پسنديءَ ۾ ماضي ۽ حال جو سنگم ڪرايو آهي. هڪ طرف ڪينجهر سان سانوڻيءَ جي ماحول ۾ نيرڳ پکيءَ جي نيهن جي ڳالهه ڪيل آهي (حالانڪه سانوڻيءَ ۾ نيرڳ ڍنڍن تي نه هوندا آهن، پر هتي نيرڳ تشبيهه طور استعمال ڪيل آهي) ۽ ٻئي طرف ڪينجهر جي (آڪٽوبر مهيني يا نومبر جي پهرين ڏهاڙن جي) منظر نگاري جي پس منظر ۾ ڪلاسيڪل ڪردار ڄام تماچيءَ جو ذڪر آهي، ڇو ته هن موسم ۾ ڪنڊي، مڃر ۽ ٻٻر گلن ڪرڻ ڪري ساوڪ يا بهاريءَ ۾ هوندا آهن، مٿان اتر جو واءُ اچي انهن جي بهاري ختم ڪندو آهي.

الطاف شيخ جي مضمونن جو هڪ وڏو حصو پکين جي هجرت (Migration) ۽ انهن جي جبلي محرڪن جي تفصيل تي ڦهليل آهي. هجرت بابت مختلف ماهرن جي راين ۽ نظرين جو اپٽار ڪندي ڪٿي ڪٿي هو پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪري وٺي ٿو. مان هت انهن ڳالهين کي ورجائڻ نٿو چاهيان، ڇو ته اهي ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ موجود آهن، مان هت رڳو ايترو چوندس ته الطاف شيخ هنن مضمونن ۾ اها راءِ پڻ رکي آهي ته پکي جڏهن هجرت ڪن ٿا ته اهي قدرت طرفان هنن جي دماغ ۾ موجود اڳ ۾ ئي فيڊ ٿيل پروگرام تحت هلن ٿا، جنهنڪري هو منزل مقصود تي بنا ڪنهن غلطيءَ جي پهچي وڃن ٿا. الطاف شيخ ڪيترن ئي مضمونن ۽ نظرين جي مطالعي کانپوءِ ئي اها راءِ ڏئي ٿو. پکين جي هجرت بابت جيڪي به سائنسي رايا سامهون آيا آهن، تن جي آڌار تي اهو اڃا چئي نٿو سگهجي ته پکين جي هجرت جا ڪي مخصوص محرڪ لڀي پيا آهن، ان ڪري الطاف سائين جي ان راءِ کي پاڻ کي به هڪ راءِ طور ڏسڻ کپي ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ تحرير ڪندو رهڻ کپي.

جڏهن دنيا جو ماحول يا آبهوا اڃا ايتري گرم نه ٿي هئي، تڏهن پکي هر سال هڪڙي ئي وقت ٿڌن ملڪن مان نڪرندا هئا ۽ طئي ٿيل وقتن تي گرم پاڻيءَ ۽ آبهوا وارن ملڪن ۾ پهچي ويندا هئا، پر موسم جي تبديليءَ جي ڪري هنن جو هجرتي ٽائيم ٽيبل ۾ فرق آيو آهي. سائنسدان پکين جي هجرتي بهيويئر (ورتاءَ)، ان مطابق چوڳي جي ميدانن جي چونڊ ۽ جنسي سڌن ۾ ايندڙ تبديلين تي تحقيق ۾ رڌل آهن، پر هيل تائين پکين جي بهيورل سائنس جي مد ۾ ٿيل تحقيق ٻڌائي ٿي ته پکين جون جبلتون موسمي تبديلين سان تبديل ٿين ٿيون، ائين جيئن ڏڪار ۾ جانور، وڻ ۽ ماڻهوءَ مشڪل سان پنهنجي نسل جي افزائش ڪري سگهن ٿا، ڇو ته کاڌي جي کوٽ ۽ آبهوا جي تبديلين سبب حياتياتي نوع کوڙ سارين ذهني (نفسياتي) ۽ جسماني تبديلين منجهان گذري ٿي، جنهنڪري جبلتون زندهه جسمن اندر خاموش ٿي يا زنگجي وڃن ٿيون، ان ڪري ضرورت (Need) نئون نفسياتي ضابطو بنجي، ذهنن اندر تحريڪ آڻي ٿي. هجرت به ماحولياتي تبديليءَ ۽ ضرورت، ٻنهيءَ جي ميلاپ سبب عمل ۾ اچي ٿي.

پکين جي هجرت بابت الطاف شيخ پنهنجن مضمونن ۾ سائنسي فطري، رومانوي ۽ مذهبي نظرين جو تت پڻ پيش ڪيو آهي. ڪافي جاين تي هن پڙهندڙن لاءِ ڇڏي ڏنو آهي ته هو انهن مان ڪهڙي نظرئي کي وڌيڪ صحيح ٿا محسوس ڪن. زميني دنيا اڃا تائين هڪ آهي. پکي هجن، انسان هجن، جانور هجن، ڪيڙا ماڪوڙا هجن، سڀ ماحول ۽ کاڌي جا محتاج آهن، جي زمين تي پاڻي نه هجي، آسمان تي سج نه هجي، وايو منڊل ۾ هوائون نه هجن، سردي ۽ گرمي نه هجي ته ڪائنات ۾ زندگيءَ جو تصور جي ناممڪن ناهي ته پوءِ ڪنهن ڪم جو به ناهي.

انسان جي رهڻي ڪهڻي، حرڪتون ۽ حواس، جيوَ جي ماحولياتي فطري قبوليت (Natural Adaptation) مطابق تبديل ٿيندا رهيا آهن، ان ڪري انسان سان گڏ اهي ڳالهيون پکين، جانورن ۽ جيت جڻن سان به لاڳو ٿين ٿيون. انسان جو دماغ وڏو، جانورن جو ننڍو، پکيءَ جي اک وڏي، ماڻهوءَ جي ننڍي، ماڪوڙيءَ، مک، پوپٽ ۽ ڀنڀوريءَ جون اکيون ٻن کان وڌيڪ ٿين. فطري طور پکيءَ کي پنهنجي حرڪت لاءِ پر مليل آهن، ان جي اک وڏي ان ڪري آهي، جو ان کي وايو منڊل مان پنهنجو رستو به ڳولي لهڻو آهي ته ان کي پنهنجي ماحول مان ننڍا ننڍا ڪيڙا ماڪوڙا، ٻج ۽ ٻيا کاڌا به ڳولي لهڻا آهن. پنهنجي دشمن کان بچاءَ لاءِ هر هر چوطرف ڏسي چوڪس به رهڻو آهي. پکيءَ جي اک ٽيلي ڪيميرا جي بلور جهڙي اک آهي، جنهن کي ننڍي ۾ ننڍو جسم  به چٽو نظر اچي ٿو، جتي قدرتي آفتن وقت ماڻهوءَ کي عقل ڪم اچي ٿو، اتي پکيءَ کي پنهنجي اک ۽ حواس ڪم اچن ٿا، جو هو اڳواٽ ان کي محسوس ڪري وٺي ٿو. نانگن بلائن ۾ سنگهڻ جي حس مضبوط هوندي آهي، فطرت جا پنهنجا دستور آهن. وڻن کي پاڙون آهن، جيڪي کين زمين سان طاقتور نموني ڳنڍي رکن ٿيون. ان ڪري الطاف شيخ جي انهن ڳالهين ۾ وزن آهي ته قدرت انهن اندر اهي گوشا مضبوط ڪيا آهن، جن ذريعي هو زمين تي اهي رستا ۽ مقام ڳولي لهن ٿا، جن جي هجڻ تي هنن جي حياتيءَ جي ان “سالياني ڦيري” جو دارومدار آهي. ڪڇونءَ جي ٻچن جي پاڻيءَ ڏي ڀڄڻ جي ڳالهه هجي يا ڪوئل جي ٻچن جو ڪانون کان الڳ  ٿي، پنهنجي فطرت اختيار ڪرڻ ٻئي پنهنجي اندرئين ۽ ٻاهرئين فطرت جي ڳانڍاپي کانسواءِ ائين ڪري نٿا سگهن. ڪڇونءَ جي ٻچي کي جي ٿر جي ڪنهن ڀٽ تي ڇڏي مشاهدو ڪبو ته ان صورت ۾ اهو ممڪن آهي ته هو ناري واري طرف نه اچي ۽ جيسلمير ڏانهن رخ رکي يا اڃا نه ته هو اولهه ڏکڻ سامونڊي هوائن واري طرف هلڻ شروع ڪري جي سامونڊي هوائن جي ان مقام تائين پهچ نه هجي، ته پوءِ اتي جو ماحول هن کي پاڻيءَ ۽ سمنڊ جي آبهوا جو ڪو گس ڏيئي نه سگهندو. اتي هن جا حواس توڙي اکيون ان باري ۾ هن جي ڪا به مدد ڪري نه سگهنديون. انهن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته جبلتن کي به ماحول تحرڪ ۾ آڻي ٿو. اهو سڀ ائين آهي، جيئن بجليءَ جو ڪرنٽ فقط پسرائيندڙ مان گذري سگهي ٿو، پسرائيندڙ هن جو ميڊيم (ذريعو) آهن، باقي ڪاٺ ۽ رٻڙ مان ته بجلي به گذري نٿي سگهي، جو انهن ۾ اهڙو ماحول يا جزا ئي ناهن.

