A Hand Book of Sindhi Proverbs rendered into English

A Hand Book of Sindhi Proverbs اي ھينڊ بڪ آف سنڌي پراوربسThis is a eBook published after 75 years by Al-Munaim library Larkano. This enables new but interested personnel, having knowledge of English, to learn the Proverbs and Sayings of Sindh and Sindhi Language.

Sindhi Girl became Miss Teen New York حُسن جو مقابلو کٽندڙ سنڌي ڇوڪري

حُسن جو مقابلو کٽيندڙ سنڌي ڇوڪري

الطاف شيخ

پوني ۾ شام جي وقت ائني بسنت روڊ تي واڪ ڪندي ساڌو واسواڻي چوڪ تي، هڪ سنڌي فوٽوگرافر جي دڪان تي راجيش نالي هڪ سنڌي بزنيس مئن پنهنجا فوٽو کڻڻ آيو هو. هن ٻڌايو ته هن جي ذات عيدناڻي آهي ۽ هُو لاڙڪاڻي جا رهاڪو آهن. هندستان جي ورهاڱي وقت هن جا والدين ۽ ٻيا مائٽ بمبئيءَ لڏي آيا. اتان پوءِ ڪي هتي پوني هليا آيا ته ڪي بڙودا ۽ ڪي ٻاهر هليا ويا. هن پنهنجي فئمليءَ جي تاريخ ٻڌائيندي چيو، ”ديوان عيدن مل جنهن جي نالي پٺيان اسان سڏجون ٿا، تنهن کي ٽي پٽ ڦٻيا سنگهه، ڏيارام ۽ گربو مل هئا. انهن جي نسل مان مسٽر جڳت راءِ وڪيل ولد ديوان نيڻومل مختيارڪار، ديوان منگهومل ايسرداس رنگون وارو، ڊاڪٽر آسودومل باگمل ۽ ٻيا مکيه آهن.“

سنڌيءَ جو مشهور ليکڪ ۽ مؤرخ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته عيدناڻي، ڪرپلاڻي، مير چنداڻي ۽ واسواڻي اهي چار پاڙا ملتان کان سنڌ ۾ آيا هئا.

عيد ناڻي صاحب جو ذڪر هن وقت آءٌ ان ڪري کڻي ويٺو آهيان، جو گذريل 25 سالن کان هر سال جيڪو نيويارڪ ۾ سهڻين ۽ ذهين ڇوڪرين جو Miss Teen New York جو مقابلو ٿيندو آهي، ان ۾ سڄي نيويارڪ رياست مان پهريون دفعو سَنا نالي هڪ ايشين ڇوڪري حُسن ۾ اول نمبر آئي آهي، جنهن ڪري آمريڪا ۽ آمريڪا کان ٻاهر رهندڙ ايشين ڪميونٽي ته خوش ٿي آهي، پر انهن ۾ به سڀ کان گهڻو سنڌي هندو خوش ٿيا آهن، جو سَنا هڪ سنڌي ڇوڪري آهي ۽ سندس ذات عيدناڻي آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو اٿم. ان سلسلي ۾ نيويارڪ ٽائيم اخبار ۾ ان جي نمائنديءَ مس تِروشا پڻ مختصر احوال لکيو آهي:

”نيويارڪ ۾ ٽائيمس اسڪوائر ۾ ڦرندي سيفورا وٽ سَنا سان ملاقات ٿي وئي،“ تِروشا لکي ٿي، ”مون هن سنڌي ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گڏ ڪافي پيئڻ جي دعوت ڏني ۽ ريسٽورنٽ ۾ ويهي کانئس حال احوال پڇيو.“

سَنا پاڻ بابت تروشا کي جيڪي ڪجهه ٻڌايو، ان مان ڪجهه ڳالهيون هن ريت آهن:

–  مون گذريل سال به نيويارڪ جي هن حسن جي مقابلي ۾ حصو ورتو هو، پر آءٌ ٻئي نمبر تي آيس.

–  منهنجو تعلق سنڌ جي عيدناڻي فئملي سان آهي. منهنجا ڏاڏاڻا ميهڙ جا آهن ۽ ناناڻا حيدرآباد جا.

–  منهنجا ماءُ پيءُ لکنؤ ۾ ڄاوا، جتان منهنجو پيءُ 1977ع ۾ نيويارڪ اچي رهيو. 1981ع ۾ هُو واپس انڊيا ويو ۽ شادي ڪري منهنجي ماءُ کي وٺي آيو.

–  منهنجا ماءُ پيءُ سنڌي ڳالهائين ٿا. آءٌ سنڌي سمجهي ته سگهان ٿي پر ڳالهائي نٿي سگهان.

–  اسان جي نيويارڪ ۾ تمام وڏي فئملي آهي ۽ اسان سڀ ڌرمي ۽ سنڌي فنڪشن باقاعدگيءَ سان ملهايون. منهنجا ماءُ پيءُ ته چيٽي چنڊ به ڌوم ڌام سان ملهائين. گهر ۾ اسان اڪثر سائي ڀاڄي شوق سان کائون. منهنجو پيءُ سنڌي اخبار پڙهڻ جو وڏو شوقين آهي.

–  آءٌ تعليم ختم ڪرڻ بعد ٽي وي ائنڪر ٿيڻ چاهيان ٿي. ٿي سگهي ٿو آءٌ ماڊلنگ به ڪريان. مون اڄڪلهه Syracuse يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي.

–  سَنا عيدناڻي هن وقت 18 سالن جي آهي. هن کان جڏهن پُڇيو ويو ته بالي ووڊ طرفان جيڪڏهن هن کي ڪنهن فلم ۾ هيروئن بنجڻ لاءِ دعوت ڏني ويندي، ته هُوءَ قبول ڪندي يا نه؟ هن وراڻيو ته هن لاءِ هن وقت اهو اهم آهي ته هُوءَ سڄي آمريڪا جي Miss Teen USA ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪري.

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Sindh College Board in Mumbai ممبئيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج بورڊ

ممبئيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج بورڊ

الطاف شيخ

ممبئي کان پوني هلڻ لاءِ مون پنهنجي بئگ جئه موتياڻي جي ڪار ۾ رکي، ساڌو واسواڻي مشن طرفان، پوني ۾ بندوبست ڪيل ٽن ڏينهن جي فنڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ، ممبئي جون سنڌي فئمليون هڪ ڏينهن پوءِ نڪرڻ واريون هيون، پر جئه موتياڻي منهنجي ڪري اڄ ئي پوني هلي رهيو هو. ساڻس گڏ سندس ڌيءَ، اي ليول جي شاگردياڻي ”خوشبو“ پڻ هئي ۽ هن سان گڏ پٺين سيٽ تي ويٺل، مونا نالي وڏي ڄمار جي ليڊي ڊاڪٽر پڻ هئي، جنهن ٻڌايو ته هن کي اڄ به ياد آهي ته؛ ”هوءَ جڏهن 1938ع ۾ حيدرآباد جي ميران ٻائي اسڪول ۾ پرائمري ڪلاسن ۾ هئي ته ساڌو واسواڻي پاڻ اچي ڪلاس ۾ هلندڙ پڙهائي چيڪ ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ اسان کي نصيحت ڀريون ڳالهيون ٻڌائيندو هو.“ جئه ٻڌايو ته؛ ”سندس زال جي طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري، هن ڀيري هوءَ دادا جشن جو هي فنڪشن اٽينڊ نه پئي ڪري نه ته هن قسم جا فنڪشن جتي ڪنڊڪڙڇ کان آيل سنڌي فئمليون اچيو ٿيون گڏ ٿين، هوءَ هرگز مس نه ڪندي آهي.“

جئه گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ ڪجهه دير سيان واري علائقي جي روڊن تي ئي هلندي رهي، جنهن سان گڏ جيڪو علائقو مليل آهي، اهو چيمبور سڏجي ٿو. آئون دريءَ مان SION ۽ چيمبور علائقي جون عمارتون، پارڪ، روڊ ۽ انهن جي سڃاڻپ لاءِ لڳل سائن بورڊ پڙهندو رهان ٿو.

سيان ٽرومبي روڊ، آيورويديڪ هاسپيٽل، اشوڪ نگر، حاجي ملنگ نگر، راهل نگر، وشواگوتم نگر، شانتي نگر…. وغيره وغيره…. جيئن اسان وٽ پنجاب ڪالوني، دهلي ڪالوني، نيلم ڪالوني، شيرين جناح ڪالوني ۽ ٻيون ڪيتريون ڪالونيون آهن، جيڪي فقط ڪلفٽن جي علائقي ۾ اچن ٿيون.

