A Hand Book of Sindhi Proverbs rendered into English


A Hand Book of Sindhi Proverbs اي ھينڊ بڪ آف سنڌي پراوربسThis is a eBook published after 75 years by Al-Munaim library Larkano. This enables new but interested personnel, having knowledge of English, to learn the Proverbs and Sayings of Sindh and Sindhi Language.

Advertisements

Locust ماڪڙ


ٻوڏ ۽ سوڪ بعد مڪڙن جو مچايل ممڻ

نواز ڪنڀر

 

گهوٽڪيءَ جي ٿر واري علائقي ۾، مڪڙن جي پهچڻ بعد، مختلف هنڌن تان اسپري وارا جهاز توڙي اسپري ٽيمون گهرايون ويون آهن، جن جي مدد سان مڪڙن  کي ائين ناس ڪبو، جيئن هو وڻ ٽڻ ۽ فصل کائي ناس ڪن ٿا. کائڻ ۾ تمام تيز ۽ بيحد بي رحميءَ سان کائيندڙ مڪڙن کي ”ماڪڙ“ به چئبو آهي. جيتوڻيڪ مڪڙ جن به علائقن ۾، ۽ جنهن به گاهه، ٻوٽن ۽  فصلن تي ويهن ٿا، انهن جي تباهي ضرور ڪن ٿا. اهي ماڻهو، جن ڪڏهن مڪڙ کاڌا هوندا، تن جو وات هينئر به پاڻي پاڻي ضرور ٿيندو هوندو. ماڪڙ يا مڪڙ، جيڪي عموماً ٿر واري علائقي مان اٿي ۽ ظاهر ٿي، ميداني علائقن ۾ داخل ٿيندا  آهن، تن لاءِ چئجي ٿو ته؛ اصل ۾ اهي جبل جا رھاڪو آهن. ڄاڻو ماڻهو ٻڌائين ٿا ته؛ جنهن سال گرمي وڌيڪ پوي ٿي ۽ پوءِ برسات به وڌيڪ پوي ٿي، ان سال مڪڙن جي اچڻ جو امڪان به وڌيڪ هوندو آهي. برسات بعد جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سُنهري مڪڙ نظر اچن ته پڪ سمجهجي ته مڪڙن جا ڪٽڪ آيا ڪي آيا. عام طور تي جڏهن پاڻ لازم و ملزوم جهڙن ماڻهن مان  ڪو هڪ، اڳواٽ ڪنهن هنڌ پهچندو آهي ته ويٺلن کي پڪ ٿي ويندي آهي ته ٻيو به پٺيان ضرور ايندو هوندو. ان مهل ويٺل چوندا آهن ته؛ ”ابا! سُنهري مڪڙن پٺيان پڪ سان مڪڙ پهچڻ وارا هوندا.“ ڇو جو هي جبلن جا ٻڌايا وڃن ٿا ۽ اتي وڌيڪ گرمي پوڻ سبب، هي هيٺ لهي اچن ٿا. برسات بعد ٿڌي واريءَ ۾  آنا ۽ ٻچا ڪندا آهن، جيڪي هڪ، ٻه يا سؤ، هزار نه، بلڪ لکن جي تعداد ۾ هوندا آهن.

مڪڙن جي لائيف سائيڪل چئن مرحلن تي مشتمل هوندي آهي. انگريزيءَ ۾ locust سڏجندڙ مڪڙ ٿڌي واريءَ ۾ آنا ڪرڻ بعد پاڻ مري ويندا آهن. آنن مان سنها Hoppers يا ننڍا ننڍا ٻچا ڦٽندا آهن. اهي ٻچا، جن کي ڦَڪا چئبو آھي، ٻئي مرحلي ۾ ننڍا پر ڪڍي، اڏامڻ جهڙا ٿيڻ کان اڳ ٽپا ڏيڻ جي پوزيشن  ۾ ايندا آهن. ان وقت ماڻهو انهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ وڏين نالين جهڙيون کنڌيون کوٽيندا آهن. جيئن ئي ڦڪا، ٽپا ڏيندا نالين ۾ ڪرندا آهن، تيئن ماڻهو انهن تي تيزيءَ سان مٽي يا واري ورائي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ ڦڪا دٻجي مري ويندا آهن، پر مڪمل طرح ختم ڪو نه ٿيندا آهن. بلڪ هنن جا رهيل بيضا، واريءَ جي اٿل پٿل ڪري ڦٽي پوندا آهن. هي ئي اهو مرحلو هوندو آهي، جڏهن ڪو انهن کي روڪڻ چاهي ته روڪي سگهي ٿو، باقي هي اڏامڻ جهڙا يا  مڪمل مڪڙ ٿيڻ بعد ڪنهن کي به وٺ نه ڏيندا آهن. پوءِ جيڪو وڻ ٽڻ، گاهه ٻوٽو يا فصل هنن جي رستي ۾ آيو، ان جو رڳو ٿڙ يا ڏانڊيون وڃي بچنديون آهن. تيزيءَ سان اڏامندڙ ۽ کائيندڙ مڪڙن لاءِ ٻڌجي ٿو ته اهي ڪمند، سارين، ٿوهر ۽ اڪ کي هي گهٽ وچڙندا آهن، باقي هي ڇڏيندا ٽوهه به ناهن! ٻٻر ته هنن جي شايد سڀ کان  وڌيڪ من پسند ڊش آهي.