فطرت کي فقط فطري قوتن سان ڳنڍي بيان ڪري سگهجي ٿو، ان کي جي شعوري قوتن ۽ مقصد جي تابع ڪبو ته معاملو گڙ ٻڙ ٿي ويندو. شاعر ۽ مذهبي مبلغ پکين ۽ جانورن کي تبليغي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آيا آهن، اهو ان ڪري جو ماڻهو جو سڌو سنئون واسطو فطرت سان آهي، هو اهڙن مثالن جو اثر جلدي وٺي ٿو، پر فطرت پنهنجي ذات ۾ نه مذهبي آهي، نه لادينيت. فطرت فقط فطرت آهي. پکين، جانورن ۽ ٻوٽن ۾ روحانيت جو ڪو به تصور ڪونهي، نه ئي انهن کي ان حوالي سان ڏسي سگهجي ٿو. بزرگي فقط ماڻهوءَ جي ميراث آهي، باقي شيون پنهنجي ويجهي ماحول جون محتاج آهن. دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي ڪري پکين ۽ جانورن اهڙن ماحولن کي پنهنجو ڪيو آهي، جيڪي اڳ ۾ هنن جي جبلتن سان هم آهنگ نه هئا. مثال: ڪڪڙ جا اصل ابا ڏاڏا هماليا ۽ لنڪا جي جهنگن جا اهي مرغا هئا، جيڪي باقاعدي اڏامندا هئا، پر ڪڪڙ انسان سان رهندي پنهنجون ڪيتريون ئي فطري جبلتون وساري ويٺو آهي، يا انهن کي استعال ڪرڻ جي قابل نه رهيو آهي. ڍڳو هن وقت پنهنجي سِڱ کان ڪابه مدد وٺي نٿو سگهي، جو پالتو ٿيڻ کانپوءِ اهي هن جي ڪم جا نه رهيا آهن. ائين جانورن کان ويندي پکين جي زندگي توڙي جسماني ساخت ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن.

ڪتي جو به مثال وٺنداسين ته اهو به ائين ئي بيهندو. ڪتو جهنگلي دور ۾ بگهڙ وانگر “روڙ” ڪندو هو، پر انسان سان گڏ رهندي نئين “ايڊاپٽيشن” هيٺ هن کي پنهنجي نئين دشمن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڀونڪڻو پيو، جو اهو هن جي اوائلي قدرتي اسڪيم ۾ موجود نه هو. اڳي ان کي خطري توڙي اڪيلائي وقت “روڙ” ڪري پنهنجي ڪٽنب جي رڪنن کي سڏڻو پوندو هو، پاڻ اها جهنگلي جيوت واري نشاني فقط اڪيلائيءَ مهل اڃا به استعمال ڪري ٿو، جنهن جو مقصد دشمن خلاف صفبندي ڪرڻ قطعي نه هوندو آهي.

الطاف سائين پکين ۾ جبلت کي وحيءَ سان ڀيٽيو آهي، پر مان Instinct کي وحيءَ سان نه  ڳنڍيندس، جو پکين ۽ جانورن جي حوالي سان وحي وغيره بابت منهنجي ڄاڻ محدود آهي، پر ايترو سو ضرور چوندس ته ڪيتريون ئي جبلتون جانورن ۽ پکين لاءِ نهايت نقصانڪار به آهن. مثال خطري وقت هرڻ جو ڀڄي ڀڄي وري ڪجهه فاصلي تي بيهي پوئتي ڏسڻ واري جبلت، هن جي سڀ کان وڏي دشمن بنجي ٿي، جيئن ته اها هن جي جين ۾ شامل آهي، ان ڪري هو ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نٿو سگهي، جنهنڪري شڪاريءَ جي گوليءَ جو نشانو بنجي وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح پاڻيءَ وارن پکين جي اها جبلت ته جڏهن هنن کي هن جاءِ تان اڏاربو ته اهي ڍنڍن مٿان ٻه ٽي گهمرا کائي وري لهي پوندا. انهن گهمرن ۾ ئي اهي ڀٽن جي چوٽين يا ڪنهن ٻئي لڪ ۾ لڪيل شڪارين هٿان بندوقن جو کاڄ بنجي وڃن ٿا.

اسان جڏهن پيڻ پکي ۽ کنڀي جو مثال وٺنداسين ته معلوم ٿيندو انهن جي پيرن جون چاريئي آڱريون ڳنڍيل هونديون آهن. اهو ان ڪري جو هيءُ غوطا کائي پاڻيءَ مان تري به مڇيون پڪڙي کائين ٿا. پيڻ ۽ کنڀن جي خوراڪ فقط مڇي آهي، ان ڪري انهن کي پڪڙڻ لاءِ هنن کي گهري پاڻيءَ اندر لهڻو پوي ٿو. پاڻيءَ اندر اهي پنهنجا پر جسم ٻاهريان ڇٽيءَ جيئن فولڊ ڪري، پنهنجي ٻنهي پيرن جي پتوار سان هڪڙي وقت پاڻيءَ کي پوئتي ڌڪيندي شڪار تائين پهچن ٿا. انهن جيئن پينگوئن ۽ ٻين ٽٻڻن پکين جي پيرن جون چاريئي آڱريون پڻ ڳنڍيل هونديون آهن. انهن جي مقابلي ۾ بدڪن يا ان خاندان جي پاڻيءَ جي پکين جي پيرن جون فقط ٽي آڱريون ڳنڍيل هونديون آهن، ڇو ته انهن کي کاڌي لاءِ پاڻيءَ اندر گهڻو هيٺ نٿو وڃڻو پوي. چيڪلا، نيرڳ، رتنبا، هنجر، ڳيڻا، ڊڳوش ۽ ٻيا پکي پاڻيءَ جي گاهه يا مٽيءَ تي گڏ ٿيندڙ ڪوڏن، ننڍين مڇين، يا ان گاهه جي ٻجن تي گذران ڪن ٿا، ان ڪري اهي هلڻ چلڻ يا حرڪت ڪرڻ ۾ پاڻ کي ايترو مشڪل ۾ محسوس نٿا ڪن، جيترو پورو پير ڳنڍيل.