هڪ چونڪ جو نالو آڏواڻي چونڪ لکيل ڏسي حيرت ٿي. پڪ ڪنهن سنڌي هندو جي نالي هوندو. آڏواڻي فئملي جا ڪيترائي ميمبر ممبئي، بلڪ انڊيا ۾ مشهور آهن، جن جون ڪيترن ئي ڪمن ۾ پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون ڏنل آهن. سڀ کان وڏي اهم شخصيت لال ڪرشنا آڏواڻي آهي، جيڪو 2002ع کان 2004ع تائين انڊيا جو ڊپٽي پرائيم منسٽر به ٿي رهيو ۽ اڄ ڪلهه لوڪ سڀا جي مخالف ڌر جو ليڊر آهي. پاڻ انڊيا جي BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) جو سينئر ليڊر آهي، بلڪ سندس پارٽيءَ، ايندڙ (2009ع وارين) چونڊن لاءِ هن جو نالو وزيراعظم لاءِ ڏنو آهي. هتي هڪ همراهه کي چيم ته آڏواڻي هيڏي وڏي عمر جو آهي، حڪومت جو ڪاروبار ڪئين هلائي سگهندو؟ ٺهه پهه وراڻيائين؛ ”ايڏو ته پوڙهو ڪونهي. قائم علي شاهه جيڏو ٿيندو، اهو به ته سنڌ جي وزارت اعليٰ هلائي رهيو آهي.“ مون ان ڏينهن محسوس ڪيو ته سياستدانن لاءِ شايد ڪا رٽائرمينٽ ايج (عمر) ناهي. بهرحال مون کي قائم علي شاهه جي صحيح عمر جي خبر ناهي، پر لال ڪرشنا آڏواڻي 1927ع ڌاري ڪراچي ۾ ڪشنچند آڏواڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. هن نئشنل ڪاليج حيدرآباد مان پڙهڻ بعد ايل ايل بي (وڪالت) جي ڊگري بمبئي يونيورسٽي مان ڪئي.

جئه موتياڻي چيو ته اهو ننڍڙو چوراهو (چوڪ) لال ڪرشنا آڏواڻي نالي نه ٿي سگهندو. بلڪل صحيح هوندو. هن جي نالي ڪو روڊ يا چونڪ ممبئي جي ڪٿي وچ شهر ۾ هجڻ گهرجي. هي اسان ممبئي جي پوڇڙ وٽ هئاسين- سمجهو ته ڪراچي وارو ملير يا لانڍي هجي يا ماريپور يا ماچ ڳوٺ هجي. منهنجي ڌيان ۾ هڪ ٻه ٻيون آڏواڻي شخصيتون به هيون جيئن ته ڊاڪٽر پورنيما آڏواڻي جيڪا فزيوٿيراپسٽ به آهي ته قانون جي مضمون ۾ ڊاڪٽوريٽ به آهي. هوءَ انڊيا جي نئشنل ڪميشن جي چيئرپرسن به رهي چڪي آهي ۽ ڪيترن ڪتابن جي ليکڪا به آهي.

خود لال ڪرشنا آڏواڻي جي ڌيءَ پراتيڀا آڏواڻي به اهم شخصيت آهي. هوءَ يونين هوم منسٽر به رهي چڪي آهي. پاڻ ٽي وي جرنلزم کان به مشهور آهي. پاڻ جين چئنل تي کوج پروگرام جي ائنڪر ٿي ڪم ڪيو ۽ شتروگن سنها سان ڪنهن سيريل ۾ 22 اپيسوڊ ڪيائين.

ائين هتي جو هڪ رهاڪو پنکج اڏواڻي به آهي جيڪو سنوڪر راند جو ورلڊ چئمپين آهي، پر اسان واري ميزبان چيو ته انهن مان ڪوبه ٿي نٿو سگهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو چوراهو اشوڪ ۽ هيرو جي پيءُ مشهور بئريسٽر هوتچند آڏواڻي نالي هجي جو ان چونڪ جو سڄو نالو ”ايڇ آڏواڻي چونڪ“ آهي.

اشوڪ ۽ هيرو ٻه ڀائر ممبئي ۾ رهن ٿا. اشوڪ بزنيس مئن آهي ۽ هيرو پنهنجي پيءُ وانگر ممبئي جو مشهور بئريسٽر آهي. سندن پيءُ هوتچند آڏواڻي ڏهاڪو کن سال اڳ گذاري ويو. منهنجي سندس زال (هيرو ۽ اشوڪ جي ماءُ) دادي ساوتري سان ملاقات، پوني ۾ دادا جشن جي فنڪشن تي اوچتي ٿي. هوءَ انهي گيسٽ هائوس جي بلڊنگ ۾ ٻي فلور تي ٽڪيل هئي، جنهن جي چوٿين تي آئون رهيل هوس. نيرن تي وڃڻ لاءِ هوءَ پنهنجين ٻن مرهٺي خدمتگار ڇوڪرين سان گڏ آهستي آهستي ٿي لفٽ اندر گهڙي ته مون کي سندس وڏي عمر ڏسي سندس همت ۽ جذبي کي داد ڏيڻو پيو. جنهن ٽيبل تي هن کي سندس خدمت چاڪري ڪرڻ وارين ڇوڪرين وهاريو، آئون به نيرن کڻي اتي اچي ويٺس ۽ کانئس اهو ٻڌي خوشي ٿي ته هوءَ مشهور بئريسٽر هوتچند آڏواڻيءَ جي پتني آهي. مون سمجهيو ته هن نوي ورهين جي ڄمار واري عورت سان سوال جواب ڪندي مون کي ڪافي دقت محسوس ٿيندي. هوءَ ضرور آهستي ڳالهائيندي ۽ ٽيبل جي ٻئي پاسي ويٺل آئون، چڱي طرح ٻڌي نه سگهندس يا وڏي عمر جي ڪري شايد هوءَ ڪنن کان ڳري هجي ۽ منهنجي ڳالهه ٻڌي يا سمجهي نه سگهي. پر جسماني طرح ڪمزور نظر اچڻ جي باوجود هوءَ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ٻڌڻ ۾ بلڪل چست هئي. پاڻ ٻڌايائين ته هوءَ 1914ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي (يعني جيڪو مون سندس عمر جو نوي سال اندازو لڳايو ان کان به پنج سال وڏي نڪتي ۽ لال ڪرشن آڏواڻيءَ کان به تيرهن سال وڏي ٿي.) پاڻ 19 سالن جي هئي ته سندس شادي حيدرآباد جي مشهور وڪيل گوپالداس آڏواڻي جي پٽ هوتچند سان ٿي. پاڻ ٻڌايائين ته هن مئٽرڪ ڪراچي جي هر ديوي ٻائي ۽ وشن ديوي اسڪول مان ڪئي ۽ گريجوئيشن هندستان لڏي اچڻ کان اڳ بمبئي مان ڪئي. کين ٽي پٽ ٿيا پر راجڪمار ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. باقي ٻه پٽ اشوڪ ۽ هيرو ممبئي جا مشهور وڪيل ۽ بزنيس مين آهن. ساوتري جنهن کي سڀ عزت مان دادي سڏي رهيا هئا، جو مڙس بئريسٽر هوتچند آڏواڻي (جنهن جي نالي شايد هي چيمبور علائقي وارو چوراهو ”ايڇ آڏواڻي چوڪ“ سڏجي ٿو)، هڪ وڏو مخير (Philanthropist) ٿي گذريو آهي، جنهن نه فقط حيدرآباد سنڌ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، پر هندستان جي ورهاڱي بعد ممبئي اچي اتي به HSNCB (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيٽ بورڊ) قائم ڪيو، جنهن اداري هيٺ هڪ هڪ ڪري ڪيترائي ڪاليج ممبئي ۽ ان جي اوس پاس ۾ کوليا ويا. اڄ انهن ڪاليجن جو تعداد ٽيهن کان به مٿي آهي ۽ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو انگ ته ان کان به وڏو آهي. سنڌين جا هي تعليمي درسگاهه نه فقط مختلف مضمون پڙهائڻ کان، پر سندن بلند معيار کان پڻ، سڄي هندستان ۾ مشهور آهن ۽ سڀ ممبئي يونيورسٽي سان Affiliated آهن.