وڌيڪ گرمي ۽ وڌيڪ برسات واري سال، برسات بعد ننڍن وڏن جيتن ۽ تڏن جو  اچڻ، مڪڙن جي اچڻ جي امڪانن کي جهڙوڪر پڪ ۾ بدلايو ڇڏي. جيئن هن سال ٿيو آهي. ڪجھه سال اڳ تقريبًا هر سال، پيلي رنگ جي جهازن ذريعي اسپري ڪري، مڪڙن جو وڏي پيماني تي قتلام ڪيو ويندو هو يا مڪڙن کي اڳتي وڌڻ  کان روڪيو ويندو هو  پر ڪجهه سال، مڪڙن جي نه اچڻ ڪري، سرڪار مڪڙن جي اچڻ کان ائين بي فڪر ٿي ويهي رهي، جيئن درياءُ چڙهڻ جو آسرو لاهي، ماڻهو درياءَ جي پيٽ ۾ ماڙيون ۽ گهر ٺاهي ويهي رهيا هئا. مڪڙن تي اسپري ڪندڙ جهازن لاءِ چئجي ٿو ته انهن مڪڙ-مار-جهازن تي مڪڙن جي مخصوص نشان وارو فليگ هوندو آهي. اهڙن جهازن کي انٽرنيشنل بارڊر بغير اجازت جي ڪراس ڪرڻ جي به ڇوٽ هوندي آهي. جيئن چيو وڃي ٿو ته ۱۹۸۴ع ڌاري ڇاڇري واري پاسي، پاڪستان کي ڏنل ايران وارو مڪڙ-مار-جهاز انڊيا جي سرحدن ۾ ٽيهه ڪلوميٽر تائين اندر هليو ويو هو.

نباتات کي هيڏو سارو نقصان پهچائيندڙ مڪڙن لاءِ، ڄاڻو ماڻهن جو چوڻ آهي ته؛ اُهي ۳۲ کان ۳۶ مرضن جو بهترين ۽ مڪمل علاج آهن، جن ۾ ٻرهل، شگر، سائي وغيره شامل آهن. مڪڙن کي نه صرف انسان کائين ٿا، بلڪ هنن کي اٺ ۽ ڍڳيون به شوق سان کائينديون آهن ۽ کائي مواڙ به ٿينديون آهن. ساڳئي وقت هنن کي ڪانوَ، ڪٻريون ۽ تتر به شوق سان کائيندا آهن. وهيو پکي ته هنن جو ڏاڍو تيزيءَ ۽ مهارت سان شڪار ڪندو آهي. انديشو ان ڳالهه جو آهي ته اسپري بعد ڪٿي مئل مڪڙ کائي پکين ۽ جانورن کي نقصان نه پهچي، جيڪي ٻوڏ بعد اڳ ئي گهڻو گهٽجي چڪا آهن. مڪڙ اچڻ بعد، ماڻهو رات جو وڻن تي ويٺل مڪڙن هيٺان، صبح جو سوير ڪپڙو جهلي وڻن کي ڌوڻيندا آهن ته ماڪ جا ماريل مڪڙ اچي ڪپڙي تي ڪرندا آهن، جن کي ديڳين ۽ ديڳڙن ۾ پاڻي وجهي ٽهڪائڻ بعد انهن جون منڍيون ۽ پڇ وارو حصو الڳ ڪري، تئي يا دانگيءَ تي پچائي کائبو آهي. غربت جي ماريل، ست-رڇي-طعامن کان بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهن لاءِ، اهي ڀُڳل مڪڙ، ڪنهن اعلى کان اعلى طعام کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ لذيذ ۽ سوادي هوندا آهن.

مڪڙ تقريباً ٽي کان چار انچ ڊگهي ماپ رکندڙ، ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪ هيڊي رنگ جا ۽ ٻيا ناسي. مڪڙ ايترو ته گهاٽو اڏامندا آهن، جو سج واري پاسي کان اڏامڻ مهل ڪنهن ڪڪر وانگر ڇانوَ ڪري ڇڏيندا آهن. مڪڙن جو هڪ جڳهه کان ٻيءَ جڳهه تائين پهچڻ جو وقت، عام طور تي ٽاڪ منجهند يا شام وارو هوندو آهي. مڪڙ زنده حالت ۾ وڌيڪ ڳرا هوندا آهن، پر مرڻ بعد هي صفا هلڪا ٿي پوندا آهن.

مڪڙ ڪڏهن ڪڏهن ڪڻڪون پوکڻ مهل به ايندا آهن ۽ تازيون ڄاول ڪڻڪون کائي ڀينگ ڪري ڇڏيندا آهن. مڪڙن-کاڌل، انگوريل ڪڻڪون پاڻيءَ ملڻ بعد جڏهن وري اٿنديون آهن ته اهڙيون ته زبردست نموني اٿنديون آهن، جو انهن کي ڀاڻ جي به ضرورت نه پوندي آهي. اصل ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿي پوندا آهن.

مڪڙن، ماڻهن ۽ سرڪار وچ ۾ اها لڪ لڪوٽي راند اتر لڳڻ تائين جاري رهندي آهي. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته اتر جي هوا مڪڙن کي گهلي سمنڊ ۾ وڃي ڦٽو ڪندي آهي، پر ڪن جو خيال آهي ته اتر لڳڻ ۽ ٿڌ پوڻ بعد هي واپس پنهنجي ”وطن“، جبل هليا ويندا آهن. چوندا آهن ته؛ مصيبت اڪيلي نه ايندي آهي. سو هن ڀيري به دريائي ٻوڏ، آبپاشي کاتي پاران آندل سوڪهڙي بعد رهي سهي ڪسر ڪڍڻ لاءِ مڪڙن اچي ممڻ مچايو آهي ۽ اڻ-ڪوٺيا مهمان ٿيا آهن. ڏسون ته  ڳالهه  ڪٿي ٿي دنگ ڪري!