جيوت جي جسامت هن جي کاڏي پيتي جي طور طريقن ۽ قسمن مطابق هوندي آهي. ايمس (Emus) نالي پکي بنا اڏامڻ ۽ تيز ڊوڙڻ وارو پکي آهي، ان ڪري هن جي پيرن جون آڱريون سڌيون جُتي جي تري جيئن هونديون آهن. مزي جي ڳالهه ته هن جي پير جو آڱوٺو نه هوندو آهي، ڇو ته اهو وقت سان گڏ (استعمال ۾ نه ايندي) ناڪارا ٿي ڇڻي چڪو آهي. يعني، ارتقائي طور آڱوٺي واري فيڊ ٿيل پروگرام وارو جين ناڪارا ٿي، اڳتي منتقل ئي نه ٿي سگهيو آهي، جيئن موروثي گهٽتايون ماڻهوءَ جي نسل ۾ اڳتي منتقل ٿينديون رهنديون آهن، تيئن پکين ۾ به ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح اٺ پکيءَ جي پير ۾ فقط ٻه آڱريون آهن، ڇو ته وڌيڪ جي هن کي ضرورت ئي ڪانهي. ڪڪڙيون ۽ ٻيا فيزينٽ، جهڙوڪ مور، چڪور وغيره ڇو ته مٽيءَ وغيره ۾ کٽوليون يا کاٽوڙا ڪري پنهنجو داڻو حاصل ڪن، ان ڪري انهن جو چنبو ٽڙيل ۽ آڱريون ڪوڪن جيئن سڌيون ٿين. وڻن تي ويهڻ وارن پکين جو آڱوٺو ٻين ٽن آڱرين جي مقابلي ۾ ٿورو وڏو هوندو آهي، جيئن هو چڱي نموني ٽار کي مضبوط جهلي ويهي سگهن. شڪاري پکين جو چنبو وڏو، ننهن تيز، آڱريون آڱوٺو هڪ جيڏو هوندو آهي. ڪاٺڪٽن ۽ چتن جي پيرن جون ٻه آڱريون اڳتي طرف ۽ آڱوٺي سان گڏ ٿين آڱر پوئتي هونديون آهن، جنهنڪري اهي آسانيءَ سان وڻن جي ٿڙن تي اڀو گرفت سان هلي سگهن ٿا. ابابيلن، ننڍن چٻرن ۽ ڇاپاڪن جون چهنبيون ويڪريون ۽ ننڍيون هونديون آهن، ڇاڪاڻ جو اهي اڏامندڙ ڀئونرا، پتنگ، جيت ۽ ٻيون شيون هوا ۾ هلندي ڳِهي ويندا آهن.

اهي ته  چند مثال هئا پيرن جا، ڪجهه مثال چهنبن جا به وٺي ٿا ڏسون. سنهي ۽ هيٺ تي مڙيل چهنب وارا ننڍڙا پکي ڪوريئڙن ۽ جيتن کي وڻن ۽ ڄارن مان ڪڍي کائين ٿا. باز جي چهنب جو ٽيون حصو هيٺ مڙيل ۽ هيٺيون سنئون هوندو آهي ته جيئن اهو شڪار يا گوشت کي چيري ڦاڙي سگهي. پوراڙي جي چهنب تمام ڊگهي، لوطي شڪل جي هيٺ تي مڙيل هوندي آهي ته جيئن اها ساموندي ڪنارن سان ريت يا گپ اندر لڪل ڪيڙن، ۽ سانپن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ ان جي ڪم اچي سگهي. ڪرينَ جي چهنب واري پکي ڄاڃي لاکي کي پنهنجي چهنب ڍنڍن يا دٻن جي پاڻيءَ مان گپ ڀري ڪري شيل مڇيءَ کي ٻاهر ڪڍي کائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اسان جي سامونڊي پٽيءَ وارين ڍنڍن ۾ چوڳو ڪندڙ ڏوئيرو نالي پکيءَ جي چهنب ڏوئي يا چمٽي جهڙي ٿئي ٿي، جيڪا مڇي پڪڙي کيس ڳهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڀالي جهڙي چهنب وارو ٻگهه جهڙو پکي ڪَڪَي اڪثر تلائن يا واٽرن جي ماڊولن تي ويهي انتظار ڪري، مڇيءَ کي ڀالي جيئن چهنب هڻي پڪڙي کائي ٿو. پيڻ پکيءَ جي چهنب هيٺان چمڙي جي ڳوٿري ان ڪري آهي، جو اها کيس وڏي ۾ وڏي مڇيءَ کي ڳهڻ ۾ سندس مدد ڪري ٿي، جهرڪين ۽ ٻين ان کائيندڙ پکين جي چهنب سخت ۽ نوڪدار ان ڪري آهي، جو اها کين زمين ۾ هڻڻي پوي ٿي.

اهڙيءَ طرح پکين جي پرن جو مثال آهي. پکين جي پرن جا کنڀ هيٺيان سڌا ۽ مٿان گولائيءَ ۾ وريل هوندا آهن. اهو ان ڪري جو هوا جي دٻاءُ لاءِ هيٺيان کان اهي هڪ پليٽ فارم ٺاهين ٿا، جنهن ڪري هوا دٻاءُ وجهي، کين مٿي کڻڻ ۾ مدد ڪري ٿي. جڏهن ته ساڳي هوا انهن جي پرن جي مٿين کنڀن تان ترڪيو وڃي، انهيءَ ئي ٽيڪنڪ تحت جهاز مٿي کڄي ٿو. پولر رڇ جي جسم تي پشم جو گهاٽو تهه هوندو آهي ته جيئن ٿڌ ۾ هن کي گرم رکي سگهي. اٺ جي اک مٿان هڪ اضافي ڇپر پڻ هوندو آهي، جو طوفانن ۾ هن جي اک ۾ واري پوڻ کان هن جو بچاءُ ڪندو آهي. اٺ طوفانن ۾ به هلندو رهندو آهي.

انهن سڀني ڳالهين ڪرڻ جو هت منهنجو مقصد اهو هو ته فطرت جاندارن کي هنن جي ماحول مطابق سانچي ۾ وڌو آهي، اهو ئي سبب آهي ته جن پکين، جانورن ۽ خود انسانن، پاڻ کي قدرتي ماحول مطابق تبديل (Adapt) نه ڪيو، سي هن ڌرتيءَ جي گوليءَ تان پاڙئون ميسارجي ويا، ان ڪري پکين ۾ پير ۽ چهنبون اهي نشانيون آهن، جن مطابق اسان هنن جي ارتقائي تبديليءَ جي باري ۾ زمين تي موجود ايڪالاجيڪل فطري ماحولن پٽاندڙ اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا ۽ انهن جي ان حوالي سان درجيبندي پڻ ڪري سگهون ٿا. الطاف شيخ پکين جي فطري جبلتن کي جيڪو ماحول جي تبديليءَ سان ڳنڍي، هجرت جي ڳالهه ڪئي آهي، اها سچ پچ ته انسان لاءِ به هڪ وڏو پيغام رکي ٿي. پکين جي علم بابت اهڙن پرمغز مضمونن يا ڪالمن جو هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ جي ادب ۽ ان جي پاٺڪن لاءِ ڄاڻ جي نئين لهر ثابت ٿيندو.

امر لغاري

سانگهڙ، سنڌ

ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر: استاد بخاري


 

ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاريندڙ شاعر استاد بخاري

ادريس عاجز عباسي

هن ڌرتيءَ تي اهڙا نيڪ انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن انسان ذات کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. انهن امن ۽ پيار جو پيغام ڏنو. ميٺ محبت جو درس ڏيندڙ همٿ ۽ حوصلو ڏياريو. اهڙا سچا انسان، معاشري ۾ اعليٰ مقام رکن ٿا ۽ پنهنجي قوم جي سڃاڻپ بڻجن ٿا. شاهه ڀٽائيءَ کي ڏسو، جنهن سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ سنڌي ٻولي بچايائين. ان مان ثابت ٿيو ته پنهنجي قومي سڃاڻپ برقرا رکڻ لاءِ، شاعرن اديبن جو هجڻ تمام ضروري آهي. شاهه، سچل کان پوءِ سنڌ ۾ کوڙ سارا شاعر پيدا ٿيا، جن هن سماج جي هر عنصر تي پنهنجي منفرد رنگ ۽ ڍنگ سان لکيو. استاد بخاري به هڪ اهڙو ئي نانءُ آهي، جنهن ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري نئون سج اُڀارڻ جو جتن ڪيو. کيس سنڌي قوم جي پيڙائن جو پورو پورو احساس هو. جيو ۽ جيئڻ ڏيو جا سبق پڙهائيندڙ استاد، سوچيندو هو ته خلائي دور جو لکيو پڙهيو انسان، وحشي ڇو هجي؟ پاڻ نهايت سولڙي ٻولي ۾ چوي ٿو ته:

بهشت ڀونءِ بڻايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو،

جهان کي نه جلايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو،

جوان لاش تي روئن ونيون، اميون ۽ ڀيڻون،

حسين مرڪ بچايو، جيو ۽ جيئڻ ڏيو.