هي بورڊ  HSNCB (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ) پهرين 1921ع ۾ حيدرآباد ۾ جوڙيو ويو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ، ”بمبئي پريزيڊنسي“ جي سنڌ ڊويزن سڏي وئي ٿي. ان وقت حيدرآباد ۾ هن بورڊ طرفان ”رشي ڏيانند گدومل ڪاليج“ کوليو ويو ۽ پوءِ ويهن سالن بعد هن بورڊ طرفان ڪامرس ڪاليج لاءِ سيڪشن ٺاهي وئي. ورهاڱي وقت ”ڪي ايم ڪندناني“ ڪاليج جو پرنسپال هو. ممبئي اچي هن پرنسپال ۽ دادي ساوتري جي مڙس هوتچند آڏواڻيءَ HSNCB بورڊ کي قائم رکڻ ۽ ڪاليج ٺاهڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي. هوتچند چندا گڏ ڪيا،Sponsors  ڳوليا ۽ 1948ع ۾ باندرا جي علائقي ۾ ساڳي نالي ”رشي ڏيانند نيشنل ڪاليج“ کوليو ويو. هن بورڊ (حيدرآباد سنڌ نيشنل ڪاليجيئيٽ بورڊ) جو ڪيتريون ئي ڏهايون هوتچند آڏواڻي صدر ۽ پرنسپال ڪندناني سيڪريٽري ٿي رهيو. هنن ڪاليجن ۽ بورڊ جا اهي ٻئي ڄڻا ٿنڀا ۽ سرواڻ سڏيا وڃن ٿا. اڄ ڪلهه هن بورڊ جي صدارت شري نرنجن هيراننداڻيءَ حوالي آهي، جيڪو بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جي حوالي کان دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ممبئي ۾ سندس اڏايل هيراننداڻي باغ، اسپتال ۽ فلئٽن جا انبار آهن.

باندرا ۾ بورڊ طرفان پهريون ڪاليج کلڻ بعد 1954ع ۾ ممبئي جي هڪ ٻئي خوبصورت علائقي ۾ ڪشنچند چيلارام ڪاليج کوليو ويو ۽ پوءِ ته نه فقط آرٽس جا ڪاليج پر قانون، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ سائنس جا پڻ، آهستي آهستي پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي حساب سان، کلندا ويا. جن لاءِ چندا توڙي خدمتون سنڌي هندن مهيا ٿي ڪيون، پر داخلا نه فقط سنڌي شاگردن کي پر هر زبان ۽ هر مذهب جي ٻارن کي ڏني وئي ٿي. ان ڪري هندستان ۾، خاص ڪري مهاراشترا صوبي ۾، عوام توڙي حڪومت، سنڌي ڪميونٽي کي پسند ڪرڻ لڳي ۽ کين عزت جي نگاه سان ڏٺو ٿي. هو جتي به رهيا ٿي ته حڪومت تي بار هجڻ بدران هنن حڪومت جي مدد ڪئي ٿي ۽ خير خيرات ڪيا ٿي- خاص ڪري تعليمي ۽ صحت جي ڪمن ۾ هو اڄ تائين دل کولي مدد ڪندا اچن.

ممبئي جي مٿين سنڌي بورڊ جي ڪاليجن مان ڪجهه ٻيا هن ريت آهن:

1.        هاسارام ريجهومل (H.R) ڪامرس ڪاليج، چرچ گيٽ، ممبئي.

2.        شريمتي مٺي ٻائي موتيرام ڪندناني (Smt. M.M.K) ڪامرس ڪاليج باندره، ممبئي.

3.        شريمتي چاندي ٻائي همٿ مل منسخاني (Smt. C.H.M) آرٽس ۽ سائنس ڪاليج، الهاس نگر.

4.        ڪندناني ڪاليج آف فارميسي، ورلي، ممبئي.

5.        گوپالداس جهمٽمل (G.J) آڏواڻي لا ڪاليج، باندره.

6.        واٽومل انسٽيٽوٽ آف اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي، ورلي، ممبئي.

7.        ٿڌومل شاهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج، باندره ويسٽ، ممبئي.

8.        هيراننداڻي ڪاليج آف فارميسي، الهاس نگر.

9.        ناري گرشاهاڻي لا ڪاليج، الهاس نگر…… وغيره

منهنجي ميزبان جئه موتياڻيءَ ڪجهه مشهور ماڻهن جا نالا ٻڌايا جيڪي هنن جي حيدرآباد سنڌ ڪاليجيئٽ بورڊ جي باندره چرچ گيٽ ۽ ورلي وارن ڪاليجن مان پڙهيا. ٻه چار نالا جيڪي هن وقت ياد اٿم هن ريت آهن.

o       مرحوم امجد خان- اسٽيج ۽ فلم ائڪٽر، جيڪو پنهنجي مزاحيه ۽ وِلين واري اداڪاري کان مشهور هو. خاص ڪري هندي فلم شعلي ۾ گبر سنگهه جي ڪردار ڪري نه فقط ننڍي کنڊ ۾ پر ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ سنگاپور پاسي به کيس سڀ سڃاڻن ٿا، جو اها فلم انهن ملڪن ۾ به ڏاڍي هلي. مون به بئنڪاڪ ۽ سنگاپور جي سئنيمائن ۾ ڏٺي.

o       ڊاڪٽر مسز اندرا هندوجا، مشهور سنڌي گائناڪالاجسٽ ۽ سڄي ڏکڻ ايشيا جي شروع جي ڊاڪٽرن مان هڪ آهي، جنهن In-Vitro Fertilization ۾ ڪامياب تجربا ڪيا.

o       ڪرمنل لا جو ماهر، بمبئي هاءِ ڪورٽ جو وڪيل مسٽر عبدالمجيد ميمڻ.

o       بمبئي جو مشهور دل جو سرجن پهلاجاني.

o       مشهور ائڪٽر ۽ پارليامينٽ جو ميمبر راجيش کنا.

o       دنيا جو پنڌرهون نمبر ۽ انڊيا جو ٽيون نمبر امير ترين ماڻهو انيل امباني.

o       مشهور فلم ائڪٽر ۽ ڪاميڊين جاويد جعفري جنهن جو اڄڪلهه SONY چئنل تي گانن ۽ ڊانس جو پروگرام ”بوگي ووگي“ ايندو آهي. پاڻ سيد جواهر علي جعفري (هن کي فلمي دنيا ۾ جگديپ سڏيو وڃي ٿو) جي گهر 4 ڊسمبر 1963ع ۾ ڄائو.

o       انڊين فلمن جو مشهور ڳائڻو سريش وادڪر جيڪو انڊين ٽي وي جي راڳ جي پروگرام “ساري گاماپا” جي مقابلي جو جج ٿيو. سندس پهريون گانو شايد لتا سان گڏ فلم “ڪروڌ” جو  duet آهي: چل چميلي باغ ۾…..

o       سريش وادڪر جا ڪجهه ٻيا مشهور گانا:

ü      اي زندگي گلي لگالي…… فلم صدمه

ü      رام تيري گنگا ميلي هوگئي…… فلم رام تيري گنگا

ü      سانجهه ڍلي گگن تلي …… فلم اتساه

ü      گورون ڪي نا ڪالون ڪي …… فلم ڊسڪو ڊانسر

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Seth Dodeja of Hind Sindh هند سنڌ جو سيٺ ڏوڏيجا

هند سنڌ جو سيٺ ڏوڏيجا

الطاف شيخ

پوني ۾ رهي، پوني جي هڪ جهوني صحافي، اديب ۽ واپاري لوڪرام ڏوڏيجا جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. جناب لوڪرام ڏوڏيجا جيتوڻيڪ چار پنج ڪتاب لکيا ۽ اهي به وڏيءَ عمر ۾، پنجهتر سال گذرڻ بعد پر سندس هڪ ڪتاب ”منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“ هند سنڌ ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ ٻنهي هنڌن ڇپيو ويو.

هن ڪتاب ۾ لوڪرام سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا جانور خاص ڪري ٿر جا نانگ ۽ بلائون، ريگستان ۾ مور ۽ هرڻ ٿيڻ جا سبب، باز سان هرڻ شڪار ڪرڻ جا طريقا، ڪوهستان جا مرد ۽ عورتون، سنڌ ۾ تيرٿ ۽ زيارتون، سنڌ جي شهرن، گهٽين ۽ حويلين جو ماحول، شڪارپور جا مانجهي مرد، سنڌي ٻولي ۽ ادب، هندو زالون، سنڌ جا مختلف کاڌا، ويندي بِهه، لوڙهه، پٻڻ، گيدوڙن، ليسوڙن، ڀنگ، ڀوڻينڊن، پاپڙن ۽ پڪوڙن جو ذڪر ٿيل آهي. ان کان علاوه، هن ڪتاب ۾ سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي ذاتين بابت، ريتن، رسمن ۽ رواجن بابت، هنرن ۽ ڌنڌن بابت، چورن ۽ ڌاڙيلن، ڪڃرين ۽ ڀڳتن بابت دلچسپ ڳالهيون آهن. ان کان علاوه سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن، ڪڪڙن ۽ تترن جي ويڙهه، گهوڙن ۽ ڏاندن جي شرطن کان بي جوڙ شادين، ڇوڪري بازي (Homosexuality)، مُلن مولوين، پيرن مرشدن، پنڊتن ۽ ساڌوئن بابت حيرت انگيز ڳالهيون ڏنل آهن. هي ڪتاب انڊيا ۾ پهرين ديوناگري سنڌيءَ ۾ ڇپيو. ان بعد پنج سال رکي، 1983ع ۾ عربي لکت وار سنڌيءَ ۾ ڇپيو، جيڪا اسان وٽ سنڌي ۾ لکت ۾ اچي ٿي. 575 صفحن جي هن ڪتاب ۾ ڪيترائي صفحا رنگين ۽ بليڪ ائنڊ وائيٽ تصويرن جا آهن. ڪي تصويرون ته اسڪيچ ورڪ واريون به آهن. ڏهن سالن بعد 1993ع ۾ هي ڪتاب سنڌ ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد وارن پڻ ڇپرايو. ڪمپيوٽر تي ۽ سنهي ۽ ڳُتيل ڇپائي هجڻ ڪري هن سنڌ واري ايڊيشن ۾ 412 صفحا آهن.

هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل حالتن جو عرصو مصنف جي سانڀر يعني 1912ع کان 1947ع تائين سمجهڻ کپي، جنهن لاءِ مصنف لوڪرام لکي ٿو ته ننڍپڻ جا ڏينهن، خاص ڪري 1920ع ۾ پئسي ۾ ڏاڍي برڪت هئي. ٻن رپين ۾ چانور ۽ ڏيڍ رپئي ۾ ڪڻڪ جو مڻ ۽ چار آنن ۾ سير گوشت ملندو هو.

لوڪرام ڏوڏيجا جا جيڪي ڪتاب منهنجي نظرن مان گذريا آهن اهي هن ريت آهن:

· منهنجو وطن منهنجا ماڻهو

· اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي

· ورهاڱي جون لڱ ڪانڊاريندڙ آکاڻيون

· سڪارٿو سفر

· مهاڀارت، وغيره.

لوڪرام (سڄو نالو لوڪرام پيسُومل ڏوڏيجا) سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ 4 نومبر 1907ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ پيسومل ڏوڏيجا جو به جنم شڪارپور ۾ (1870ع) ۾ ٿيو. لوڪرام 26 سالن جو هو ته سندس پتا 1933ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ گذاري ويو. لوڪرام بنيادي تعليم شڪارپور مان ورتي، جيڪو شهر تن ڏينهن ۾ نه فقط سنڌ هند ۾ پر ايشيا ۽ آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارن ملڪن ۾ ناميارو شهر سمجهيو ويو ٿي. ”انهن ڏينهن ۾“، بقول لوڪرام جي ”ڪارون ۽ ريلون نه هيون. قافلن ذريعي واپار هلندو هو. ايران، خراسان، ترڪستان، سمرقند بخارا ۽ روس وغيره جا واپاري اُٺن، گهوڙن ۽ خچرن تي مال رکي اڙانگا جابلو پنڌ ڀوڳي هندستان جي پهرين مکيه شهر شڪارپور ۾ اچي ساهه پٽيندا هئا.“ شڪارپور ۾ ڪيترائي اسڪول هئا. هوپ فل اڪيڊمي لوڪرام جي ڄمڻ کان به ست سال کن اڳ 1900ع ۾ شروع ٿي چڪي هئي. ان کان اڳ شڪارپور ۾ 1873ع ۾ هاءِ اسڪول کُليو هو، جنهن جو پهريون هيڊ ماستر مرزا صادق علي (مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ) ٿيو هو. 1918ع ۾ جڏهن لوڪرام ڏوڏيجا ان اسڪول ۾ پڙهندو هو ته انهن ڏينهن ۾ ان اسڪول جو هيڊ ماستر ديوان خوبچند چئناڻي هوندو هو، جنهن جو پٽ حشمت بمبئي هاءِ ڪورٽ جو چيف جج ۽ بمبئيءَ جو گورنر به ٿيو. سنڌجو گورنر سر غلام حسين هدايت الله به ان هيڊ ماستر وٽ پڙهيو هو. انهن اسڪولن کان سواءِ لوڪرام جي ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ ٽيون اسڪول ”نيو ايرا ماڊل هاءِ اسڪول“ جي نالي سان به کُليو هو.

بهرحال تعليم مڪمل ڪرڻ بعد لوڪرام پنهنجو اباڻو ڌنڌو يعني واپار وڙو شروع ڪيو. لوڪرام لاءِ مشهور آهي ته 1922ع ۾ جڏهن هُو تيرنهن سالن جو ڇوڪرو هو ته هن کي ساڌو ٿيڻ جو شوق ٿيو ۽ هڪ ڏينهن هُن پنهنجي دوست جي. وي. ڏيساڻيءَ سان گڏ، گهر ڇڏي هماليا جي جبلن ڏي روانو ٿيڻ جو ارادو ڪيو، پر رستي تي بيمار ٿي پوڻ ڪري، هُو هردوار شهر ۾ ترسي پيا، جتي لوڪرام جو وڏو ڀاءُ هن کي ڳوليندو ڳوليندو اچي نڪتو ۽ لوڪرام کي وٺي واپس شڪارپور موٽي آيو.

لوڪرام ٻه شاديون ڪيون. پهرين 1930ع ۾ موهن داس منيال جي ڌيءَ بستي منيال سان جنهن مان فقط هڪ پٽ گرڌاري لعل ٿيس. ان بعد ٻي شادي مٿرداس روهڙا جي ڌيءَ ڪملا سان 1932ع ۾ ٿيس. ٻئي شاديون شڪارپور ۾ ٿيون. ڪملا مان کيس ست ٻار ٿيا، جن مان پرهلاد، ڀڳوان، راڻي، بنسيدر ۽ سرسوتي شڪارپور ۾ ڄاوا ۽ سڀدرا ۽ منوهر پوني ۾ ڄاوا.

لوڪرام تعليم ختم ڪرڻ بعد الائيڊ بئنڪ ڪراچيءَ ۾ ڪلارڪ طور ڪم شروع ڪيو. ان سان گڏ ”سنڌ اسٽيشنري مارٽ“ جي نالي سان اسٽيشنري جو ڌنڌو به جاري رکيو. 1940ع ۾ هن پنهنجي ڀيڻوئي ڪرمچند، دوست ڪنيا لعل ساولداس ۽ مسٽر وليچا سان گڏجي حيدرآباد ۾ انڊس گلاس فئڪٽري لڳائي.

انگريز ڪرنل ٽاڊ جي جوڙيل راجستان جي اتهاس ۾ ڏوڏا نالي هڪ نهايت حشمت واري حاڪم جو ذڪر آهي، جيڪو عيسوي ڇهين صدي ڌاري ٿي گذريو آهي. هُو هڪ رواجي سردار جو پٽ هو، پر پنهنجي سورهيائيءَ ۽ دٻدٻي سان هاڻوڪي جيسلمير ۽ بهاولپور ويجهو حڪومت برپا ڪئي هئائين. هن راجا ڏوڏا جو اولاد سندس ئي نالي پٺيان سڏجي ٿو. راجا ڏوڏا کي ٻارنهن پٽ هئا، جي سندس چالاڻي کان پوءِ پاڻ ۾ نه ٺهي هليا ۽ سڄي حڪومت ئي ڊانواڊول ٿي وين. هن وقت امرتسر، ملتان، لوئر پنجاب، بهاولپور ۽ شڪارپور ۾ ڏوڏا خاندان جا ڪيترائي گهر آهن، جيڪي پنهنجي گهراڻي جي هستي قائم رکندا آيا آهن…

ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو جيڪو ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ تي ورهاڱي کان سال کن اڳ، ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو آهي، ان ۾ شڪارپور جي هن خاندان ڏوڏيجا جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:

”شڪارپور ۾ ڏوڏيجن جا اٽڪل ٻه سؤ گهر آهن، جن مان پنجاهه کن گهر ڀائي سنتداس ڏوڏيجا جي اولاد جا آهن. (سنتداس ڏوڏيجا اسان واري اديب لوڪرام ڏوڏيجا جو پڙ ڏاڏو ٿيو، جيڪو 1785ع ۾ ڄائو هو ۽ 1867ع ۾ ديهانت ڪري ويو.) ڀائي سنتداس جو پتا ڀائي رهنداس ڏوڏيجا (1811ع-1731ع) هڪ وڏو واپاري هو ۽ عيسوي ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري ٿي گذريو آهي. سنتداس جي پٽ تاراچند کي شڪارپور ۾ ٽامي ۽ پتل جي ديڳين ٺاهڻ جو وڏو ڪارخانو هوندو هو. شڪارپور جا ٺاٺارا ۽ تاراچند جون ديڳيون هنڌين ماڳين مشهور هونديون هيون. قنڌار، قلات ۽ ايران کان قافلا انهن ديڳين خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.