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءَ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Let care Sanbhaloo اچو ته سنڀالو کي سنڀاليون


نواز ڪنڀر

اچو ته ”سنڀالُو“ کي سنڀاليون

دنيا جنهن وڻ کي Medical tree يا Botanical tree سڏي ٿي ۽ منجھانئس ٽيهارو کن بيمارين جو علاج ٿئي ٿو، سو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان گڏ ايشيا ۾ به ٿئي ٿو. سنڌيءَ ۾ به اهو وڻ دنيا جي ٻولين سان ملندڙ جلندڙ نالي ”سنڀالو“ سان سڏجي ٿو. ”سنڀالو“ سنڌ ۾ عام جام ۽ جتي ڪٿي نظر اچڻ بجاءِ، گهڻو ڪري ميداني علائقن ۾، ڏَسائي ٿو. ننگر کان مٿي ۽ عمرڪوٽ تائين جا ماڻهو، گهڻو ڪري هن جي نالي کان ئي بي خبر آهن. جيڪڏهن ڪو دوست مٿين علائقن ۾ سنڀالو جو ڏس ڏيندو ته مهرباني ۽ رڪارڊ جي درستگي ٿيندي.

ڪتابن مطابق: ايشيا ۽ پاڪستان ۾ هن وڻ جي ملڻ جا هنڌ  پنجاب ۽ بلوچستان آهن. سنڌ ۾ جنهن نموني جهونا هن مان علاج جا ڏس ڏين ٿا، ان مان لڳي ٿو ته هي وڻ هتي سالن کان ٿيندو اچي. سنڀالُو جيڪڏهن صفا اصلي ۽ نج سنڌي ۽ مقامي وڻ کڻي نه به هجي، ته به سنڌ ۾ ڪيترو ئي عرصو رهڻ ڪري هاڻ ”ڊوميسائيل“ ٺهرائڻ جيترو حق بهرحال رکي ٿو. سنڀالو متعلق ڄاڻ يا ته حڪيمن وٽ وڃي بچي آهي، يا مقامي علاج جي ماهر جهونن وٽ. نوجوان نسل جي اڪثريت ان کي ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ ته رهيو پري، پر نالي کان به شايد ئي واقف هجي. سنڌ ۾ تيزيءَ سان وجود وڃائيندڙ سنڀالو انگلش ۾ Five leaves chaste tree يا Angus اردو ۽ پنجابي ۾ سنڀالو، بنگالي ۾ سمالو، عربي ۾ سرما، سنسڪرت ۾ سيفالي نالن سان سڏجي ٿو. انگريزيءَ ۾ هن جو اهو نالو، سندس پنن جي بيهڪ ڪري پيو آهي، جيڪي ٽاريءَ جي مٿان ۵ جي تعداد ۾ هجن ٿا.

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقامي لوڪ ڏاهپ واري علاج کان ويندي ميڊيڪل سائنس ۾ معاونت ڪرڻ سبب، سنڀالو کي وڻن ۾ تمام اهم وڻ طور ڄاتو وڃي ٿو. اهو وڻ سنڌ ۾ تقريبن وجود وڃائڻ تي آهي. هاڻ هي وڻ جتي ڪٿي ۽ عام جام نظر اچڻ بجاءِ ضرورت پوڻ تي ڏَس تي ملي ٿو ته او فلاڻي ڪي فلاڻي هنڌ اڳي ته بيٺل هو، هاڻي جي خبر ناهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري واٽرن، شاخن ۽ واهن جي ڪنارن تي ٿيندڙ سنڀالو جي زولاجي جي حساب سان فيملي Verbena aceae ۽ بائيولاجيڪل نالو Vitexagmes castus آهي.

سنڀالو جو هر حصو؛ پاڙ، ٿڙ، ڇوڏا، گل، پن ۽ ٻج حڪمت ۽ دوائن جي لحاظ کان اهميت رکن ٿا. منجھانئس دوائون ٺهڻ ڪري، سڄي دنيا ۾ کيس خاص اهميت حاصل آهي. جپان هن جو سڀني کان وڌيڪ خريدار ملڪ آهي. نم، ميندي، ڏاڙهون ۽ يوڪلپٽس سان مشابهت رکندڙ هن جو پن، نم جي پن کان ڪجهه وڏو ۽ ويڪرو ٿئي ٿو، جنهن جو هيٺيون حصو اڇاڻ مائل سفيد هوندو آهي. ٽاريءَ جي گونچ مان نڪرندڙ سڌي گوشي ۾ ٿيندڙ ٻور جهڙن ننڍن ننڍن گلن جو رنگ نيراڻ مائل اڇو هوندو آهي. هن کي سنڌ ۾ گهڻو ڪري بهار ۾ قلم ذريعي لڳائبو آهي، جنهن لاءِ ٻه اڍائي فوٽ جي ڪاٺي، اڌ فوٽ جيتري زمين ۾ پوري، مٿئين حصي تي ڇيڻو ڏبو ته ڦٽي پوندو آهي.

سنڀالو مان ٿيندڙ مقامي علاجن جي لسٽ ٺاهبي ته ڪافي وڏي ٿي پوندي. سنڀالو، ماڻهو توڙي چوپائي مال جي علاج ۾ ڪم اچي ٿو. مقامي لوڪ ڏاهپ واري علاج جي ماهر جهونن جمعو ملاح، ڌڻي بخش خاصخيلي ۽ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وٽرنري ميڊيسن جي ليڪچرار سان گڏ مقامي علاج کي به اهميت ڏيندڙ رياض احمد لغاري مطابق؛ مال کي واءَ جي بيماري ۾ سنڀالو جا پن گهوٽي ۽ اٻاري پياربا آهن. اٻاريل پاڻي پيئڻ سان مال جو پيٽ به صاف ٿي ويندو آهي. روءِ جي بيماريءَ ۾، جنهن دوران مال جي وات ۽ نڪ مان پاڻي پيو وهندو آهي ۽ مال جي حالت سيءَ-تپ اچڻ جهڙي ٿي پوندي آهي. ان وقت ڍور کي سنڀالو جي پنن جو دونهون ڏبو آهي. ماڻهن توڙي مال جي ڦٽن تي پن اٻاري ٻڌبا آهن. سور واري هنڌ به پن ٻڌبا آهن. هن جا پن جتي ٻڌبا آهن، اتي ميندي وانگر رنگ به ڇڏيندا آهن. ان خاصيت تي ڪجهه ڪم ڪري هن مان ميندي وارو ڪم به وٺي سگهجي ٿو.