ترقي پسند سوچ ئي مزاحمتي اظهار جو وڏو سبب آهي. جنهنڪري شاعر ۽ اديب، قومي شعور سان، سگهاريون سٽون سرجي، ستل لوڪ کي جاڳائيندا آهن. هونئن به سياستدانن جي ڊگهي تقرير کان، شاعر جي هڪ سٽ ئي ڪارائتي هوندي آهي. جنهن ۾ غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪيل هجي، استاد بخاريءَ جي شاعري به ڏتڙيل ۽ ڏکايل معاشري کي آٿت بخشي ٿي. ڇاڪاڻ جو استاد ٻين جي درد کي پنهنجو درد سمجهي ٿو.

سامان تباهيءَ تي ڪروڙين رقمون،

خرچن ٿيون خوشيءَ سان ڌڙاڌڙ قومون،

گولين ۽ بمن لاءِ خزانا کليل،

ڪو ڏوهه ڪيو آهي فقط تو ۽ مون!

سائين جي ايم سيد، زندگي جي پوئين سالن ۾ ڪراچيءَ جي تاج محل هوٽل ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته؛ ”سنڌ کي آزاد ڪرڻو اٿوَ ته اخلاق سڌاريو. پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو. مِڙي مُٺ ٿيو. سڀني پيغمبرن به اخلاق تي زور ڏنو آهي. جيڪو چئو سو ڪري ڏيکاريو ۽ پاڻ توڙي ٻين ۾ قومي شعور پيدا ڪريو.“ جڏهن استاد جي شاعري پڙهون ٿا ته اسان کي استاد جي سموري شاعريءَ ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سي وارو فڪر جهلڪندڙ نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته استاد به ساڳئي منزل جو پانڌيئڙو هو ۽ سنڌ جي حقيقي عاشقن ۾ نانءُ لکيو هئائين. هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

ڪو به ڪڙمي ڪنجهي، ڪو به مانجهي منجهي، منهنجي لونءُ لونءُ لنجهي،

ڏک سڄي ڏيهه جو، ڏيج مون کي ڏجو، منهنجو نالو لکي

ها جڏهن ۽ جتي، ديس جي دنگ تي، جوٽڻي جوٽجي،

مون کي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو منهنجو نالو لکو

ڀيڙ آهي، ڊگهي لسٽ آهي وڏي، وچ تي ناهي وٿي،

ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي، سنڌ جا عاشقو منهنجو نالو لکو.

استاد بخاري روايتي شاعريءَ کان وٺي، جديد سنڌي صنفن تي به گهڻو لکيو آهي. بنيادي طور استاد، بيت ۽ وائي جو شاعر آهي. سندس بيت، خون جگر ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. سسئيءَ جي باري ۾ چيل بيتن منجهان، هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو.

مون لئه ماءُ مساڻ، ڀنڀور شهر ڀنڀور جو،

جيجل جانب ريءَ، ڪريان ڪنهن سان روح رهاڻ،

تنهنجو راڄ تساڻ، منهنجو ڪاڄ ڪوهيار ۾.

ميهر جي سهڻي، جيڪا مهراڻ جي موج ۾ ترندي به، موت کان نه ڊڄندي هئي، سا آخر ساهڙ سان گڏ منجھس سمائجي ويئي. اها سهڻي جنهن لاءِ شاهه ڀٽائي به چوي ٿو ته؛ ”ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.“ ان سهڻيءَ کي استاد به گهڻو ڳايو آهي. سهڻيءَ جي سڪ ۽ اڪير کي پنهنجي بيتن ۾ سهڻين تشبيحن سان هيئن ٿو لکي ته:

تڏون ڪن تر تر اڻٽڻ سهڻي سوچ ۾

تارن جي جهر مر چر پر چاهت هانو ۾

جهڙي ريت شاهه سائين تتي ٿڌي ۾ ڪاهڻ جي صلاح ڏني آهي، ساڳي طرح استاد بخاري به پنهنجي سٽ سٽ ۾ پٺ تي نه هٽڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، استاد جي قومي شاعري پڙهڻ سان قومي غيرت جاڳي پوي ٿي استاد وري وري چوي ٿو ته:

يارو اڳتي وڌو، ڪجهه ته اڳتي وڌو

پير پيا ٿو ڦٽيا، هانو پيو ٿو رڌو،

ڪجهه ته اڳتي وڌو.

جو هٽيو سو ڪٽيو، مومن کي آهي پتو،

ڪجهه ته اڳتي وڌو.

هي جو اجرڪ آ ويڙهيو پيو، تنهنکي ڦاڙي اڌو اڌ ڪريو.

هڪڙو سر سان ڪفن ۽ ٻيو سندرو ٻڌو،

ڪجهه ته اڳتي وڌو.

سنڌي شاعرن ۾ شاهه، سچل، سامي، سرڪش، منشي، باغي، شيخ اياز ۽ نارائڻ کي جيڪڏهن پڙهبو ته انهن پنهنجي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي جي قومي ڪردار کي گهڻو ساراهيو آهي. استاد بخاريءَ جي شاعري ۾ به اهڙن قومي هيرن جو ذڪر گهڻو تڻو اچي ٿو جن ۾ منصور، دودو، دريا خان، هوشو شيدي، هيمو ڪالاڻي، مخدوم بلاول شهيد، روپلو ڪولهي، ذوالفقار علي ڀٽو، پير پاڳارو وڏو ۽ ٻيا اهم ڪردار شامل آهن. جن نه جهڪڻ، سچ ۽ سنڌ تي سر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. استاد به ٻين قومي ڪردارن کي اٿينس جي سقراط ۽ عيسيٰ سان ڀيٽا ڏئي ٿو. جنهن مان هڪ زهر جو پيالو ڏوڪيو ته ٻيو صليب تي چڙهيو ۽ امر ٿي ويا. استاد پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو ته:

جو اٿيو ڳاٽو، اهو ناهي جهڪيو،

دار تي رهندڙ، اھو ناهي جهڪيو،

پنج کنڊ ۽ ست مها ساگر گواهه،

ڀونءِ جو ٻيٽو، ڀٽو ناهي جهڪيو،

انگ گهاڻي ۾ پيڙجن ۽ پيسن پيا،

سنڌ جو عاشق سچو ناهي جهڪيو.

سنڌ جو سر سمجهه کوسو ڪاپڙي،

جو تنبو ڦاڙي لنگهيو ناهي جهڪيو.

مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ساٿيو،

جو به هوشو چئي چڪو ناهي جهڪيو

روپلو ڪولهي سلي ساٿي نٿو،

آڱريون شعلو الو ناهي جهڪيو.

لئمبرڪ لوڌون بڇيون ڦاهيون ٽنگيون،

وير پاڳارو وڏو ناهي جهڪيو.

تاريخ سنڌ جو مطالعو ڪرڻ سان اسان جو هانءُ ڏڪي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته تاريخ جو ورق ورق ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿو ته اسان جي سنڌ ۾ ڪيڏا نه ڪلور ٿيا آهن. عظيم انسانن جون عزتون لٽيون ويون. هٿ ٺوڪي تاريخ لکندي، قاتل چٽا فاتح لکيا ويا. مطلب ته سونهاري سنڌ ۾، منڍ کان اڄ تائين، ڌارين جون يلغارون رهيون آهن. سنڌ لٽجندي رهي آهي. سنڌي ڦاهين تي چڙهندا رهيا آهن. انسانيت کي لڄائيندڙ اهڙا واقعا هر هڪ دل تي اثرانداز ٿين ٿا، پر شاعر ته اڃا به حساس دلين جا مالڪ هوندا آهن ۽ انهن جي دلين تي قومي درد اڃا گهرو اثر ڇڏيندو آهي.

استاد به اهڙو ئي قومي شاعر آهي. جيڪو سنڌ جي سورن سببان روڳي بڻيو. زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺي به، استاد وقت جي نبض تي هٿ رکي، هڪ مفڪر جي حيثيت ۾ سوچي ٿو؛ ”ديس اندر ڪالهه ڇا ٿيو؟ سڀاڻي ڇا ٿيڻو آ ….؟؟“ ڇو ته استاد کي آئيندي جو اونو هو. پاڻ کي تاريخ اڳيان پيش ڪري، هيئن ٿو چوي ته:

مون کان تاريخ پڇي ته ڪٿي بيٺو هان

زندگي موت ٻِه-واٽو اتي بيٺو هان،

ڇا ٿيو ڇا اڃا ٿيندو سو پتو ٿم، ڇو جو

وقت جي نبض تي هٿ پنهنجو رکي بيٺو هان.