ڀائي تاراچند کي ست پٽ هئا، جن مان لوڪرام جو پيءُ پيسومل ٽئين نمبر تي هو. لوڪرام جي وڏي چاچي ليکراج، قنڌار، چمن ۽ قلات جي پٺاڻن سان واپار ڪندي، سڄي عمر ڪوئيٽا ۾ گذاري ۽ 1921ع ۾ گذاري ويو. لوڪرام جا ٻيا چار چاچا (چيلارام، جيرامداس، ڊيڊارام ۽ ٽوپڻ داس) بلخ، بخارا، سمرقند وغيره ايندا ويندا رهيا ٿي، جتي هنن جون واپاري ڪوٺيون قائم هيون ۽ چڱو ناڻو ڪمايُن ٿي. هن آڪهه جي وڏن جون هنڊيون، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هلنديون هيون. ٽوپڻداس ۽ ڊيڊارام پنهنجن ستن پٽن، ننهن ۽ گهر واريءَ سميت 1935ع واري ڪوئيٽا جي زلزلي ۾ زمين ۾ دٻجي ويا. رڳو ٻه نياڻيون بچيون، جن جي ورهاڱي کان سال ٻه اڳ شڪارپور ۾ ئي شادي ٿي وئي.

لوڪرام جي پيءُ پيسومل کي ننڍي لاڪون وديا پرائڻ ۽ سنسڪرت سکڻ جو گهڻو چاهه هوندو هو. مئٽرڪ جو امتحان به سنسڪرت ۾ پاس ڪيائين، سو به ان وقت جڏهن سنڌ ۾ عام طرح فارسي پاڙهڻ ۾ ايندي هئي ۽ سنسڪرت سيکارڻ جو اسڪولن ۾ بندوبست ئي ڪونه هوندو هو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته اڳتي هلي پيسو مل سنسڪرت ۾ ايتري قدر ته قابل ٿيو، جو وقتي سنڌ جا ڪي پنڊت پنهنجون مشڪلاتون کانئس حل ڪرائيندا هئا. پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه وقت هندي سيکارڻ لاءِ هڪ نائيٽ اسڪول کولرايائين. اوڻهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ وڪالت جو امتحان ڏيئي، لاڙڪاڻي ۾ پنجٽيهه ورهيه وڪالت ڪيائين. هُو ميراڻي پوشاڪ پائيندو هو ۽ عام طرح ”ديوان پيسومل“ سڏبو هو. لاڙڪاڻي جي بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري هو ۽ ڪجهه وقت صدر به ٿي رهيو. سندس ديهانت 1931ع ۾ ٿيو.

سو مٿين ڳالهين مان ڏٺو وڃي ته شڪارپور جي هي ڏوڏيجا فئملي، خاص ڪري ديوان پيسومل ڏوڏيجا نه فقط بزنيس ۾ پر تعليم ۾ به مٿاهان هئا، جنهن جو اثر لوڪرام تي به ٿيو. هن نوڪري ڪئي، ڪاميابيءَ سان ڌنڌو (اسٽيشنري جو) هلايو، ڪارخانو هلايو، (حيدرآباد جي انڊس گلاس فئڪٽري ۾ ڇهه سؤ کن ماڻهن ڪم ڪيو ٿي ۽ 250 قسم جون بوتلون ۽ گلاس ٺهيا ٿي، جن جو وڪرو نه فقط سنڌ ۾ پر بمبئي، جوڌپور، اڌيپور، اجمير، ڪاٺياواڙ، گجرات، مدراس، دهلي، راولپنڊي، پشاور، افغانستان ۽ آفريڪا جي شهرن ۾ به ٿيو ٿي.) لوڪرام کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ مطالعي جو شوق به پيءُ کان ورثي ۾ مليو. مرڻ گهڙيءَ تائين ڪتاب پڙهندو رهيو. منهنجي ساڻس 1980ع کان وٺي سندس وفات (1988ع) تائين خط و ڪتابت رهي. هُو هر وقت ڪتابن بابت لکندو رهيو ته کيس سنڌ ۾ ڇپيل ڪتاب موڪليا وڃن، جيڪي هُو وڏي غور سان پڙهندو هو. پاڻ جيڪي ڪتاب لکيائين، جن جو شروع ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان، سي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ لکيائين. لوڪرام جو وڏو پٽ گرڌاري لعل ڏوڏيجا به پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڪجهه ڪتاب، خاص ڪري سفرناما لکيا. سندس وفات سن 2000ع ۾ پوني ۾ ٿي. گرڌاري لعل 1931ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ ورهاڱي کان پوءِ 1953ع ۾ ممبئيءَ ۾ لڇمڻ داس بجاج جي ڌيءَ لاجونتي سان شادي ڪيائين، جيڪا 1934ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائي هئي. گرڌاري لعل جي والده (يعني لوڪرام جي پهرين زال) ستي منيال ٻار جي ڊليوري وقت گذاري وئي ۽ 12 سالن جي ڄمار تائين کيس سندس بيواه پڦيءَ نپايو. گرڌاري لعل جرنلسٽ ٿيڻ ٿي چاهيو پر فئمليءَ جي مجبورين جي ڪري هن کي ڪاغذ جو اباڻو ڌنڌو ڪرڻو پيو، جيڪو اڄ به ’نوبل مارٽ‘ نالي پوني ۾ قائم آهي ۽ سندس پٽ هريش ڏوڏيجا هلائي ٿو. گرڌاري لعل ’پونا ڪاليج آف انجنيئرنگ‘ مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ڪئي. گرڌاري لعل جي چاچي (يعني لوڪرام جي ننڍي ڀاءُ) ديوان ڪرمچند به انجنيئرنگ B.E ڪئي هئي ۽ اهو سال 1936ع هو. ديوان ڪرمچند 8 سال کن سرڪاري نوڪري ڪئي، ان بعد ٺيڪيداري ڪيائين ۽ لوڪرام سان گڏ انڊس گلاس فئڪٽريءَ ۾ ڀائيواري به ڪيائين.

1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي تي لوڪرام ڏوڏيجا، ڪراچيءَ مان لڏي ممبئيءَ اچي رهيو، جتي هن ڪاغذ جو واپار شروع ڪيو ۽ ”نوبل پيپر مارٽ“ نالي ڪاغذ جي ٽريڊنگ ڪمپني شروع ڪيائين. آهستي آهستي اها وڌڻ لڳي ۽ هن پنهنجن ٻين مائٽن کي شامل ڪري احمد آباد، سولاپور، سڪندرآباد ۽ پوني ۾ انهي جون برانچون کوليون، بعد ۾ نوبل ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس ممبئيءَ مان شفٽ ڪري پوني ۾ رکي وئي، جنهن کي لوڪرام جو پٽ گرڌاري لعل ۽ هاڻ گرڌاري لعل جو پٽ هريش هلائي ٿو. مختلف قسمن جي ڪاغذن جي وڪري کان سواءِ وٽن هندي، مرهٺي، انگريزي، گجراتي ۽ ويندي سنڌيءَ ۾ به ڇپائي ٿئي ٿي. پني، ڇپائي ۽ فوٽو اسٽيٽس جي ڪم ۾ هريش سان گڏ سندس وڏو ڀاءُ پرڪاش به مدد ڪري ٿو. ڏٺو وڃي ته ڪاغذ جو هيءُ ڪاروبار، جيڪو اڄ کان 85 سال اڳ لوڪرام ڏوڏيجا شروع ڪيو هو، سو اڄ سندس ٽين جنريشن، بلڪ چوٿين جنريشن به قائم دائم رکيو اچي. چوٿين جنريشن ان ڪري جو لوڪرام جا پوٽا پرڪاش ۽ هريش اڄ 52 ــ 53 سالن جا ٿي ويا آهن جن جا پٽ، اڪشي پرڪاش، ڪشياپ پرڪاش، نيها هريش ۽ شارط هريش به 28 کان 24 سالن جا اچي ٿيا آهن ۽ فئمليءَ جي ڪمن ڪارين ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Peculiarities of New Mumbai نئين ممبئي جون خوبيون

نئين ممبئي جون خوبيون

الطاف شيخ

ممبئي جي بزنيس مئن جئه موتياڻيءَ سان گڏ سندس ڪار ۾ آئون پوني وڃي رهيو هوس. اسان کان علاوه پوئين سيٽ تي جئه جي ڌيءَ خوشبوءِ ۽ ممبئي جي گرانٽ اسپتال جي گائناڪالاجسٽ ڊاڪٽر مونا (صحيح نالو موهنا) جوتواڻي به هئي. اسان اڃان ممبئي جي چيمبور واري علائقي ۾ هئاسين، جتان پوءِ واشي پل ٽپي نئين ممبئي مان لنگهي ايڪسپريس هاءِ وي ذريعي پوني وڃڻو هو.

”الطاف دل ۾ نه ڪرين ته 15 منٽ کن رستي تي نئين ممبئي ساڌو واسواڻي اسڪول مان ٿيندا هلون؟“ جئه موتياڻيءَ پڇيو.

”سائين منهنجا ڀلي. مون کي ڪهڙو پوني پهچي جهاز هلائڻو آهي. آئون ته اهوئي چاهيندس ته اهڙيون شيون ڏسي سگهان جيئن انهن تي لکي سگهان.“ مون جئه کي چيو.