بهار ۾ ٿيندڙ هن جي گلن مان ماکي جون مکيون رس به چوسين ٿيون. جانورن جي ويامڻ وقت، ٿڻن جي سڄڻ تي سنڀالو جا پن پاڻيءَ ۾ اٻاري، پنن جو ٿڻن تي سيڪ به ڏبو آهي ته ٿڻن تي اٻاريل پن ٻڌبا به آهن. مٿي پچي پوڻ تي، پن ساڙي تيل ۾ ملائي، ملم ٺاهي ڦٽ ڦرڙيءَ تي لڳائبي آهي. هرنيا جي بيماريءَ توڙي زناني بيمارين ۾، پن اٻاري ٽڪور به ڪبي آهي، ته ٻڌبا به آهن. جانورن کي زهرباد يا ٻين بيمارين ۾ پن رات جو لسيءَ ۾ پسائي، صبح جو لسي ڇاڻي پيئاربي آهي. مقامي آبادگار اختر علي يوسفزئي مطابق؛ ضرورت پوڻ تي هن سنڀالو جو قلم آڻي لڳايو هو، هاڻ هر هفتي ٻه ٽي ضرورتمند ماڻهو، سنڀالو جو پڇائيندي پڇائيندي وٽس اچي پن ۽ ٽاريون کنيو وڃن، پر افسوس جو ڪو به لڳائڻ لاءِ کانئس ان وڻ جو قلم نه ٿو گهري.

افسوس جو ايڏي اهم ۽ قيمتي وڻ جو به اسان قدر نه ڪيو ۽ هيءُ وڻ به، هاڻ ذري گهٽ، سنڌ مان موڪلائڻ تي آهي. جيستائين حڪومت ۽ ٻيا ادارا سجاڳ ٿين ۽ حرڪت ۾ اچي سنڀالو کي سنڀالين، اچو ته پاڻ ئي هن جا ڪجهه قلم، پنهنجي ڪنهن وڇڙي ويل پياري جي نالي ڪري، ڀرسان وهندڙ ڪنهن شاخ، واٽر يا گهر ۽ ٻنيءَ ۾ لڳائي، ان جي حفاظت ڪري وڌائي وڻ ڪريون. اسان جي اهڙي عمل سان نه صرف سنڀالو بچي پوندو، بلڪ ننڍي وڏي مرض ۾ اهو ڪيترن ئي جانورن ۽ ماڻهن جي علاج جو ذريعو به ٿي پوندو. مصروف زندگيءَ مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي، اسان هڪڙو ئي سهي، جي سنڀالو لڳائي وٺون ته ختم ٿيندڙ ان وڻ کي بچائي سگهون ٿا. وس وارن کي به گذارش آهي ته مهرباني ڪري ان کان اڳ جو سنڀالو هليو وڃي، اچو ته هن کي سنڀاليون. نرسرين ۾ هن جا قلم تيار ڪري، مناسب ماڻهن کي لڳائڻ لاءِ ڏيئي، هن جي وجود کي وڃائجڻ کان بچايون.

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءَ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Flood Birds & Animals ٻوڏ پکي پکڻ ۽ جانور


نواز ڪنڀر

ٻوڏ، پکي پکڻ ۽ جانور

 

سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جتي لکين ماڻهو دربدر ٿيا آهن، اتي پکي پکڻ ۽ جانور به سخت متاثر ٿيا آهن. سيلاب متاثر پکين ۽ جانورن لاءِ به ڪجهه سوچيو وڃي ها، جن لاءِ ڪنهن به مرحلي تي ڪنهن به نه سوچيو. جيڪڏهن انهن جي ڪا اهميت ناهي، اهي فضول آهن، اهميت صرف ۽ صرف انسان کي ئي آهي ته پوءِ انهن پکين ۽ جانورن لاءِ ”شڪار کاتي“ جهڙو کاتو ڇو جوڙيو ويو آهي؟! ڇا اهو کاتو رڳو ناجائز شڪار کي، لائسنس اشو ڪري، جائز قرار ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي؟! ڇو نٿا هن کاتي جا منسٽر ۽ اهلڪار ڳالهائين؟ سڄي سنڌ نه صرف سيلاب پر ڪيترن ئي ڏينهن تائين مسلسل برسات هيٺ رهي آهي. ماڻهن ته وڃي محفوظ هنڌن تي پناهه ورتي، پر پکي ۽ جانور ڪيڏانهن وڃن؟ جيڪڏهن ڦاٿل ماڻهن لاءِ جهازن ۽ ٻيڙين ذريعي کاڌ خوراڪ هٿو هٿ نه سهي، مٿان اڇلائي ڏيئي سگهجي ٿي، ته پکين ۽ جانورن لاءِ به اهڙو انتظام ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ملڪ غريب آهي، هن ملڪ ۾ سخي، همدرد ۽ نرم دل ناهن، جيڪي پکي پکڻ جي کاڌي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهن ته حڪومت يا اهي ادارا، جيڪي ماحول، پکي پکڻ ۽ جيت جانورن جي تحفظ جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي ئي کڻي انهن ملڪن کي مدد جي اپيل ڪن، جن مان کين اڳي ئي مدد ملي رهي آهي. جي اهي عام ڏينهن ۾ پنهنجن ادارن کي هلائڻ لاءِ پکي پکڻ ۽ ماحول جي نالي ۾ پئسا وٺي سگهن ٿا ته اهڙي مصيبت، بلڪه قيامت ۾ مدد لاءِ ڇو نٿا چون؟! ڇا اسان ماحول، پکي پکڻ ۽ جيت جڻي جي تحفظ جي ڳالهه به رڳو ڏيکاءُ، بلڪ انهن بي زبانن جو نالو وٺي، پنهنجين پگهارن، پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ ڪريون ٿا؟! ڇا اها ماحول جي تحفظ واري ڳالهه به رڳو ناٽڪ آهي؟ اهي بي زبان ته ڪا گهر به نٿا ڪري سگهن، اهي ته ڪنهن جا ووٽر به ناهن، انهن تي ته هونئن ئي سڀني جون بندوقون اڀيون هونديون آهن، سڀني جون ڪوڙڪيون اڏيل ۽ ڄار وڇايل هوندا آهن، افسوس جو انهن بي زبانن تي ميڊيا جي ڪنهن ماڻهوءَ جي به اک نه ٿي ٻڏي. وڏا وڏا نالي وارا ماحول-دوست-صحافي به انهيءَ ڏکيءَ ويل انهن بي زبانن کي وساري ويهي رهيا، جن جو هو کٽيو کائيندا رهيا آهن!