مٿئين ڪلاس جا ماڻهو پنهنجا ناتا زردار ماڻهن سان ئي جوڙيندا آهن. جن وٽ بي انداز دولت هجي، گاڏيون هجن، بنگلا هجن ۽ زماني جي هر عياشي هجي. وچين ڪلاس جا ماڻهو وري پنهنجو غم ٽارڻ لاءِ ڪو راهه رفيق ڳولهي وٺندا آهن. جيئن ساڻس زماني جو غم اوري، دل جو بار هلڪو ڪري سگهن. جيڪڏهن ڏکن جي ڏيهه ۾ ڦاٿل آهي ته بس غريب ۽ مزدور طبقو، ڳوٺ جون گهٽيون، شهر جون بازارون ۽ ملون. اھي ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته غريب ۽ مزدور طبقو، سڄي عمر روزگار لاءِ تڙپي ٿو. استاد بخاري پڻ هن طبقي سان همدردي ظاهر ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ڏئي ته:

امير پير کي زردار يار جي ڳولا، وچين ڪلاس کي غمٽار پيار جي ڳولا،

ملون، بزار، ٻنيون ڳوٺ جون گليون شاهد؛ غريب لوڪ کي رڳو يار جي ڳولا.

امير پير کي مان شان جو اونو، وچين ڪلاس کي ڪلچر زبان جو اونو،

مريض ملڪ جي قرضي عوام کي، اٽي علاج لٽي ۽ مڪان جو اونو.

استاد کي اڃا به ڪي سال، صديون جيئڻو هو. هن لکڻ پئي چاهيو. هن دور جي هر برائيءَ تي، کوٽي سياست تي، ويڪائو وڏيري تي. پر افسوس جو زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو. استاد بخاري جسماني طور اسان سنڌين سان گڏ نه آهي پر سندس پاڪ روح، اڄ به پنهنجي مالڪ ۽ هير جي هڳاءَ جهڙين شخصيتن سان گڏ، ڪنهن اڙٻنگ، جوڌي ۽ جوان پهريدار وانگر سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ ضرور گهمندو هوندو. جيئن نه ڇنڻ واري ڳالهه هن شعر ۾ ڪئي هئائين.

سڳو نه ناهي سنگهر به ناهي، ڇنا هي ناتا ڇني نه سگهندس،

رسيم سرتي سڏيم سامي، ڌڪيم ڌرتي ته ڇا ڪريان مان،

حبيب تو کان ڇڄي سگهان ٿو، زمين ري مان جي نه سگهندس،

وري وري ڇو ڪرين ٿي پارت، غيور ٿڃ تي ويساهه ڪر تون،

ترار ڪنهن جي سهي سگهان ٿو، ميار ڪنهن جي سهي نه سگهندس.

بوئا جِمي جو ڀٽائيءَ سان نينهن! نواز ڪنڀر


 

ڳالهه جڏهن ۽ جتي به ڀٽائي سرڪار جي راڳين، پارکوئن، مريدن، مثالي عقيدتمندن ۽ عاشقن جي نڪرندي، ته بوئا جمي جي ذڪر بنا اها محفل، اهو ذڪر اڌورو ۽ اڻپورو رهندو. بوئا سان ملاقات کان اڳ، سائين نظر علي وساڻ، بوئا جي ڀٽائي سان عقيدت ۽ محبت جون جيڪي ”وڌاءُ“ جهڙيون ڳالهيون ٿي ٻڌايون سي بوئا سان ملاقات بعد وڌاءُ بجاءِ، ڪجهه ”گهٽ“ محسوس ٿيون.

ڪلهوڙا دور جي تمام وڏي نالي واري حڪمران خاندان سان لاڳاپيل عورت مائي ڄامان جي ڳوٺ ٽنڊي مٺا خان کان ميل اڌ ڏکڻان، ڏِجي ڀٽ تي پيدا ٿيندڙ بوئا جي والد جو نالو قبول ۽ والده جو نالو مَمُل هو. بابي کي  ڀٽائي جي راڳ ٻڌڻ  جو بيحد شوق هو. بوئا والد جي دادلي هئڻ سبب، ننڍي هوندي کان ئي بابي جي هنج ۾ ليٽي، ڀٽائي جي بيتن کي لولين وانگر ٻڌو. اهڙيون لوليون جن  ننڊ آڻڻ بجاءِ، ننڍي هوندي کان ئي بوئا جي ننڊ ڦٽائڻ جو ڪم ڪيو. قبول کي ٻن گهر وارين مان، هڪ مان ٻه پٽ سومر ۽ ولو ۽ ٻئي مان ٽي ڌيئر پيدا ٿيون. هينئر بوئا کانسواءِ سڀ راهه رباني وٺي چڪا آهن، بوئا به ڄڻ هڙ ٻڌيو ويٺي آهي. بوئا جا مائٽ ڪجهه عرصي بعد ڏجي ڀٽ مان لڏي ڀرسان ئي ساڌڻي ديهه ۾، ڳوٺ لُنڊي ۾ اچي ويٺا. جتان پوءِ ارڙهن ميل ۾ علي نواز وارن وٽان ٿيندا، ٽيهه پنجٽيهه سال کن اڳ، ڀٽي صاحب جي وقت ۾ آيل ٻوڏ بعد موجوده هنڌ آباد ٿيا. ڀٽائي سرڪار جي راڳ سان سندس محبت ۽ عقيدت جي شدت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هوءَ اڄ سوڌو، درگاهه تي هجي يا ٻئي پاسي، راڳ واري رات، انهي ڪري ماني ڪونه کائي ته متان ماني بعد ننڊ اچي ۽ راڳ ڇڏي اٿڻو پوي!

جيتوڻيڪ بوئا کي ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي درگاهه تي وڃڻ ته شادي بعد نصيب ٿيو  پر لئون ڪڏهوڪو لڳي چڪي هيس. سندس شادي ڪافي وڏي عمر ۾ پنهنجي مائٽ حاجي خان محمد سان ٿي، جيڪو دڪاندار هئڻ سان گڏ جوڻيجن جو منشي ۽ تر ۾ هلندي پڄندي وارو هو، پر افسوس جو بوئا کي اولاد عطا نه ٿيو. اولاد نه هوندي به هوءَ اڄ سڄي ڳوٺ، تر، بلڪه ڀٽ ڌڻي جي درگاهه ۽ حويلي تائين سڀني جي بوئا ۽ امان آهي.

جڏهن کانئس عمر جو حساب پڇجي ٿو ته هوءَ ڀڳلن واري مارشل لا کي ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه ٿي ٻڌائي. ان وقت جا منظر اڄ به سندس اکين اڳيان ڦرن ٿا. (حر مارشل لا واري دؤر جا جماعتي توڙي غير جماعتي ماڻهو، حرن کي حر بجاءِ  اڪثر ڪري ڀڳل يا حُر ڀڳل  جي نالن سان سڏين).

بوئا ذِڪر، ڀيڻ ۽ ڀاءَ سان گڏ، ڏِجي ۾، اسر ويل سائين شاهه ڏني کان ورتو، سو به ڀَڳلن واري مارشل لا کان اڳ. ان مان سندس عمر جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. بوئا چواڻي، ”سائين  ته دلين جا مالڪ هئا نه ابا! سو انهن کي منهنجي راڳ ڳائڻ جي خبر پئجي ويئي. سائين سان صالح فقير شيدي انڌڙو راڳي به گڏ هو.“ بوئا ذڪر ۾ ”پلي لڳي آهيان،“ ۽ ” منهنجو من ملير“  وايون ڳايون.