”توهان جو دهلي جي ساڌو واسواڻي گرلس اسڪول بابت لکيل احوال به مون توهان جي ڪتاب، دهلي جو درشن ۾ پڙهيو هو.“ جئه چيو؛ ”هي هڪ نئون اسڪول نيو ممبئي جي هڪ غريب بستي سانپاڙا (SANPADA) ۾ اسان سنڌين چندا جمع ڪرائي ٺهرايو آهي، جنهن ۾ ايندڙ سال کان پڙهائي شروع ڪرڻ جو پروگرام آهي.“

ممبئي جي آدمشماري وڌڻ ۽ وڌيڪ زمين نه هجڻ ڪري ٿاني ڪريڪ جي ٻئي پاسي مين لينڊ تي ممبئي نالي نئون شهر اڏايو ويو، جيڪو ”نوِي/ نئين ممبئي“ (NAVI Mumbai) سڏجي ٿو. ٿاني ڪريڪ (Thane Creek) سمنڊ جو حصو آهي، جنهن ۾ الهاس ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري ۽ ٿاني ڪريڪ بائڪلا، فورٽ ۽ ڪولابا وٽ وڃيو عربي سمنڊ سان ملي، جنهن جون ڇوليون ڪراچي جي ڪنارن کي به ڇهن ٿيون.

ممبئي واري پاسي بسنت پارڪ، ڪرشنا ريسٽورنٽ، نيپچون هوٽل، سينٽ ائنٿوني چرچ جهڙيون عمارتون لتاڙي ديونار بس اسٽاپ کان پوءِ V.N پورن روڊ ۽ سيان پان ويل هاءِ وي وٽان ٿيندا ٿاني ڪريڪ ٽپڻ لاءِ واسي پل تي چڙهياسين. انهن شين کان علاوه SION يعني ممبئي واري پاسي لوڪمانيا تلڪ اسپتال نالي عمارت وٽان پڻ لنگهياسين، جنهن جي مٿان L.T.M.G. Hospital به لکيل نظر آيو.

جئه موتياڻيءَ ٻڌايوته ممبئي جي ٽن ميڊيڪل ڪاليجن مان هي هڪ آهي، جتي جي پڙهائي دنيا ۾ مڃي وڃي ٿي. ”ورهاڱي وقت هيءَ پنجاه بسترن جي انڊين مليٽري اسپتال هئي. اڄ هيءَ اسپتال ڏيڍ هزار بسترن جي بيحد ماڊرن اسپتال آهي، جنهن جو موٽو Service through Excellence آهي ۽ ان تي عمل به ڪيو وڃي ٿو.“

جئه اهو پڻ ٻڌايو ته هيءَ اسپتال اهم هاءِ ويز (ايسٽرن ۽ ويسٽرن ايڪسپريس هاءِ وي) جي ڀرسان هجڻ ڪري هتي رستي تي ٿيل حادثن وارا مريض گهڻا اچن ٿا ۽ هتي جو Trauma Ward هر سال ٽن هزارن کان مٿي سيريس قسم جي زخمين جو علاج ڪري ٿو.

اسان جي ڪار واشي (VASHI) پل ٽپي نوي ممبئي يعني نيو ممبئي جي علائقي ۾ پهتي. نوي ممبئي ائين آهي جيئن اسان وٽ نيو ڪراچي آهي. ڪراچي شهر جي آدم شماري وڌي ته ناظم آباد ۽ نارٿ ناظم آباد ٿيو ۽ ان بعد اڳتي جي زمين تي نيو ڪراچي اڏيو ويو. ممبئي جي شهر جي آدم شماري وڌڻ بعد ڪٿي نئون شهر اڏيو وڃي؟  ممبئي ته هڪ ٻيٽ وانگر آهي، جنهن جي چوڌاري عربي سمنڊ آهي يا الهاس نديءَ جهڙيون نديون ڊيلٽا ۽ ڪريڪ ٺاهي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيون ڪن. سمنڊ ڀري زمين ٺاهڻ يعني Reclaim ڪرڻ ڪو سستو ۽ سولو ڪم ناهي. اها بنايل زمين ته ڪولابا ۽ فورٽ واري علائقي کان به مهانگي پوي ٿي ۽ هتي انهن لکين بيروزگار ۽ غريب ماڻهن جي رهائش جو سوال هو جيڪي ممبئي شهر ۾ پورهئي لاءِ اچن ٿا. توهان سرجاني ٽائون ۽ نيو ڪراچي جي ماڻهن کي منهوڙي کان پري سمنڊ ڀري ته نه رهائي سگهندائو، ڇو جو اهڙي طرح سمنڊ ڀري زمين ٺاهڻ تي ايڏو خرچ ٿو اچي جو ان زمين جو اگهه صدر ۽ آءِ آءِ چندريگر جي دڪانن کان به مهانگو ٿي وڃي. بهرحال ڪراچي، مدراس، ڪولمبو، جدي جهڙا بندرگاهه خوش نصيب آهن، جيڪي باقي ملڪ جي سرزمين سان ڳنڍيا پيا آهن، پر ممبئي نيويارڪ جي مئن هٽن، برانڪس، ڪئينس ۽ بروڪلن جي ٻيٽن جيان آهي، جيڪي آمريڪا جي باقي سرزمين سان پلين ذريعي ڳنڍيا ويا آهن. سو ممبئي به هن واشي پل ذريعي  انڊيا جي باقي سرزمين سان ڳنڍي، اتي جيڪا ويران زمين هئي اتي نئين (NAVI) ممبئي اڏرائي وئي. اهو آهي ته انڊيا جي حڪومت هن نئين شهر کي وڏي رٿا ۽ سوچ ويچار سان ٺهرايو، جنهن جو ڪم 1972ع کان شروع ٿيو هو. اڄ نوي ممبئي، جنهن جي پکيڙ 180 کن چورس ڪلوميٽر آهي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو رٿابنديءَ وارو شهر (Planned City) آهي.

ممبئي ۽ نوي ممبئي کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ هڪ واشي برج آهي، جنهن ذريعي اسان نوي ممبئي پهتاسين ۽ ٻي ايرولي (Airoli) برج آهي. نوي ممبئي جيڪا ڪراچي کان به وڏي آهي، اها مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جيئن ته واشي، نيرول، بيلاپور، خارگهر، اگراول وغيره جيئن ممبئي جا سانتا ڪروز، ورلي، دادر، باندره، ڪولابا مختلف حصا آهن يا ڪراچي جا ڪلفٽن، صدر، کارادر، گلشن اقبال وغيره. نيو ممبئي جا سڀ کان سهڻا، اوچا ۽ ماڊرن علائقا واشي ۽ نيرول آهن. واشي King of Navi Mumbai سڏجي ٿو ۽ نيرول Queen of New Mumbai سڏجي. هونءَ نوي ممبئي ان ضلعي ۾ نٿو اچي، جنهن ۾ ممبئي آهي، پر نوي ممبئي ٿاني ڪريڪ (سامونڊي درياه) جي ٻي پار ٿاني Thane ۽ رائگاد Raigad ضلعن جو حصو آهي جيئن ڪوٽڙي برج جي ٻي پاسي، توڙي کڻي حيدرآباد جا ماڻهو ۽ انهن جا گهر آهن، پر اهي گهر ڄام شوري ضلعي ۾ اچن ٿا. تيئن ٿاني ڪريڪ جي هڪ پاسي ممبئي ضلعو آهي ۽ ٻئي پاسي ٿاني ضلعو. بهرحال جيڪا پيهه پيهان ممبئي ۾ آهي، اها نوي ممبئي ۾ نه آهي، تنهن هوندي به جئه موتيانيءَ ٻڌايو ته نوي ممبئي جي آدم شماري ويهه لکن کان مٿي آهي. نوي ممبئي ائين آهي جيئن نيو ڪراچي، جنهن ۾ ظاهر آهي ٻين علائقن کان غريب ماڻهو روزگار لاءِ اچي رهن ٿا، پر ڪجهه ڳالهيون آهن جيڪي نوي ممبئي جون دنيا مڃي ٿي. بلڪ اهي سٺيون ڳالهيون انڊيا جي حڪومت جي ئي ڳنڍ ۾ ٻڌڻ کپن، جنهن جي سٺي رٿا ۽ انتظاميه جو سبب آهن ۽ جن کي سکڻ ۽ فالو ڪرڻ لاءِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن جون حڪومتون به انڊيا جي نقش قدم تي هلن ٿيون ۽ پنهنجن شهرن جي ڊيولپمينٽ انڊيا جي رٿا جي Study ڪري ان موجب  جوڙين ٿيون. انهن سٺين ڳالهين ۾ هڪ ته تعليم آهي، ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهي چڪو آهيان ته نوي ممبئي جا 96 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. اها هڪ قابل داد ڳالهه آهي جو نوي ممبئي ۾ اڌ کان وڌيڪ مزور طبقو رهي ٿو، جيڪو آڻيون ۽ چاڙهيون جي پريشانين ۾ ڪٿي ٿو تعليم جو سوچي پر نه. هتي توهان کي غريب کان غريب جا ٻار به پڙهيل ملندا، بلڪ ٺيڪ ٺاڪ تعليم يافته! شڪل جا سادا هوندا، ڪپڙا سادا هوندن. کاڌو خوراڪ سادو هوندن (جيڪو هتي جي اڪثر اميرن جو به سادو آهي) پر کين علم جام هوندو. غريب کان غريب گهر جون ڇوڪريون به گرئجوئيٽ هونديون ۽ هتي جو ڪو گرئجوئيٽ معنيٰ صحيح قسم جو تعليم يافته. اهوئي سبب آهي جو يورپ، آمريڪا، ويندي عرب ۽ مسلم ملڪن ۾ به نرس ۽ ڪلارڪ جي ڪم کان ٽيچر، ڪمپيوٽر ورڪر ۽ بيبي سٽنگ لاءِ انڊيا جي پورهيتن ۽ ٽيڪنيشن جي گهڻي ڊمانڊ آهي.