افسوس اهو به آهي ته انهن لاءِ عملي طور ڪنهن ڪجهه نه ڪيو، پر وڌيڪ افسوس ان جو آهي ته انهن جو ڪنهن کي خيال به نه آيو! ايتري بي حسي؟! ايتري سنگدلي! گذريل برساتن ۽ ٻوڏن جا تجربا ٻڌائين ٿا ته انهن برساتن ۽ ٻوڏن دوران بي شمار پکي، جانور بک وگهي به مئا ته لڙهي به ويا، پر هن ڀيري ته برسات ۽ ٻوڏ گڏوگڏ آيون آهن، انسانن سان گڏ پکي پکڻ لاءِ به ٻٽي مصيبت جي گهڙي آهي، اوليت ڀلي انسانن کي ئي ڏيو، سڀ ذريعا ۽ وسيلا ڀلي انسانن کي بچائڻ لاءِ ئي استعمال ڪريو، پر ڪجهه ته انهن لاءِ به ڇڏيو. ڇا اهي پکي، اهي جانور رڳو اسان جي مزي ماڻڻ خاطر ئي آهن! انهن جي تحفظ جي اسان تي ڪا به ذميواري عائد نٿي ٿئي؟! ڇا مهذب ملڪ ۽ ماڻهو پکين ۽ جانورن سان اهڙو ورتاءُ ڪندا آهن، جهڙو اسان پيا ڪريون؟ خدارا ڪجهه ته سوچيو، ڪجهه ته ڪريو! انهيءَ برسات ۽ ٻوڏ ۾ ڪنهن ماءُ جي جهولي خالي ٿيڻ، ڪنهن وني کان وَر وڇڙڻ  تي به افسوس آهي، پر ڪنهن بي زبان ماءُ جو آکيرو به ته هن برسات ۽ طوفان  ڪيرايو هوندو، ان آکيري ۾ به ته ڪنهن ماءُ جا ٻچا هوندا! انهيءَ ٻوڏ ڪنهن جانور کان به ته ان جو ساٿي ڌار ڪيو هوندو! پوءِ انهن لاءِ ڇو نه ٿو سوچجي!!؟

هيءَ موسم مورن/ ڊيلن جي آنن ۽ ٻچن جي به آهي ته ڇڊن پاڊن تترن جي به. برسات ۾ انهن جا آنا به خراب ٿيندا ته ننڍا ٻچا به بک ۽ برسات ۾ حياتيون وڃائيندا. ساڳئي وقت، ٻوڏ ۽ برسات ٻين ڪيترن ئي جانورن سان گڏ سهن لاءِ به موت جو پيغام آندو آهي. ڀٽ جا پکي ۽ جانور ته اڃا به بچي ويندا، پر ڪچي ۽ پڪي جي جانورن لاءِ جان بچائڻ مشڪل آهي. انهيءَ موقعي تي انهن شڪارين تي به بس افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ کانئن پکين ۽ جانورن لاءِ پناهه گهرندي، کين التجائون ئي ڪري سگهجن ٿيون ته هو پکين ۽ جانورن جي بي وس ٿيڻ بعد انهن جي پٺيان، بندوقون کڻي ۽ ڪتا بڇڻ کان پاسو ڪن ته بهتر آهي. هو  جي خدا جي ڏمر کي اڃا به نه ٿا سڃاڻين ۽ ان جو سبب اڃا به نه ٿا سمجهن ته پوءِ ڪڏهن سمجهندا!

ڇا اهو ممڪن آهي ته انسانن وانگر هن برسات ۽ ٻوڏ سبب حياتيون وڃائيندڙ پکين ۽ جانورن جا انگ اکر به گڏ ڪيا وڃن! ۽ ٻڌايو وڃي ته هن سيلاب ۽ برساتن گهڻن پکين ۽ جانورن کي بي گهر ڪيو ۽ گهڻن کان ساهه کسيو ۽ ڪيترا پکي ۽ جانور شڪارين جي شوق جي نظر ٿيا؟ صحافي دوستن کي به گذارش آهي ته هو پنهنجي آس پاس برسات ۽ سيلاب سبب ٿيندڙ نقصان جا انگ اکر ڏيڻ مهل پکين ۽ جانورن کي پهتل نقصانن جا به انگ اکر ڏين، جهڙي نموني مختلف ذاتين ۽ ماڻهن جا الڳ الڳ ڳوٺ ٿين ٿا، اهڙي نموني مختلف پکين ۽ جانورن جون به مختلف علائقن ۾ جُو هجي ٿي، جتان پکين ۽ جانورن جي نقصان جو اندازو نسبتن آساني سان لڳائي سگهجي ٿو.