بوئا کي ڀٽ ڌڻي بادشاهه جي مختلف گادين ۽ راڳين  سان ملڻ، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ به نصيب ٿيو. سندس چواڻي، نورل سائين جهڙو راڳي وري نه ٿيو، نه ٿيندو، پيرل سائين جهڙي سِڪ وري نه ڪنهن ۾ ڏٺي سين، باقي دعا گهرڻ ته هونئن  ئي سائين غلام شاهه جي ملڪان ملڪ مشهور آهي. بوئا چواڻي سائين  غلام شاهه جي وڏي خواهش هئي ته ڌي اٿارڻ بعد، بوئا سان گڏ، پاڻي واري جهاز ۾ حج تي وڃجي، دنبورو کڻي، رستي ۾ راڳ ڪندو هلجي. بوئا ٿڌو ساهه کڻي چوي ٿي ته سائين ڌي به اٿاري پر ان ئي سال مئي ريڊيي ۾ سائين جي وڃڻ جي خبر اچي ويئي. پوءِ بوئا کي محمد خان جوڻيجي جي دور ۾، اڳوڻي ايم پي اي سائين پير بخش جوڻيجي، پنهنجي والد حاجي محب خان جوڻيجي جي وصيعت مطابق حج ڪرايو. بوئا کي حج تي وڃڻ واري ڏينهن، گهران  مڙس کان موڪلائڻ ۽ پٺيان مڙس جي زبان بند ٿيڻ ۽ ٽئين ڏينهن بوئا جو جهاز  تي چڙهي ملڪ ڇڏڻ ۽ انهي ويل سندس ور پاران ساهه ڇڏي، هن مُلڪ هليو وڃڻ، وساريو نه ٿو وسري. بوئا اڄ به وساڻن ۽ جوڻيجي خاندان جا ڳڻ  ڳائيندي چوي ٿي ته مونکي پنهنجي مرشدن جون دعائون آهن. هو سائين غلام شاهه جون ڳالهيون ساريندي ٻڌائي ٿي ته سائين نماز نه پڙهڻ تي وڙهي پوندو هو. آب اکين ۾ آڻي چوي ٿي ته هڪ ڀيري حويلي ۾ سائين غلام شاهه چيو راڳ ڪندي آهين! آئون چپ! سائين سر سهڻي مان هڪ بيت ڏنو، ٻيو ڏنو ، ٽئين ۾ ابا مون به  کڻي سڏ ڏنو  ۽”هاڙهي جي هوت کي دل ساري“ وائي ٻڌائي. ان وقت مونکي بخار هو. راڳ بعد سائين دعا گهري، بخار لهي ويو. هوءَ ٻڌائي ٿي ته بخار ۾ ڊاڪٽرن وٽ وڃڻ بجاءِ ڀٽ شاهه ويندي آهي ۽ زيارت سان تَپ لهيو وڃيس. چوي ٿي، مون  پيڙهي تي  ۽ فقيرن سان گڏ ته ڪو نه ڳايو پر حويلي ۾ دنبوري تي راڳ ضرور ڪيو. بوئا جيتوڻيڪ سنڌي پڙهيل ڪونهي، پاڪ ڪلام به شادي بعد پنهنجي ور کان پڙهيائين ۽ ان ئي آڌار ڀٽائي جو رسالو، اکر سڃاڻيو پڙهيو وڃي. اڃان جڏهن بجلي نه آئي هئي، تڏهن بوئا گهر جي ڪم ڪار مان واندي  ٿي،  چانڊوڪي تي رسالو پڙهندي هئي. هاڻ ته بجلي ڪم سولا ڪري ڇڏيا آهن.

بوئا ڀٽائي جا سڀ سُر نه صرف سمجهيو ۽ سڃاڻيو وڃي، بلڪ ڳايو به وڃي. هوءَ چوي ٿي ته سڀ سر سٺا ۽ هڪٻئي کان مٿي آهن، پر هاڻ آخري سر نٿا آلاپجن. بوئا پنهنجي راڳ بابت انڪساري کان ڪم وٺندي چوي ٿي ته راڳ جي ايتري سمجهه ته ڪونهي پر ڪو غلط پڙهي ته دل کي ڄڻ ڌڪ لڳيو وڃي . ڳائڻ ۾ کپي ٿو ابا! ”هاڻ هليو نٿي سگهان، رويو، ماٺ ڪيو ويٺي آهيان، بيوس ٿي پيئي آهيان. زيارت لاءِ پيئي سڪان، موتن ڀڃي ڇڏيو آ، ويلن جا سور آهن، ابا!“ هوءَ اکيون آليون ڪندي چوي ٿي.

نظر علي وساڻ بوئا جي ڀٽائي سان عقيدت ۽ محبت بيان ڪندي چوي ٿو ته جڏهن به ڪو درگاهه تان ٿي ڳوٺ  ايندو آهي ته بوئا هلي وڃي، ان جا هٿ چمندي آهي. ڳوٺ ۾ جنهن به وقت، ڪنهن جي به گهران، ريڊيو، ٽي وي توڙي ٽيپ تي ڀٽائي جو ڪلام وڄي ۽ بوئا هلي نه سگهڻ باوجود، گوڏن ڀر گسڪي به ڪلام ٻڌڻ لاءِ نه پهچي  ته پڪ سمجهو، بوئا ڳوٺ ۾ ناهي يا ڪلام بوئا جي ڪن تي  ناهي  پيو. پر ڳوٺ ۾  بوئا جي هوندي ائين ٿيڻ ممڪن ئي ناهي.

ڇا ثقافت کاتي يا ٻئي ڪنهن اهڙي کاتي ۽ اداري وٽ بوئا جي جذبن جو قدر  ٿي سگهي ٿو؟ تُڪ بندي ڪندڙ شاعرن ۽ بي سرن فنڪارن کي وظيفا ڏئي، پاڻ وندرائيندڙ ۽ وڻائيندڙ ادارا، بوئا جهڙن ڀٽائي جي پارکوئن، راڳين، ۽ سچن پچن عقيدتمندن ۽ محبتين جو مان مٿاهون ڪرڻ لاءِ  ڪجهه به نٿا ڪري سگهن!؟ بوئا هن آخري عمر ۾ ڪنهن وظيفي، ايوارڊ نه سهي ڪنهن شيلڊ جي به حقدار نٿي ٿي سگهي!؟

ھلي ڏسجي ھندستان


 


: ليکڪ : الطاف شيخ.


فلائيٽ ٽو ممبئي

ممبئيءَ لاءِ، ڪراچيءَ کان PIA جون، هفتي ۾ چار پنج کن اڏامون آهن. سريلنڪا جي ايئر ڪمپنيءَ جي به هڪ اڏام آهي. جيڪا ڪراچيءَ کان شايد صبح جو چئين بجي نڪري ٿي يا شام جو دير سان، ان ڪري ان جي ٽڪيٽ وٺڻ بهتر نه سمجهيم. اهي وقت اهڙا آهن جن کي مجبوريءَ جي حالت ۾ ئي ترجيح ڏئي سگهجي ٿي. ڪا به فلائيٽ جيڪڏهن صبح جو چئين بجي ڌاري آهي، ته معنيٰ اڄڪلهه جي قانون مطابق ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ پهچڻ لاءِ، هڪ يا ٻي بجي ڌاري رات جو هوائي اڏي تي پهچي وڃجي. يعني اها سڄي رات اوجاڳي ۾ گذارجي ۽ منزل تي پهچي پهريون ڏينهن ننڊن ۾ ضايع ڪجي يا پوسريل اکين ۽ ڳري دماغ سان شهر ۾ چڪر هڻجن. ڪراچيءَ مان شام جو دير سان به نه نڪرجي، خاص ڪري ممبئي ۽ تهران، دبئي ۽ ڪولمبو جهڙن ويجهن شهرن لاءِ، جتي ماڻهو ٻن يا ٽن ڪلاڪن ۾ پهچيو وڃي ۽ پوءِ هڪ ڌارئين ۽ اوپري ملڪ ۾ آڌيءَ رات جو سستيون هوٽلون ۽ انهن ۾ ڪو خالي ڪمرو ڳوليندو وتي. ڪيترن ملڪن ۾ رات جي وقت ٽئڪسين جو ڀاڙو به ٻيڻو ٿيو وڃي. بهرحال پي آءِ اي جي هيءَ اڏام، صبح جو يارهين بجي ممبئيءَ رواني ٿي رهي هئي ۽ آءٌ سڀ کان اڳ ايئرپورٽ تي پهچي جهاز ۾ ويهڻ جو سيٽ نمبر (بورڊنگ ڪارڊ) وٺي پاسپورٽ تي ٺپا هڻائي انتظارگاهه جي هڪ اهڙي هنڌ تي اچي ويٺس، جتان اسان کي جهاز ۾ وڃڻ لاءِ سڏايو ويندو آهي. صبح جا نَوَ کن ٿيا هئا ۽ جهاز جي اڏام ۾ اڃا ٻه ڪلاڪ هئا. آءٌ اهو وقت ڪجهه لکڻ لاءِ ۽ انٽرنيٽ تي پنهنجي ٽپال ڏسڻ ۾ استعمال ڪندو آهيان. هڪ ٻه دفعا اٿي سامهون واري اسٽال تان چانهه به وٺي آيس ۽ ايندي ويندي، چوڌاري ويٺلن جو جائزو ورتم. هڪ هنڌ اٺ ڏهه بوهري مرد ۽ عورتون ويٺل هيون. ممبئيءَ ۾ ڪراچيءَ کان وڌيڪ بوهري رهن ٿا. هونئن ته بوهري، آغا خاني، احمدي (قادياني) سنگاپور، ملائيشيا کان ڪينيا، نيروبي، انگلينڊ ۽ جرمنيءَ تائين، جتي ڪٿي رهن ٿا ۽ انهن ملڪن جون حڪومتون ۽ عوام به هنن کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، جو هُو ڪنهن به جهيڙي جهٽي يا ڪنهن ٻئي ڏوهه ۾ Involve نٿا رهن ۽ فقط پنهنجي ڪم سان ڪم رکن ٿا. هُو پاڻ به پورهيو ڪري امير ٿين ٿا ۽ ملڪ کي به خوشحال بنائين ٿا. هنن جي مُحلن ۽ گهٽين ۾ امن امان رهي ٿو.