انڊيا جي ٻين شهرن وانگر نوي ممبئي ۾ به ڪيترائي اسڪول آهن، جيڪي نه فقط سرڪاري آهن، پر ان کان وڌيڪ خيراتي آهن. هتي جي پارسي، عيسائي يا هندو وٽ پئسو ٿيندو ته هو غريبن جي علائقي ۾ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون کوليندو. نه فقط کوليندو پر انهن کي هلائڻ لاءِ صحيح قسم جا ماڻهو رکندو، جيڪي ايمانداريءَ سان ڪم ڪن. صحيح طرح ٻارن کي پڙهائين. نوي ممبئي جي هڪ اهڙي ئي غريب علائقي سان پارا (SANPADA) ۾ ساڌو واسواڻي مشن وارن سنڌي سخي مردن کان چندا وٺي چاليهه کن ڪلاس رومن جو هڪ ٽماڙ اسڪول ٺهرايو آهي، جيڪو عمارت سازي جي خيال توڙي سونهن ۽ هاءِ ڪلاس مٽيريل جي لحاظ کان، ڪراچي جو ڪلفٽن وارو گرامر اسڪول ٿو لڳي، جنهن کي ڏسڻ ۽ ڪجهه سامان ڏيڻ لاءِ جئه موتياڻي، اسان کي هتي وٺي آيو هو. جيتري ايراضي ۾ اسڪول جي بلڊنگ هئي، اوتري ئي ۾ ٻارن جي راندين جو گرائونڊ ۽ ٻارن جي چهل قدمي لاءِ ڇٻر هئي. چوڌاري نظر ڦيرايم ته ڏهه ڏهه ماڙ غريباڻي قسمن جي فلئٽن جون ڪيتريون ئي عمارتون هيون. جئه ٻڌايو ته هي سڄو علائقو دلدل ۽ گند وارو Slum هو، جنهن کي سرڪار صاف ڪرائي هي هڪ ڪمري يا ٻن ڪمرن جا سستا فلئٽ ٺهرايا آهن، جيئن ممبئي شهر ۾ پورهيو ڪندڙ غريب هي فلئٽ مسواڙ تي يا قسطن تي خريد ڪري هتي نوي ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪن ۽ ٽرين ۽ بسين جو سٺو سلسلو هجڻ ڪري هنن کي ممبئي شهر پنهنجي Job تي پهچڻ ۾ تڪليف يا وقت جو زيان نٿو ٿئي. دل ۾ مون سوچيو ته هو غريب ضرور آهن، پر هڪ طرف سرڪار هنن لاءِ اجهو ۽ سستي ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي آهي ته ٻئي طرف ممبئي ۾ رهندڙ هنن سنڌي هندن ۽ ٻين قومن ۽ مذهبن جي سخي مردن هن قسم جا اعليٰ اسڪول کولي، غريبن لاءِ گهر جي در تي تعليم مهيا ڪئي آهي. ۽ نه فقط ملڪ جا امير پر غريب به هن قسم جي انگريزي ميڊيم وارن اسڪولن ۾ پڙهي پنهنجو مستقبل بهتر بنائي سگهن ٿا. هن اسڪول جو نالو ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل اسڪول آهي ۽ بلڪل دهلي واري اسڪول جي پئٽرن تي آهي، جنهن اسڪول “ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل گرلس اسڪول” جو تفصيلي احوال “دهلي جو درشن” نالي انڊيا جي سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان. دهلي وارو فقط ڇوڪرين لاءِ آهي، پر هي ٻنهي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ آهي. هي اسڪول به ڪي جي ۽ نرسري کان ٻارهين ڪلاس تائين رکيو ويو آهي، پر جيئن ته هي اڃان هاڻ هن سال ٺهيو آهي، ان ڪري هن ۾ شروعات ڪرڻ لاءِ فقط نرسري کان ڪلاس ڇهين جي ٻارن کي داخلا ڏني وئي آهي. جئه ٻڌايو ته “هر سال هڪ هڪ ڪلاس وڌائيندا وينداسين. ايندڙ سال ستون ڪلاس، پوءِ اٺون ۽ آخر ۾ ٻارهين تائين دنگ ڪنداسين. هن وقت پهريون سال شروع ڪرڻ تي 400 ٻارن داخلا ورتي آهي، جيڪي ڪلاس ون کان ڪلاس سڪس جا شاگرد آهن.”

انڊيا ۾ هڪ ٻي ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته اتي ڳوٺن ۾ رهندڙن جو پگهار، ڪمائي (Income) شهر ۾ رهندڙن جيترو آهي، بلڪ ڪن ڳوٺن ۾ شهرن کان به وڌيڪ آهي، جيئن نوي ممبئي ۾ هر فئملي جو ماهانو Average انڪم 9500 رپيا آهي ۽ نوي ممبئي جي واشي علائقي جو 12300 رپيا آهي، جيڪو اسان جي 19000 رپين برابر ٿيو. ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو India ۾ لا ۽ آرڊر (قانون ۽ امن امان) جي حالت بهتر آهي ۽ ڳوٺن ۾ به ڪارخانا ۽ فئڪٽريون آهن، جتي ڳوٺاڻن کي سٺو پگهار ملي ٿو. بلڪ ائين کڻي چئجي ته سٺي بچت ٿيو وڃي. مثال طور هالا يا سيکاٽ ڳوٺ جو ڪو مزور ڪراچي جي فئڪٽري ۾ ڪم ڪندو ته هن جي ايتري بچت نه ٿيندي جيتري جيڪڏهن اها ساڳي فئڪٽري، سندس ڳوٺ هالا يا سيکاٽ ۾ هجي ها. هڪ اهو به سبب آهي جو اسان جي ڳوٺن جا ماڻهو غريب آهن. خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن جا، پنجاب ۾ ته وري به ڪيترائي ڪارخانا ۽ روزگار مهيا ڪرڻ جا ذريعا آهن. سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته اونداه انڌوڪار آهي، چاهي ڪنهن ڳوٺ مان ٻه ٻه ٽي ٽي وزير ٿيا هجن، وزيراعليٰ ٿيا هجن. ڳوٺن ۾ اسڪول وڏيرن ۽ ڀوتارن جون اوطاقون ٿي وڃڻ ڪري ڳوٺ جي غريب ٻارن لاءِ صحيح تعليم به ناهي، جنهن کي حاصل ڪري هو ڪٿي نوڪري لاءِ مقابلو ڪري سگهي. انڊيا جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به ڪراچي جي ڪانوينٽ ۽ ماما پارسي اسڪولن جهڙا تعليمي درسگاهه آهن، جيڪي عيسائي، پارسين ۽ هندو مخيرن کوليا آهن، يا علائقي جي چونڊيل نمائندن، ڳوٺن جي وڏيرن ۽ ٻين اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي ڪوششن سان کليا آهن ۽ اسان جي وڏيرن، ڀوتارن، وزيرن جا شوق ڇا آهن، اهي ڪنهن کان به لڪل نه آهن.

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Is all well in India ڇا ڀارت ۾ سڀ سک آھي؟

ڇا ڀارت ۾ سڀ سُک آهي…؟

الطاف شيخ

هونئن هڪ عام ٽوئرسٽ، دهلي، آگره، ممبئي، اجمير، بنارس جهڙن شهرن مان گھمي اچڻ کان پوءِ، اها ئي راءِ قائم ڪري ٿو ته انڊيا ۾ سُک چين لڳو پيو آهي.