آخر ۾ هڪڙي التجا انهن سياحت جي شوقينن کي به جيڪي فطرت جي حسن جون حسناڪيون پسڻ لاءِ برسات ۾ مختلف ماڳ مڪانن جو رخ ڪندا آهن، اهي اوڏانهن وڃڻ مهل جيڪڏهن پاڻ سان گڏ ڪجهه داڻا يا داليون وغيره پکين ۽ جانورن کي ڏيڻ لاءِ به کڻي وڃن ته ان سان ڪيترن ئي بي زبانن کي بک کان بچائي سگهجي ٿو، اهي پکي ۽ جانور اهڙن ماڳ مڪانن جي سونهن ۾ اضافي جو باعث بڻجن ٿا ۽ اتي ويندڙن جي دل وندرائين ٿا. اهي پکي هوندا ته انهن جا ٻچا اسان جي ٻچن جي دل وندرائيندا، ان ڪري اچو ته پنهنجي لاءِ، پنهنجي ٻچن لاءِ فطرت جي حسن ۽ سونهن کي سلامت رکڻ لاءِ ئي سهي، انهن بي زبان کي بچائڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي وس آهر ڪجهه نه ڪجهه ڪريون.

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءَ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Flood ٻوڏ سياسي ۽ سماجي تبديلي


نواز ڪنڀر

ٻوڏ نتيجو آهي سياسي ۽ سماجي تبديلين جو

 

ٻوڏون اڳ ۾ به اينديون رهيون آهن ۽ اينديون رهنديون پر هن ٻوڏ جيڪا سنڌين ماڻهن جي رڪارڊ لڏ پلاڻ ڪرائي آهي، ان جا يقيناً ڪيترائي سماجي ۽ سياسي نتيجا نڪرندا ۽ تبديليون سامهون اينديون. ممڪن آهي ته ڳالهه خوني تڪرارن کان مٿي چڙهي قومي مفادن جي ٿيندڙ ڦرلٽ ۽ قبضي تي ختم ٿئي. اهي جھيڙا، جيڪي مال جي ڀيل ۽ زمين جي ننڍڙي حصي تي  قبضي جي ڪري هلندڙ هئا، سي وڏي پئماني تي قومي مفادن جي ٿيندڙ ڀيل تي دنگ ڪن. ننڍڙن ننڍڙن زميني ٽڪرن تي هلندڙ خوني تڪرار، ڪهڙي  خبر ته وڏي پئماني تي ٿيل ۽ ٿيندڙ زميني بلڪ شهرن جي قبضي جي خاتمي تي ختم ٿين! ٿي سگهي ٿو ته اهي سڀ خواهشون ئي هجن ۽ رڳو وڌيڪ دربدري ۽ غربت پلئه پئي، جنهن سبب ڪيترا ئي سماجي مسئلا جنم وٺن. خير، اهي ته ٿيون مستقبل ۾ ٿيندڙ سماجي تبديلين جون ڳالهيون، پر موجوده ٻوڏ خود سياسي ۽ سماجي تبديلي جي ئي نتيجي طور سامهون آئي آهي. حالانڪ ٻوڏون يا ته قدرتي آفتن جي ڪري ايندون آهن يا ماحولياتي تبديلين جي ڪري پر هي  ٻوڏ شايد ان ڪري به ”رڪارڊ“ ٻوڏ ۽ منفرد هجي، جو هي ٻوڏ ۱۹۴۷ع کان پوءِ آيل سياسي تبديلي  جي ڪري آئي آهي! مثال طور هاڻ اسان وٽ هڪ صديءَ جو سڄو رڪارڊ موجود آهي ته ٻوڏ ڪهڙي ڪهڙي سال آئي ۽ ان مان ڪيترو نقصان ٿيو؟ ساڳئي وقت هي ٻوڏ به اسان جي سامهون آهي ته ان مان آيل تباهيون به! اڳوڻين ٻوڏن ايترو جاني ۽ مالي نقصان نه ڪيو هو، جيترو هن ٻوڏ ڪيو آهي ۽ ٻوڏ اڃا به  هلندڙ آهي. قصو خبر ناهي ڪٿي دنگ ڪندو؟ جي ان ڳالهه جو جائزو وٺون ته اڳين ٻوڏن جي مقابلي ۾ هن مان نقصان وڌيڪ ڇو ٿيو آهي؟ ته ٽي بنيادي فيڪٽر سامهون ايندا؛ آبادي ۾ اضافو ۽ تبديلي، ذاتي لالچ ۽ حرص ۽ ملڪي سياسي نظام ۽ قانون جي حڪمراني ۾ تبديلي. انساني آبادي  ۾ اضافي سبب ماڻهن جتي وڌيڪ زمينون آباد ڪيون، اتي وڌيڪ آبادي، درياءَ جي  فطري وهڪرن کي نظر انداز ڪري، انهن وهڪرن جي وچ ۾ تقريباً ۲۷ ڪلوميٽرن ۾  آباد ٿي وئي. ساڳئي وقت انساني لالچ  ۽ حرص ۾ بي پناهه اضافي سبب اهي زمينون جيڪي دريا جي فطري وهڪري جون واٽون هيون، اهي آهستي آهستي، ڪچي جي قدرتي ٻيلن مان ڦرنديون، ذاتي ڪيٽين ۾ تبديل ٿينديون ويون. اهي تبديليون نتيجو هيون قانون جي حڪمراني ۽ سياسي نظام ۾ آيل تبديلي جون، جيڪا تبديلي ۱۹۴۷ع کان پوءِ شروع ٿي.