منهنجي سامهون وارين سيٽن تي هڪ پير مرد ۽ عورت سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هُو پڪ ممبئي يا ڀروارن شهرن الهاس نگر ۽ ڪلياڻ ڪئمپ کان هتي، پنهنجن مائٽن سان ملڻ آيا هوندا يا وري هتي جا هوندا. گهوٽڪي، شڪارپور يا ميرپورخاص جا ۽ پنهنجن مائٽن سان ملڻ، انڊيا وڃي رهيا هوندا. انڊيا جي اڏام لاءِ انتظار ۾ ويٺل مسافرن ۾ ڏهاڪو کن، پندرنهن سورنهن سالن جي ڄمار جون، ڇوڪريون به هيون. فيبروريءَ جي ٿڌي مهيني باوجود، هنن کي فقط ٽِي شرٽ ٽائيپ مرداڻيون قميصون ۽ هيٺ هاف پينٽون هيون. هڪ ٻن کان علاوه باقي بنا پوتين جي هيون. جن کي پوتي هئي، انهن به سا مٿي ڍڪڻ لاءِ نه پر ڪلهي تي لڙڪائڻ لاءِ رکي هئي. هُو رکي رکي اسٽال تان آئس ڪريم يا سيون اپ جا دٻا وٺي رهيون هيون يا وري ڪمپيوٽر ڏي ڀڳيون ٿي. هال ۾ ويٺل، مون سميت ڪيترن مردن جون نظرون، منجھانئن ڪن ڏي، جن کي Sleeveless (ٻانهن بنا) قميصون يا گنجيون هيون ۽ سندن ڪڇون اگھاڙيون ۽ ڇاتيون اڌ-اُگهاڙيون ھيون، کڄي ٿي ويون. هُو پاڻ ۾ زور زور سان اڙدو گاڏڙ انگريزيءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون. ’ڪير ٿي سگهن ٿيون؟‘ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. ’جي پاڪستاني آهن ته ڪرسچن هونديون، منجھن ڪا به رنگ جي ڪوئل نه هئي. سڀ رنگ جون صاف هيون ۽ ڪن جا نقش به سهڻا هئا. ٿي سگهي ٿو هي دبئي يا شام پاسي جون هجن يا ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ آذربائيجان پاسي جون هجن ۽ پنهنجي ملڪ کان انڊيا ويندي هتان جهاز بدلائڻ لاءِ ترسيون آهن پر اهي اڙدو ڪيئن ٿيون ڳالهائي سگهن؟‘ پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته هي پڪ پارسي هونديون. ڪراچي، سورت ۽ ممبئي شهرن ۾ سڀ کان گهڻا پارسي رهن ٿا ۽ هُو ڳالهائڻ ۾ انگريزي ۽ اڙدوءَ جي کچڻي استعمال ڪن ۽ رنگ جا به سفيد ٿين. اها ٻي ڳالهه آهي ته هي ڇوڪريون رکي رکي سيون اپ، آئيس ڪريم ۽ ٻئي چَٽَي پويان پئسو خرچ ڪري رهيون هيون. ان مان هُو پارسي نٿي لڳيون جو ان معاملي ۾ پارسي اجائي خرچ کان پرهيز ڪن ٿا. آخر مون کان رهيو نه ٿيو، جيئن ئي مون ٻڌو ته اسان جي اڏام ڪلاڪ کن delay ٿي وئي آهي، ته اٿي ڪمپيوٽر تي ويٺل ٻن ڇوڪرين کان پڇيم؛ ”توهان پارسي ته نه آهيو.“

”نه اسين مسلمان آهيون.“ هنن ٻڌايو.

”انڊيا جون؟“ مون پڇيو.

”نه ڪراچيءَ جون.“

مون کين ٻڌايو؛ ”آءٌ جهازن جو انجنيئر آهيان، پر لکڻ منهنجي هابي آهي. توهان جي ڊريس مان، مون کي لڳو ته پارسي آهيو، سو پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيم.“

”نه اسين آمريڪن اسڪول جون شاگردياڻيون آهيون ۽ اسين بمبئي اسپورٽس ٽورنامينٽ لاءِ پيون وڃون.“

آءٌ پنهنجي سيٽ تي اچي ويٺس ۽ دل ۾ سوچيم ته؛ هن قسم جي اڌ-اگهاڙين ڊريسن ۾ ڏسي، حق تي ڌاريا ملڪ اسان پاڪستانين تي چٿرون ٿا ڪن؛ ”توهان ڪهڙا مسلمان آهيو!“ ملائيشيا جو ملڪ، يورپ جهڙو ماڊرن ٿي ويو آهي ته به اتي جون ملئي ڇوڪريون تودونگ (حجاب) ۽ ڊگها چولا پايو پيون هلن. ايران هيترو ترقي يافته ٿي ويو آهي ته به اتي جون نوجوان ڇوڪريون ائين ڇيڳريون ٿي نٿيون هلن. بلڪ ايران ۾ ته سڀني مسلمان ملڪن کان بهتر پڙدي جو سسٽم آهي ۽ ملائيشيا وانگر ساڳيو هڪجهڙو آهي. اسان اسلامي رياست ناتي claim ڪريون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ شراب ۽ جُوا جهڙيون برايون بند آهن، پر دنيا کي خبر آهي ته مسلمان ملڪن مان سڀ کان گهڻو شراب پاڪستان ۾ هلي ٿو. ظاهري طرح ته اسان جي ملڪ ۾ عياشيءَ جا اڏا بند ڪيا ويا آهن، پر توهان جو ڪو پوليس آفيسر سڃاڻو هجي ته ان کان ئي پڇي ڏسو ته هُو توهان کي حقيقت کان آگاهه ڪندو ته ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ڪيترن علائقن ۾ اهڙا اڏا کُليا پيا آهن. هاڻ ته سج لٿي کان پوءِ ڊفينس ۽ ڪلفٽن جهڙن علائقن ۾ رستن تي ڪال گرلس گراهڪن جو انتظار بيٺيون ڪن. مطلب ڳالهه جو ته اسان جيڪو پنهنجي ملڪ لاءِ سمجهون ٿا يا ڌارين کي جيڪو ان بابت Image ڏيڻ چاهيون ٿا، اُهو ان جي بلڪل اُبتڙ آهي. جيڪي ڪجهه اسان جي اسلامي ريپبلڪ ۾ ٿي رهيو آهي، ان بابت ڌاريان، اسان کان بهتر ڄاڻ رکن ٿا.