خاص ڪري هڪ پاڪستانيءَ کي اهو وڌيڪ لڳي ٿو، جڏهن هُو انڊيا جي ماڻهن جي زندگي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ڀيٽي ٿو. هن کي ته سريلنڪا ۾ به سڪون لڳي ٿو، جتي تامل ٽائيگرن جي هيڏن هنگامن هوندي به هن کي ڪولمبو، ڪئنڊي توڙي سريلنڪا جي ننڍن شهرن ۾ رات جو دير دير تائين مارڪيٽون کُليل نظر اچن ٿيون.

ڪيترن ئي يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن جا ٽوئرسٽ مختلف ويسن وڳن ۾، ويندي مني اسڪرٽن ۾ ڇوڪرين کي ڪولمبو جي گهٽين ۾ گهمندو ڏسي ٿو، جيڪي ڳالهيون عرصو ٿيو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ به ناپيد آهن. توڙي کڻي يورپي يا جپاني ۽ سنگاپور جي لحاظ کان دهلي، ممبئي يا ڪولمبو جي امن امان جو معيار ڪِريل هجي، پر هڪ پاڪستاني خاص ڪري ڪراچيءَ جي اورنگي ٽائون، قائد آباد، سهراب ڳوٺ جي رهاڪو يا گهوٽڪي، جيڪب آباد، قمبر ۽ ڪنڌڪوٽ جي رهاڪوءَ لاءِ انڊيا ۽ سريلنڪا جا مٿيان شهر به پُرسڪون ثابت ٿين ٿا، جتي کين رات جو دير تائين گهمندي به ڪو قتل نٿو ڪري، اغوا نٿو ڪري، ٻَٽون يا موبائيل نٿو ڦري ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا جي حڪومت اسان جي حڪومت کان وڌيڪ پختي آهي. پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ ايڏي ڪرپشن ناهي، ماڻهن ۾ تعليم آهي، ويندي اُتي جا ڳوٺاڻا ۽ غريب به تعليم يافته آهن ۽ هاڻ گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾ ته انڊيا جي ايڪاناميءَ جوگراف به مٿي ٿيو آهي. جنهن مان هڪ ته عام ماڻهوءَ کي به فائدو رسيو آهي ۽ هُو خوشحاليءَ ڏي وڌيو آهي.

انڊيا مون کي ان ڏڏ شاگرد وانگر لڳي ٿو، جنهن کان جڏهن انسپيڪٽر آف اسڪول جي چوڻ تي، ڪلاس ٽيچر پڇيو؛ ”ڏهه واڌو ڏهه گهڻو ٿيو؟“

جواب ۾ هن وراڻيو: ”چوويهه.“

”شاباس!“ ماستر صاحب هن جي پٺي ٺپري داد ڏنو.

ان تي انسپيڪٽر صاحب حيرت مان ماستر کي چيو؛ ”هن ته غلط جواب ڏنو. ڏهه ۽ ڏهه ته ويهه ٿيندا.“

”ها سائين صحيح آهي،“ ماستر چيو، ”پر هي شاگرد بهتريءَ ڏي وڌي رهيو آهي. ڪالهه ان ساڳئي سوال جي جواب ۾ هُن اٺاويهه چيو هو.“

اسان کي انڊيا به بهتريءَ ڏي وڌندو نظر اچي رهيو آهي. جتي جتي گند جا ڍير هئا اتي پارڪ ٺهندا وڃن، جتي جُهڳيون ۽ جهوپڙيون هيون ۽ اوورفلو ٿيندڙ گٽر ۽ ڪرفتي هئي، اتي هاءِ-رائيز عمارتون ۽ پڪا رستا ٺهندا وڃن ۽ ’ساڌو واسواڻي مشن‘ جهڙن خيراتي ادارن طرفان اتي جي رهندڙ غريب ٻارن لاءِ مفت ۾ تعليم مهيا ڪندڙ ماڊرن طرز ۽ سهوليتن وارا اسڪول کُلندا وڃن. جن جو مقابلو اسان جي ڪراچيءَ جا بيڪن هائوس ۽ سٽي اسڪول به نٿا ڪري سگهن.

دهلي، ممبئي ۽ ڪلڪتي جهڙن ڳتيل آباديءَ وارن شهرن جي ماڻهن کي سستي سواري مهيا ڪرڻ لاءِ اعليٰ قسم جي بسُن، ميٽرو ٽرامن ۽ لوڪل ٽرينن جو نه فقط تعداد وڌندو وڃي، پر ان کي هلائڻ وارا ادارا ۽ اهلڪار به سٺي نموني هلائي رهيا آهن. هنن بهتر کان بهتر سسٽم رکيو آهي. مثال طور ممبئي شهر ۾، جتي هزارين ماڻهو ريل گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا، انهن جي ٽڪيٽ جي چيڪنگ لاءِ جپانين وانگر اهڙي چڪاس ۽ سختي رکي وئي آهي، جو ڪو به بنا ٽڪيٽ جي سواري ڪري، ريلوي کاتي جو نقصان ڪرڻ لاءِ ٻه دفعا سوچي ٿو. ڇو جو بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ جي جرم ۾ هُو سزا کان بچي نٿو سگهي. ساڳئي وقت شهر جي غريبن کي سستي ٽڪيٽ مهيا ڪرڻ لاءِ هنن اميرن جي ٽڪيٽن جو اگهه وڌائي ڇڏيو آهي. هر ٽرين ۾ ٻه ڪلاس رکيا ويا آهن. هڪ لوور ڪلاس ته ٻيو اپر ڪلاس. مثال طور ممبئيءَ ۾ چرچ گيٽ کان کاريا سانٽاڪروز، جيڪو سمجهو ته ڪياماڙيءَ کان نيو ڪراچيءَ جيترو سفر ٿيو، لوور ڪلاس جي ٽڪيٽ 6 رپيا آهي ته اپر ڪلاس جي 90 رپيا رکي وئي آهي. ٻئي ڌريون خوش. غريب پئسو بچائڻ ۾، امير پنهنجو Status Symbol قائم رکڻ ۾، ته هنن عام ماڻهن کان الڳ فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪيو.

بسُن ۽ ريل گاڏين جو تکو ۽ آرامده سفر هجڻ ڪري، ڪيترا ئي آفيسر توڙي امير ماڻهو پنهنجيون ڪارون ڪڍي رستن تي ٽرئفڪ جئم ڪرڻ بدران، ريلُن ۽ بسُن ۾ سفر ڪن ٿا.

بهرحال ان جو ڪو اهو مطلب به نه آهي، ته راوي انڊيا لاءِ سڀ سُک ۽ چين لکي ٿو. شام جي اخبار وٺي پڙهندو آهيان، ته ڪيترن ڏوهن ۽ دهشتگردين جون خبرون نظر اينديون آهن.

انڊيا جون ڪجهه رياستون لاهور، اسلام آباد ۽ ڪوه مريءَ وانگر بهتر امن امان ۽ گهمڻ ڦرڻ لائق آهن، ته ڪن جو حال جيڪب آباد ۽ گهوٽڪيءَ وارو آهي.

سڄي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ ادارا اهڙا آهن، جن ۾ سڀ کڻي دهشتگرد نه به هجن، پر حڪومت جي خلاف ڏُڦيڙ قائم رکندا اچن. خاص ڪري انڊيا جي ڪشمير ۾ جنهن کي پاڻ مقبوضه ڪشمير سڏيون ٿا، اوڀر وارين رياستن: آسام، ناگالئنڊ، تريپورا، ميگهالايا وغيره. اهڙين تنظيمن مان ڪن جا نالا جيڪي نوٽ ڪري سگهيو آهيان يا ياد پيا اچن سي هن ريت آهن؛ ۱. شِو سينا (شو جي فوج) ۲. بجرنگ دل ۳. درگا واهيني.

انڊين ڪشمير سان واسطو رکندڙ تحريڪون: ۱- حزب المجاهدين ۲- لشڪر طيبه ۳- جميعت اَلمجاهدين ۴- اخوانِ مجاهدين ۵- تحريڪِ حريتِ ڪشمير ۶- البدر ۷- البرق ۸- اسلامي انقلابي محاذ، وغيره.

آسام سان تعلق رکندڙ: ۱- بودو لبريشن ٽائيگر BLT -۲ ديما هالوم دائوگا ۳ DHD -۴. تيوا نئشنل انقلابي فورس ۵- اسلامڪ سيوڪ سنگهه ۶ ISS – مسلم ٽائيگر فورس ۷- آدم سينا ۸- آل آسام اڊيواسي سرڪشا سميتي.

ناگالئنڊ سان تعلق رکندڙ: ۱- اساڪ معيوا ۲ NSCN (IM) – ۳. کپلانگ ۴ NSCN (K) – تريپورا مڪتي فورس ۵- تريپورا ڊفينس فورس، وغيره.

ميگهالايا سان واسطو رکندڙ: ۱- هائني وٽريپ نئشنل لبريشن ۲- پيپلز گوريلا آرمي، وغيره.

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو.

Hyderabad Sindh College Board in Mumbai ممبئيءَ ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج بورڊ