ٿوري دير لاءِ اهو سوچيون ته جي انگريزن واري قانون تي عمل ٿئي ها ته ڇا ڪچو، ڪيٽين ۾ تبديل ٿئي ها؟ ڪچي جي ٻيلن  جي زمين ڪنهن کي  ذاتي طور تي الاٽ ٿي سگهي ها؟ ڀلي کڻي سرڪار انگن اکرن ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڪچي جي زمين هيتري هئي ۽ ان مان  رڳو هيتري الاٽ ٿي آهي. ڳالهه صحيح هوندي پر اسان وٽ آيل سياسي تبديلي بعد هاڻ مهاڳو، رڳو وڌيڪ قبضي ڪرڻ لاءِ ئي هٿ ڪبو آهي. ان لحاظ کان سرڪاري زمين ڀلي ڪيتري به الاٽ ٿي هجي پر مهاڳي جي نالي قبضي ٿيل زمين، اصل الاٽ ٿيل زمين کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ آهي. زمين تي ٿيل انهيءَ قبضي کي وزير داخلا به مڃيو آهي  ۽ ان جي سبب آيل تباهي کي به. ڇا جيڪڏهن اڳوڻو نظام هجي ها ته بندن جي اها حالت هجي ها؟ ڪچو هيئن الاٽ ٿئي ها؟ هيئن ڪيٽيون ٺهن ها؟ هيئن ڪچي جو ٻيلو ختم ٿئي ها؟ هيئن دريا  جو گلو گهٽي  ڪو سوڙهو ڪري سگهي ها؟  ان جي نتيجي ۾ هيئن آيل تباهي اچي ها؟ ماڻهو ائين در بدر ٿين ها ۽ مرن ها؟ ان ڪري اهو چوڻ ته ٻوڏ قدرتي آفت آهي يا ماحولياتي تبديلين سبب  آئي آهي، صحيح ناهي. اها ٻوڏ واضح طور تي نتيجو آهي سياسي ۽ سماجي تبديلي جو، جن ۾ ڪجهه ماڻهن کي بي پناهه اختيار مليل آهن. جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو ايترا با اختيار نه هجن ها ته ڪٿي ته پنو عاقل  جو نالو به ٻڌجي ها! ڪٿي ته انهيءَ کنڊ جي رڪارڊ اسٽور ٿيڻ جي ڳالهه به ٻڌجي ها! ڪٿي ته ملڪي پاور گيم جي ان اهم کلاڙي جو نالو  به کڄي  ها، جنهن کي علي واهڻ کي ڪٽ هڻڻ واري  ڳالهه ان ڪري واري ۾ نه هئي، جو ان سان کيس ڪيترن ئي قسمن جا نقصان هئا.

جي اڳوڻو سياسي نظام هلندڙ هجي  ها ته  نه سکر ۾  ائين اربين روپين جي کنڊ اسٽور ٿيڻ جون ڳالهيون ٿي سگهن ها، نه پنو عاقل ايترو اهم هجي ها، نه  ئي علي واهڻ بجاءِ ٽوڙي بند ٽوڙيو وڃي ها، نه ڪنهن هڪ فرد جي مفادن جي تحفظ ۽ خواهش جو احترام ڪندي دريا کي سندس اصلي وهڪرن بجاءِ غير فطري رستن تي وهڻ لاءِ ائين مجبور ڪيو وڃي ها. درياءَ جا گس به ائين مقرر ٿيل هوندا آهن، جيئن چوپائي مال جا. جيئن چوپايو مال ٻڌي ڇوڙي وقت، مقرر وقتن تي، مقرر هنڌن تي اچي بيهندو ۽ لنگهندو آهي، ائين دريا به سياري اونهاري ۽ سانوڻي ۾ مقرر هنڌن تان لنگهندو آهي. جي مال کي سندس مقرر هنڌن تي وڃڻ کان، زوري روڪبو ته جي هوندو هيڻو ته هليو هلندو، نه ته رسو ڇنائي ڪندو منهن! پوءِ جيڪو رستي ۾ آيو، ليٽندو ويندو. ساڳي ڪار دريا سان به ڪئي وئي آهي. ايترا سال ته دريا هيڻو هجڻ ڪري هر ڪنهن ان کي پنهنجي مرضي مطابق پئي هڪليو پر هن ڀيري دريا بند ڇنائي منهن ڪيو آهي، ڏسون ڪٿي ٿو دنگ ڪري پر جي ڪجھه ماڻهو سياسي ۽ سماجي تبديليءَ سبب درياءَ کان ڏاڍا ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪن ها ۽ درياءَ کي پنهنجي مقرر رستن ۽ واٽن  تي هلڻ ڏين ها ته هيڏي تباهي هرگز نه اچي ها.

ان ڪري ڏوهه نه درياءَ جو آهي، نه فطرت جو، نه ماحولياتي تبديلين جو. سڄو ڏوهه ان سياسي ۽ سماجي تبديلين جو آهي، جنهن سبب ڪجهه انسان پاڻ کي فطرت کان ڏاڍو سمجهڻ لڳا آهن. هيءَ ٻوڏ انهن کي اهو ياد ڏيارڻ لاءِ  آئي آهي ته سماجي ۽ سياسي تبديلين سبب ٻيو ته گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو پر فطرت کي نه ٿو بدلائي سگهجي. زمين ۽ ماڻهن  تي قبضو ته ڪري سگهجي ٿو پر فطرت تي نه.

ڪاش! اها ڳالهه انهن کي سمجهه ۾ اچي وڃي، جيڪي هن ٻوڏ جا، هن تباهي ۽ بربادي جا ذميوار آهن. جي اهي پاڻ کي فطرت کان هاڻ به هيڻو سمجهي وٺن ته شايد هي ٻوڏ، تباهي ۽ بربادي جي لحاظ کان آخري وڏي ٻوڏ بڻجي پوي. ٻي صورت ۾ رڪارڊ ته ٺهندا ئي ڊهڻ لاءِ آهن ۽ شايد هن ڀيري ته اها صدين جي چوڻي به صحيح ثابت  نه ٿئي ته؛ ”ٻڏي جا ٻيڻا ٿيندا آهن“.