ڪراچيءَ کان ممبئيءَ ويندڙ اسان جو هي هوائي جهاز، ڪو خاص وڏو نه هو. ماڻهو به ٿورا هئا. جنهن مان ظاهر ٿي ٿيو ته ماڻهن جو انڊيا ــ پاڪستان اچڻ وڃڻ هاڻ ڪو گهڻو نه رهيو آهي، جيترو ٽي چار سال اڳ هو، جڏهن منهنجو باءِ بس لاهور ۽ واگها بارڊر کان دهلي وڃڻ ٿيو هو. مهينو کن دهلي رهي باءِ ٽرين گجرات جي شهرن احمد آباد ۽ وودودرا (بڙودا) آيو هئس، جنهن جو اڄ به انگريزن جو رکيل نالو بڙودا مشهور آهي. ٿي سگهي ٿو هوائي جهاز جي ٽڪيٽ گهڻي هجڻ ڪري ايترا مسافر باءِ ايئر دهلي ۽ ممبئي نه ويندا هجن. ڪٿي ڪراچيءَ کان ممبئيءَ تائين هوائي جهاز جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ ۲۳۰۰۰ رپيا کن ۽ ڪٿي ميرپورخاص سنڌ کان احمد آباد تائين ريل رستي پهچڻ جو فقط ۱۵۰۰ رپيا خرچ! ۽ باءِ ٽرين ۽ بس سفر ڪرڻ تي مسافرن کي نظارو ڪرڻ جو به موقعو ملي ٿو، پر جي ڪو لاهور واري پاسي کان انڊيا وڃي ته به هر مسافر جو اوٽ موٽ ۳۰۰۰ رپيا کن ڀاڙو مس ٿئي. خاص ڪري جوانن ۽ صحتمند مسافرن کي ته باءِ روڊ وڃڻ ۾ ڪو به اعتراض نه هئڻ کپي. لاهور کان ته روزانو صبح جو دهليءَ لاءِ بس رواني ٿئي ٿي، باقي کوکرا پار کان ريل گاڏيءَ جو ڪو شيڊيول مقرر ناهي. ڪڏهن ٽرين وڃي ٿي ته ڪڏهن نه! آهي ته PIA جي هوائي جهازن جو به اهو ئي حال… ڇو جو انڊيا کان واپسيءَ تي اسان کي ممبئيءَ کان PIA جي هوائي جهاز ذريعي صبح جو ڏهين بجي ڌاري نڪرڻو هو. پاسپورٽ تي ٺپا هڻائي، بورڊنگ ڪارڊ وٺي اچي بورڊنگ لائونج ۾ جهاز جي هلڻ جو انتظار ڪيوسين. ڏهن جا يارنهن ۽ پوءِ ٻارهن ٿي ويا، پر جهاز جو نه اَتو هو نه پَتو. ايئرپورٽ جي جنهن عملي کان پڇ ته هُو اهو چوي ته هنن کي ڪابه خبر ناهي، ”اجهو ڄاڻ آيو.“ هاڻ جي نٿو اچي ته اسان هتان واپس ممبئي به نٿا وڃي سگهون، جو پاسپورٽ تي ٻاهر نڪرڻ (EXIT) جو ٺپو لڳي چڪو هو. پوليس ٿاڻي تان به EXIT جو ٺپو هڻائي اميگريشن حوالي ڪري چڪا هئاسين. ان کان علاوه هڪ مهيني جي مليل ويزا به ان ڏينهن ختم ٿي وئي، يعني هاڻ جي موٽڻ ممڪن هجي ته به ايئرپورٽ کان ٻاهر، انڊيا جي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ جو اجازت نامو نه هو. منهنجي سامهون ٻن ٻارن سان ويٺل بوهري عورت ڪڏهن ٻارن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ اسٽال تان چپس وٺي ٿي آئي ته ڪڏهن پاڻيءَ جي بوتل. رکي رکي پنهنجن مائٽن کي ممبئيءَ فون ٿي ڪيائين ته ڪڏهن وري ڪراچيءَ ساهُرن کي ته هُوءَ اڃا ممبئي ايئرپورٽ تي ويٺي آهي. پي آئي اي PIA جي اڏام ڪنهن وقت ٿيندي، اهو ته ٺهيو، هتي اڃا جهاز ئي نه پهتو آهي. اسان کان پوءِ جيڪي مسافر آيا، اهي به مختلف هوائي ڪمپنين جي جهازن ۾ پنهنجين منزلن ڏي روانا ٿي ويا. پاڪستان جي صوبي پنجاب جا ڪجهه نوجوان، جيڪي دبئيءَ کان ممبئي هفتي جي موڪل ملهائڻ آيا هئا، اهي PIA کي پِٽون ۽ پاراتا ڏيئي رهيا هئا، جو هنن کي ڪراچي پهچي، رات جو ۹ بجي گلف ائيرلائنز ذريعي دبئيءَ پهچڻو هو، جيڪا فلائيٽ هاڻ هنن کي مِس ٿيندي نظر اچي رهي هئي. ٻارنهن بعد هڪ ٿيو ۽ پوءِ ٻه وڳا. هاڻ افواهه ٻڌڻ ۾ آيا ته PIA جي اڏام ڪراچيءَ مان نڪتي آهي. ڪراچيءَ کان ممبئي ڪلاڪ ڏيڍ جو پنڌ آهي، پر هتي چار ٿي ويا، پر جنهن جهاز جي پُڇ تي PIA جا اکر لکيل هجن، اهو هيٺ لهندڙ جهازن ۾ نظر ئي نه اچي. آخر پنجين بجي ڌاري PIA جي يونيفارم ۾ ملبوس ٻه ٽي همراهه لائونج ۾ نظر آيا ۽ هُو PIA جي مسافرن کي سڏڻ لڳا. لائونج مان نڪرڻ مهل بورڊنگ ڪارڊ جو اڌ ڦاڙي مسافر کي ڏنو ويندو آهي، پر هي همراه جلديءَ ۾ هئا ۽ اسان کي چيائون؛ ”جلدي جلدي هلي جهاز ۾ ويهو!“ ۽ اهڙي ئي جلديءَ ۾ اسان مسافر به هئاسين. جهاز وڏو جمبو جيٽ هو، جنهن کي ڏسي مون کي اندازو ٿيو ته اسان چند مسافر نه پر ڪي ٻيا به چڱا خاصا مسافر لائونج ۾ ويٺل آهن، جن جي اسان کي ته خبر ئي نه پي پئي. تڏهن ته هي چار سؤ کن مسافر کڻڻ وارو جهاز آيو آهي، پر جڏهن جهاز جا دروازا بند ٿيا ۽ جهاز رن وي تي چُرڻ شروع ڪيو ته ويتر گهڻي حيرت ٿي ته ان اڏام ۾ اسان اهي ئي ٻه درجن کن مسافر هئاسين جيڪي لائونج ۾ ڪنڙو ٺاهي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺا هئاسين. جڏهن جهاز مٿي چڙهي سنوت ۾ آيو ۽ جهاز ۾ موجود واحد ايئر هوسٽس اسان جي اڳيان ٽيبلن تي اچي سيون اپ جو دٻو ۽ ڄامشورو ڦاٽڪ وٽ ٺهندڙ ٿلهي کل جا سموسا رکيا، ته مون کان رهيو نه ٿيو ۽ کانئس پڇيم؛ ”هيترن ٿورن مسافرن لاءِ هيڏو وڏو جهاز!“

”هي به وڏي مشڪل سان ملي سگهيو ۽ توهان کي کڻڻ ۽ شيڊيول Maintain ڪرڻ لاءِ هتي اچڻو پيو!“ هن ٻڌايو.

واپسيءَ جي هيڏي دير کان وري به ڪراچيءَ کان ممبئي ويندڙ اڏام ڀلي چئبي، جنهن فقط هڪ ڪلاڪ دير سان يارهين بدران ٻارهين اچي ممبئيءَ جي هوائي اڏي تي پهچايو. ممبئيءَ جي هوائي اڏي تي لهڻ وقت چوڌاري ماحول ڪوالالمپور جهڙو لڳي ٿو. ساوڪ ئي ساوڪ ۽ گهاٽا ڪڪر، بلڪ ڪولمبو جهڙو لڳي ٿو، جنهن جي اولهه پاسي عربي سمنڊ آهي. ممبئيءَ جي به اولهه پاسي اهو ساڳيو عربي سمنڊ آهي، جنهن ۾ الهاس ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري، جنهن جي ڊيلٽا جي چوڌاري ڪيترا ئي وڏا جهاز ۽ ٻيڙيون، رانديڪا لڳي رهيا هئا.


پوروڪتاب پڙھڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪري ڊائون لوڊ ڪيو.