Self prescription – ھٿ جي وڍي


Self prescription – ھٿ جي وڍي

Short stories written by Engr. Abdul Wahab Sahito, published by Sindhi Sahat Ghar Hyderabad, are reproduced here.

پنهنجي پاران

اداري طرفان، الله جي مھربانيءَ سان، هيءُ پنجون ڪتاب ڇپجي اوهان جي هٿن ۾ پھتو آهي، اميد ته الله تعالى پنھنجي خاص نوازش سان هن اداري کي پاڻ-ڀرو ڪندو ۽ ٻيا به ڪتاب، هن اداري معرفت، ادب جي دنيا ۾ ايندا.

ڪتاب ڇپائڻ ڪو ايڏو وڏو مسئلو ناهي. مسئلو آهي؛ کپائڻ ۽ کپائي پئسا هٿ ڪرڻ. کپائڻ يا Marketing به الڳ دنيا آهي، جيڪا پنھنجي جاءِ تي تمام انوکي دنيا آهي. ان جي پيچيدگين ئي، سنڌي ڪتاب جي ڇپجڻ تي وڏا وار ڪيا آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي جو، هڪڙي ليکڪ چواڻي؛ “لکون به پاڻ، ڇپايون به پاڻ، کپايون به پاڻ ته پڙهون به پاڻ”.

اسان وٽ گهڻا پاڙهو ته اعزازي ڪاپي لاءِ پيا واجهه وجهندا آهن. پئسن تي نه وٺڻ جا دڙڪا ڏيندا آهن ۽ ڏٺو ويو آهي ته کين اعزازي ڪاپي وٺڻ جو خفت ۽ جنون هوندو آهي. جڏھن ته ڪتاب پڙهڻ سان ٽڪي جي به دلچسپي نه هوندي اٿن.

ان کان علاوه، ايجنٽ حضرات ته وڏا حضرت آهن. ڪتاب وٺڻ مھل، ٻئي هٿ وڌائيندا آهن ۽ پئسن وقت چٻري واريون اکيون ڦيري ويھندا آهن. اهڙين حالتن ۾ علم ادب جي جياپي لاءِ قرباني ڏجي ته ڪيتري ڏجي؟! ٻوليءَ جي بقاءَ جي جنگ وڙهجي ته ڪھڙيءَ آس ۽ اميد تي.

مٿيون ڳالھيون، ڪنھن نئينءَ دنيا جون ناهن. هر ذي شعور، سمجهي ٿو ۽ خبر اٿس. واويلا اجائي آهي.

هيءُ ڪتاب، انجنيئر عبدالوهاب سھتو جي لکيل ڪھاڻين جي ٽئين مجموعي تي مشتمل آهي. منجهس چوڏهن کن ڪھاڻيون شامل آهن. جيڪي سماجي ناسورن بابت ياد-دهانيءَ طور لکيون ويون آهن. ماڻھو هر معاملي کي، قصي ۽ ڪھاڻيءَ جي صورت ۾ چڱيءَ طرح سمجهي ۽ سمجهائي سگهندو آهي. ان ڪري قومن جي تواريخ مرتب ڪرڻ ۾، ڪھاڻيءَ کي وڏو عمل دخل آهي. جھڙيءَ طرح وڏن بنڊن کي باهه ڏيڻ لاءِ، پھرين چوچڙين کي باهه ڏيڻ ضروري هوندي آهي، تھڙيءَ طرح وڏين تواريخن ۽ تواريخي علمن کي قلمبند ڪرڻ لاءِ علم ادب جي ڄاڻ جي سخت ضرورت هوندي آهي.

جن قومن وٽ پنھنجو علم ادب ڪونھي، تن وٽ نه تواريخ محفوظ آهي نه ئي ثقافت ۽ تھذيب. مڙني اثاثن خاص ڪري ٻوليءَ جي بقاءَ لاءِ، علم ادب جو هئڻ ضروري آهي. علم ادب به محنت، لگن، قربانيءَ سان ئي قومن ۾ ايندو آهي. ان لاءِ ڪنھن نه ڪنھن کي قربانيءَ جو ٻڪرو ته ٿيڻو پوندو.

خالي هٿن تي ادارو هلائڻ، جگر-گردي جو ڪم آهي. خدا تعالى جي رحمت مان نا اميد نه ٿجي. اميد ته ڪڻي مان ڪيچ ٿي پوندا ۽ اداري جا ڇپايل هيءُ ننڍڙا ڪتاب، اداري جي نالي، واڌ-ويجهه لاءِ مؤثر ثابت ٿيندا ۽ ادارو، علم و ادب جي آبياريءَ ۾ پاڻ موکيندو.

ادارو

Preface to the Proverbs based on Short Stories موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون بابت ٻه اکر


This article is authored by late Professor Nazeer Ahmed Soomro and was published in Engr. Abdul Wahab Sahito’s Book, Proverbs based on short stories, as its preface.