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءَ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Sindhi Girl became Miss Teen New York حُسن جو مقابلو کٽندڙ سنڌي ڇوڪري


حُسن جو مقابلو کٽيندڙ سنڌي ڇوڪري

الطاف شيخ

 

پوني ۾ شام جي وقت ائني بسنت روڊ تي واڪ ڪندي ساڌو واسواڻي چوڪ تي، هڪ سنڌي فوٽوگرافر جي دڪان تي راجيش نالي هڪ سنڌي بزنيس مئن پنهنجا فوٽو کڻڻ آيو هو. هن ٻڌايو ته هن جي ذات عيدناڻي آهي ۽ هُو لاڙڪاڻي جا رهاڪو آهن. هندستان جي ورهاڱي وقت هن جا والدين ۽ ٻيا مائٽ بمبئيءَ لڏي آيا. اتان پوءِ ڪي هتي پوني هليا آيا ته ڪي بڙودا ۽ ڪي ٻاهر هليا ويا. هن پنهنجي فئمليءَ جي تاريخ ٻڌائيندي چيو، ”ديوان عيدن مل جنهن جي نالي پٺيان اسان سڏجون ٿا، تنهن کي ٽي پٽ ڦٻيا سنگهه، ڏيارام ۽ گربو مل هئا. انهن جي نسل مان مسٽر جڳت راءِ وڪيل ولد ديوان نيڻومل مختيارڪار، ديوان منگهومل ايسرداس رنگون وارو، ڊاڪٽر آسودومل باگمل ۽ ٻيا مکيه آهن.“

سنڌيءَ جو مشهور ليکڪ ۽ مؤرخ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته عيدناڻي، ڪرپلاڻي، مير چنداڻي ۽ واسواڻي اهي چار پاڙا ملتان کان سنڌ ۾ آيا هئا.

عيد ناڻي صاحب جو ذڪر هن وقت آءٌ ان ڪري کڻي ويٺو آهيان، جو گذريل 25 سالن کان هر سال جيڪو نيويارڪ ۾ سهڻين ۽ ذهين ڇوڪرين جو Miss Teen New York جو مقابلو ٿيندو آهي، ان ۾ سڄي نيويارڪ رياست مان پهريون دفعو سَنا نالي هڪ ايشين ڇوڪري حُسن ۾ اول نمبر آئي آهي، جنهن ڪري آمريڪا ۽ آمريڪا کان ٻاهر رهندڙ ايشين ڪميونٽي ته خوش ٿي آهي، پر انهن ۾ به سڀ کان گهڻو سنڌي هندو خوش ٿيا آهن، جو سَنا هڪ سنڌي ڇوڪري آهي ۽ سندس ذات عيدناڻي آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو اٿم. ان سلسلي ۾ نيويارڪ ٽائيم اخبار ۾ ان جي نمائنديءَ مس تِروشا پڻ مختصر احوال لکيو آهي:

”نيويارڪ ۾ ٽائيمس اسڪوائر ۾ ڦرندي سيفورا وٽ سَنا سان ملاقات ٿي وئي،“ تِروشا لکي ٿي، ”مون هن سنڌي ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گڏ ڪافي پيئڻ جي دعوت ڏني ۽ ريسٽورنٽ ۾ ويهي کانئس حال احوال پڇيو.“

سَنا پاڻ بابت تروشا کي جيڪي ڪجهه ٻڌايو، ان مان ڪجهه ڳالهيون هن ريت آهن:

–  مون گذريل سال به نيويارڪ جي هن حسن جي مقابلي ۾ حصو ورتو هو، پر آءٌ ٻئي نمبر تي آيس.

–  منهنجو تعلق سنڌ جي عيدناڻي فئملي سان آهي. منهنجا ڏاڏاڻا ميهڙ جا آهن ۽ ناناڻا حيدرآباد جا.

–  منهنجا ماءُ پيءُ لکنؤ ۾ ڄاوا، جتان منهنجو پيءُ 1977ع ۾ نيويارڪ اچي رهيو. 1981ع ۾ هُو واپس انڊيا ويو ۽ شادي ڪري منهنجي ماءُ کي وٺي آيو.

–  منهنجا ماءُ پيءُ سنڌي ڳالهائين ٿا. آءٌ سنڌي سمجهي ته سگهان ٿي پر ڳالهائي نٿي سگهان.

–  اسان جي نيويارڪ ۾ تمام وڏي فئملي آهي ۽ اسان سڀ ڌرمي ۽ سنڌي فنڪشن باقاعدگيءَ سان ملهايون. منهنجا ماءُ پيءُ ته چيٽي چنڊ به ڌوم ڌام سان ملهائين. گهر ۾ اسان اڪثر سائي ڀاڄي شوق سان کائون. منهنجو پيءُ سنڌي اخبار پڙهڻ جو وڏو شوقين آهي.

–  آءٌ تعليم ختم ڪرڻ بعد ٽي وي ائنڪر ٿيڻ چاهيان ٿي. ٿي سگهي ٿو آءٌ ماڊلنگ به ڪريان. مون اڄڪلهه Syracuse يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي.

–  سَنا عيدناڻي هن وقت 18 سالن جي آهي. هن کان جڏهن پُڇيو ويو ته بالي ووڊ طرفان جيڪڏهن هن کي ڪنهن فلم ۾ هيروئن بنجڻ لاءِ دعوت ڏني ويندي، ته هُوءَ قبول ڪندي يا نه؟ هن وراڻيو ته هن لاءِ هن وقت اهو اهم آهي ته هُوءَ سڄي آمريڪا جي Miss Teen USA ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري.

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو.